سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 2

 

مهاڳ

هيءُ ڪتاب ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن“ آڪٽوبر 1990ع جي پهرئين هفتي ۾ لکيو ويو هو. مان رات جي نوين بجي کان صبح جي ڇهين بجي تائين لکندو هوس، جيستائين مؤذن بانگ ڏيندو هو. ائين محسوس ٿيندو هو ته منهنجي عبادت پوري ٿي ۽ هاڻي مان سمهي پوان. اهو سارو درمياني وقت مان بستري تي ليٽيل هوندو هوس ۽ بتي اُجهاميل هوندي هُئي. اوندهه ۾ هڪ سٽ هيٺ ويندي هئي، هڪ سٽ مٿي، جيئن منڇر تي آڙيون اُڏامنديون آهن. مون کي پتو نه پوندو هو ته سٽون ڪيئن ۽ ڪٿان ٿيون اُڏري اَچن. هڪ شعر پورو ٿيندو هو ۽ ٻيو پکيئڙي وانگر پرڙا ڦڙڪائيندو ايندو هو. مان اُن تي جهَٽ لاءِ به نه سوچيندو هوس ۽ ائين لڳندو هو ته مُنهنجي اندر ڪا مانسروور آهي جا کُٽي نه کُٽڻي آهي ۽ جنهن جي رواني ڏينهون پوءِ تيز ٿيندي ٿي وڃي. مان ڀانيان ٿو ته ايترو گهڻو شعردنيا جي ٻئي ڪنهن به شاعر ايتري ٿوري وقت ۾ نه لکيو آهي.  جا قوّت مون کي اُتساهي رهي هئي، مان اُن جو ٿورائتو آهيان، جو هن عمر ۾، بيماريءَ جي باوجود، مون کي ايتريءَ تخليق لاءِ توفيق ڏني اَٿائين. ائين ضرور آهي ته شاعر جو لاشعور ۽ تحت الشعور چوويهه ڪلاڪ ئي ڪنهن پن چڪيءَ وانگر ڪم ڪري رهيو آهي ۽ جنهن وقت شعر جي آمد ٿئي ٿي، اُهو شعور سان ملي، اُن جي ڌارا کي اڳتي وڌائي ٿو ۽ انساني دل و دماغ کي سيراب ڪري ڇڏي ٿو. مان ڪائي هام نه ٿو هڻان، پر جيتري قدر منهنجو مطالعو آهي (۽ مون پوريءَ دنيا جي قابلِ مطالع شاعري يا ته براه راست پڙهي آهي يا اُن جو انگريزي ترجمو پڙهيو آهي)، مون کي اهڙا مثال دنيا جي ادبي تاريخ ۾ ٿورا نظر آيا آهن. جڏهن انهيءَ ننڊ-جاڳ جي ڪيفيت ۾ شعر جي تخليق ڪئي وئي آهي. انگريز شاعر، ڪولرج، آفيم جي پنڪيءَ ۾ فقط هڪ نظم ’قُبلائي خان‘ لکي هُئي، جنهن جي ساراهه مان انگريزي ادب جا شائق ڍاپي نه ڍاپندا آهن. جرمن شاعر، گوئٽي، رات جو ننڊ مان اُٿي، ٻه ٽي نظم لکيا هئا ته جرمن ادب ۾ اُن جو چوٻول اڃا تائين ٿيندو آهي. آئرلنڊ جي شاعر، ييٽس، (Yeats)، هڪ رات پنهنجي موت جي بستري تان اُٿي  هڪ سڄي انگريزي منظوم جو نثري مسودو ٽين بجي رات جو لکايو هو ۽ ڇهن ڏينهن کان پوءِ اُن کي منظم ڪيو هو. انگريز شاعر، اليگزانڊر پوپ، به اهڙيءَ طرح سياري جي يخ جهڙين سرد راتين ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڊ مان اُٿندو هو ۽ اُهي تصور قلم بند ڪري ڇڏيندو هو. جن هن جي ننڊ ڦٽائي هئي ۽ پوءِ ڏينهن جو اُهي تصور نظم ۾ آڻيندو هو. ممڪن آهي ته اهڙا ٻيا به ڪي مثال هجن، جي منهنجيءَ نظر مان نه گذريا آهن. پر منهنجي تخليقي ڪيفيت جي نوعيت مختلف هُئي. مون ستن راتين ۾ اٽڪل اڍائي سَؤ صفحا شعر ۾ مکيا ۽ اڃا هڪ سٽ پوري نه ٿي ٿِي ته ٻي پئي آئي. شايد مستقبل جا ڪي ماهرِ نفسيات ان تي توجه ڏين ۽ شاعريءَ جي تخليق جي اسرار کي پائي سگهن. مون ته ”تخليقي عمل“ تي مغرب جي عظيم دانشور، آرٿر ڪوئسلر، جو ڪيئي سئو صفحا ڪتاب. (The act of creation). پڙهيو هو، پر هن جي سمجهاڻي مون کي پوريءَ طرح نه آئڙي هئي.

