سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 4

 

*

موت جو گهوڙي سوار،

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

راهه هُن جي آهه ڄڻ شاخ انارُ.

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

وائرو جنهن تي لڳي ٿو موتمارُ.

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

جنهن طرف ڏس شعله زن آ لاله زارُ.

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن کي قرارُ.

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

 

*

هي به گهرجي هُو به گهرجي، هي هڏا چوڌارِ ڏِس،

آءُ هي هڪوار ڏِس،

اُسَ ڀنڀرو جي تون، سجَ جي ديوارِ ڏِس.

آءُ هي هڪوار ڏِس.

ٻي طرف اونداهه لهرون ٿي هڻي، ٻي پارِ ڏِس.

آءُ هي هڪوار ڏِس.

تيرگي ڪائي اَزل کان، آهه تارئون تارِ ڏِس!

آءُ هي هڪوار ڏِس.

وِڄُ ڄڻ چمڪي پئي ڪا، وچ ڪارونڀارِ ڏِس.

آءُ هي هڪوار ڏِس.

 

*

.هي به گهرجي هُو به گهرجي،

ڪيستائين؟

ڪجهه ته هن سنسار کان اڳتي به سرجي!

هي به گهرجي، هُو به گهرجي!

زندگيءَ کان ٿي ڪڏهن هر چيز ڦرجي!

هي به گهرجي هُو به گهرجي.

مُلهه ڪَٿي ٿو موت ڇا؟ تُرجي نه تُرجي!

هي به گهرجي هُو به گهرجي.

ڪاش واڙيءَ ڦل جيان هَر هَر اُسِرجي.

هي به گهرجي هُو به گهرجي!

انت پنهنجي تي به ڪُرجي.

ڪيستائين؟

هي به گهرجي هُو به گهرجي.

ڪيستائين؟

 

*

ساڙ پنهنجي ۾ اڳييئي ٿو سَڙي،

ڇو پيو تيلي وِڃائين!

ڇا نظر توکي اَجائي آ، لِڪي ٿو هُو لَڙي!

ڇانوري ۾ ٿو ٿڌو پاڻي ٿئي هر ڪنهن گهڙي!

ريت ڇو هُن کي رُلايو آ، نه سمجهو وائڙي؟

رُڃَ جو راهِي، پٺيان نڪتو تَرائيءَ کي تَڙي.

 

 

*

ڪير خالي ڪُرسيون،

ويا ڪري تِن تان اُٿي؟

جام و مينا ميڪدي ۾، ڪَن پيا ڪجهه ڳالهڙيون!

ميز تي ڇا ڪجهه ٻڌين ٿو، ڏئي مٿي کي هَٿُ تون؟

ڇو اڪيلو ٿو پئين، ڪهڙيون اٿي ساروڻيون؟

گهگهه ڪيڏو آ گهٽيءَ ۾، گم ٿيون سڀ روشنيون!

 

*

ڪيترا خيما کُپي ويا،

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

ڪير ٿو دفنائجي، جو ڳوٺ سارو هئن مڙيو آ.

چنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

واٽ تي گهاٽن وڻن ۾، ڪو ته ٿڪجي ٿاٻڙيو آ!

چنڊ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

ڏس ته پيلي گل جيان، سنسار سارو ئي ٽِڙيو آ!

چنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

وِکُ هِن جي ائن وڌي ٿِي،ڄڻ کُڙيءَ ۾ گل کِڙيو آ.

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

ٿو وڃي ڪيڏانهن اوچتو،ڪير وستيءَ تي چڙيو آ،

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

چنڊ ائن آڪاس ۾ آ، ڄڻ ته ڪوئي ڦَٽُ مڙيو آ،

ڪــيــرُ اهــڙو گــامــڙيو آ.

چنڊ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ،

چنڊ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

 

 

*

سپني ۾ سنسار ڏٺو سي،

رات وهامي وئي.

جيوَن پنهنجو آهي جَر تي، جڳ مَڳ جڳ مَڳ تارا،

ڇا ڇا رم رجهم يارُ ڏٺوسي.

رات وهامي وئي.

جئن ڪويَل جي ڪوڪ، ڪويتا اِئين ٽپي ويئي،

اک ڇنڀ ۾ ٻيو پارُ ڏٺوسي.

رات وهامي وئي.

ڪيئي چنڊَ چڪورَ ڏٺاسي، ڄڻ ته پروليون ها،

پهچ انهن جي پارُ ڏٺوسي.

رات وهامي وئي.

