سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ننڊ وليون

 شيخ اياز

صفحو :1

ننڊ وليون

شيخ اياز

 

 

 

مهاڳ

 

مان ۽ رباني جڏهن شڪوهيءَ ۽ شيلا وٽ رات جي مانيءَ تي ايراني ڪلچرل سينٽر ۾ هوندا هئاسين ته پنهنجيءَ ڪيفيت ۾، اڌ رات جو گڏجي امير خسروءَ جو هيٺيون شعر گنگنائيندا هُياسين:-

 

همہ آهوانِ صحرا سَرِ خود نهاد برکف

به اُميد آن که روزي بشکار خواهي آمد

 

(ترجمو:رڻ جا سَڀ هَرڻ پنهنجا سِرَ تريءَ تي رکي آيا، انهيءَ اُميد تي ته تون ڪڏهن نه ڪڏهن شڪار ڪرڻ ايندين)

مون تي جڏهن شاعريءَ جي ڪيفيت طَاري ٿيندي آهي (اڳي مهينو کن ٿيندي هُئي ۽ هاڻي سال کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي ته اوڙڪون ڪري وسي رهي آهي). تڏهن ڪائنات جو هر ذرو سِرُ تِريءَ تي کنيو بيٺو هوندو آهي ته مان تنهنجي شڪار لاءِ آهيان. ڇا چنڊ، ڇا ستارا، ڇا ڪَتيون، ڇا هي اکٽ سنسار، ڇا اُن جا وَن واس وارا ڦول، وليون ۽ هرڻيءَ جي اکين واريون ۽ گهنگهور گهٽائن جهڙيون من موهڻيون ناريون، سڀئي پنهنجو پاڻ آڇي چوندا آهن ته اسان کي منظوم ڪر، اسان جي حُسن کي پايندگي عطا ڪر، زندگيءَ ۾ موت کي مسترد ڪري، اسان کي ان ازل ابد سان همڪنار ڪري ڇڏ جو تُنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڇوليون هڻي رهيون آهي؛ تون جو موت کان مٿانهون آهين، اسان کي اُن امرتا مان چُڪي ڏي جا، اسان جي سونهن کي ڄم موت جي چڪر مان آزاد ڪري ڇڏي.

ان تي سوچيندي مون کي آندري بريتون جو هيٺيون سُوريئلي شعر ياد ايندو آهي.

* ڪَويءَ جو ٻک

پيارَ جي ٻَک وانگر

جيستائين ٻکيو رهندو آهي،

تيستائين هن سنسار جو دُکَ ۾

واپس وَرڻ نه ڏيندو آهي.

ماضيءَ، حال، مستقبل جي ڌارا روڪجي ويندي آهي ۽ منڇر جي ڇَر ٿي ويندي آهي، جنهن تي مانگهه جا تارا، مڇين وانگر نه رڳو پاڻيءَ ۾ ٽُٻڪندا آهن پر اُنهن آڙين جي اکين ۾ به ٽمڪندا آهن، جيڪي ڪنهن وقت سَرِن ۾ ڪائي سَر سراهٽ ٻُڌي جاڳي پونديون آهن ۽ ڇَر تي مَست هوا مون کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي چوندي آهي، ’هر ڪو ئي توتي اَڪن ڇَڪن آهي. اُنهن کي پنهنجي اَمرتا ڏي، اَمرتا جا تُنهنجي ٻولي اُن لفظ سان وراهي ٿي، جنهن ”ڪُن“ چئي هئي ۽ جو ڪجهه به ڪو نه هو، اهو وجود ۾ آيو هو، نيستي هستيءَ ۾ ڦلي ڦولي هئي؛ تُنهنجي تخليق جنهن جو تون خالق آهين، پنهنجي پاڻ ۾ اِهو اِسرار سَمائي ٿي جو تون به شعوري طرح نه ٿو ڄاڻين!‘

اٺين صديءَ جي مشهور هندستاني فلسفيءَ شنڪر آچاريا کان ڪنهن پُڇيو هيو ” تون اسان کي هيءَ سِرشٽيءَ سمجهائي سگهندين؟“ اِن تي شنڪر اَچاريا چيو هو: ”ڌرتيءَ تان هي بڙ جو ٻج کَڻ! انهيءَ کي ڀڃي ڏس ته اُن ۾ ڇاهي؟“

سوال ڪندڙ ٻج ڀڃي چيو هو ته ”اُن ۾ ته ڪجهه ڪونهي“ تنهن تي شنڪر اَچاريا چيو هو”ان ’ڪجهه به نه‘ مان هي سارو وڻ ۽ ان ۾ سڀ ڪجهه پيدا ٿيو آهي“.

انسان جو ’ڪجهه به نه‘ آهي،’ڪجهه به نه‘ ۾ موٽي وڃي ٿو، پاڻ ۾ انهيءَ ٻج جو صلاحيتون ڪيئن سانڀي ٿو، جو اهو نه رڳو سائي دار بڙ ٿئي ٿو پر اُن جي چوٽيءَ تي پوئين پَن مٿان هڪ نرم ۽ نفيس ڪيڙي وانگر هن ڪائنات جو مشاهدو ماڻي ٿو ۽ اُن بڙ ۾ جيڪي ڌرتيءَ کان ٻاهر آهي، ان حصي کان گهٽ اهم آهي جو ڌرتيءَ جي اندر آهي ۽ ان مان خورش حاصل ٿو ڪري ۽ اُنَ کي واچوڙي ۾ جَهل ڏئي بيٺو آهي.

