سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 12

 

 

ڦُڙيِ ڦِڙيِ ٿِي جِئن گهڙو ڀَرجي ٿو ڀائِي!

تو ۾ سَمائِي آ تِئن پيِڙا پاپَ جي.

 

ٿورِي ڳالهه نه ڳڻِ تون پَنهنجي هر پاپَ کي،

ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ ڇَڻِ ڇَڻِ نيٺ ته ٿي سارو ڇنو.

 

چُرَ ۾ لِڪِين يا ٿِئين اُڏرِي تون آڪاسُ،

اَنت ته ٿيِندين ناسُ اَنت ته ڀُرندين ڀُونءِ تي!

 

جي تو هَٿَنِ ڦَٽَّ ڇو ٿو وِههُ ويجهو وڃين؟

ڪو نه جَهليندين جَهٽَّ، مورکَ مَرندين اوچتو.

 


 

 

 

ڇا ٽاريندين موت کي چُرَ ۾ پيهي توُن؟

توتي سارِي ڀوُن ڏِسُ ته ڏِئي ٿِي ٽهڪڙا!

 

*مان جيڪو نِردوشُ جنهن کي تون دوشي سڏين،

**تُنهنجو سارو ڪوشُ مون لئه ٻاڙيُون ٻولڙيون.

 

ٻاڙو ٻولِ نه تون ڪڏهن ڪَنهن سان ٿِي نه ڪٺورُ

جي تو مَنُ گهنگهورُ اهڙو ڏنڊُ نه ڏيهه ۾.

 

***اوشل! اُڃَّ اُجهائِئين جَنهن تَنهن جي ڪَنهنِ پَرِ،

ڀَرِ ڀَرِ، ڪيئي ڀَرِ گهاٽَ مٿان تون گهاگهِريُون!

 


 

 

 

*جي تون ڏَڪين ڏاڍَ کان ڪنهن جِي گهاتِ نه ڪَرِ،

نيٺِ ته تُنهنجي دَرِ، ٺڪَ ٺڪَ ٿيندي موت جي.

 

اونڌي ڪانسِيءَ گهِنڊَ مان اَچي نه آوازُ،

سامي! تُنهنجو راز آنءٌ پروڙيو ڪينڪي!

 

جِيئين لٺ ڳنوارَ جِي ڳانُين کي هَڪلي

**ايئين آيُوءَ کي مِرتيو هَڪلي ماڻهوئو!

 

***هي جا تُنهنجي دُردَشا ان تي ڏِسُ سوچي،

تو ڪنهن ماڻهوءَ جي دِل کي نانهه دُکائيو؟

 


 

 

 

*ڀيَنڪر ڪَشٽَّ ڪَٽي تو جو ڪايا ناسُ ڪَئي،

ڏيندو ڪير مَٽي توکي تُنهنجِي جِندڙي؟

 

**چَر تَر ۾ پوُرَنُ وجهي، اهڙو ولوڙو،

واءُ جيان گهوڙو چَهي ڇُهڻ سان جئن وڃي.

 

***ڪيڏِي اَسٿر اَستَتِي، اُڀري ٿي تو مان،

****آترويلا سان، تونُ جو گهارين جندڙِي!

 

ناسِوَنت هر روُپ، ڪَوي! ڇا تي موهِئين؟

ڪهڙيءَ مَڙهيءَ ڌوُپ، ناهي نيٺِ ٻُجهي ويو؟

 


 

 

 

جَنهن جو ماسُ وَڌي، اُهو سامي! پُرشُ ڍَڳو،

پنهنجي لاءِ وَڳو سوڙهو روزُ سِباءِ تون.

 

مَڇيُن بِنان ڍَنڍَ ۾ ٻُڍي بَگلي کي،

ڇا لئه ڪنٺي تي، تو آهي ترسائيو؟

 

هاڻي ٽُٽل تِيرَ جان پيو آهين پَٽِ،

ڇا تو ڪيو گهٽ، ڪيڏا جيءَ دُکيِائبا!

 

ٽِم ٽِم، ٽِم ٽِم روشنيون تو ۾ ڪيڏيُون شهر!