هِن جيوَن جي وهندي نديءَ ڪُن هيا ڪيڏا!

ڪيڏو ڪارونڀار ڏٺوسي.

رات وهامي وئي.

سهڻي سِير تري ويئي، ميهار ملي آخر،

سنسوهر سيسار ڏٺوسي.

رات وهامي وئي.

جهونجهڪڙي جي جهومر تائين، ڪيڏو تڙڳياسين،

اَرُ ڏٺوسي پارُ ڏٺوسي.

رات وهامي وئي.

 

 

ڀِن ڀِن گيت رهياسين ڪيئي لهر لهر وانگر،

مَن کي تارئون تار ڏٺوسي،

رات وهامي وئي.

باک ڦُٽيءَ جو ننڊ ڪئي جنهن وقت ڦٽا ها گل،

رنگ وبو جو ڄارُ ڏٺوسي،

رات وهامي وئي.

پوپٽ جيئن پراهون وياسي ڪيڏو واس وَٺي!

وَل وَل سان وهنوار ڏٺوسي،

رات وهامي وئي.

اک لڳي ته اڏامي وياسين دور هوائن ۾،

پٺِ تي هاها ڪار ڏٺوسي،

رات وهامي وئي.

ســــپـــنــــي ۾ ســـنـــســــار ڏٺــــوســـــي،

رات وهامي وئي.

 

غزل

 

*

 

غور سان مون هُو جواني، رنگ گوري ۾ ڏٺي،

ڪالهه سيمل ٿي لڳي، جئن ڄامشوري ۾ ڏٺي.

 

ڪيئن چئجي ڪير آ؟ تقدير وانگر ٿي ڇِڪي،

آنءُ ڀانيان ٿو ته مون، ڪنهن وقت موري ۾ ڏٺي.

 

هئن ڇپر مون ڇانو وانگر، اڳ ڏٺا ناهن ڪڏهن،

سادگي ڪيڏي نه تنهنجي، منهن سدوري ۾ ڏٺي.

 

ڪيئن چئجي چنگ سارا، گم ٿيا ميهار سان،

لار سنجهيءَ جهنگ جي، مون ڳالهه ڍوري ۾ ڏٺي.

 

هوءَ جا ساڃاهه آهي، ساهه سر جنهن تان فدا،

سا پَري ۾ ڪا نه آهي، ۽ نه اوري ۾ ڏٺي.

 

اڄ اُها آوِي ڪٿي جا، ڪلهه هئي هن ۾ اياز،

آنءُ ٺنڊڪ اڄ اُنهيءَ جي، ٿانو ڪوري ۾ ڏٺي.

 

*

سَڄيون راتيون عبادت ۾ گذارين ٿو. جڏهن محبوبُ سارين ٿو.

اکين جا ڏيئڙا هن جي، جڏهن چائنٺ تي ٻارين ٿو.

 

خبر ناهي ته ڇا آهين؟ ڪٿان آئين ڪٿي ويندين؟

مٿي مُنهن ڪري ائن، رهگذر پنهنجا نهارين ٿو.

 

نه مسجد ۾، نه مندر ۾، نه ديول ۾ ڏسين هن کي،

افق کان تون افق تائين، ڏسي هن کي پڪارين ٿو.

 

خدا آهي، خدا آهي، اڙي نٽشي! خدا آهي،

اگر اي فلسفي مون کان، پڇين تون جکّ مارين ٿو.

 

ڪڏهن تون لڙڪ ۾ ڪنهنجي، ڪڏهن تون ماڪ آن گل تي،

هزارين پوش پهرين ٿو، هزارين ويس ڌارين ٿو.

 

جڏهن ويساهه ۾ آهين، تڏهن تون ساهه ۾ آهين،

وڌي ٿي تيرگي جنهن دم، چراغ اشڪ ٻارين ٿو.

 

ڪڏهن آهوءَ جيان آهين، رميده تون بيابان ۾،

ڪڏهن خوشبوءِ جيان ڦهلي، پيو دل کي ڌتارن ٿو.

 

اياز آهي ٿيو جنهن ڏينهن کان، ڪجهه آشنا توسان،

خبر ناهي ته هن کي، در وٽان ڇالاءِ ٽارين ٿو.


 

 نوٽ: بروگل جي تصوير “Triumpha of death” کان متاثر لکي وئي.

.  نوٽ: مٿين وائي مغربي مصور بروگل (Brugle) جي هڪ تصوير کان متاثر ٿي لکي وئي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org