اَڄ وِسڪِيءَ ۾ ايڏي سردي،
جنهن ڪالهه اُلا ڀڙڪايا ٿي
۽ مَن ۾ ديپڪ راڳ جيان
جنهن ڪيئي ديپ جَلايا ٿي
ويِران ڏسان ٿو تُنهنجو تَن
مان هاڻي گُل گُل ساڙهيءَ ۾
ٿي ڪيڏِي سوڀياوان لڳينءَ
ڪلهه پگڊنڊيءَ تي چاڙِهيءَ ۾.
ٿو ڪيڏيءَ پِيڙا مان گذران!
مون ڪيڏِي تُنهنجِي پوڄا ڪئي
۽ سانجهيءَ مانجهيءَ مَهما ڪَئي،
هي پوئين وقت مليو تو مان!
هي درد به ٻيءَ ڪنهن مايا جئن
مون لاءِ رُڳو مايا آهي؛
ڪنهن وقت وسامي وڃڻي آ.
جا ماڻهوءَ جي ڪايا آهي.
اَڄ توکي ڪائي ڪاڻِ نه آ
ڇا جيئان،ڇا ڪنهن وقت مَران!
تو لاءِ پئي سيڏايو مون
ڪئن چئجي ڇونڪتينءَ نه گهَران!
ڪنهن وقت اُجهاڻل مشعل جئن
ڪِٿ مُنهنجو لاشُ پيو هوندو
۽ سَرءُ سُڪايل ڪَک پَن جِئن
مُنهنجو وشواسُ پيو هوندو.
جي ٻاري ڍانڍَ ڪتابن جا
مان تن ۾ ڄاڻَ ڦِٽي ڪيان ها،
ڇا ڀِت تي جا چانڊوڪي آ
سا اَڳُ کان آنءُ چِٽي ڪيان ها؟
ڇا لاءِ نه سمجهو آنءُ اِهو
هت ڪهڙي ڪارڻ آيو هان،
(ڇا اُبتا سُبتا اَنگَ لکي
هت وقت گذارڻ آيو هان!)
هي جيِوَنُ ڏِٺَّ پرولي آ
آسان سندس سمجهاڻي آ:
ڏِسُ، ندّيءَ ۾ ڪيڏو گهرو
۽ نيِرو نيِرو پاڻي آ!
ڏِسُ، لاٽَّ وسامي ٿي پياري،
طوفانُ اچي ويو آ تَر ۾،
تون ٻوٽِ سڀيئي دروازا
۽ وِٿِّ نه ڇڏ ڪائي گهَر ۾!
ٿو ڪيسين هي طوفان هَلي
ڪُئن چئجي؟ ڳوٺُ ڳهرَ ۾ آ،
هي ٻاهر ٺَڪ ٺَڪ ڪنهن جِي ٿِي؟
هي دهڪو ڪنهن جو دَر ۾ آ؟
ڇا اُن جو آدرڀاءُ ڪيان؟
ڇا اُن لئه دروازو کوليان؟
مَهمان اَويرو آيو آ
چُپ چاپِ رهان يا ڪجهه ٻوليان؟
ڪُجهه ڪونه کپي تون گهرجين ٿي،
تون جا مُنهنجي ’مون‘ آن!
تون جيڪا چنڊَ ستارن مان
ٿي ڌرتِيءَ تي مون ڏانهن اچين
۽ مون ۾ آگ اُڀاري تون
ٿي شعلا شعلا روزُ نچين.
تون جيڪا مون ڏي وِڄُّ جيان
ٿي روز وَريِن آڪاسَ مَنجهان،
مون توکي چونڊي وَرتو آ
هن جڳَ جي ناس اَناس منجهان.
اِقرار بڻائين ٿي مون ۾
اِنڪار ازل جي هستيءَ کان؛
تون جيڪا ڳائين ٿي مون ۾
تون ڪير؟ اِهو مان ڇا ڄاڻان!
هي ڄاڻان ٿو تون ايندي آن،
۽ مُنهنجي مُنهن تي پيارَ ڀَريا
هٿ حيرت مان ڦيريندي آن!
هي نيڻ سندءِ اِسرار ڀَريا.
تون مون کي ڄَڻ ته سڃاڻي ٿي!
اي پياري! آدجُڳاد ڪَنان
ڄڻُ تون ڪا منهنجي رويا آن
جا وِسرِي ويئي ياد ڪَنان
تون مون ڏي وَر وَر ايندي آن،
اڄ تائين ڪونه وساريو ٿِي،
۽ سارو جِيَوَنُ جهوليءَ ۾
ڄڻ منهنجي ويهِي گهاريو ٿِي.
ڪُجهه ڪونه کپي تون گهُرجين ٿِي
تون جا مُنهنجِي ’مون‘ آن.