مون ڇو پويان پهر گهاريا پنهنجي پاڻَ ۾؟

 


 

 

 

ڪُجهه به ته ناهيان آنءُ ڀَڄان، ته ڀرُي پوان،

۽ هي مُنهنجو نانءُ ٺِڪَر جو کيڏاوِڻو!

 

*مِٽي مِٽيءَ سان مِلي سڀڪنهن ساڳيو ٿانءُ،

ڪيڏو مون کي آنءُ، ڀٽڪايو آ ڀوُنءِ تي!

 

مون کي گهُوري چَنڊُ ڄَڻ اَڄ مون کان ٿو پُڇي،

ڇا تُون هي اُپکنڊُ، اِيئَين اَڌ ۾ ٿو ڇڏين!

 

**او مُنهنجا اَنته ڪَرڻ، توتي ٿو سوچان،

تو لَئه ئي لوچان هاڻي پوئين پَهر ۾.

 


 

 

 

پاپُ ڪَپي ٿو اِيئَن جئَن پَٿر کي هِيرو،

او شَل پاسيِرو، اَگيانِي، اُن کان ٿئين!

 

*جهڙيءَ طرح بانس جو، ڦَل ڪِري ڦَرجِي،

**اهڙيءَ طرح ئِي، ويندو پاپُ وِناس ڏي،

 

***مان ئي پنهنجو پاپُ هان، مان ئي شُڌِّ اَشُڌِّ،

****مان ئي مون ۾ يُڌِ مان ئي هارايان کٽان.

 

جيِئين جَل تي بُدبدو مرگهه- ترشنا جِيئن،

تون پڻ آهين تيئن، سنسو هِن سنسارَ ۾.

 


 

 

*هي راجائِي رَٿَّ جئن وِچتر لوڪُ نهارِ،

۽ پو تِن کي سارِ هو جي مايا کان پَري.

 

**ڪَڪَرن منجهان چنڊ ٿو جِئن پرڪاشَڪُ ٿي،

او شل، ايئن هُجي جَڳَ ۾ تُنهنجي جندڙِي!

 

***هُوءَ جا دُک مان اُتپتي، اُن مان ڪو ڪَلياڻ؟

****مون ۾ پنهنجو پاڻُ ڳولي پَنهنجي موکَ کي،

 

سارا ماڻهو شهر ۾ پيڙا پرڇاوان،

*****آءٌ پيو ڌاوان ڪهڙي رکُّ تلاوَ ۾!

 


 

 

 

لوڀِي پُرشن کان پيا، لوڀُ سِکي جيئو،

اَمرت نه پيئو، مون جو اوهان آڇيو!

 

سامي، ڪامَ سمانُ آگ نه ڪا سنسارَ ۾،

ڇا ڄاڻِي انسانُ ڪهڙيءَ ڄَر ۾ ڄَرڪيو!

 

*موُرتَ اَموُرت تون ئي هن سنسار ۾،

تون ئي آن پوُرت ڌرتيءَ ۽ آڪاشَ جِي.

 

**تُنهنجِي چِترائِي ڪيئي چِتر ٿي وئي،

مون لَئه ڄَڻُ آئي ڪَوِتا ڪَڪرن وانگيان.

 


 

 

 

هِي جيڪو ايڪانت ۾ آهي رَهڻَ رَسُ،

اُن جو مون کي ڏَسُ آڳ ۾ ڏِنُئه ڇو نه ٿي؟

 

هي جيڪي مورِکَ جِن سان مون کي گهارڻو،

ڪيڏِي ڪوُڙِي ڏِک، ڏِيَن پيا ڏُور تان!

 

*سَکڻي سڌ ته ڪانه آ، پرِيه جو درشن،

جنهن لئه مُنهنجو مَنُ ڪائي وِههُ واري نه ٿو!

 

**دُکدائڪ آديش جو، ڪهڙو هي ٻَنڌَنُ؟

ڇو هِي مُنهنجو مَنُ اَج تائين آ پاڻ سان؟

 


 

 

 

هي جو پنهنجي ڪروڌَ جي رَٿَّ نه ٿو روڪي، اِن کي چؤ ٽوڪي، ”ڪئن ٿو ڪاهين سارٿِي“!

