سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 16

   

 

ڪنهن وقت تنبورو ميران جو

ان ڪاري ڪارونڀارَ مَنجهان،

ڇا گيڙو بادل ٿي وَسندو؟

مان سوچان ٿو ڇا نانڪ مان،

 

 

 

وَسڪارَ اُڪِيرَن جي ٿيندِي؟

ڇا چرخو ٻيهر چوريندو

ڪنهن وقت ڪبيرُ اچي مون وٽ

۽ مون سان اَندرُ اوريندو؟

 

ٻيهار اَچي ڪوئي ڀِٽَّ تي

ڇا مومل راڻو ڳائيندو؟

يا ڏاگههَ اَڃا پيئي ٻرندي

۽ اُن کي ڪونه وِسائيندو؟

 

جيڪي به ٿِئي هنِ رَستي تي

مان ويندُس حدِّ نظر تائين،

هي رستو نيٺ ته کُٽڻو آ

۽ اچڻو آهي گهر تائين،
 

 

 

ڇا لاءِ ته پيار اَمر آهي

۽ نيٺ ڌڪارَ نه رَهِڻي آ،

ڪنهن وقت ته وَرندو واءُ جڏهن

دِل دِل کان ڌار نه رهڻي آ.

 

 

 

 

اَڄ بالڪنيءَ ۾ ويهي مان

ٿو ٽِم ٽِم، ٽِم ٽِم بلب ڏسان،

۽ ڪيڏيون ڪارُون رِڪشائون

ٿيون موٽن دوُر ڪلفٽن تان،

 

جنهن جاءِ سمندر گرجي ٿو

۽ دوُر رسي ٿو بامبي کي!

ٿيون لهريون تُنهنجا پير ڇُهن

تون جيئن لهين ٿو وارِيءَ تي.

 

هن وقت خبر ناهي ته ڪٿي

تون هوندين پنهنجيءَ دنيا ۾؟

يا ساڳي سوچَ سمائي آ

اَج تُنهنجيءَ مُنهنجيءَ چِنتا ۾؟

 

 

 

 

ويا تُنهنجا وارَ ڪَڪيرا ٿِي

جئن مُنهنجا وارَ ٿيا آهن؛

ڇا تنهنجي مُنهجي جيِوَن جا

باقي ڪُجهه ڏينهن پيا آهن؟

 

مان چاهيان ٿو ٻيهار ڏسان

*مان توکي دل جي دَرپَن ۾.

اَڄ رات سَويري پئج سمهي

مان ايندس تو وٽ سپنن ۾.

 

 

 

 

مُنهنجي ڪَويِتا آ ڪٿي

مون روز ڏوراپا ڏنا؛

پو چَنڊُ آڻي، تو ڏِني

*ڀِڪشوءَ جي هَٿ ۾ دکشنا؛

 

اهڙي ڪَويتا ڪانه اڳ

توکي ڏني آ ڪنهن ڪَويءَ

ها، مان مڃان ٿو ڪالهه ڪُجهه

جهوليءَ وڌو تنهنجي رَوِيءَ

 

ها، مون مَڃو ان کان اڳي

هڪِ ٻيو به سرجڻهارُ هو،

جو نانوَ ڪاليداس سان

ڪوئي ڀريو ڀنڊارُ هو.

 

 

 

 

ٻيا جي به آيا تِن ٻه ٽي

ٿي ٻول ٻوليا ديس ۾؛

مون وَٽ مگر آيو هُيو

ڪوئي ڀٽائيءَ ويس ۾.

 

اَهڙي ڪَوِيتا ٻي نه هُئي

جا چَنڊَ کي سامهون رَکون،

اَمرت ته آ اُن جي اَڳيان

ڪو نانءُ، جي اُن کي چَکون!

 

 

 

 

ڇا مُنهنجون ساريون روشنيون

بيڪار ويون تَهخاني ۾؟

 

هِت ڪائِي جوت نه ٻَرڻي آ

هِت چمڙا پَرَ ڦَڙڪائن ٿا،

ٻاهر به ته ڪائي وِڄُّ نه آ،

بادل نه ڪڏهن برسائن ٿا!

 

ٻاهر به اَنڌيرو ئي آهي

اندر به اَنڌيرو ڇايو آ،

آڪاش منجهان چمڪاٽُ ڪڏهن

ڪوئي به نه هِتڙي آيو آ،

 

هي نيڻَ ڏياٽين جئن ٻَرندا

ڪيسين هِن قحبه خاني ۾؟

 

 

 

دوُر پوي ڪنهن ويرانِي ۾ پنهنجو اَڄُّ ته پَڙاءُ

ساري رات ستارا چونڊيان ويهي وارِيءَ تي،

پير گڻي خَرگوش ته سيڪي تِن کي اُڀَّ اُلاءُ

ڪيئي ماڪَ ڦُڙا جِت چمڪن ٽاريءَ ٽاريءَ تي؛

 

ڦُلواڙي بي انتُ، اُنهيءَ ۾ ڦولَ ڦولَ جو واسُ

ماڻهو ڪوبه نه اوسي پاسي، مان جيڏانهن ڏِسان،

ڦولَ پٽي مان سوچان ڪنهن کي آنءٌ ڪَيان اَرداسُ!

ڪونه کُٽي جو لنبو چارو، مان تيڏانهن ڏِسان.