مون ان شاعريءَ ۾ فرائڊ واريءَ اندرئين حقيقت کي به ڏٺو آهي ۽ اُن سان گڏ آندري بريتون، لوئي آراگون، ترستان زارا (Tristan Tzara) جو نظم ۾ ٻاهرينءَ حقيقت سان هيگل جي فلسفي وانگر نڀاءُ ۾ به ڏٺو آهي، مون خود محسوس ڪيو آهي ته ڪيئي شيون گڏجي مون کي چَون ٿيون ”اسان کي پنهنجن تُنرن ۾ تُڙڳڻ ڏي“. مون ويهارو سالن جي هڪ عجيب و غريب عورت ڏٺي، جنهن کي هرڻيءَ جهڙيون اکيون هُيون، اهڙيون اکيون مون اڳي ڪٿي نه ڏٺيون آهن. ڪُومَل، ملايم، گهريون، موهڻيون، مقناطيسي اکيون، جن ۾ حرص و هوا جو ٻارڻ ٻري رهيو هو، هُن کي ڀورا ناسي وار هُيا جي هُن جي مُنهن تي ڄَرڪي رهيا هيا. اُن پنهنجين اکين سان اِلتجا ڪئي ”مون کي منظوم ڪر!“

مون ڪٿي پڙهيو آهي ته پئرس ۾ اهڙو دؤر به هُيو جڏهن دي آنيونزو (D’Annunzio) جي پوڄا اهڙيءَ چوٽَ تي پهتل هئي، جو هُن جي دور جون ڪيتريون ئي خوبصورت عورتون هُن سان عشق ڪرڻ لڳيون هيون. اُن وقت هن پنهنجي هر لاڏلي ۽ گهڻگهري جي ويس کي جرڪائي ڇڏيو هيو. انهن مان هر هِڪ فاني بَنِي بشر کان مٿي ٿي لڳي، ڄڻ عجيب و غريب تجلي جي گهيراوَ ۾ هئي، ڄڻ وڄ ۾ ڪائي زيتونن سان ڀرپور ٽاري لڳي رهي هئي. جڏهن شاعر جو پُور پورو ٿيو، تڏهن تجلي گم ٿي وئي ۽ عورت ساڌارڻ مٽيءَ جي مور تي نظر آئي، جنهن پاڻَ به نه ٿي ڄاتو ته هن کي ڇا ٿي ويو هو، پر هُن کي معلوم هو ته هُن جا پير ڌرتيءَ تي وري کُتا آهن. اها ڪيفيت ڀٽائيءَ يا منهنجيءَ شاعريءَ ۾ نه آهي. ڪُنن جا ڪڙڪا ۽ وڄ جا ڪڙڪاٽ ٿي رهيا آهن. ڀيلو ڀَڄِي پيو آهي، سُهڻي چَنڊ جي روشنيءَ ۾ اڳي وانگر سهڻي آهي ۽ درياهه ائن ڦيراٽيون کائي رهيو آهي، جيئن مستانا پيرن جا زنجير گهليندا آهن. نه مون سهڻيءَ کي ٻوڙيو آهي، نه ڀٽائيءَ ٻوڙيو آهي. جِيئَن ڀٽائي جي ’منڌ مهراڻ کي ٻوڙيو آهي، اِئين مُنهنجي سُهڻي تا اَبد لهرين ۾ لُڙهندي رهندي ۽ ٻُڏي نه ٻڏندي، مون شاعريءَ کان دم عيسيٰ ۽ يد بيضا وارو ڪم ورتو آهي ۽ جڏهن شعر لکيو آهي تڏهن ماضي، حال ۽ مستقبل ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو آهي ته جيئن منهنجيءَ تخليق ۾ مُخل نه ٿين.

ان ريت نه فقط خوبصورت عورتون پر آرٽ جا ڪيئي شهپار مُنهنجي تحت الشعور ۾ رهيا آهن، جنهن وقت مون شعر لکيو آهي. (هونءَ به خدا جميل آهي ۽ يحب الجمال آهي. هر خوبصورت شيءَ هُن پنهنجي خاص تُوجّہ سان ٺاهي آهي). هِن وقت جڏهن مان بستري داخل آهيان، (مون کي ريمبرانٽ (Rembradnt) جي تصوير پول گهڙي سوار(Polish rider) ڪيئي ڪَهاڻيون ٻُڌائي رهي آهي. ان تصوير ۾ رومان آهي، تنهائيءَ جو شدت سان احساس آهي، اِهو خطرو به نظر اچي رهيو آهي جو جنگ ۾ ڪنهن به سپاهيءَ کي پيش اچي سگهي ٿو. آس پاس کنڊر آهن ۽ گهوڙي جي مُنهنَ توڙي گهوڙي جي تاڻيل ناسن مان اُن جا جاکوڙ پڌري آهي. اِن هوندي به سوار بي ڀَئو آهي ۽ سِرَ جو خيال لاهي وڃي رهيو آهي. ممڪن آهن ته جنهن انڌيري مان هن کي وڃڻو آهي، اهو ئي موت جو انڌيرو ثابت ٿئي. اها تصوير منهنجي اکين ۾ آهي، جڏهن نرس اچي مون کي پئٿيڊرن جي انجيڪشن هڻي ٿي ۽ ٿوري دير ۾ مون تي بيهوشي طاري ٿي وڃي ٿي.

جيئن ئي زندگيءَ جي اختتام جو احساس مون ۾ وڌي ويو آهي اُئين مون پنهنجي نثر ۽ نظم کي تيز تر ڪري ڇڏيو آهي ۽ بقول علامه اقبال:

هستم اگر مي رَوَم، گَر نه رَوَم نيستم

(آهيان جي هلان ٿو ۽ جي نه ٿو هلان ته نه آهيان)

