واِئي
هِيءَ جا ويل وَئِي،
ٻيهر ايندي ڪينڪي
تارا تارا اُڀُّ ۾ سارِي رات رَئِي،
سانڍِي سيني وقت جي مون جا ڳالهه ڪَئي،
پيهِي وَئي پولارَ ۾ چَپَن مَس چَئي،
هر شَيءِ وَئي پُٺ تي ڇَڏي هِتي ڏيکَ ڏِئي.
وائي
اَڇّو ڪَيو اَنَّ جان مون کي ڇا لئه تو؟
چَؤ،مون کان ڇا ٿو گهُرين؟
جو ڪجهه مُنهنجيءَ جهولَ ۾ هونءَ به تُنهنجو هو!
چَؤ،مون کان ڇا ٿو گهُرين؟
مون، جَنهن سارو ڏِينهڙو تولئه واجهايو،
چَؤ،مون کان ڇا ٿو گهُرين؟
تو لَئه ترسان ڪيترو اِجهو سِجُ ٻُڏو!
چَؤ،مون کان ڇا ٿو گهُرين؟
وائي
وَڻ ٽِڻ سَڀُ هِڪَ هنڌِ،
چَنڊُ پيو هلندو هلي.
ڇو تون ڌرتِيءَ تي هُئين اُن جي پُٺ تان پَنڌِ؟
چَنڊُ پيو هلندو هلي.
ڇا تو موکيءَ کي ڏٺو مَهڪِي اُن جي مَنڌِ؟
چَنڊُ پيو هلندو هلي.
ڇا ٿو پاڙين پاڻَ سان؟ تون ڪهڙي سَؤ ڳنڌِ؟
چَنڊُ پيو هلندو هلي.
وائي
سيني سان سنسارَ کي جي تون لائيندين،
پاڻُ نه ڀائيندين،
آهي اُن کان اوپرو!
جهَرڻا جِيئَن پهاڙ تي، تِئن جي ڳائيندين،
پاڻُ نه ڀائيندين،
آهي اُن کان اوپرو!
جي تون راهِي رات جو چَنڊَ جيان ٿيندين،
پاڻُ نه ڀائيندين،
آهي اُن کان اوپرو!
ڳليءَ ڳليءَ روشني جڏهن تون ڏيندين،
پاڻُ نه ڀائيندين،
آهي اُن کان اوپرو!
وائي
مون کي ڪاريءَ رات ۾ گُگَهه جيان گهُوري،
هي جو پاڇو موت جو.
ڇاتي سوچان ٿو وري آنءُ اکيون پوري!
هي جو پاڇو موت جو.
مون کي رَڻ ۾ روليو سپني اَڌوري،
هي جو پاڇو موت جو.
وائي
مُنهن اونداهيءَ ۾
ڇا تون ڪانکِي چَنڊَ جو؟
هُونءَ ته ناهين لوءِ جي لائيءَ چائيءَ ۾،
ڇا تون ڪانکِي چَنڊَ جو؟
نه ڪِي تو کي موههُ آ پيسي پائيءَ ۾،
ڇا تون ڪانکِي چَنڊَ جو؟
نه ڪِي تُنهنجو آجڪو آڏَ وَڏائيءَ ۾،
ڇا تون ڪانکِي چَنڊَ جو؟
ڪاڏي دَنگِي ٿو ڌِڪين واءُ اَڻائيءَ ۾؟
ڇا تون ڪانکِي چَنڊَ جو؟
وائي
جهونجهڪڙو جَهمڪي
جِئَن جِئَن چَنڊُ جهڪو ٿيو آ،
ڪهڙا گهنگهرو گونجن ٿا،
پَنگهٽ تي ڪا پاڻياري،
گهَرِ گهَرِ ديپَ اُجهاڻا، |
چَرَن ڪَمل چَمڪي.
ڇَم ڇَم، ڇَم ڇَم ڪي؟
سَڀَ کان اڳُ لَڪي.
پَر،ڪوڪو دَرُ ٽَمڪي. |
وائي
ڪاريهر ڪيڏانهُن،
آءٌ وڃان ٿو واٽ تي،
تون جنهن لَڪِّ لڪي وئين
تُنهنجي تاڙَ اُتاولي |
مُنهنجو مَنُ تو موهيو.
تُنهنجي پاڇي ڏانهُن،
مُنهنجو مَنُ تو موهيو.
دَڳُ ويو تيڏانهن.
