سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 6

 

 

وائي

 

اِئين لڳي ٿو مارِئي اُگهاڙي آهي،

ڪراچيءَ جي شهَر ۾.

اَڄڪلهه لالو کيت ۾ لوئيءَ کي لاهي،

ڪراچيءَ جي شهَر ۾.

ڪوٽَ نسوري ڪُوڙ جا ڪوبه نه ٿو ڊاهي،

ڪراچيءَ جي شهَر ۾.

آهي ڇا ۾ آجڪو ڏَسُّ نه ڪنهن ڏاهي،

ڪراچيءَ جي شهَر ۾.

 


 

 

 

وائي

 

اَنڌا اُڀَّ! ڏِسين نه ٿو اڌورو اِنسانُ،

تو هيٺان ڪئن ٿو تڳي!

سَڀُڪجهه ناسُ پيو ڪري، نسورو نادان!

هي جو جهُونو درد آ، اُن جو ڪو درمان؟

ايندو ڦيرو ڪو هتي؟ ڇا ڪوئي اِمڪان!

اَڌورو انـــســـان،

تو هيٺان ڪئن ٿو تڳي!

 


 

 

 

وائي

 

اَڙي نِه ناوان،

وَڻ وَڻ مٿان ڪيترا، پيڙا پرڇاوان!

تو مان جِندُ ڇُٽي نه ٿِي!

ڪيڏيون مُون مُرڪِي لَڌيون لوئيءَ ۾ لاوان!

تو مان جِندُ ڇُٽي نه ٿِي!

تون سڀُ گَن گنيو وڃين، چئهُ، مان ڇا کاوان؟

تو مان جِندُ ڇُٽي نه ٿِي!

او شَل پَوَن مِينهڙا، ڌرتيءَ جِئن ڌانوان!

تو مان جِندُ ڇُٽي نه ٿِي!

اڙي نه ناوان، تو مان جِندُ ڇُٽي نه ٿِي!

تو مان جِندُ ڇُٽي نه ٿِي!

 


 

 

 

وائي

 

رات اڃا آڌِي، ڪهڙيون ريکون باک جون!

وَڍّ وجهن ويرانيون، تو ڇو چُپ ساڌِي؟

رات اڃا آڌِي؟

ڪيسين پوڄيندين پيو، سَپني- سَماڌِي؟

رات اڃا آڌِي؟

ڪيڏا وَرهيه تو هتي، آهي وِههُ کاڌِي!

رات اڃا آڌِي؟

*پاريهر اُڏري ويا، پَرتا  پاراڌِي.

رات اڃا آڌيِ! ڪهڙيون ريکون باک جون!

 


 

 

 

وائي

 

ڇا ڪو سُڀاڻي،

آهي تُنهنجي اَڄُ ۾؟

ڄاڻين ٿو نيندو ڪِٿي، تو کي هِي ’هاڻي‘؟

ڪوئي ڍانڍُ پهاڙ تي، سانجهيءَ پُڄاڻي

ڪيئن ٿو ليٽين واڙ ۾، لَنبِي تون تاڻي!

ڇا ڪو سُڀاڻي،

آهي تُنهنجي اَڄُ ۾؟

 


 

 

 

وائي

 

هِي جو ڪاڇو ڪَڇّ ۾ جَبَل جي آهي،

تَنهن ۾ تُنهنجو آجپو.

ڪُجهه ته اَڇائيءَ اَڇّ ۾ پيو پَرَ ساهي!

او شل مارو مِينهن ڏي موٽَن گهر ڊاهي!

*ڇا لالهر تي ويو لِڪي؟ چَنڊُ ڪٿي ناهي!

 


 

 

 

وائي

 

ڪيڏِي هوا روههَ جي، ڄاڙِي ڏَڪي ٿي،

ڪِيڏي هوا روهه جي!

ڍَنڍوُن ڍورا اَڄ ڪٿي، ويا سَرَ سُڪِي؟

ڪِيڏي هوا روهه جي!

وَهيءَ لڱ ڳڱاٽيا، جيئين رات ٺَرِي؟

ڪِيڏي هوا روهه جي!