مون اڳ ۾ ئي چيو آهي ته هيگل ٻاهرينءَ حقيقت تي زور ڏيندو هو پر مون هينئر ٻاهرين حقيقت ۽ اندرين حقيقت کي ائين پيش ڪيو آهي، جو اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته اوليت ڪنهن کي آهي. ٻاهرين حقيقت جا به مُنهنجيءَ شاعريءَ تي ڪافي پاڇاوان آهن. مون قَدر ڪڏهن به اضِافي (Relative) نه سمجهيا آهن، جيئن اشتراڪي دانشور ڪرسٽافر ڪاڊ ويل (جو اسپين جي جنگِ آزادي ۾ ماريو ويو هو) پنهنجن ٻن ڪتابن مرندڙ ثقافت جو مطالعو (Studies in dying Culture) ۽ ’مرندڙ ثقافت جو وڌيڪ مطالعو‘(Further Studies in dying Culture) ۾ ڏيکاريو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته محبت، دوستي، وفاداري، غيرت، شرافت، عزت نفس وغيره جاگيرداري دؤر جا قدر آهن. مون هميشہ اهي قدر مستقل (Absolute Values) سمجهيا آهن. سونهن جو تصور، جو مون هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي، اهو به ڪراسٽافر ڪا ڊويل جي تصور کان مختلف آهي، جنهن جا قدر مان بلڪل مسترد ڪيان ٿو ۽ اُنهن جي مادي تاويل کي ڪميونزم جي تباهيءَ جو ڪارڻ ۽ اُن ۾ ابليس صفت انسانن جي موجودگيءَ ۽ نماينده حيثيت جو سبب سمجهان ٿو، جنهن ڪري يو ايس ايس آر ختم ٿي وئي.

تائوءَ (Tao) جي هڪ پُراڻِي چوڻي آهي ته ڪنهن بزرگ ننڊ ۾ خواب ڏٺو هو ته هُو پوپٽ آهي. جڏهن هن کي ننڊ مان جاڳ ٿي ته ان ڳالهه تي اچرج کاڌائين ته خواب ڪير ڏسي رهيو هو! ائين ته نه هو ته هو پوپٽ هو ۽ تصوّر ۾ ڏسي رهيو هو ته هُو فلسفي هو؟

بيماريءَ ۾ به منهنجو من پوپٽ وانگر ڦلواڙيون ڦرندو رهيو هو؛ نه رڳو من موهڻا ماڻهو اکين اڳيان ڦرندا ها پر اهي صحبتون، اُهي سير، اُهي سفر، اُهي گل، ٻوٽا، وَليون، واهه، رستا، رَميل راتيون، ڄَميل ڪچهريون، اهي چهرا جي تاريخ جي طوفان ۾ اخبار جي پنن وانگر اُڏامي ويا، اهي پيار جي سياست جي ستم ظريفيءَ جي باوجود زندهه رهيا ۽ ائين ٽِڙي پيا جيئن برسات ۾ ٿَرُ ٽِڙي پوندو آهي ۽ جڏهن مورُ رقص ڪندو آهي. تڏهن ڪڪر اُن کي جهُڪي داد ڏيندا آهن ۽ شفق انهن ڏانهن اشرفيون اُڇليندي آهي. اهي سڀ ياد اچي رهيا ها. مُنهنجو بيماريءَ جو بسترو ته نه هو اُمراءُ جان اَدا جو مُجرو هو ۽ نيم خوابيءَ ۾ هر ڊاڪٽر مرزا رُسوا وانگر نظر اچي رهيو هو. ڪيئي يادگيريون سانوڻ جي گهنگهور گهٽائن وانگر ڇانئجي ويون هُيون. پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي رهيو هو. شڪارپور جا باغ، پڌرا ۽ لوڙها، کوهه ۽ کُهاڏا، هُرلا ۽ نار، واهه ۽ ڪَڙيا، ڪَنواٽيون ۽ پاڃاريون، وڌندڙ اوڀَڙ ۽ ٻارا، انهن ۾ وِڇايل واهه جي مٽي، قَلم ۽ اوڌ، ڪُونڊيون ۽ ٽيڪُون، ڪوڏريون ۽ چنجُور، رَنبا ۽ ڏانداريون .... ڇا ڇا نه پئي ياد آيو....! هو سوُٻٽ، جن کي مان احتياط سان کڻندو هوس ته جيئن اهي پوپٽ ٿي اُڏري وڃن ۽ ايئن ئي انهن جا ڪچا پر پٽجي نه پون ۽ هو ٻوساٽجي نه مرن (جا ڳالهه مون کي اڪثر پيار جي معاملي ۾ ياد ايندي آهي) هو ماڪوڙين ۽ ڪِوِلين جا ٻِرَ جن تي مان لَت ڪڏهن به نه ڏيندو هوس، هو ڳاڙهين ٽنڊڻيون جي تازا ساوا پن کائي وينديون هُيون، جيئن ڳڀرو الهڙ جوانيءَ ۾ عشق ڪندا آهن، هو ڏيڏريون جن کي چيڀاٽڻ گناهه سمجهيو ويندو هو، توڙي هُو ٽَر ٽَر گهڻي ڪنديون هيون، هوءَ وڻن جي ڇانگَ جا موت وانگر با معنيٰ هئي ته جيئن نوان گؤنچ ڦٽي سگهن ۽ انهن جي اُؤسر ۽ والار لاءِ جاءِ بچي سگهي، هُو باغن ۾ تورين ۽ ڪريلن جو وليون جن جا ڌرتيءَ تي اڇا ۽ پيلا گل، ٻارن جي چمين وانگر پکڙيل هوندا ها! هو ڀٽائي جو تمثيلي اطلاع ’سوئا، پالڪ چوُڪا‘ جو هاڻي مونکي بار بار ياد اچي رهيو آهي. ’پلڪ ستين ته چُڪِي وئين‘ ۽ مان جنهن وقت ننڊ جي گورِي وٺندو آهيان تنهن وقت خدا کي چوندو آهيان ته ’يا خدا، تو وٽ پنهنجي زندگي رات جو امانت رکان ٿو ۽ صبح جو توکان موٽائي وٺندس‘. جڏهن صبح جو ننڊ مان اُٿندو آهيان ته خدا جو شڪر ڪري چَوَندو آهيان ته ’تو مون کي هڪ ٻيو به ڏينهن ڏنو‘؛ جڏهن سج جي تيک ۾ سورج مُکيءَ جا گُلَ ٽِڙندا تڏهن ممڪن آهي ته سورج مکيءَ جا کيت ڏسي دنيا ۾ هڪ ٻيو به وان گوگ پيدا ٿي پوي! آخر دنيا هڪ ئي ته وان گوگ پيدا ڪيو آهي، جنهن آرٽ کي پنهنجو جِيوَن اَرپن ڪيو، جنهن جا پيلا رنگ ڏسي ماڻهو ائين چوڻ کان نه رهندا ها ته خدا کي جي ڪوئي رنگ هجي ها ته اُهو پيلو هجي ها. پيلو رنگ معصوميت جي نشاني آهي ۽ منهنجو پسنديده رنگ آهي. معصوميت معصيت جو ضد آهي ۽ خدا ٻنهي کان مٿي آهي ۽ اُن جو ڪو رنگ ٿي نه ٿو سگهي.’بي رنگيءَ رنگ بنايا اي‘ شايد سچل سرمست جي سِٽَ آهي. (سچل کي خبر نه هئي ته سندس نالو اِضافي آهي ڇو ته سرمست سڀ سچل ٿيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته سڀ سچل سرمست نه ٿيندا آهن).

