سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 11

 نوان سَلوڪ

(ساميءَ جي نالي)

 

باقي جي ڏهه سالَ،سي ڪنهن ڄَڻ ته مهاڳ جئن،

هُوءَ جا اِڪيوِيهين صدي تنهن جا اڳُ- اَحوال،

ماڻهوءَ ۾ او شال اَچي سُرت سَٽاوَ جي!

 

*اَچُ، اَچُ نِرنَئه ٿيءُ، سامي هن سنسارَ ۾،

جهونجهڪِڙي ۾ جو وَسي، اُٿُ! سو اَمرتُ پيءُ،

**جيءُ، اڃا ڪجههُ جيءُ جِئن سُورِيه ساکي ٿيئين!

 

***ڪَوِيءَ پدُ مهانُ هرڪو ڇُهي ڪينڪي،

سامي! سَوَ موٽي ويا اوچو هي اسٿانُ،

جنهن ۾ سِجَّ سنانُ اهڙي گنگا گيان جي.

 

ساڳي گور کناٿ ۽ ڀِٽَّ ڌڻيءَ جي ڀُون،

****مورکَ ريٽَ نه تون، پَرمَپرا هن ديس جي.

 


 

*رات شَراوَڪ آئيا ڀِڪشُو مُنهنجي ڀُون،

**ڀِڪشا گهريُائون مون کان سپنا چنڊ جا.

 

***مون آندا هي گيت ڪهَڙي گُپت سَٽاوَ مان،

ڄَڻُ ته مَڌرتا- ڳيتَ، سُواسَ کڻي ٿي سُرڳَ مان!

 

آءٌ ڪوِيتا سان، ڪيسين سُر ٻاٽون ڪيان؟

هي سارو سنسارَ آ ڇا ڪنهن اَڻي مان؟

ڪئن چئجي ڇا کان پو ڦاٽِي، پرگهٽ ٿيو!

 

پيرن هيٺان چيڪلو وَهي پيو وَهٽُ،

تنهن جو ڳچيءَ ڳٽ لَهي لهي ڪينڪي!

 

 

 

*ڇا لئه هيءَ  ڪُر ڪُر ڀاڻي تي ڀُڻ ڀُڻ ڪرين!

سُک ڇايا وانگر ڇو تُنهن جي پُٺ تان هلي؟

 

دوُران جو دَرسَن اُن ڏي اُڏري اوچتو،

**سامي مَنُ پَرسن ٻوليون ٻولي ٻاجهه جوُن.

 

سامي! گِيڙُو رَنگَ جو تون به نه اَڌڪاري،

واريءَ تي وارِي تو چانڊوڪِي چيٽُ جي.

 

جيئين ڇَت ٽِڙڪي پوي وڃي اُن مان ميهُن،

***ايئين ڪوُڙو نينهُن ڀوري تُنهنجي ڀاونا.

 

 

 

*وارن وار دُکِي ٿئي، دُرگِتي پائي،

ماڻهو الائي، هِرکي ڇوٿو پاپَ تي!

 

**دُرد ترشنا کان اڃا ڪونه وڃين ٿو وَئُن،

لُنءَ لُنءَ ڪهڙي لَئُن، تُنهنجو من موهي وَئي،

 

***توڙي مون مَنُ جاگِرت، جنهن ۾ ٻُرن گهِنڊَ،

ناريءَ ٻانهون، ننِڊَ، سامي سڀُ واري ڇڏي!

 

****ساوڌان آهين، مرتيوءَ مارڳ کان پري،

پو ڇو ٿو چاهين، ڌرتيءَ کي چِنبڙي پوان!

 

 

 

ساريون راتيون چَنڊَ ڏي سُجاڳائيءَ سان،

*روز ڏسان ٿو مان سوچي ڀِن ڀِن ڳالهڙيون.