 

جِتي نه آهن ناهَر جا نَنهن، چيِتي جي چنگهاڙَ،

دوُر، وڃان مان دوُر اُتي ماڻهن جي بستيءَ کان،

دوُر،وڃان مان دوُر ٿِئي ٿِي جِتي نه ڪنهن سان جاڙَ،

ماڻهوءَ جي تاريخَ، اُنهيءَ جي هر خرمستيءَ کان.

 

 

 

 

دوُر وَسايان ديسُ، نه موٽان ميريءَ ڌرتيءَ تي،

هي ماڻهن جا ميڙَ، پَيا ٿا جِن ۾ ڍانڍَ ٻَرَن،

ڪيڏِي ڄَر ڄَرڪي ٿِي تِن جي مَنَ وَرتيءَ تي

ڪيڏو لوڀُ لَپيٽيو آهي سارِي رات گهرَن!

 

مون کي جهولَ جَهپي وَٺُ داتا نِگُريءَ نَگِريءَ مان

هيءَ اُگِريِ اڌ رات، اَگهائِي، اوندهه سارو ڏيههُ!

هاڻي جِندڙِي موٽائي وَٺُ، ٻيهر مان نه پَسان.

ماڻهو،جن ۾ جِيءَ پَسُن جا، اَندَر ڪارو ڏيهُه!

 


 

 

 

 

ماڻهو-ڪُتّو، ڪُتّو-ماڻهو ڀَؤنڪي آڳُر ۾،

اِئين لڳي ٿو دَر مان گهر ۾ پيهي اچڻو آهه!

ساري عُمر ڏٺو ڪو ناهي ههڙو آنءُ پسُون

مون ته چيو هو،’مون ڏي ڪوئِي نيهي اچڻو آهه‘!

 

ناهَر جا نَنهن، مَمَّ مُهانڊو، آيو آهي ڪيرُ

چَنڊُ اڱڻ ۾ ڄڻ ته سُڃاڻن چاهي ٿو هُن کي،

ڪنهن ڦهلايو آهي هُن جي هيٺان ناڻي-ڍيرُ

اِن جي مامَ نه سمجهِي، ڄاڻڻ چاهي ٿو هُن کي.

 

آنءُ وِهائوءَ ڏانهن تَڪِي ٿو اُن کان پَنڌُ پڇان

”رستو ڇو نه کُٽي ٿو؟ ناهي راتِ گُذرِڻي ڇا؟

”ماڻهو- ڪُتّو، ڪُتّو-ماڻهو روڪي ٿو سڀ کي،

”روُپ وَٺي آئي آ پَنهنجِي ڪَرڻي ڀَرڻِي ڇا؟“

 


 

 

 

هاڻِ ته گُرکي بيٺو، مون کي تاڙي ٿو دَر مان

چَنڊَ پسُونءَ کي نانهه سُڃاتو، حيرت ۾ آهي؛

مان ته چوان ٿو، ”جيڪر ٻيو ڪو ديسُ وسايون ها

”روزُ نَئِين ڀَؤنڪار اَچي ٿي، تَر ۾ ٻيو ڇاهي؟“

 

 

هيءَ ڪارِي رات سِتارن سان

ڄڻ مُنهنجو مَنُ هرکائي ٿِي،

۽ دوُر نِئين ٿي ڌرتيءَ کان

پولارَ اَندر پِرڀائي ٿي.

 

مان اِن ۾ ڪنهن کي ڳوليان ٿو؟

اِنسانُ هِتي ناياب آهي،

اڄ تائين ڪنهن به ستاري تي

انسانُ نسورو خوابُ آهي

 

مان سوچان ٿو ٻي هَنڌ ڪِٿي

اِنسان اگر هوندا، ته اِئين

خونخوار دَرندا ئي هوندا

هِن ڌرتيءَ تي هاتارَ جيئن؟

 

 

ڪنهن وقت وَلِين ۾ ويڙهيل ها

ڦَلَ ڦولَ رُڳو کائيندا ها،

۽ پورنما جو چَنڊُ ڏسي

اِنسان مِڙِي ڳائيندا ها!

 

پو وسَندا ها جي ماڪَ ڦُڙا

هو مُکڙيون وانگر ٽِڙندا ها،

جِئن باک ڦُٽيءَ رابيلَ کِڙن

تِئن کِينءَ مَنجهاران کِڙندا ها.

 

هو پيار ڪندا ها هر ڪنهن سان

۽ ڪنهن سان ويرُ نه رکندا ها،

هوُ آجا ها هَر هُرکُر کان

۽ مَن ۾ ميُر نه رکندا ها.

 

 

 

*اَڄ بَن- مانس بهتر آهن

انسانُ سَڀن کان وحشِي آ،

اڳتان به بُرا پُٺ تان به ڇُرا

پر نعرو ’ڀائي ڀائي‘ آ.

 

ٿو هُن ۾ آپو آلاپي

جو ماڻهو آهي ڌرتيءَ تي؛

تون ڪَهڙيءَ مُرليءَ موهيندين

**هِن اَڀماني مَن ورتيءَ کي؟

 

آ عمر کسِي هر شيءِ مون کان

مون خالي جهولَ جهَلي آهي،

ڇا، ڌرِتي نيٺ بدلڻي آ

يا اڄ مون آسَ پَلي آهي؟


 

*  درپن  - آرسي

*  دَکشنا - خيرات

*  بَن مانِس جهنگ پِراڻِي

**  اڀماني - مغرور

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org