بيت
سانجهيءَ ٽاڻو، گوڏِ جا ڏِکَ ڏئي نِيرِي،
پُٺارڪ،
پِيرِي، هارِي لڏندو لَٺِِّ تي.
بي سَمرو انسان جنهن اوهي پَهي ڪونه،
ڪيڏي اُن کي اونَ، اَڃا مانيءَ کَنَّ جِي!
ويٺا
آهن پَڙڇَ تي چوپَڙا ٿا کيڏَن،
ٻاهر واچوڙو پيو جاڙَ ڪَري جيڏَن،
ٻوڙو ٿِي ڪيڏن راڙو رِڻّ لنوائيو!
هِي
جو تُنهنجيءَ پُٺِّ ۾، گوليءَ جو ٻِرگهلُ،
جنهن ۾ ويو بيهجي، ڪوئي جئڻ پَلُ،
مون کي مُنهنجو حَلُ، اُن آهي سمجهائيو.
اَڃا هُن جي ڳنڍِ ۾ منجهند جي مانِي،
مَٿي
ٻوڪانِي ڪَڇِي هُڙئي هيکلو.
هاريءَ کي حُقّو تُهه چونڊن ٿا ٻارڙا،
ڀِرسان هُن جي ڌيئَڙِي، لَسِّيءَ جو چُڪّو،
ساٿارِي
گُڪّو، لوڌَّرِ پاڌَرِ ڳالهڙيون.
هي
تُتنهنجو ٺَٺّو، کِل ۾ وَئينءَ ويڙهجي،
تو
۾ تنهنجو جيءُ جئَن دَکِيءَ ۾ مَٺَّو،
ڪهڙو ڳهه ڳٺّو، تون آن ساري سونَ جي.
ٺولِهو،
بکارِي، چانديءَ سِڪّا ڀُونءِ تي،
ڪِرندي جن ٻارِي ٻهَه ٻَهه راتِ اُماسَ جي.
ويٺي آهي نينگري کِکيءَ کاريءَ تي،
ڇِلُر واريءَ تي چِمڪَن پيا اُسَ ۾!
سَرتِين جهُٻا گهِرگهِلا ڇاتيون ٽَپا ڏِين،
اَڱڻ ۾ آڻين جڏهن پاڻيءَ گهاگهريون.
راتِ
ڪچهري، گهيگهِه، پوڙهو حُقي هيرئون،
ڇورِي
ايڏِي سيگهه! ڇا لئه آندءِ مانڙِي؟
ٻاهر
چانڊوڪي چِٽي، گروَت منجهه مُلان،
ڌرتي! مان تو سان توڙي مان آڪاس جو.
اَرهه بَرَهه ڪَنڪَرهه جيڪي ڪَن پيا،
تِن جي ڇَن پِيا مُنهنجا ڪيڏا مينهڙا!
هو جي ڪَڪر کِير ٿَرَ مِينهن وسائن ٿا،
گڊَ وَڌائن ٿا، تِن ڏي سِڱَ سِڌا ڪري.
اچي پَئِي آرِ جِي ڪيڏي تکي رڙِ،
ڄڻ اُن کي ڪاوڙِ آهي اَڃا اُڀّ تي!
ڄَڻُ مُنهنجي مَنِ ڪو اَچِي ٿو ٽوڪي،
ڇا اڳتي تو ڪي، ناهن لَڪَّ لتاڙڻا؟
خچر تي ڇانهيون سُڃّو اُڃّو واهڻي،
اَچي ٿو ڪاهيون، ڪيڏيءَ ڪاريءَ اُسّ ۾.
مَٿن مَٿي پوتڙا، ٽامي جئن آڪاشُ،
آيا پوري لاشُ ڪيڏيءَ ٿڌيءَ ڇانوَ ۾!
دارُون پي،دَٻڙاٽ،ڇا لئه ڇوريءَ کي ڪَڍيَئه؟
هيءَ جا تُنهنجي جوئڙي، جهڙي ڏِيئي لاٽَ،
جيڪا تُنهنجي واٽ، تَڪي آڌيءَ رات جو.
ڇا لئه هيءَ ڌانڌلِ؟ تون ايڏو ڇو ٿو پيئين؟
تون جو گهوڙي اَنڌ جي، پاڻ ته پنهنجو پَلِ!
سؤلو ويهي سَلِ، آهي ڪهڙي ڳالهڙي.
ڏُسڪي ته ڏاري، اُٿي آڌيءَ رت جو،
هيءَ جا چُپِ ڌاري، رِليءَ ۾ روئي سُمهي.
هي جو وِهڪو ٻارُ لَٿو اَمڙ هَنجَ مان،
ڄَڻ ڪنهن گُلّ گلاب جي ٽِڙي کنيو ٽارُ،
آيو اُن تي پيارُ ڄڻ ساري سنسار کي!
مِڻو مُڙساڙُو چُنجهِي هن جي ٻائِڙي،
گهڙي ٿو گهاڙُو، ڪي ڪي ڳهڻا سيگههَ ۾!
سانوڻ جي وسڪار ۾ اَڪن جون ڦلڙيون،
جيڪي اَڌَ کُلڙيون، ٽِڙن پيُون ٽارَ تي.
جُهومن پيا واءُ ۾ هيرَڻ جا ٻُوٽا،
اَسُر جا جهُوٽا، تارَن نيڻ نِنڊاکِڙا!
ڇوري هُونءَ به ڇيڳري ويتر اُتَر اوت،
چارئي چنيءَ پوتَ اُڏرن پيا واءُ ۾.
