سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 6

*

مون ته پڙهيو هو بيڪس کي

”ساجن سائين سير ڪرڻ آيو ٿي انسان،

آنءُ ته هان حيران،

ساجن سائين واگهه به آهي

۽ چيتي جي رومڙ وانگر

ساميءَ کي ڏهڪائي ٿو.

ڍَؤنگ ڪري ٿو لومڙ وانگر

بگهڙ ٿي يلغار ڪري ٿو.

واڳو بڻجي واتُ پٽي پو

هو هر ڪنهن تي وارَ ڪري ٿو،

۽ هر ڪنهن کي ڳڙڪائي ٿو

هر ڪنهن ساسيءَ کي کائي ٿو.

ساجن سائين وڄّ به آهي

جيڪا ڪَڙ ڪَڙ سان ڪڙڪي ٿي

ڪيڏيءَ ٽڙ ٽڙ سان ٽڙڪي ٿي!

لامَ اَساهيءَ تي لڙڪي ٿي،

سارا آکيرا ڊاهي ٿي؟

اُڀَ ٽجوڙيءَ مان کنوڻين جئن

کوٽن سِڪن جان کڙڪي ٿي!

 

جئن ڪائي ڪوراڙ ڪِري ٿي

۽ پو هر ڪنهن تي ڪاهي ٿي!

ساجن سائينءِ

رنگ هزارين

ڪَڪرن ۾ مرڌنگ هزارين

سنگ هزارين

ساٿَ هزارين،

ڇا اپنائين، ڇاکي وارين!

ٽورَ انهيءَ جي ڪهڙي ٽارين!

اوندهه ۾ اسرارَ نهارين!

۽ هن اوچي بڙ جي هيٺان جي تون گهارين

جنهنکي سڀ آڪاس چَوَن ٿا،

تارن وانگر ڏيئا ٻارين،

رات اَنڌاريءَ کي تون جيڪو وقت اُجارين،

ساجن سائينءِ تي ويچارين

”ايڪ انيڪ“، قبولي ڪنهن صوفيءَ جي سنگت گذارين،

اڃا ته مون هي سمجهو ناهي،

هر ڪنهن رنگ ۾ ڇاهي.

هن سان پيار ڪري سگهندين تون؟

۽ پنهنجو سنسار ڪري سگهندي تون؟

سارو مايا ڄار ڪري سگهندين تون؟

وّڄُ سَرائي پائي هر ڪنهن کي ڏسندين تون!

 

نانهه اڃا مون،

وحدت واري واٽَ سڃاتي،

جاٽَ سڃاتي،

ڪَنڌَ ته پنهنجي ٽاٽَ سڃاتي

اُڀُ ڏسي جا اُن ۾ پيئي،

وڄّ جتي آئي ۽ ويئي،

سا ڌرتيءَ ۾ ڦاڙ ڪَري ويئي

چيتي جئن چنگهاڙ ڪري ويئي

ڏاڙهي نوچي

صوفي سوچي

ويٺو لوچي!

سارا سانگ سياست جا

نهرا نانگ سياست جا

ڪيئي ڪانگ سياست جا

ڍونڍ مٿان جي ڍيري آهن،

ويري آهن هر ماڻهوءَ جا

اُن ۾ هُن جو لاش ڏسن ٿا،

ڌرتيءَ ۽ آڪاش ڏسن ٿا.

ڳِجهُن ۽ هاتارن وانگر،

اُوندهه جي کانگهارن وانگر

ڌرتيءَ جي اوتارن تي ڄڻ

ڏيئن وانگر هو ٽمن ٿا.

 

لالچ جي سؤ لِيئَن وانگر هُو لَمڪن ٿا،

پنهنجو ڀڀُ ڀري هو ٻئي ڏي اک کڻي نه نهارن ٿا،

ائن دنيا جي گاري ۾ هُو گهارن ٿا

گَپ چَڪ ۾ ڄورن وانگر هو پَلجن ٿا،

پو جهلجن ٿا

قيدين وانگر

ساري گهرَ جي ڀيدين وانگر،

پنهنجا ڳجهه اوڳاڇن ٿا،

هي ماڻهو جي داڦن ٿا

گگ به  آهن سِنگههَ به آهن

ڇا ڇا ناهن!

سي سڀ ساجن جا پاڇاوان.

رنگَ شفق جون لُنءِ لُنءَ لاوان

تن سان ٿيڻا ناهن!