 

اَت اوچي اَسٿان تي، پَئِي گُذاريِن،

ڪايا ريٽي، چَنڊَ جان، روپُ جڏهن ڌارين،

مارين جيارِين، مون کي پنهنجيءَ پريت سان.

 

*اَتُل اِها ڳالهه آ، ڏاڍي پُراڻي،

جِئن جِئن اونهي ٿِي نِدي، گونگو ٿيو پاڻي،

ڄاڻُو سڀ ڄاڻِي ڪُڇي پُڇي ڪينڪي.

 

توکي ڪوئي موُرڳو، ٻيو ٿو سَڏُ سَڏي،

**تِن ڏِي ڪَنُ نه ڏي هِي جِي ننِدا ڪَن پيا.

 

 

 

واتي ويڻي ٻاڻَ ٿا سارِي واٽَ سَهن،

*ڪَوِي اِيئَن رَهن شُترن جي گهيراوَ ۾.

 

ڪيڏِي وِڄُ چمڪي پَئِي، ڪيِڏي نه گجگاٽ!

هاڻي ڏيئي لاٽ وسائي ڇَڏ وائڙا!

 

تُنهنجي لاءِ سَريَر مون، ڇا نه ڪَيو آهي!

کاڌا، پيتِا، بسترا ڇا نه ڏِنا ٺاهي!

 

**موتُ مَهاوَت جيئن پيو اڄ توکي ڪاهي،

ڇا مون کي لاهي، ويندين پنهنجيءَ واٽ تي؟

 


 

 

 

ڪَنولَ تان تِرڪَنِ پاڻيءَ جُون بوندون جيئن، نيچ تِرشنا مَنِ مون ۾ رهي ڪينڪي.

 

ڦاٿلَ سَهي جيئَن سَڀُ، ڏاڍا زورَ ڏِيَن،

آجا ڪونه ٿِين پو به ترشنا کي تَڙي.

 

جئن ڪوريئَڙو ڄارَ،تئن تون پنهنجيءَ تانگَهه ۾،

توکي هِن سنسارَ، آ ڪيڏو قابو ڪيو!

 

او شل پارَ پرارَ، جيڪي آهي، سو ڇڏين!

او شل تُنهنجِي تارَ، ڪَنڌِيءَ ڪاڻيارِي نه ٿي!

 


 

 

 

ڪيڏيون شَنڪائون، شانتِ نه مُنهنجو جيئڙو،

*ڇا واري آئون سڀڪُجهه تُنهنجي ڪَڍَ لڳان؟

 

**ڀِن ڀِن اَسُڀُ ڀاونا ’مارا‘ جو ٻَنڌنُ

ڇا هِي مُنهنجو من آجو ٿيندو ڪينڪي؟

 

هي ٻوٽو رابيل جو، نيٺ ته ڇاڻي گُلَ،

ڇورِي، اَهڙي ڀُلَ، جوڀَن ويندو ڪينڪي!

 

نيٺ ته پوڙهيُون جُهورُ،ٿِيوُن،تُنهنجوُن پنبڻيون،

جن تي ڀؤنرَ ڀنڀولجن نيڻ نه ساڳيا مورُ،

پَتَڻ پويون پُورُ نيٺ ته آيو ناوَ لئه.

 

 

 

سروج مُکيءَ کيتَ ۾ نماڻيون نظروُن،

ڇا تو سانجهيءَ جُون ڏٺيون آهن ڪينڪي؟

 

ڪيڏو ڪَرڪيون ڪوڙڪيءَ آڌيءَ جو آيَلَ!

*هرڻيون هيرايَل پاراڌيءَ جي پارَ ڏي.

 

روِئي رَڇَّ ڀريان اگر، مان ڪهڙو انسان!‘

ها،پَر هِي سُنسانُ سانجهيءَ ساريون جهوپڙيون!

 

**جيڏو مَڌُ پيئان موُر نه ٿئي تِرپَتِي،

او شل مان جيئان جيڪر تُنهنجو گِيتُ ٿِي.

