هيءَ ساري ڪائنات مون کي
تنهنجي اکين وانگر گهوري رهي آهي
*
ڇا تون ڄاڻين ٿي ته تون منهنجي در تي
پنهنجون ٻه اکيون ڇڏي وئي آهين.
*
تون گهٽائون ٿي نه اُڀر!
مان توکي ڪنهن غلط فهميءَ ۾ وچرائڻ نه ٿو چاهيان.
*
”ڪٿي آهين؟“ ”ڪٿي آهين“ ”ڪٿي آهين؟“
ناريل تي ڪويل ڪوڪي رهي آهي
–
*
چنڊ ڀاڪُر نه پائيندو آهي،
مٿي تي چُمي ڏيندو آهي.
*
مون کي ته وڃڻو هو،
مان موت کي ڌڪي، تنهنجي ملاقات لاءِ ترسي پس.
تون ڪيڏانهن هلي وئينءَ.
*
عمر جي ٻيڙي گهاٽ تي اچي پهتي آهي.
هاڻي رات ٿي وئي آهي. تون باک کان پوءِ اچجانءِ!
ٻي پور ۾ مان تولاءِ پوري ٻيڙي رکندس!
*
مسافر سان ياري رکڻ ٿي چاهين؟ ترس،
جيستائين هُن جو سفر پورو ٿئي!
اي عورت! تون يسوع کي ڏسي رهي آهين!
يا بي بي مريم ٿيءُ يا ميري ماجدلين ٿيءُ!
هي ته مصلوب آهي،
هي تنهنو مطلوب ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟
*
مُهاڻا! تون نوريءَ جو سڱ ڇا وٺندين؟
نوري ته تماچي تڙ ڌڻيءَ جي آهي.
*
تون ته پَٻن
–
کڙي، پيهي تي بيهي کانڀاڻي هلائي،
پر هُو چيهو پٽ تي ڦٿڪي رهيو آهي،
اهو به ته ڏس!
*
نه فقط عش انڌو آهي پر
منهنجي معاملي ۾ ته نپٽ انڌو نڪتو آهي.
*
سوَ چوٽون کائي،
مان ٻيهر تِر تان گسي ٿو وڃان!
*
”نصيب در تي بيٺو آهي“
چئينس ته ڪجهه وقت رکي اچي،
مان لکي رهيو آهيان.
*
تقدير کي لتاڙي رهيو آهين!
”پلئهَ ٿو ڪيانس.“
”يا رب! مون کي هر آفت کان امان ڏي،
خاص ڪري دولت ۽ اقتدار کان!“
*
ايڏا انبار! توکي ته خالي هٿين وڃڻو آهي!
*
جي خدا تنهنجو ساٿي آهي،
ته توکي ٻي ڪهڙي ساٿيءَ جي ضرورت آهي؟
*
بيت آيت سان پنجو آزمايو آهي.
ڏس، ڪجهه ڏوڏا ٽڙڪي رهيا آهن!
*
هر ماڻهوءَ کي ڀاءُ سمجهه!
ساري سنسار سان رشتو پيدا ڪر.
ماڻهو ته ڇا هر وڻ جي ٿڙ کي ڀاڪر پاءِ
ان جون ٽاريون ڳلي لاءِ، اهو به تنهنجو ڀاءُ آهي.
*
مٽيءَ جي عزت ڪر!
مٽي ابدي ماءُ آهي، آخر انهيءَ جي گود توکي ڪم
ايندي.
*
پاڙي کان ونءُ نه وڃ.
پاڙو ابو امڙ آهي. پاڙي کان پنڌ شروع ڪر.
سنسار جي توڙ تائين پُڄ!
*
هڪ دشمن تنهنجو اندر ۾ به آهي،
ان سان ويڙهه جاري رک!
تنهنجا ٻيا دشمن ته خدا ماري ڇڏيندو،
ان کي فقط تون ماري ٿو سگهين!
آزمائي کي آزماءِ،
جيستائين هُن جي منهن ۾ ڇائِي پَوي!
*
سک
–شاونزم،
شنٽو شاونزم سان ڀيٽي
سگهجي ٿي، ڇو ته جيئن شنٽو مذهب
وارا چون ٿا ته اهو مذهب جپان ۾ پيدا
ٿيو آهي ۽ ٻُڌ مت ٻاهران آئي آهي، ائين
سک ڌرم وارا چون ٿا ته سک ڌرم ديس
پنجاب ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ ٻيا ڌرم ٻاهران آيا آهن
*
مون هن کي چيو ته:
ڪوڙا، ههڙا تهڙا، ٻٽاڪي، آڪڙ باز ۽
خوش پڏڻا انسان ازل کان ٿيا آهن، جي
سکڻو هَٺ ٽانءِ ٽرڙائيءَ ڪري پاڻ
۾ نه ماپندا آهن. اهي پهرين ٻي جي
منهنداري ۽ مُکپڻو ختم ڪندا آهن، پوءِ
پاڻ پنهنجي ستيا ناسيءَ جو ڪارڻ بڻبا آهن.
(صفحو 255 ڀڳوان ٻڌ)
*
تون مارا جي ٻنڌن ۾ نه آهين،
مارا تنهنجي ٻنڌن ۾ آهي.
تون جڏهن چاهين ته ان کي آزاد ڪري ٿو سگهين!
*
مان جو زندگيءَ ۾ سڀ کان جدا هوس،
موت ۾ ڪنهن کان جدا نه آهيان.
جنرل ضياءُ الحق کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو،
ڇا موت ائين به نه ڪندو؟
موت ايترو بي مروت ڪٿي آهي.
*
غلط اسٽيشن تي پئي لَٿين،
چڱو جو گاڏيءَ ۾ ويٺو رهين.