سو مون چيو ٿي ته بيماريءَ ۾ مون کي ڪيئي گل به ياد اچي رهيا ها، جن جي وچ ۾ مون زندگي گذاري هُئي ۽ مان چئي نٿو سگهان ته بهشت جي باغ ۾ ايترا گل هوندا يا نه! انهن گلن ۾ هڪڙو گل رابيل جو هو ۽ فرشتا هوندا ته اُنهن جا ڳل اُنهيءَ گل جهڙا هوندا(تڏهن ته امير خسرو پنهنجي فارسي شاعريءَ ۾ ٺٽي جي موتئي جو ذڪر ڪيو آهي)، ۽ هوءَ جا رابيل جهڙي هوندي هئي ۽ اڃا تائين منهنجي من ۾ ڪڏهن به نه مُرجهائي آهي! هو رابيل جهڙا قرني جا گل جن سان شاهي باغ جهنجهيو پيو هوندو هو ۽ جن جي تيز خوشبو انهن محبوبائن جي شوخي ياد ڏياريندي هئي، جي پيار جي اظهار کان وَنءُ وينديون هيون. مون ننڍپڻ ۾ ڪيئي شرم ٻوٽيون ڏٺيون. جيستائين هڪ سورجُ مکيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن پيار جي تاوَ ۾ پنهنجو پتيون کولي ڇڏيون هيون. هُو شاهي باغ ۾ جُهڙالا ڏينهن ۽ چانڊوڪيون راتيون، هو غالب جي فارسي غزلن وانگر رنگا رنگ گلاب، دائودي، نازبو، زندگي، چنبيلي، مُگرا، ڇمڪڻيءَ جا پيلا ڇُڳا، جيءَ ۾ پيهي ويندڙ جَرينيم، گل عباسي، گل اشرفي، هو واڱڻائي، ڪاري، لال تُلسي ۽ رام تُلسي جنهن کي هندو پوڄيندا ها ۽ مون هڪ هندوءَ ڇوڪريءَ کي چيو هو ’هائو، تون تُلسيءَ جي ٻوٽي وانگر پَوتر آهين پر توکي به جي پاڻي نه ملندو ته مرجهائجي ويندينءَ‘.

ٻيا به ڪيترائي گل ٿيندا ها شاهي باغ ۾، ۽ هو توت، انب، زيتون، انجير جن تي هيڙها ۽ طوطا اُڏامي ايندا ها، هو بيگاري ۾ ٽُٻڙڪا ڏيندڙ مَڇيون اُهي سڀئي مون کي چوندا ها ’ائين نه وڃ، اسان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اَمر ڪري وَڃ!‘ مان چئين بجي صبح جو باغ ۾ ويندو هوس، جڏهن چنڊ رستي تي شوالي جي ڪَلس تي بيٺو هوندو هو ۽ نيرن وقت موٽي ايندو هوس. وَري باغ ۾ موڪل جي ڏينهن ڪتاب کڻي ويندو هوس ۽ سڄو ڏينهن اُتي گذاريندو هوس ۽ اُتي ئي مون شاهه، سچل ۽ سامي پڙهيو ۽ انهن جا بيت، ڪافيون ۽ سلوڪ رابيل ۽ قرني جي خوشبوءَ سان واسجي ويا.

رلڪي چيو هو ته هڪ مشاهدي کي شعر جي سٽ ٿيڻ لاءِ ڪڏهن چاليهارو سال لڳي وڃن ٿا. مان جڏهن بيمار هوس ته اسپتال جي ڪمري ۾ هوندي به ڄڻ هڪ وڏي باغ ۾ هوندو هوس ۽ جڏهن ڪوئي دوست گل شبو تحفي طور موڪليندو هو، تڏهن ڄڻ ڪنهن بهشت جي شاهي دروازي جو ڪلف کولي ڇڏيندو هو.، مون کي پَڪ هئي ته موت مون کي ماري خساري ۾ ويندو ڇو ته اُنهيءَ ٽجوڙيءَ جون ڪُنجيون ته هُو مون کان کسي نه ٿو سگهي جنهن ۾ مون وٽ اُهي هِيرا آهن، جي سومنات جي هِيرَن کي به مات ڏئي سگهن ٿا، جي غزنيءَ کڄي ويا ها. هو اُهي سرءُ ۽ سيارا، بسنت ۽ اونهارا ڪداچت وڃائڻ نه چاهيندو جي مون من ۾ سانڀي رکيا آهن ۽ ان انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن ٿا اسان ڪويتا جو روپ وٺون!

اِهي سڀ جاڳ سُپنا مُنهنجي من ۾ هڪ سرئيلسٽ شاعر وانگر ايندا ها، سرئيلسٽ شاعرن شاعريءَ جي شروعات فرانس ۾ ڪئي هئي ۽ جي قبل از وقت ختم ٿي ويا، ڇو ته اُهي فرائڊ ۽ هيگل جا مداح ها، جي ٻئي جرمنيءَ جا ها ۽ فرانس جون جرمنيءَ سان جنگيون ڇڙي پيو هُيون ۽ هنن جي آرٽ تعصب جي زد ۾ اچي ويو هو ۽ اُها تحريڪ گهڻو وقت هلي نه سگهي هئي، نه ته اپالو نيئر ئي ’هڪ رانجهو لَکا دا مٽ‘ هو آندري بريتون ته اڃا ٻي انمول شيءِ هو.