ڇا ڇا ڪالهه هِتي هيا، پَکِي پَرڏيهي!

ڪِيڏي هوا روهه جي!

ڄاڙِي ڏَڪي ٿِي.

 


 

 

 

وائي

 

اؤڀَڙِ نه اُڀرِي، اج به ڪوهستان ۾.

پاڻيءَ اَتّ اڻاٺ آ، ويا پارِ پکِي،

اج به ڪوهستان ۾.

رهندينءَ ڌرِي ماءُ تون، ڪيسين ايئَن اُڃي!

اج به ڪوهستان ۾.

ڏَريو ڏِلُ ڏَهيون ٿئي، وَنگا وَرّ ڏسي،

اج به ڪوهستان ۾.

*واَنر وايون ڪن پيا، وِک وِک ٻُري ٿِي،

اج به ڪوهستان ۾.

 

 


 

 

 

وائي

 

   *          ڪيڏا ڪُنّ ٻُرن راهِي تو وٽ روهه ۾!

تِن ۾ واڳون وِترا، پيا پُڇ هَڻن،

راهي تو وٽ روهه ۾!

   **       اَڄّ نه اُهي ڏيهه ۾، ڌُڪا ڌَنارنِ،

راهي تو وٽ روهه ۾!

   ***    مُهرائي ٿا مال کي، سڀئي واٽَ وٺڻ،

راهي تو وٽ روهه ۾!

 


 

 

 

وائي

 

نائي لاڻِيءَ لام

ويٺو سوچي واٽَ تي!

ڪپڙا ٻُڏل نِير ۾، جهڙا ساري عامَ،

ويٺو سوچي واٽَ تي!

*سَرڇِي سائي ديس جا، سُپنا هُن جي سامَ،

ويٺو سوچي واٽَ تي!

ڇا هُو ٻولَ ٻَهون ڏِئي، يا مِڙَني کي مامَ؟

ويٺو سوچي واٽَ تي!

ويٺو سوچي واٽَ تي!

 

 


 

 

 

وائي

 

سوريءَ تي سَنهنجائِتا ڪالهه ائين ڪنهن جا،

پيرَ هُيا پولار ۾؟

ڪنهن کي ڪِيرَ ڪَپارَ ۾، اَهنجي کان اَهنجا،

ڪالهه اِئين ڪنهن جا،

پيرَ هُيا پولار ۾ ؟

اُڀرِي ڄڻ آڪاسَ ۾، ويڻَ ويا جَنهن جا،

ڪالهه اِئين ڪنهن جا،

پيرَ هُيا پولار ۾ ؟

وِلَهه ۾ چَپَ  پڄرِي وَيا، پَٻَ چُمي تنهن جا،

ڪالهه اِئين ڪنهن جا،

پيرَ هُيا پولار ۾ ؟

ڪي ڪي ماڻهو موتَ ۾ پنهنجن کان پنهنجا-

ڪالهه اِئين ڪنهن جا،

پيرَ هُيا پولار ۾ ؟

 


 

 

 

وائي

 

*لاک نه لڀي ٻاٻُرِي، آڻي مُنڌَ مَڃُٺَ،

ويٺي رڱي وانڍِ ۾.

اَکِ وَرائي ٿِي ڏِسي، هُو جي آيا اُٺَ،

ويٺي رڱي وانڍِ ۾.

هي سڀ تَنهن جا انگر کا، هو جو ويو بُٺَ،

ويٺي رڱي وانڍِ ۾.

 

 


 

 

 

وائي

 

پَوندِي پَئِي ماٽَ

ڀنڀرڪي جو ڀُونءِ تي.

ڪيِئي ويسر واريا سوريءَ تي سمراٽ،

ڀنڀرڪي جو ڀُونءِ تي.

ڪونه جهُڪايا وائُري بَڙن اوچا ڳاٽ،

ڀنڀرڪي جو ڀُونءِ تي.

*۽ نه ڪَويتا کي ڪڏهن سَمئه ڪَيو ڪاٽَ،

ڀنڀرڪي جو ڀُونءِ تي.

آهي ڪنهن اِسرار جئن ڪَويءَ اوچِي لاٽ،

ڀنڀرڪي جو ڀُونءِ تي.

