بيت
ڪجهه به نه ۽ ”سڀ ڪجهه“ ڳالهه ته آهي هڪڙي،
ڪنهن به نه ڄاتو ڳجهه، ”نانهن“ هئي ڪئن ”آنهه“ ۾!
ڏکارن جا ڏک تون، ورهاين وَنڊين،
ماڻهن کي مَنڊين، اوشلٰ! پنهنجي پيار سان.
ميان! تون تقدير جو، قائل نه آهين؟
تڏهن ٿو چاهين، پار وڃان اوڙاهه مان.
هي سونهاريءَ سِيئَن، پوڙهو پنڊيءَ جي مٿان.
ڄاڻِي سگهندو ڪيئَن، پنهنجي پوئين گرهه کي!
تڙ جا شڪاري! ڀل ڪَنڊين ٽارِين لِڪو،
موت وڏو ماري، سڀ کي ڳولهي ٿو لهي.
سوچي پيو، ”سِرَهو ڏيندو ڦاڙهي کي،
پيو ڄنگهه ڇِڪي، هي جيڪو پنهنجوڙ ۾“.
ڪائِي ڪائِي پِٽَ، ڪاريهر تي پير جئن،
سوچي سوچي سِٽ، آڻج پنهنجي وات تي.
تون جا اِڪائي، ڪيئن، وئين تون ورڇجي؟
تُنهنجي مدائي، آهه چڱائي انت ۾.
ساميءَ ويڃائي، چيو ساري سچ کي،
”گونگو ڳڙ کائي، مشڪي ڪُشڪي ڪينڪي.“
وڻ ۾ تو جئن ساهه آ، متان وڻ ڏاريِن!
شال اُها وارِين، هٻڇ جا تو هوانو ۾.
هٻڇ توکي هينئڙا، ماري يا کاري،
ڪيئي ڪانري، واڳون تولئه واٽ ۾.
پَٽُ نه پهرايو، گَلَ گلابيءَ ڀائڙي،
هي جي سامايو، ڪيڏا ڏسندو ڏاکڙا!
تو جا گهڙائي هئي، لاڏلِ لئه ٻانهِين،
ٺوٺ هڏِي دانهين، آهي اُن تي ڌوڙ ۾.
ماڻهو سڀ پئسي پٺيان، انڌا ۽ ٻَوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، سڀ ڪجهه هِت رهجي ويو!
پيسو وڏي کـــَڏ، ماڻهوءَ کي پُوري ڇڏي،
توڙي ڪيا سڏ، ڪنهن ورنايو ڪينڪي.
سي جي ڪارا ڪانئرا، ترن پاڻيءَ ۾،
ٻَرن پاڻيءَ ۾، تن تي تارن ڏيئڙا.
عبادت نه عيب، آهيان ڪنهن جي روبرو،
غير نه آهي غيب، تو مان توکي ٿو ڏسي.
ڇو ٿو ستائين، ٻِڙڪ نه مون ٻاڦي ڪڏهن،
آهي سدائين، اَلا ٽوئا زندگي!
ڇا آهي انسان؟ هيءُ مٽيءَ جو گهرڙو؟
ذرڙو، پر ذرڙو، ٽَڪر ٽاڪي ٿو وجهي.
ڇپر جو ڇيهون ڪَري، ڏونگر جو ڌاري؟
ماري جيئاري، ڳجهِي هُوڻ جي ڳالهڙي.
آنءُ حياتيءَ ڏانهن، موٽي آيو آهيان،
جيِئن ڪوئي ڪانهُن، نديءَ تي نِوڙي اچي.
ماڻهوءِ ڳل گلاب جئن، ٽڙندا ڏسان آنءُ،
مِڙندا ڏسان آنءُ، اوشل ڦَٽ فراق جا.
ماڻهوءَ مَن مرجهائيو، ڪونه کڙيا رابيل،
آهي ساڳي هيل، ٻاجهه نه تنهنجي ٻوجهه ۾!
جي تون پنهنجي پاڻ سان، گهڙي گذارين،
جي تون پنهنجي پاڻ ۾، ٿورو نهارين،
شايد تون ٻارين، اُن ۾ امر جوت کيَ
ميان! ڪهڙو ڀروسو، آهي جيئڻ تي؟
پَوِڻو آ وَڻ تي، آخر ڪم ڪوراڙ سان!
ميان! ڪير نه گهمنڊ، جيئڻُ ٿورا ڏينهڙا،
نانهه سدائين چنڊ، اڳتي ڪاريون راتڙيون.
سڀ ڪنهن لئه تقدير جو، آهه اڏيل پنجوڙ،
ڪنهن به نه پنهنجي جو توڙ، ڏٺو پنهنجي ڌنڌ ۾.
اڄ سڀاڻي، ڪالهه ڏاڪا تنهنجيءَ عمر جا،
کوهه گِڙي ٿو مالهه، نيٺ وڃي ٿو بيهجي.
بيماريءَ جو بسترو، ڇا ڇا اچي ياد!
ڪويل جي فرياد، پن پن ۾ گونجي جئين.
ڇا جي لاءِ پيو ڌڪين، پُنيءَ کي پٺتي،
نيٺ ته آ توکي، مٽيءَ منجهه سَمائڻو.
ڇيڙ نه سُتو سَپُ، پاسي کان وڃ پار ڏي.
ائين لاههِ نه ڊپُ، جو توکي ڪَکُ ڪکي وجهي!