هي ماڻهو ڇا ماڻهو آهن؟

 

*

زندگي جي ڪٻاڙ خاني مان

ڪيترائي ڀڳل ٽٽل ماڻهو

وقت مُنهنجو اچي وڃائن ٿا

هو اچن ٿا انهيءَ زماني مان

جو نه ٻيهار آ ڪڏهن اچڻو،

جو  ٿڌي ساهه سان لنوائن ٿا،

پو به آهن اُنهيءَ فساني مان

ٿي ويو اختتام آ جنهنجو

هو نئين سِر اهو ٻڌائين ٿا،

ٿو لڳي تن جي تاني باني مان

ڪوبه ڌاڳو نئون نه آ تن ۾،

پنهنجي ماضيءَ جو کيسُ پائن ٿا

پوءِ هو ساڳو ڳيچ ڳائن ٿا

جو اسان ڪالهه گڏجي ڳاتو هو!

 

هيءُ به ڪوئي شاعر آهي؟

اجگر آهي

پنهنجي منهن مان

شعلا شعلا لفظ پيو هُو ٻاڦي،

هونءَ ته ڪوئي افسر آهي

پر پو داڦي

ٻي تي هو تنقيد ڪري ٿو،

جي ٻئي جي تائيد ٻڌي ٿو

ٻولڙيون ٿو ڪيڏيون ٻولي!

هُن جي ٽولي

چار حواري ويٺا آهن،

ڄڻ ته ٻُهارن وانگر تنهن لئه

ٿا ادبي ميدان صفا ڪن!

سڀ ڪجهه هن لئه ٿا بيٺا ڪن

هن جي چئن ڪتابن تان س

دَزّ ڇنڊن ٿا

پوءِ ونڊن ٿا

سڻڀيون ڳالهيون،

پاڻ ته آهيون اَڻڀيون ڳالهيون

پاڻ نه پيئون ۽ نه پيئاريون!

 

پوءِ به اِهو سوچون ٿا

سنڌ اَساهي مئي ته ناهي،

پوبه اَلا جي

ڪَڍَ لڳي آ، ڪنهن جي؟ ڇا جي؟

جيڪو هن کي نيپوڙي ٿو!

ڌرتيءَ جو فرزند نه ڄاڻان

ڪنهن جي ليکي ۾ لوڙي ٿو؟

 

*

تون آءُ ته اڏامون ڌرتيءَ تان

ماڻهو ڄڻ موراکيون آهنِ

جي هت ويٺيون ڄار اُڻن ٿيون

پنهنجي ئي ڦسائڻ لاءِ!

ڪوريئڙي کي ڪئن سمجهايان

موت اڳيان هو مکيون آهن

جي ڪنهن ميڙي رکيون آهن

ڄڻ هُن جي ڳڙڪائڻ لاءِ

هيءَ دنيا جا دوکو آهي

ڇاڇا ٿي سا تو مان چاهي

تنهنجي عمر کسي ٿي توکان

رانديڪن جي پائڻ لاءِ.

اَچ ته اڏامون سامهون لامون

ناهن دور ڪتين جون ڪامون

پيون لڏن جي هندرون جان

توکي ئي لوڏائڻ لاءِ

تون آءُ ته اڏامون ڌرتيءَ تان...............................

 

*

ڌر تتيءَ جي دانهن وانگر

ڄَڻ مٿي ڪائي ڇٻي وئي،

لهس سورج کي اچي وئي

يا ته سُهڻيءَ ٻانهن وانگر

جا اُڀي ٿي ۽ ٻُڏي وئي

پوئتان سيسار کي ڌوڪو ڏئي.

ائن ڪڏهن آ سِٽَّ آئي

ڄڻ ته پوري چِٽَ آئي

۽ سُيون تَن ۾ چُڀائي وَئي هَلي،

ڪا ٻُڏيءَ ٻاڪار جا ٻي پار کي

پنهنجن ميارُن ساڻ گهائي وئي هئي

جيتريون ٻانهون هڻين اُن کي وري پائي نه سگهندين

سِٽّ جيڪا زندگيءَ لئه سٽَ آهي،

موت جنهن کي مِٽّ سمجهي ٿو حويليءَ ۾ نئي

سانت گهريءَ ۽ اَڪيلي ۾ نئي

تون ڀلي ڳولا ڪري ڏس!

سِٽّ جا گم ٿي وئي، ٻيهر نه ايندي

پاڻ گهر آئي هئي هاڻي ته ساري تر نه ايندي

آجيان اُنجي ڪئي يڪدم نه تو

سِٽّ جنهن سان گڏّ، سڏ

اوچتو گم ٿي  ويو

ڪئن چوان ڇالاءِ آيو، پوءِ ڇو گم ٿي ويو.

رهنما سان قافلو گم ٿي ويو.

نظم هو پورو، وَيو گم ٿي ويو!

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org