پرواهه نه آهي جي تنهنجو ڪوئي همسفر نه آهي.
تنهنجي منزل اڃا نه آئي آهي.
*
موت گارڊ وانگر ان کي جهنڊي ڏيکاريندو.
جيستائين ريل نه بيهي،
تيستائين ان مان نه لهجانءِ.
*
جيئن ٻلو ڪبوتر کي اوندهه ۾ تاڙي وٺندو آهي،
ائين موت کي تنهنجي ڳولا لاءِ
بتيءَ جي ضرورت نه آهي.
*
تقدير جون اکيون اوندهه ۾ ڏسنديون آهن.
ان کي ٽارچ نه هوندي آهي.
*
مان ڏسان ٿو ته هُن بندوق ڀري آهي ۽
هن جي اکين ۾ ڇتي ڪتي جي ديوانگي آهي.
هي ڪنهن تي بندوق اُڀي ڪري رهيو آهي.
وڌيڪ نظر نه ٿو اچي،
سڀ ڌنڌ ۾ ڇُپي ٿو وڃي
ڇا گرهوڙيءَ کان گرجيف تائين
ان تي ڪوئي روشني وجهي ٿو.
ڇا تو ۾ ٻوڌي ستوا جيتري به اسٿرتا نه آهي؟
روڳي سرير ڇا اهي چار لوڏا سهي نه ويندين
۽ نئون نِرويو ٿي نه نڪرندين!
متان موت کان ڊڄين! موت ته سنسو آهي.
ڏس اسپتال جي دريءَ مان،
هو چنڊ توتي کلي رهيو آهي.
*
تنهنجو ترشول ٽيڙن تائين پهتو آهي.
ساراگرو گوڏا کوڙي توکي ڏنڊوت ڪري رهيا آهن.
*
ڇا تون مهارشي رمنا سان اڃا نه ملي آهين؟
منهنجي ڪَويتا ٻيهر پڙهي ڏس!
*
”جان جو پيهي پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،“
ڀٽائيءَ جي عظيم ترين سِٽ آهي.
*
مون علامه اقبال جي هيٺين شعر کان بهتر شعر
سڄي زندگيءَ نه پڙهيو آهي:
يه مال و دولت دنيا به رشته و پيوند
بتان وهم و گمان، لا اِلهِ الا الله.
*
ليننِ به اسٽالن وانگر خوني هو.
ٻنهي ۾ فرق اهو هو ته،
اسٽالن پنهنجا ڪيل خون لڪائيندو هو،
۽ لينن ظاهر ظهور ڪندو هو.
ڪمال اتاترڪ جو فرمان هو ته: ”جنهن کي ڏاڙهي
ڏسو، ان جي گردن ڏاڙهيءَ سوڌي ڪپي ڇڏيو.“
مون قسطنطنيه کان قونيه تائين سفر ۾ ڪنهن کي ڏاڙهي
نه ڏٺي.
اي رجنيش! چڱو جو تون ترڪيءَ ۾ پيدا نه ٿيو هئين!
*
حيرت آهي ته هيل سنڌ ۾ ڪُتا هڏا به چٻاڙي رهيا آهن
۽ هڪ ٻئي تي باهوڙي به رهيا آهن.
*
ڪتا ڪنهن تي ٿو ڀونڪين؟
ڪو واٽهڙو به نظر نٿو اچي!
شايد اهو ٿو ڏيکارين ته اڃا تائين تون چوڪيدار
آهين.
*
مان ڪُتي کي ڀونڪڻ ۽ گڏهه کي هينگ ڪرڻ کان
ڪيئن ٿو روڪي سگهان!
اهو ته هنن جو جمهوري حق آهي.
*
تضاد جي عدم موجودگي خبط
–
الدماغيءَ جي نشاني آهي.
*
اقتدار جي ڪوهيڙي ۾ دوست دشمن جي سڃاڻ ڏاڍي مشڪل
آهي.
*
هي اردوءَ ۽ هندي جو جهڳڙو هو،
ڪفر ۽ اسلام جو جهڳڙو هو.
يا پاڪستان هندستان جو جهڳڙو هو،
يا اهو تنهنجي دست ستم ڪيش جو معاملو هو
جنهن کي نمستي کان عار هئو.
توکي اچي ته ڪجهه ڪو نه ٿو.
وزير ڇو نه ٿو ٿئين؟
ارسطو ڪهڙي جيل ۾ ويو هو؟
هن انسانن کي ٻئي ڪنهن به
مفڪر کان وڌيڪ سياسي فڪر ڏنو هو؟
*
تنهنجي دانش ۾ وَرُ ضرور آهي،
دانشور!
*
ميان! حسد کي پيليون اکيون ٿينديون آهن.
اهو روح جو ڪامڻ ٿيندو آهي.
*
مون ٻُڌو توکي ڪارو ڪامڻ ٿي پيو آهي.
ڇا تنهنجو روح تنهنجي چهري مان بکڻ ٿو چاهي؟
*
شل نه ٽرڙي ڪڪڙ جي کڙهه ڀڄي پئي.
آئي وئي کي پيو ٺونگا هڻندو.
*
مون کي ڪمان وانگر ايترو نه موڙ ته ٽٽي نه پوان!
*
موت سان مذاق نه ڪندو ڪر!
موت تقدير جو حصو آهي.
*
زال جي لاءِ ”ٻانهن“ لفظ ڪيڏو نه پيارو آهي!
مان نٿو ڀانيان ته دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾
اهڙو پيارو لفظ آهي!
*
ميان! پلاسٽڪ جي ٻَٽيهيءَ ۾،
عقل هوڙ ٿيندي آهي ڇا؟
|