تون مُنهنجو ڪوئي سپُنو آن
يا مان تُنهنجو ڪو سپُنو ها،
جا تُنهنجِي جوتِ جَڳائي مون
تنهن جهرمر جو مان پاڇو هان.
هي جهِرمِر جهِرمِر ديپُ ائين
ڇا اَنتُ سَمئه تائين ٻرندو؟
يا ٻيهر جوتِ جلائڻ لئه
هِن يا ٻِيءَ ڌرتيءَ تي وَرندو؟
هي لهروُن لهروُن وقت اڳتي
ٿو دور وڃي درياهه جيان،
۽ نيٺ سمندر سان هِڪُ ٿي
جو آهي اَنتَ اَٿاهَه جيان.
تون ٻي ناهِين، تون ساڳي آن
جا سارو جِيوَنُ مون ۾ آن،
جا ڪويَل جئن ڪوُڪارين ٿي
ٿِي ڪو گهاٽو بَنُ مون ۾ آن.
هو روز نَئِين، هر روپَ نَئِين
تون آهين مُنهنجي مايا جئن،
توڙي تون مُور نه ملڻي آن،
آن پوءِ به مون تي ڇايا جئن.
مان تُنهنجِي جهانجهر هان، جيڪا
چُپ ٿي ويندي، تو ڇوڙيو جئن؛
سنسان هَوا سوُ ساٽ ڪندي
تو مون سان ناتو ٽوڙيو جئن.
تنهائيءَ ۽ ويرانيءَ ۾
مون جيڪا شمع جَلائِي هئي
جنهن تي پروانا پڄري ويا-
سا مون ئِي پاڻ وِسائي هئي
اَڌ رات اُجهامڻ کان اڳ ۾
مون اُن کي ڦُوڪَ ڏِني يارو
۽ شمع نئين مون ٻاري آ
ٿي جيسيِن ڀيڄ ڀِني يارو
هِڪ شمع سَهاري راتِ ڪَٽڻ
ڪيڏو نه ڏُکيو آهي جَڳَ ۾!
پر جيڪو رستو ڳولي ٿو
سو جوتِ بُکيو آهي جَڳَ ۾.
ڌرتيءَ تي هونءَ هٿوراڙيون
سَوَ آهن چاڙهيءَ لاهيءَ ۾،
جي ڏسجي ممڪن ڪونه آهي
ڪنهن لاءِ سفر اونداهيءَ ۾.
آ مَن ۾ ڪوئي سوجهرڙو
جو اَنڌوڪارَ اُڪاري ٿو،
گهنگهورُ گهٽا جي گهيري ۾
جو ندِّيءَ پارِ اُڪاري ٿو.
مان اَنت سَمئه جو پانڌِيئَڙو
اَڄ آيو هان تُنهنجي گهر ۾،
تون مُنهنجو آدرڀاءُ ڪَرِڻَ
ڄَڻ اڳ ئي بيٺي آن دَر ۾!
ٿو چَنڊَ پُڇي هي ڪيرُ آهي
هي راهي منهنجي رم جهم جو؟
ٿي رات چَوي هي ڪيرُ آهي
جو واٽهڙو آ ٽِم ٽِم جو؟
ٿا تارا مون تي ورکا ڪَن
ڄڻ نيل گگن جا نيِلا گُل،
۽ ڪيئي ڪانڊيرا مون کي
ٿا آڇن پنهنجا پيِلا ڳل!
مان ڍنڍون ڍورا ڀٽڪيو هان
۽ جهاڳي پَنڌَ پهاڙن جا
اَڄ تُنهنجيءَ نگريءَ پهتو هان
آواز اچن ٿا تاڙن جا
۽ ڪوڪوُن ڪن ٿيون ڪوَيِليوُن
وَڻ مون کي اَجرڪ پائن ٿا
۽ گَربيءَ جهڙا بادل ڄڻ
من منهنجي تي لهرائن ٿا
اي آزادي! مان پهتو هان
اَڄ تو لئه ڪيڏو پَنڌُ ڪَري،
تون مشعل مشعل آئي آن
ڄَڻ دَر تي پيارا پيرَ ڀَري!
جنهن وقت ڪَپيل سِرَ جانچيان ٿو
مان هٿ ۾ ڪاليءَ ماتا جي،
سوچان ٿو گؤنچ محبّت جا
ڇا ٻيهر ڦُٽندا ڌرتي تي؟
ڌرتي جا ڪيئي ورهين کان
ڪنهن برکا لئه سيِڏائي ٿِي،
پر ڪارا ڪارونڀار هتي
نفرت جائي ڦهلائي ٿِي
(وڌيڪ پڙهو) |