 

مان جو ملندو ڪو نه هان، هر ڪنهن ماڻهوءَ سان،

**مِلان مان توسان تُنهنجو اوچو پَدُ ڏسي!

 

ڪيئي دنيا ۾ ٿيا دارا اِسڪندرَ،

***چَنڊَ کِلي جن جِي ڏٺِي بُٺِي نه ٻيهَرَ،

پِي، ڇو تو هَر هَر لوئيِ راتِ لٻاڙَ سان!

 

تو جئن سَوَ آيا ويا، ڀائي، تون ڇاهين؟

تون ڪئن ٿو چاهين، تو در ڪيان پنڌڙو!

 

 

 

هيءَ جا واڳوءَ واتَ جِئن آهي اونهي کڏ،

ڇا تو ان جا سَڏَ ٻوڙيءَ ٻُوجهَه لنوائيا!

 

هي سارو مانڊاڻُ آ ڪوئي سانتِ سَٽاءُ،

ان ۾ ڪو آواز ٿي اڳتي اُڀرِي آءُ!

جئن هِي اُتر واءُ اُڏري ٿو آڪاس ڏي.

 

جنهن جو آنءُ مهنت سا چئني ڏسّ مڙهي،

اکر چار پڙهي ڇا تون مون کي سمجهندين؟

 

مُنهنجو هي آوازُ آهي تُنهنجي قيد ۾،

مان سارو پروازُ تون سيِخُون سنسارَ ۾.

 

 

 

مان چاهيان ٿو ڊاهيان تُنهنجي پڃري کي،

پنهنجا پَرَ کوهي ٻيو ڇا پائي ٿو سگهان!

 

تارن کان به پَري وئي، مُنهنجي روزُ نهارَ،

تاڃِي پيٽو انت جو جنهن ۾ مان ڪا تارَ،

تُنهنجا پارَ اَپارَ سمجهي سمجهان ڪينڪي!

 

تون جو آن پَرتي، پَرتي کان پَرتي پرين،

آنءُ ڪتيءَ ڀر تي ٿڪجي آهيان ٿانهريو.

 

آنءُ ڏسي تو ڏانُهن ڇا ۾ گُم ٿي ٿو وڃان،

جيئين ڪوئي ڪانهُن مڌ ماتي مهراڻ ۾.

 


 

 

 

ڇا تون آن سَڀ جو،تون جو مون کي ٿو ڏِسِين،

ڌرتيءَ ۾ اڀ جو، تون ئي آهين واهرو؟

 

ڇا تُون ئِي مانڊاڻَ ۾ يا تو ۾ مانڊاڻُ؟

يا تون پنهنجو پاڻُ آهين سَڀ لَئه اوپرو؟

 

مان توکي سمجهي سگهان!ميان،مان رَتُ پوُنءِ،

مان ڇا؟ سارِي ڀونءِ توکي سمجهي اوپرو.

 

توکي هن سنسارَ ۾ سمجهو ناهي تنهن،

ٻُنڀو پُوري جَنهن توکي ڳوليو ٻاهران.

 


 

 

 

*مون ڀانيو ٻَلوَنت، آءٌ به تو جئن آهيان،

پر هي مُنهنجو انت سَرُ جئن سَرءُ واءُ ۾!

 

ڪيڏو توکِي ڪَؤ آهي پنهنجي موتَ کان،

**ڇاهي اسنَڀؤ، اڳتي تون هوندين ڪٿي؟

 

ڪارونجهر کي جئن هَوا ڪو نهِ سَگهي لوڏي، ***گلَّ به جي ڪو ڏي آءٌ نه ڀانيان اَستَتِي.

 

جِئين جهرڻا نِرملُ اِئن منهنجو مَنُ تو بِلي،

جِيئين جهوٽو لهر تي اِيئين موُن هر پَلُ،

****پَهر اِئين پَرٻَل جِيئين ڇِپَّ ڇَلانگ ۾.

 

 

 

*ديهِي منهنجي ڌيانَ ۾ چِتَّ  ڪَئِي چُڪتي،

سامي! مون مُڪتي پاتِي نه پَرسنگَ  ۾.