شايد قدرت چاهيو ٿي ته مان پنهنجي زندگيءَ تي سارو وقت سوچي سگهان ۽ ان ڪري مون کي بستري داخل ڪيائين، ڇو ته مان به ته غالب وانگر چوندو رهندو آهيان:-

فکر دنيا مين سَر کهپاتا مين

مين کهان اور يه وبال کهان!

منهنجي هن ڪتاب ۾ حقيقت نگاري به آهي ۽ سرئيلزم به آهي. مان ڀانيان ٿو ته سرئيلزم سئلويڊار ڊاليءَ جي موت سان گڏ ڪجهه سال اڳ مُئي نه آهي ۽ دنيا ۾ وَري ڪنهن وقت اُڀري ايندي ۽ خواب ۽ حقيقت هڪ اِڪائيءَ وانگر ٿي ويندو.

حقيقت مري ويندي آهي، خواب نه مرندا آهن. خواب فقط ٿوري وقت لاءِ وسري ويندا آهن. ڪنهن وقت اُهي خواب پريشان وانگر ٽُٽِي مونجهاري ۾ ڇڏي ويندا آهن، پر شاعري جنهنجو بنياد خواب آهن، اَمر هوندي آهي ۽ اُن کي ڪوئي زلزلو ڊاهي نه سگهندو آهي.

مون بيماريءَ ۾، ڊاڪٽرن جي مشوري خلاف شاعريءَ جا ٽي جلد (اٽڪل پنڌرنهن سَؤ صفحا) ’ڪتين ڪَرَ موڙيا جڏهن‘ جي نالي سان، ٻه جِلد ’سورج مکيءَ سانجهه‘ (اٽڪل ڇهه سو صفحا) جي نالي سان ۽ نثري شاعريءَ جا ڇهه جلد ’سر لوهيڙا ڳڀيا‘ جي نالي سان (اٽڪل 1400 صفحا) لکيا ۽ هي ڪتاب ’ننڊ وليون‘ به لکيو. مون موت کي چيو ته ’ترس‘ مون تي ڪيترين ئي محبتن جو قرض آهي، ڪيترن ئي ڳِلن، ڳچين ۽ چَپن جو قرض آهي جي مون چُميا ها ۽ جن وَرائي مون کي چميو هو، انهن ڊگهن وارن جو قرض آهي جي مون لَسايا ها ۽ جي ڳراٽين پائيندي منهنجن ڪُلهن تي ڪِريا ها، انهن راتين ۽ اُنهن باکن جو قرض آهي جي منهنجي ٻک ۾ گذريون هُيون. مون کي اهو قرض لاهڻ ڏي! انهن سڀني کي شاعريءَ، ۾ زندهه جاويد ڪرڻ ڏي! مان هي دنيا هڪ مفرور قرضيءَ جي حيثيت ۾ ڇڏڻ نٿو چاهيان‘؛ ۽ پوءِ هن مون کي مهلت ڏني آهي، منهنجيءَ مرضيءَ موجب مهلت ڏني آهي. اڃا ته منهنجي اندر جي مانسروور مان ڪيئي نديون ڦٽڻيون آهن ۽ گڙگاٽ ڪري وَهڻيون آهن. ڏسجي ته موت ڪيترو وقت انتظار ٿو ڪري! متان مان هُن کان وِسري وڃان!!

هي ڪتاب ڏسي جيڪڏهن ڪو اشتراڪي آدرشي پنهنجي نَڪ کي موڙو ڏئِي ته مان هن کي پڪاسو جي زندگيءَ مان هڪ واقعو ٻڌائيندس:-

هڪ ڀيري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪانگريس ڪيترائِي اهم ماڻهو، پِڪاسو سوڌا * وارسا ۾ گهرايا هئا. پول گهڻو ڪري فراخدل ۽ خودمختيار رهيا ها (هاڻي ته ماسڪو جي غلاميءَ مان آزاد ٿي چُڪا آهن ۽ اُتي ليڪ وليسا جي ساليڊارٽيءَ جي حڪومت آهي) ۽ اُنهن کي اهو خواب خيال به نه هُيو ته اُتي ڪوئي پڪاسو جي مصوريءَ تي سياسي تنقيد ڪندو. مانيءَ جي خاتمي تي، جڏهن شراب جا جام پيتا وَيا، تڏهن سوويت جي عيوضين مان هڪ اُٿي بيٺو ۽ چيائين ته هو اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو ته پڪاسو به ڪانگريس ۾ آيو هو پر ان کان پوءِ چيائين ته ’اها افسوس جي ڳالهه آهي ته پڪاسو جي مصوّري تخريبي آهي ۽ هو مغرب جي بدترين بورجوا ڪلچر جو نمائيندو آهي‘. هن پڪاسو جي مصوّري کي اِمپريشنسٽ سَرئيلسٽ (Impressionist-Surrealist) مُصوّري ڪوٺيو. جڏهن هو ويهي رهيو ته پڪاسو اُٿي بيٺو ۽ هُن کي چيائين:’مون کي اهو نه ٿو وڻي ته ڪوئي پارٽيءَ جو وَهُو ڍڳو (Party hack) مُنهنجي باري ۾ اِئين ڳالهائي. بهرصورت مونکي اِمپريشنسٽ سَرِئيلسٽ مصوّر  چوڻ ايترو اثرائتو ڪو نه آهي؛ جيڪڏهن هُن کي منهنجي توهين ئي ڪرڻي آهي ته هو درست اصطلاح ڪم آڻي ۽ ڪيوبزم (Cubism) جي باني هجڻ جو الزام مون تي ڌري‘، پِڪاسو وڌيڪ چيو ته مون کي ”جرمنيءَ ۽ فرانس ۾ نازين اِهو چئي نِنديو هيو ته مان يهودي مارڪسٽ (Judaeo - Marxist) مصوّر آهيان ۽ اهڙي قسم جي گفتگو تاريخ جي بُري دؤر ۾ ٿيندي آهي ۽ اهي ماڻهو ڪندا آهن جي تڇ هوندا آهن ....“ اِن تي ڪانگريس ۾ آيل عيوضي جوش ۾ اَچي ويا ۽ هيڏانهن هوڏانهن جا اعتراض ٿيا. پولَن سڀني کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته ’شايد پڪاسو جون ڪجهه تصويرون تخريبي هُيون پر روسين کي هُنن جي مهمان جي توهين ڪرڻ جو حق نه هيو.“