 


 

 

 

جنِ ۾ سارِي راتڙِي سَرها مُنهنجا سواسَ،

وَر وَر ڏيئِي واسَ مهڪي پَئِي مالتي،

 

سامي! هيءُ سرير جئن ڍوئائيءَ ڍڳو،

جنهن کي روز لڳو چَهو تُنهنجي چِت جو.

 

ڏِسُ ته تِرشنا ڪيئَن جَهرڻا ڳولي ٿِي لَهي!

اُن کي چاهِين جِيئَن تون اَپنائي ٿو سگهين.

 

وِرنداوَن کي ڪيرُ ٿو کُرَن سان کوٽي؟

جنگ نه ڪو جوٽي، ايِڏي رڙِ راڪاسَ جي!

 


 

 

 

ماڻهو تُون جو موت کان، مٿاهون آهين،

چؤُ پو تون ڇاهين، ڇَڏي ساٿُ سرِير سان؟

 

تو لئه چاڪيءَ ڏاند جئن آهيان مان ڏاتارَ!

متان ڏينم ميارَ، ٻيو ڪو ڪم وٺڻو اَٿِي؟

 

پوئينءَ گهَڙيءَ کي، اِيئين چنبڙي ٿو وٺين،

سورجُ سِجَّ لٿي سَرَ کي جئن سونو ڪري.

 

مان توڙي خاموش صديون مون سان سانت ۾،

ڇو مُنهنجو آغوش، توکي خالي ٿو لڳي؟

 


 

 

 

اَکُٽ اي برهمانڊَ! تُنهنجا هوُ تارا ڪَتيون،

ڄَرڄَر ڪيئي ڍانڍَ، تُنهنجيءَ اَت ايڪانت ۾!

 

لهوءَ وَن آڪاسُ، رَتُ سان ريٽِي جندڙِي،

ڪُجهه به نه ٿيندو ناسُ، سڀڪُجهه اڳتي ٿو وڃي.

 


 

*  نردوش بيڏوهي        دوشي - ڏوهي

**  ڪوشُ - لغات

***  ڪنهن پَرِ ڪنهن رِيت

*  گهات خون.

**  آيُو عمر

***  دُردشا خراب حالت

*  ڀَينڪر خوفناڪ                            ڪايا - جسم

**  چرتر اخلاق                   پوُرن - مڪمل

***  اَسٿر جا مضبوط نه هجي.        اَستتي- غير يقيني

****  ’اتر ويلا‘ لفظ، ’آتُر‘ مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ پيڙا يا بيماري آهي.

*  ٿانءُ - ٺڪاڻو

**  اَنته ڪرڻ جيڪي من ۾ آهي يا سوچ ۾ آهي.

*  نوٽ بانس جي وڻ ۾ ڦَلُ ڦَرجِي، ڪِري پوندو آههِ

**  وِناس - تباهي

***  شڌ پاڪ    اَشُڌ - ناپاڪ

****  يُڌِ - جنگ

*  وِچتر حيرت انگيز

**  پرڪاشڪ جلوه افروز

***  اُتپتي ڄَمُ، ٻاهر اچڻ، اُڀري اچَڻ

****  موکُ موکش، نجات

*****  وِکُ وِههُ، زهر

*  اَمورُ شڪل کان سواءِ

**  چِتر تصوير   چترائي- هوشياري

*  پريه  - پرين

**  دُکدائڪ ڏُک ڏيندڙ    آديش الوداع، موڪلاڻي

*  اَتُل گوتم ٻڌ جو هڪ شِشُ

**  نِندا - گِلا

*  شُترن - دشمنن

**  مَهاوَت هاٿيءَ کي هلائيندڙ

*  شنڪائون - شڪَ

**  ڀِن ڀِن اَسُڀ ڀوانا طرح طرح جا خراب خيال

** مارا موت جو ديوتا ٻڌمَت جي اصطلاح ۾

*  پاراڌي - شڪاري

**  تِرپتي خواهش جو پورو ٿيڻ، آسودگي

.  نوٽ: = مَٿين سلوڪن ۾ ڪجهه تشبيهون، استوارا، لفظ ۽ تصور هندي ۽ ٻوڌي پُستڪن تان وَرتل آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org