 

**سامي! ساري واسِنا، جوُٺيون سڀ جاٽون،

***ڪوُڙيون لُڙٻاٽُون جوڳي سارا جوُءِ ۾.

 

****سامي! ڪئن تِرپت ٿئي تُنهنجي تِرشنا،

جڏهن ناريءَ ٽهڪڙا جَهرڻي جِيئن ڏِنا،

تُنهنجا نيڻَ ڀنا سوچِي گُلَّ گُلاب جا.

 

*****سامي! تنهن اَرهَنت کي ڪهڙو ٿيندو دُک، ماکيءَ مَکِ جئن مُک جنهن جو ٻولي ٻولڙيون؟

 

 

 

*جنهن جو سَڀُ پِرڪارُ ٻَنڌن ڇوڙي مُڪت ٿئي،

**اهڙي پُوجيه پُرش جو ڳهلا ، ڳولِ دُوار!

آهي پارُ اَپارُ سارو اُن جي سُوجهَه ۾.

 

***جِيئن رَکي ٿو سارٿِي گهوڙَن کي قابو،

****تيِئين پنهنجون تُو،وَسِّ ڪرينِ جي اِندريون!

 

مورِکَ سَماڌي توڙي هڪ سَؤ سالَ جي،

راتِ رُڳي آڌِي اُن کان گِيانيءَ جي چڱِي.

 

*****ناسُ ٿِئي ٿِي اُتپِتي انت ته اي سامي،

نيٺ ته وسامِي ويندو تو ۾ ڏيئڙو!

 

 

 

هي جو اَمرت پدُ توکي ڪوتا آڇيو،

تَنهن ۾ تُنهنجو قد اوچو آ آڪاس کان.

 

*ڪاهي ٿو ڪلياڻَ ڏي چِتُ نِواري پاپَ،

**تُنهنجا پشچاتاپَ ڄڻ چوڏهينءَ جي چَنڊَ جانَ!

 

هي سڀُ دُکڪاري هي سڀُ پاپَ پهاڙ جِئن،

آ جن تي وارِي مورکَ تو سارِي وَهي!

 

مورکَ! مَستيءَ ۾ اچي پُڃُّ نه ڪَيئه هِڪُ، جيڪو سُکَدائِڪُ پاڻيءَ جي جهرڻي جيان.

 

 


 

*  نِرنَئه فيصلو، پورو نتيجو

**   سوريه سج

** ساکي - شاهد

***  پَد - درجو

****  پرمپرا صدين جو تسلسل، روايت

*  شراوڪ ٻُڌ جا پوئلڳ

**  ڀڪشو پينو

** ڀڪشا - بِکيا

***  گُپت - خُفيه

*  ڀاڻو خدا جي مرضي

**  پَرسن خوش، راضي

***  ڀاونا اعتبار - خواهش

*  دُرگتي خراب حالت

**  دُرد پڪي، ڏاڍي

***  جاگرت - جاڳندڙ

****  ساوڌان سياڻو، ڊگهي نظر رکندڙ

*  ڀِن ڀِن طرح طرح جون.

**  پَدُ درجو

***  بُٺي - قبر

*  ٻَلونت طاقت وارو

**   اَسنڀؤ سوچ کان پري

***  اَستَتي - ساراهه

****  پَرٻل - سگهارا

*  ديهِي - بدن

**  واسنا - خواهش

***  لُڙٻاٽون- ڊاڙون

****  تِرپت ٿئي پُوري ٿئي- ٻُجهي

*****  اَرهَنت جين ساڌو

*  پرڪار طور طريقو

**  پوجيه پوڄڻ جهڙو

***  سارٿِي رَتَّ هلائڻ وارو

****  اندريون - حواس

*****  اُتپتي - پيدايش

*  نِواري - روڪي

**  پشچاتاپ - پڇتاوَ

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org