اِهي روسي بيوروڪرئٽ جي آرٽ جي باري ۾ نِرا ڍڳا هُيا، انهن کان ته گوئرنگ هزار ڀيرا چڱو هيو، جنهن يورپ مان ڦُر ۾ هَٿ آيل آرٽ پنهنجي قبضي ڪيو هو ۽ ان کي جِند جان کان وڌيڪ پيارو ڀائيندو هو.

اڄ ڪلهه ماسڪو ۾ اُهي گدام کوليا ويا آهن، جتي آرٽ جا شهپارا، جي بورجوا ۽ تخريبي چئي هڪٻئي مٿان سَٿيا ويا ها ۽ گدامَن ۾ تالي چاٻيءَ هيٺ رکيا ويا ها. ساڳيءَ ريت منهنجن ڪتابن تي اسلام آباد جي بيوروڪريسيءَ بندش وڌي هئي، جا ڪُند فهميءَ ۽ ادب کان اڻ ڄاڻائيءَ ڪري وڌي وئي هئي. هتان جا فاشسٽ حاڪم ته گوئرنگ ۽ ڪائونٽ ڪِيانو جهڙا ماڻهو به پيدا نه ڪري سگهيا آهن!

مون کي معلوم آهي ته قطب مينار جيڏو ٿيڻ چڱو نه آهي ۽ ايتري قدآور شخصيت کي فقط سرمد جهڙو ماڻهو سمجهي سگهيو ٿي ۽ اُها سمجهه هر انهيءَ شخص ۾ نه هئي جو دهليءَ ۾ جامع مسجد جي ڏاڪي تي سُمهندو هو. فن جي پَرک ۾ اورنگزيب ۽ *مُلا قوي، ٻئي نااهل ها جي تلوار سرمد جي هٿ ۾ هجي ها ته هُو اهو چئي ٻنهي جي جان بخشي ڇڏي ها ته ’اوهان تڇ آهيو، اوهان منهنجي تلوار جي ڌڪ جي لائق نه آهيو.‘

ٽن سالن کان مٿي عرصو ٿيو آهي ته مان ڪراچيءَ ۾ رهان ٿو، جا ڪنهن وقت سنڌ جي دل هئي ۽ هن وقت اُن جو مفلوج عضوو آهي. هاڻ سنڌ جا هنومان ۽ اُنهن جي سِياسِي باندر سئنا هِتي رهي ٿي ۽ هِتي وڏا بنگلا ٺَهرايا اَٿائون ۽ اُهي سنڌي عوام، عوام ته گهڻو ٿا ڪن پر باندر پنهنجي پُڇ مان پَري کان پَڌرا هوندا آهن. جڏهن هُو مون کي ڪنهن سرڪاري تقريب تي صدر يا مهمان خصوصي ڪري، منهنجي عزت افزائي ڪندا آهن ته منهنجي دل ۾ فرينچ مصوّر وان گوگ وارو سوال ايندو آهي ته ’ڪيرُ ڪَنهنجي عزت افزائي ڪَري رهيو آهي؟‘ بهرصورت مان مجبوريءَ کان هن درندي صفت شهر ۾ رهيو پيو آهيان جو ديو مالائيl ڊنوسار(Dinosaur) وانگر روز بروز وڌي رهيو آهي. دراصل مان سکر مان ڪراچيءَ شرنارٿي ٿي آيو آهيان، جو هر وڏي شهر وانگر ميڪانڪي ۽ مصنوئي آهي، جنهن ۾ سرمايداري ته آهي پر هڪ فلاحي مملڪت جو تصور به ڪري نه ٿو سگهي، جنهن ۾ ڪيئي ماڙِ اوچا ماڙا آهن ۽ انهن سان گڏ ’غريبن جون جهوپڙيون آهن جي مينهن ۾ جُهري پون ٿيون‘ ۽ انهن کي ”بيوس“ جي دعا به بچائي نه ٿي سگهي، جتي جُڙتو ڪمپنيون آهن جي بيواهن ۽ پير سَنن کان ساريءَ عمر جي بچايل پُونجي، کين ڀنڀلائي ڦري وٺن ٿيون، جتي قتل، ڊاڪه زني ۽ اغوا جا واقعا ڏينهن رات ٿين ٿا، جتي گاڏيون انهيءَ نيت سان تيز هلايون وڃن ٿيون ته ڀل ٻار چيٿاڙجِي، چپجي وڃن ۽ مسافر توڙي راهگير ڪَلٽيون کائي ڪِرن ۽ جتي منشيات ۽ عصمت فروشيءَ جا اڏا عام جام آهن ۽ پوليس انهن ۾ حصي دار آهي، مطلب ته جي شيطان مصوّريءَ جو ماهر هجي ها ته دوزخ جي تصوير انهيءَ کان مڪروهه نموني نه ڪڍي سگهي ها. اها ساڳي حالت مان بمبئيءَ ۾ ڏٺي، جتي اسانجي صاف سٿري ’روز ووڊ هوٽل‘ جي سامهون، ماڻهو سارو فوٽ پاٿ والاريون پيا هوندا هئا. ڌنڌو به اُتي ڪندا ها، سُمهندا به اتي ها، سروسامان به اُتي رکندا ها؛ نئينءَ بمبئيءَ ڏانهن ويندي ته هو رستي جي هڪ پاسي جهوپڙين ۾ رهندا ها، جن ۾ اڌ فوٽ سِم جو پاڻي ڀريل هوندو هو. مون کي هر دوست ٻڌايو ته جيئن شهر وڏو تيئن اُن ۾ تنهائيءَ جو احساس گهڻو آهي. هنن چيو ته تون آيو آهين ته دور دور تان هندستان مان، هانگ ڪانگ مان، دبئيءَ مان، لنڊن مان سنڌي ڪَٺا ٿيا آهن نه ته اسان ته بمبئيءَ ۾ ٽِن سالن ۾ به هڪ دفعو گڏجي نه سگهندا آهيون. اُن وقت مون کي دَلِت ادب لاءِ جواز محسوس ٿيو جو اَئبميڊ ڪَر جا پوئلڳ پيدا ڪري رهيا آهن ۽ جي پاڻ تي گانڌيءَ جي رکيل نالي هريجن ۾ پنهنجي بي عِزّتي محسوس ٿا ڪن ۽ مون مشهور دَلِت شاعر نامديو جي شاعرانا بغاوت اِنهيءَ ماحول جي پيدائش سمجهي.