جيسين پهچون ماڳ تي، هانءُ نه هيڪاندو،
ڪهڙو مانجهندو، پنڌ پري آ پانڌيا!
تون جو چاهين پوڄ، تون منهنجي پچر ڇڏ!
وڃ وڃ خچر ڇڏ، مون سان منهنجو مامرو.
تون ڇا ٿو پوڄين پيو، مون ته نه سوچيو آ،
وِرچي لوچيو آ، تو ڇو منهنجيءَ لوچ کي؟
ڪئين چئجي ڪنهن ڪَپَ کي، پائيندڙ پائي،
اڳتي الائي، ڇا ٿيڻو آ ديس ۾.
ميان بَڊي اُس ٿي، ماڻهوءَ کي کائي،
پپر اَلائي، ڪئن ڪپجي ويا ديس مان!
هي جو نيلوفَر، لڏن پيا واءُ ۾،
ڌرِتي کڻي ڪَر، ڏسي ٿي آڪاس کي.
تنهنجي منهنجي وچ ۾، هونءَ ته آ زنجير،
ها پر هي ڪشمير، اُن جو تون ڇا ٿو ڪرين؟
جهڙي مِٽِي زارَ تي، اهڙي لينن تي،
هاڻي تون تن کي، ڪهڙي ريت جدا ڪندين؟
پاڻي نانهه پُراڻ ۾، مٿان ڪڪر ڪورَ،
مون ۾ ڪيڏا مورَ، تاڙن پيا اوڙ ڪون.
ڇا تون ڪُمّ ڪَنولَ، سارين پيو سنڌ جا،
اُف! پرڏيهي پَلَ، ڪيڏ تولئه اوپرا.
سارِ نه ڏوڏيون لوڙَهه، گٺل، گوُلر ديس ۾،
ايڏي ساههَ نه سوڙههَ، جيڏي آ پرڏيهه ۾.
آهي هيءَ آهٽ، ڪنهنجي آڌيءَ رات جو،
کولي پيئي ڳٽ، جيئڻ جي جنجال جا.
ڪَنُ نه ڏي تن ڏي، ڪڏهن ٻڌ نه تون ٻُچڪار،
تو وٽ سڀ ريڍار، بگهڙن کان بُڇڙا هيا.
سُجاول ۾ راتڙيون، تارن سان ٻوڪيون،
چٽيون چانڊوڪيون، اڃا ناهن اڀ ۾.
اُڏري ڪڏهن ڪانگڙا، نيو نياپو،
منهنجو جياپو، آهي ڪيڏيءَ جاڙ ۾!
مومل ڪالهه مَري وَئي، ڪاڪ رڙن ٿا ڪنگَ،
نه سي نينهن نِسنگ، سارا ڀاڻا ڀينگ ٿيا.
هُو جو انبن بُور، ڪالهه ڏٺو وديا پتيءَ،
آهيان مورُ نه دورُ، آنءُ انهيءَ واس کان.
جئن چنڊ چٽاءُ، ميٽ مٿي ۾ منڌ کي،
پوئين پرَ اُلاءُ، جرڪي اٿيس جيءَ مان.
تون جو ماڙيءَ مَرُ، لاهي وئين مينڌرا،
توسان سارو تر، جرڪي پيو سجّ جان.
لاکَ رڱڻ لئه لوئيون، ڪيئي مون آنديون،
متان ٿيو مانديون، پارا ڏسي پوهه جا.
ڪيڏا منهنجي پنڌ ۾، ماڻهو مَن ميرا،
ويرِي هر ويرا، وسيهر ڄڻ واٽ تي.
ڪوسِي ڪڪرائين هئي، منهنجي ساري واٽ،
جيلن منجهنا جاٽ، ڪيڏي ڪاريءَ اُس ۾.
وچ ۾ جڏهن ويڙهيون، بدليون مَٿِ بَرن،
ڪيڏي تانگهه ترن، ڪڏهن اينديون اوڙڪون.
تن کي وَهائي ڏيون، لهرون ڪاته لپاٽُ!
ڪنڌيءَ مَٽ ڪپاٽَ، آهن ڪيڏا ويسرا.
اڃا اُڃ ٿي لهي، سارو کپايان،
يا ڪجهه بچايان، موکي تنهنجي مٽ مان!
تَري تائين آنءُ، جيسين پِي پورو ڪيو،
مونکي، منهنجو ٿانءُ، ڇالئه ڀَريُئه اوچتو؟
هِن جون ٻانهون ٿا ڏسن، مُرڪي سڀ مڻهيار،
بيهي وِچ بزار، چوڙيون جا پاڻي پئي.
ڇرڪي بيٺا اوچتو، لوڪ ويا ٿي لَس،
جهومي ڳچيءَ هَس، جرڪايو جئن جوت کي.
ڪنهن جي وڻ مان تو، ڇڳا ايڏا شفتالو،
سارا مُڙسالو، توسان ريسارا ٿيا.
سانجهيءَ پاڇاوان پيا، جڏهن جوڙي تي،
پنهنجي گهوڙي تي، ٻيلهه وَيا ٿي ٻار سان.
سمجهو تن کي ٻارڙن، باک ڀنيءَ کينهون،
ڌرتي تي ڏينو، بڙ مان رات ڇڻيا هيا.
سر تي تو سينگار ۾، ڪيئي ٻانهون بُڪ،
هَٿ چميندي ڌُڪ، ڄڻ پيالي مان سون جي.
(وڌيڪ پڙهو) |