 


 

 

 

وائي

 

هو جي سَرَههَ، گڊ،

جَبل ۾ جِئَن پيا!

ڇال ڏَئي اَپنائِئين، تُون شل تِن جي اَڍ!

هَونءَ به گولي ويسرا، آهي تُنهنجي ڪَڍَ،

پٿرَ پنهنجي اَڏَ ڏئِي، ڪيسِين ڏسندين وَڍَ؟

 


 

 

 

وائي

 

ٿيلهيون ناڻي جون

ميڙِين ويٺو تون

تون جو ڪَنڌيءَ موت جي.

ڌاريا ڌِڪّي ٿا کسن

تو کان تُنهنجي ڀُون،

تون جو ڪَنڌيءَ موت جي.

وَرنائين تون ڇو نه ٿو

هيءَ ڇا جِي هُون هُون؟

تون جو ڪَنڌيءَ موت جي.

سارِي عُمر اُڀاريو

توکي ڳائي مون

تون جو ڪَنڌيءَ موت جي.

ڪيڏيون تو ۾ وائڙا

اَڃــــــــــا اَرڏايون!

تون جو ڪَنڌيءَ موت جي.

 


 

 

 

وائي

 

هي جي اُڻن ڏاسَ

تَڏا، نوڙيون، ٽوڪريون.

ڄڻ ڪائي آسِيسَ ڪَئِي، اُنهن کي آڪاسَ.

واتُ نه آ مِچڪائيو، جِن جو ماڻهوءَ ماسَ،

جِن ۾ ڦوڳَ ڦُلاريا جن ۾ وَلين واسَ،

ٻُجهي شَفقِ ڌارَ مان، جن جِي سارِي تاسَ،

ناهي جن جو ماڻهپو، لورانگهيو اِتهاس،

هي جي اُڻن ڏاسَ

تَڏا، نوڙيون، ٽوڪريون.

 


 

 

 

وائي

 

اڻ ڪوٺيا تنهنجي اَڱڻِ ڪُپتيا آيا

مون ته اڳيئي ٿي چيو.

هي جي ڪَڍِي ڪانڀ ڪلهه، پيٺا پَرايا،

ڳلهيون تن جون ڳالهڙيون، ڳوڙها اَجايا،

تون ئي، جنهن تن جا ڪيا، لايا سجايا!

تون ئي نيٺِ  ڌِڪاڻبين، ڌرتيءَ جا ڄايا!

 


 

 

 

وائي

 

جَبل جي ڪنهن موڙَ ۾ لِڪِي ويِهين تون،

تاڙَ ٻڌي سامهون.

آءٌ تڏهن توکي مڃان!

تاڙِن تُنهنجا تَؤنکرا چالون چِيتن جُون،

ڏِسُ، هاڻي هالارَ تي اوندهه پرڇايُون،

راتِ گُذاري روههَ ۾ اُڀري سِجَّ هلون.

 


 

 

 

وائي

 

لهسِي پيرَ لڦون ٿِيا ڪيڏو پَنڌُ ڪَٺَنُ

ڪارونجهر جي ڪورَ تي

ڪيسين ڏُکي جيئڙو ڏِئي جيئَڻَ ڏَنُ!

واچوڙي جئن واءُ ۾ ڌارَ ٿيو پَنُ پَنُ،

ڏوُنگر ڏاڪا ٿو ڳڻي پوءِ به مُنهنجو مَنُ.

ڪارونجهر جي ڪورَ تي

 


 

*  پاراڌي - شڪاري

*  لالهر ڪاڇي جو هڪ ڳوٺ

*  واَنر - جانور

*  جبلن جي وَٽن ۾ پاڻيءَ جا ڪُن ٿين.

**  واڳوءَ جو نڪ نرم ٿيندو آهي ۽ ڌنارن جو ڌڪو سِهي نه سگهندو آهي.

***  مُهرائڻ مَهار وجهڻ

*  سَرڇو سَرسبز، آباد.

*  مَڃُٺَ ٻيرءَ مان نڪتل لاکَ.

*  سَمئه وقت

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org