گيت
گيت
نيڻَ ٻَرن ٿا
سانوَڻَ جي هَريالي آهي
ٽارِي ٽارِي آلي آهي
بَرکا رُت متوالي آهي
جنهن ۾ مُنهنجا
اَنگَ ٺَرن ٿا-
نيڻَ ٻرن ٿا-
هيءَ جا آگ نه ٻُجهڻي آهي
وَرساري ۾ ساڳي آهي
مون ۾ وَر وَر ڀَڙڪي آهي
اُن جا شعلا
تارِ تَرن ٿا.
نيڻ ٻَرن ٿا-
موُن ۾ آشا ڪانه مڃي ٿِي،
هُوءَ جا سامهون واٽَ وڃي ٿِي
پنهنجو ڀيرو ڪونه ڀڃي ٿِي.
ڪيئي ٽاڻا
هاءِ ٽَرن ٿا
نيڻَ ٻرن ٿا-
مُنهنجا وَر وَر نيڻَ ٻَرن ٿا
گهَرِ گهَرِ دَر دَر نيڻ ٺَرن ٿا.
اندر ٻاهَر نيڻ ٻرن ٿا.
گيت
ٿو سِجّ لهي، ڪارجُ نه کُٽي،
ها، ٻيهر جيسين باکَ ڦُٽي،
مان چاهيان ٿو تو ڏانهُن اچان!
هُو هاري سامهون ڏاٽن سان
گهر موٽن ٿا چَؤواٽن تان
مان چاهيان ٿو تو ڏانهُن اچان!
ڄاڻان ٿو مُنهنجي مزدوري
اَڄ تائين آهي اَڻ پورِي
مان چاهيان ٿو تو ڏانهُن اچان!
چاهيان ٿو مِٽيءَ گود ڀريان،
مان نِنڊَ ڪريان! مان نِنڊَ ڪريان!
مان چاهيان ٿو تو ڏانهُن اچان!
جي ويلَ ڪُويلي ٿي ويندي
هيءَ پِيري وِترا ڏُکَ ڏيندي،
مان چاهيان ٿو تو ڏانهُن اچان!
جئن بَڙ تي ڪويَل ڪوڪي ٿي
دِل مُنهنجِي توڏي ڌوڪي ٿي
مان چاهيان ٿو تو ڏانهُن اچان!
ٿا مانجِهي ٻيڙيون موٽائن
۽ گيت انڌيري ۾ ڳائن
مان چاهيان ٿو تو ڏانهُن اچان!
مان چاهيان ٿو تو ڏانهُن اچان!
نظم
نظم
متان پو تون مَياروُن ڏين
ٻُڌايو ڪونه تو مون کي
”سَهيلي هو وڃيئي ٿو“
مَتان پو اوڇنگارُون ڏين
چتايو ڇو نه تو مون کي
”ڳهيلي! هو وڃيئي ٿو“
شفق جي راهه تي گهوڙا
ڪَڪَر ٺاهي کَڙا آهن
ڍنه روڪن رَٿَّ ٿا پنهنجا
وڏا هو بي وَڙا آهن
”ڪٿي آهين ڪٿي آهين؟“
جُڳن کان هو پُڪاري ٿو
”اِجهو آئينءَ، اجهو آئينءَ!“
پيو راهون نهاري ٿو.
ڦُٽي ٿو ڦاڳُ جئن، تنهنجون
سُڳنڌون هو پيو ڦولي،
نه آهي ڦولُ ڪو جنهن کي
ڏِسِي، تو کي نٿو ڳولي
سَوين تو لئه صَدائون ٿِي
وڃيئي ٿو، وڃيئي ٿو
گهٽائن جون جٽائون ٿِي
وڃيئي ٿو، وڃيئي ٿو.
وري ٻي نانوَ سان ملندءِ
وري ٻي گانوَ ۾ ملندءِ
نه ڄاڻان اُسَّ ۾ ملندءِ
نه ڄاڻان ڇانوَ ۾ ملندءِ
پَئِي جنهن لئه اُڏارون ڏين
وڃيئي ٿو، وڃيئي ٿو!
متان پو اوڇنگارون ڏين
وڃيئي ٿو، وڃيئي ٿو!
متان مون کي ميارون ڏين
وڃيئي ٿو، وڃيئي ٿو!
ايڏا رنگا رَنگِ پَکيئَڙا
ڪَنڊَن ۾ ڪئن گهارن ٿا؟
هيءَ ڪَنڊيءَ تي چانهه هوا ۾
ريٽي سارِي ”نانهه“ هوا ۾
آهي ڪائي ”آنهه“ هوا ۾
سارا بادلَ ويندي ويندي
تنهن ڏي هيٺِ نهارن ٿا.
پنهنجيءَ هر مجبوريءَ هوندي
تو کان ايڏيءَ دوريءَ هوندي
۽ مُهلت اڻ پوريءَ هوندي
هن ڌرتيءَ تي ڪيڏا ماڻهو
توکي دِل سان سارِن ٿا.
ڪيڏِي ڌوُڙِ اُڏامي پيئي؟
گهَر کان گهِٽي، گهٽيءَ کان گهر
ميرا ٿي ويا لوڪَ سڀيئي!
آءُ ته ويهي راتِ کُٽايون!
ڏيئو ڏي ٿو ڀَڙڪا، اُن کي
تيزُ هوا کان ڪئن به بچايون!
تيز هوا گهوگهاٽُ، ڪري ٿي؛
ڏسجي ڪيسين پنهنجي گَهر ۾
ليئا پائي لاٽَ ٻري ٿي!
آءٌ ٻَئي هَٿ اُن تي آڻي
چوڌارِي ديوارِ بڻايوُن-
ڪو به نه ايندو لاٽ اُجهاڻي.
ڪو به نه ڏسندو دَرُ کڙڪائي
چوندو چارئي ڏَسَ ٻُجهي ويا-
لاٽ ته واٽهڙو دڳ لائي
آڻيندي هِت، ميڙا ٿيندا
باک ڦُٽيءَ جي سوجهرڙي ۾
ماروئڙا گهَر ڀيڙا ٿيندا-
جنهن وقت تَڪي حيران ٿيان
ٿو آنءُ سياري- پاري تي،
ٿا آرهڙ جا آڙاهه ٻَرن
مون آهه نظر اونهاري تي.
ائين مُند مٿان ٻِي مُند اَچي
تو لاءِ سدا سيِڏايان ٿو
۽ ڪَکُ پَنُ ٻيهر ميڙي مان
ڪو رينَ بسيرو ٺاهيان ٿو؛
تون اچڻي آهين، تون ايندينءَ
مان سارو تُنهنجو سپنو هان،
تون ڪيسين ننِڊَ ائين نيندنءَ،
مان ڪيڏو تو لئه جاڳيو هان!
جنهن وَقت اَچي ٿي سارَ ته تون
مون ڏانهنُ اَچِي، پَر ڦهلائي،
۽ ساڳي وَڻَ جي ٽارَ مٿان
من مُنهنجو ڳائي، بهلائي،
ڪَنهن ڪويل وانگر اڏرين ٿي؛
ڪنهن دُور ديسَ ۾ آهين تون،
مون وَر وَر تُنهنجيءَ ڳولا ۾
ڪيا ڏونگر ڏوري پيرَ پٿون.
تون آنهه ته ساڳيءَ دنيا ۾
پر مون کان دور هلي وئي آن،
ڄَڻ آهين ٻي ڪنهن تاري تي
ڄَڻ ٻيهر گڏباسين نه اسان!
(وڌيڪ پڙهو) |