مان گذريل ٽن سالن کان اڳ ڪيئي سال اندرونِ سنڌ رهيو آهيان، جتي ماڻهپو آهي، مريادا آهي فطرت سان لڳاءُ آهي، جتي ڪونجون ڪَر ڪَر ائين ڪن ٿيون ڄڻ ڀٽ شاهه تي ڀٽائي ڳائجي رهيو آهي. ٻهراڙيءَ جي زندگي منهنجي رڳ رڳ ۾ آهي. ان ڪري مان بمبئي کان 70 ميل پري لونا وِلا هل اسٽيشن تي هليو ويو هوس جتي اڌ بنگلا سنڌين جا ها، جي هنن پنهنجين موڪلن جي ڏينهن گذارڻ لاءِ يا مهمانن لاءِ رکيا هُيا ۽ اُتي ڪونڪَني نوڪرياڻيون رکي ڇڏيون هيون جي انهن بنگلن جي هيٺان پنهنجن ڪُٽيائن ۾ رهنديون هيون ۽ اُنهن بنگلن جو به خيال رکنديون هيون. آڏواڻيءَ جي رٿ ياترا سبب مان پنهنجو دهليءَ ڏانهن سفر ملتوي ڪيو ۽ هوائي جهاز ۾ گوا هليو ويس جنهنجو ذڪر مون ’هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن‘ جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي. اتي مون اُتر ۽ ڏکڻ ۾ اوٽ موٽ ارڙهن سو ميل رستي ذريعي سفر ڪيو ۽ گوا جي گاديءَ پڻجيءَ ڀرسان مانڊويءَ نديءَ تي سير سفر ڪيو ۽ گواني ناچ ڏٺا ۽ پورچوگيز موسيقي ٻڌي ۽ دل تي جا بمبئيءَ جي دونهاٽيل گهٽ ٻوساٽ ڇانيل هُوئي گهٽجي وئي ڇو ته گوا ۾، اُتر توڙي ڏکڻ ۾ فقط ڏامر جو رستو ظاهر هو ۽ چوڌاري وڻ ئي وڻ، گل ئي گل، گاهه ئي گاهه هُيو.

مان هاڻي سکر ته موٽي نه ٿو سگهان ڇو ته منهنجي گهر جي چوڌاري دهشت گرد رهندا آهن جن نه رڳو سارو سرو سامان چوري ڪيو آهي پر گهر جا دروازا به پٽي ويا آهن ۽ جاءِ ڀڙڀانگ پئي آهي. اِها اڄوڪيءَ سنڌ جو سمبل آهي ۽ ائين رهي ته بهتر.

شهر ۾ ساندهه رهي اندرونِ سنڌ جون يادگيريون ته اچن ٿيون پر شهر جو به شاعريءَ تي اثر ٿئي ٿو، جو هن ڪتاب تي به آهي. دنيا ۾ ٽي شاعر ٿيا آهن، جن شهري زندگيءَ جي باري ۾ بهترين شاعري ڪئي آهي. مايا ڪوفسڪي، ڪرين(Crane) ۽ بودليئر. پهريون روسي هو، ٻيو آمريڪي ۽ ٽيون فرانسيسي. پر پهريون ٽي. ايس. ايليٽ جو ذڪر ڪريان، جنهن جي شاعريءَ ۾ مخصوص شهري جديديت آهي. هو چوي ٿو:

يروشلم، اَٿينس، اِسڪندريه

وِيانا، لنڊن

*غير حقيقي

هو انهيءَ نقطي جي تلاش ۾ هو جو دائري جي تَري ۾ هوندو آهي ۽ هن کي اُميد هئي ته تاريخ جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي ۽ اُهو نقطو نيٺ اُڀري اَچڻو آهي. هن شهري عوام ۾ رڳو بگاڙُ، ڪَپُوتي ۽ اَسڦلتا ڏٺي ۽ مسيحيت ۾ پناهه ڳولي. اڄ ماديت جي تباهيءَ کانپوءِ ٽي. ايس. ايليٽ جي دور انديشيءَ جي صحيح ثابت ٿيڻ جو امڪان آهي.

مايا ڪوفسڪي ۽ ڪرين غير حقيقي شهر جي غير حقيقت، آرٽ جي ناڪاميءَ سان منسوب ڪئي آهي. ڪرين هيلن آف ٽراءِ کي ٽرام (Street Car) ۾ سفر ڪندو ڏسي ٿو ۽ مايا ڪوفسڪي شهري پرولتاريت کي گد گد ٿي صدين جو ڪرتا سمجهي ٿو. ٻنهي جي شاعري شهري زندگيءَ کي نئين زندگي عطا ڪئي پر پوءِ ڪرين 1933ع ۾ پاڻ کي ٻوڙي ماريو ۽ ماياڪوفسڪيءَ 1930ع ۾ ريوالور سان خودڪشي ڪئي.