مُنهنجو مَنُ تو موهيو.
مُنهنجي پيري ڏانهن.
مُنهنجو مَنُ تو موهيو. |
وائي
ڪيترا آهي پُرَههَ!
اُڃَ هيءَ مون ۾ ازَل جِي؟
ڄَڻ ته تارَن کان ڪَويتا جي پَرانهين آهه ڪَههَ!
اُڃَ هيءَ مون ۾ ازَل جِي؟
نيڻَ مُنهنجا ڄڻ هيا ڀونرا گُلابن تي اَسَهه!
اُڃَ هيءَ مون ۾ ازَل جِي؟
دوُر ڌرتيءَ کان نِينَ ٿا ڪيترو مون پوُرَپَههَ!
اُڃَ هيءَ مون ۾ ازَل جِي؟
پوبه ڄڻ نظرون هيون هُن کان سواءِ مُنهنجون
نِرَهه!
اُڃَ هيءَ مون ۾ ازَل جِي؟
هُو ڪٿي آ؟ هو ڪٿي آ؟ وِههُ لڳا مانيءَ گِرَههَ-
اُڃَ هيءَ مون ۾ ازَل جِي؟
وائي
آءٌ جُڳانتر آهيان پر تون ڇا ڄاڻين-
تون جا گهُوري ٿِي ڏسين!
ڇو ٿِي مون کي سارَ جي ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻين؟
تون جا گهُوري ٿِي ڏسين!
ڇو تون پئي چَنڊَ تي ڪَڪريءَ کي تاڻين؟
تون جا گهُوري ٿِي ڏسين!
ڇا تون مون کي ڇيڳري نه ٿي سڃاڻين؟
تون جا گهُوري ٿِي ڏسين!
وائي
توڙي مُنهنجي وَسَ ۾، مون کان ايڏو ڏورُ!
تون جا مايا اولڙو.
جِيئين چَنڊُ تَلاوَ ۾ ائين تُنهنجو پورُ
تون جا مايا اولڙو.
ووڙي تو لئه ويسِري پيرَ ڪيا مون چورُ
تون جا مايا اولڙو.
ريٽو ڏاڙهونءَ وَڍَّ جئن مُنهنجو مَن مجبور
تون جا مايا اولڙو.
وائي
جيڪِي سمجهان، جيڪي سوچان
سو مان ڪئن نه چوان!
تُنهنجو روپُ اَنُوپُ اُنهيءَ ۾ آهي مُنهنجِي مان،
سو مان ڪئن نه چوان!
تُنهنجي ڳالههِ اَچي ٿِي اُڀرِي مون ۾ واري سان،
سو مان ڪئن نه چوان!
تُون ئي سانت سمندر جيڏي، تون ئي چَنڊُ مٿان!
سو مان ڪئن نه چوان!
تو ۾ لرزان، تو ۾ لوچان هَر هَر حيرت مان،
سو مان ڪئن نه چوان!
وائي
آءٌ گداگُر بِيکَ گهُران، جي تو کان سارو مَنڊُ،
ڇا هي سارو مَنڊُ
چَوءُ تون مون کي ڏيندين؟
مُنهنجي جهولَ وڇايلَ، جنهن ۾ ڪافي سِجُّ نه چنڊُ
ڇا هي سارو مَنڊُ
چَوءُ تون مون کي ڏيندين؟
راتِ وهامي ٿي،مان پِيهان ڪيسين جِيئَڻَ جَنڊُ؟
ڇا هي سارو مَنڊُ
چَوءُ تون مون کي ڏيندين؟
اَڃّ ته مون لئه پيرَ ڪَڙيون آهي اونداهو گنڊُ!
ڇا هي سارو مَنڊُ
چَوءُ تون مون کي ڏيندين؟
وائي
مومَل راتِ هلائي ڪارِ
نشّي ۾ ڌُت مينڌرو!
جهِرمر جهِرمر ڪاڪ جان
رات هُئي هوٽل جي بارِ
نشّي ۾ ڌُت مينڌرو!
اُڀرِي ٿِي آڪاشَ ۾
وِسڪيءَ جي نَئن تارؤن تارِ،
نشّي ۾ ڌُت مينڌرو!
ٻَر ٻَر ٻَرنديءَ ڏاگهه تي
چَنڊُ رُنو ٿي زارؤن زار،
نشّي ۾ ڌُت مينڌرو!
(وڌيڪ پڙهو) |