پَنهنجي پوتيءَ جا پلئهَ ڪيئن وَرايا ٿِي؟
ڄمون ڄايا ٿِي، مان ڀانيان ٿو نينگري!
هوءَ وارِيءَ تي ليٿڙي، روئي اُٿي جيئن،
ٻَهڪيا لُڙڪن سِيئَن هن تي ڪِيئي ترورا.
مَٿرا
پَؤُڙيون، ڪيترا چوٻا چَڪارين،
جمنا تي گِههَ ڏِيئڙا، ماڻهو ٿا ٻارين،
ناريون نهارِين پاڻيءَ تي پوڄا ڪَري.
جڏهن سانجهيءَ گُل، ٽِڙِي پيا آڪاس ۾،
واهيري جي ويرَ ٿيا جڏهن پَکين هُلَ،
مون تي مُنهنجي ڀُل، پَل ۾ پَڌري ٿِي وئي.
هيءَ ڌرتي پيئي هَلي، هڪ ويو، ٻيو آيو،
ڪنهن سان سانوَڻَ بادلن ناهي نڀايو،
سَرءُ جو سايو، آ هر ڪنهن جي ساههَ تي.
متل پِپل ڇانوَ جِئن، پاڻيءَ ۾ ڳولين،
متان تون ڦوِلين اونهي جي اسرار کي!
جِيئين گُل رابيل جو ٽِڙي آڌيءَ رات،
مون کي مُنهنجي ڏاتِ، اِئن آڇيون سَرهائيون،
وڃان ٿو ويساهه سان، اونداهيءَ ۾ آنءُ،
مون تي تُنهنجو نانءُ، چمڪي ٿو ڄڻ چنڊ جان!
متان اُٿين ڪونه تون، ڪڏهن اَسُر ويرَ،
ٻُڌي ڀنيءَ ڀيرَ، تو ۾ چُر پُر ڪانه ٿي!
اُڏري وَلر کي ڇَڏي، ٽه پهريءَ آڙِي،
متان پوياڙي، اُن لئه اچي ڪانه ڪا!
متان ڍُرڪِي ڌُنڌ ۾، وڃي سِجُ لَهي،
ڪاري رات ڪَهي، سَرَ تي اچي اوچتو!
ڇا ڄاڻين ڇاهين، ڪاڏي ويندين اوچتو!
چُمِي پوئين چَنڊ کي، ڏي تون جي چاهين،
چاڙهه مٿان ناهين، ڍُرڪين پيو ڍارَ ۾.
ڪيسين
گوسِي کيلئو، وَهٽ پيا وَهندا،
نيٺ ته سڀ ڪَهندا، ڪاري ڪارونڀار ۾.
ڪوس
ڀَوَڻ تان گسڪندو، تَڙ ۾ پَوڻو آهه،
کيليا ٻيهر ڪاهه، وَر وَر پنهنجي وَهٽ کي!
مان ئي ٻانڊي ٻار ۾، مان ئي پنهنجو پارُ،
مان توتي ٻلهارُ، تون جي ترسين گهاٽ تي.
ٻيهر ٻه ٽي ٻولَ جهِر مِر موتين وانگيان،
جِيوَن تُنهنجي جهولَ ڀَرجِي ڀَرجي ڪينڪي!
اوءِ
ڪَويتا بانوري، ’پِيهُو‘ ’پِيهُو‘ ڇَڏ،
ٻيو آکيرو اَڏ اُڏرِي آڌيءَ رات جو!
جيئين
چَڪِرو چَنڊَ لَئه ڏئي اُليلان،
تِيئين توکي مان، پهچي پهچان ڪينڪي.
ڪيڏيون
اُٻايُون مون مَنَ روڪيون پاڻّ ۾،
اُنهن جِي آئون ڪنهن سان سَليان ڳالهڙي!
آنءُ ته ٻُنڀو ٻُوٽيو پر تون جيڪو اَڻ- جَهلُ،
جنهن کي پَهر نه پَلُ آئين دروازا ڀَڃِي!
اَڄڪلهه تون ئي آن رُڳو مُنهنجو اَجهاپو،
مان واري آپو، تُنهنجيءَ تاريءَ ٿو تڳان.
ڪيڏيون ڦاڳَ ڦلار ۾ لُڏيون ٿي لامُون،
جِن کان ٻاهر تون، نِڪِريي نڪتين ڪينڪي!
سمجهي سگهندين ڳُجهه جون ڪونه ڪڏهن ڳالهيون،
ٻاهر وڃين توُن جيسِين پنهنجي پاڻ مان.
(سقراط- فيڊو)
جيسين ٿِئي جيئري تَن کان آجو مَنُ،
تيسِين ٿِي پورَنُ، اُڀرِي ڪِئن آڪاس ۾!
(سُقراط
–
فيڊو)
مَتان ڏڪِين موت جا ڏسِي تون اُهڃاڻَ!
جَرڪي ٿي ڪا ڄاڻَ ٻاهر هن سنسارَ کان.
جيڪو مارِي موت جو، مُئا جيِئاري،
اُن جي پَناري آءُ ته اَمر ٿي وڃين!
پنهنجون پنهنجون ڳالهڙيون،هرڪنهن موتيءَ تي،
ڪنهن به نه فوتيءَ تي، ڳالهايو هُن جي تَڏي!
مِرتيو
جيوَن مان اَچي، جيوَن مِرتيوءَ مان،
وَروَر ٿو موٽان، سَرتا! مان سنسارَ ۾.
(وڌيڪ پڙهو) |