اِها ڳالهه شهري شاعري جي انقلابي نظرئي تي هڪ اُٻاڻڪي ۽ ڏک ڀَرئي ٽيڪا ٽپڻي آهي. اِتي بودليئر ياد اچي ٿو جو چئي ٿو ته انبوهه ۽ اَڪيلائي ٻئي مَٽا سَٽا وَارا سَنڌا آهن. شاعر شهر ۾ به پنهنجي رومانيت پيدا ڪري سگهي ٿو.

نورالهديٰ شاهه جي ڪتاب ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چَنڊُ‘ تي نصير مرزا ڪجهه دوستن سان گڏجي منهنجي صدارتي تقرير ٽيپ ڪرڻ آيو هو، ڇو ته مان صدارت لاءِ حيدرآباد جي سفر جو اڃا اهل نه هوس. جڏهن هو آيو ته منهنجي فلئٽ ٻاهران ڪاريڊار جي کليل دريءَ مان ڪلفٽن جي بتين جي جهرمر ٿي نظر آئي. هو ۽ هن جا ساٿي، منهنجي لئبرري ۾ آيا ته ڇت ۾ شاند ليئر لَڙڪي رهيو هو ۽ پاسي سان بلب ٻري رهيا ها ۽ چوڌاري ڪتاب رکيا ها جن ۾ گهڻو ڪري دنيا جا سڀ اهم اديب موجود هُيا. اوچتو بتي وسامي وئي. مان اندران ٻه ميڻ بتيون کڻي آيس ۽ هن کي تقرير ٽيپ ڪرايم. ان وقت مون کي بودليئر جي نظم جو هڪ بند ياد اچي رهيو هو:

”کليل دريءَ مان جي تون ٻاهر ڏسندين ته ايترو ڏسي نه سگهندين جيترو اندر ڏسي سگهندين. ڪجهه به ان کان وڌيڪ ڳوُڙهو، وڌيڪ ڳجهو، وڌيڪ رَچناتمڪ، وڌيڪ روُيا وارو ۽ وڌيڪ تِرمرائيندڙ نه آهي جيتري هڪ دَرِي ميڻ بتيءَ جي جوت ۾“

ان وقت ڪنهن دَرِيءَ تان پردو هٽائي، هوا لاءِ دري کولي ڇڏي هئي ۽ مون نصير مرزا کي پنهنجي ساري تقرير ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ٽيپ ڪرائي هئي ڪجهه وقت پوءِ بودليئر جو هڪ ٻيو نظم به ياد آيو هو:

’تون مون کي ضرور چوندين ته تُنهنجي ڳالهه سچي آهي يا نه؟ مون کي دنيا جي حقيقت جي ڪهڙي پرواهه آهي! اُها رڳو مون کي ان ۾ مدد ڪري ٿي ته مان زندهه رهان، مون کي اهو احساس ڏئي ٿي ته منهنجو وجود آهي ۽ مان آهيان.“

پر ڇا دنيا جي حقيقت هڪ سنڌيءَ کي ڪراچيءَ ۾ اُهو احساس ڏئي ٿي؟ آخر ڪراچي پئرس ته نه آهي ۽ اسان اُن ۾ پئرس جهڙي رومانوي فضا پيدا ڪري ته نه ٿا سگهون! اندرون سنڌ ته تباهه ٿي چُڪي آهي ۽ ماضيءَ جون ڪجهه يادگيريون ئي آهي. ان ڪري ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ ۾ اندرون سنڌ جي يادگيرين جون پرڇائيون ئي ته هن ڪتاب ۾ اچي سگهيون آهن.

اهو ڪتاب اڌ رات جو ننڊ مان اُٿي مون هڪ نيم شعوري ڪيفيت ۾ اوندهه ۾ لکيو آهي، جيئن بيماري ۾ ۽ اُن کان پوءِ مون سموري شاعري پاڻيهي هلندڙ تحرير (Automatic writing) ۾ لکي آهي. اِهي مُنهنجي ماضيءَ جي کنڊرن مان لڌل اڻ لڀ شيون آهن يا منهنجيءَ شهري گوشه نشينيءَ ۾ تنهائيءَ جي احساس جو اظهار آهن ۽ انهن جي ادبي اهميت نوادرات جيتري آهي يا نه، اِن جو جائزو مان پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو.

هي ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي مستزاد ۽ پنجاپي گيت ماهيا جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئي صنف آهن جي آسانيءَ سان ڳائي سگهجن ٿا. انهن ۾ ڪجهه مفعول مفاعيلن، ڪجهه فاعلن مفاعيلن، ڪجهه مفعول فاعلاتن جي وزن تي آهن ۽ ٿورا ماترائن جي حساب سان لکيا ويا آهن.

آخر ۾ مان رڳو اهو لکندس ته شاعري منهنجي سڀ کان پياري محبوبا رهي آهي ۽ اُن سان مون توڙ تائين نڀايو آهي، جي وچ ۾ ڪا وٿي پئي آهي ته ان جو ذميوار ماحول جو جبر آهي جو ڪڏهن اڏول پهاڙ جئن آڏو اچي وڃي ٿو ۽ سارو شفق جو منظر اکين کان ڍڪي ڇڏي ٿو. جي ٻيون زندگيون آهن ته مان وري وري شاعر ٿي وجود ۾ ايندس ۽ هاڻي به دور ويندس، هڪ پنڇيءَ وانگر، اُفق کان دور، اُن جي ڪَڍ جو مُنهنجي اوڏو به آهي ۽ جنهن جي آڏو اڃا گهڻو ڪجهه آهي.

13 آگسٽ 1992ع

شيخ اياز

 


 

*  The poetic embrace like the carnal, while it endures

 Forbids all lapse into the

Miseries of the world

(Andre Breton)

*  وارسا:پولنڊ جي گادي.

*  مُلا قَوِي:اورنگزيب جي دؤر ۾ قاضيءَ القضات، جنهن فويٰ ڏني هئي ته سرمد واجب القتل آهي.

l  ڊنوسار: هڪ وَڏِي بلا جا قديم ماضيءَ ۾ هوندي هئي ۽ جنهن جو وجود ختم ٿي چڪو آهي.

* Unreal

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org