جيئن مٿي چيو ويو آهي، مون هي ڪتاب آڪٽوبر 90ع جي پهرئين هفتي ۾ لکيو هو ۽ آڪٽوبر جي ٻئي هفتي ۾ اُن کي سُڌاري ڪاپي ڪيو هو. 20 آڪٽوبر 90ع تي مان ’شاهه، سچل، سامي‘ سيمينار جي افتتاح لاءِ بمبئيءَ  ويو هوس، ۽ مٿئين ڪتاب جو قلمي نسخو پاڻ سان کڻي ويو هوس ته جيئن اُتي ڇپائي سگهان. ان جو سبب فقط اهو هو ته مون گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب پاڪستان کان ٻاهر ڇپائڻ ٿي چاهيو. مون اُتان جي سُٺي پبلشر، نارائڻ ڀارتيءَ، کي اهڙِ آڇ ڪئي پر هُن چيو ته هُن کي ايڏي وڏي ڪتاب جي هڪ وقت ڇپائيءَ لاءِ گنجائش نه هُئي ۽ جي مان کيس سوا سؤ صفحا ڏيندس ته هو خوشيءَ سان ڇاپيندو. مون کي اها ڳالهه نه آئڙي ۽ مان ڪتاب موٽائي کڻي آيس ۽ اُن کي ٻيهر درست ڪري ڪاپي ڪيم ۽ فيروز احمد کي ڇپائيءَ لاءِ ڏنم.

مشهور ترقي پسند اديب، اُتم، مُنهنجو آخرين ڇپيل ڪتاب، ’اُڀر چنڊ پس پرين‘ پڙهي، مون کي بمبئيءَ جي روزوُڊ هوٽل ۾ چيو هو ته جي منهنجا ڪتاب ’ڀونر ڀري آڪاس‘ کان وٺي اڄ تائين پڙهبا ته اُنهن ۾ به ڪيترن هنڌن تي تصوف يا ويدانت جو اظهار ملندو ۽ اها ڳالهه مُنهنجي شاعريءَ جي ترقي پسنديءَ کي گهٽائي نه ٿي. هن نهايت خوشيءَ سان مُنهنجو بمبئي ٽي- وي تي انٽرويو ورتو هو، ”جهولي لال“ هفتيوار ۾ مون تي ليک لکيا هئا ۽ ٺاڪر چاولا سان وعدو ڪيو هئائين ته هو ۽ سنُدري ”سپون“ رسالي جي ’شيخ اياز نمبر‘لاءِ مون تي ۽ مُنهنجي شاعريءَ تي مضمون لکندا. ٻئي برک ترقي پسند اديب، ڪيرت ٻاٻاڻي، ”سهڻيءَ“ جي ’شيخ اياز نمبر‘جي ٻئي ڀاڱي لاءِ طارق اشرف کي مضمون موڪليو آهي. ٽئين ترقي پسند اديب، گوبند مالهيءَ، ”سنڌي انٽرنيشنل“ ۾ منهنجي شاعريءَ تي انگريزيءَ ۾ لنبو مضمون ڇپايو. اي ڪاش! هتان جا ترقي پسند اديب اهو سمجهي سگهن ته هن وهيءَ جي موڙ تي مون ۾ انسان جي انت ۽ اُن کان اڳتي تي سوچ ۽ ويچار فطري آهي، ۽ ڌرتيءَ سان منهنجي ڪمٽمينٽ جي آڏو نه ٿو اچي. مارڪسزم جي جدلي ماديت اڄ هڪ مدي خارج فلسفو ٿي چُڪو آهي، پر جنهن وقت اهو ادب کي اُتساهيندو هو تنهن وقت به دنيا جي عظيم ڪميونسٽ شاعرن ۾ ڪيئي اهڙآ شعر ملندا، جي اُن فلسفي سان مطابقت نه ٿا رکن ۽ اڳتي جي اسرار ۾ ويڙهيل آهن. ڪميونسٽ مفڪر ۽ اديب، ڪرسٽافر ڪاڊويل، جي ڪتاب، (Illusion and Reality)، ۾ به ساڳي ڪيفيت ملي ٿي.

شايد ئي هن دؤر جا اديب حافظ جو هي شعر هيئين سان هنڊائي، اُن جي تهه تائين پهچي سگهيا هُجن:

*وجودِ جا معمّا است حافظ!

که تحقيقش فسون است وفسانه

ڀارت جي سفر دوران،گُوا ۾ ڊونا پاولا (Dona Paula) بِيچ تي مان، زرينا ۽ منهنجو ۽ رشيد ڀٽيءَ جو پراڻو دوست، جئوير، مانڊو ويءَ (Mondavy) نديءَ جي وهڪري ڏانهن ڏسي رهيا هياسون. آسمان ۾ ڪڪر نيرن ڦُلن جي ٽوڪريءَ وانگر لڳي رهيا ها. اُن وقت مون کي زين مَت جي هڪ ڪهاوت ياد آئي:

هڪ ڏينهن جڏهن هڪ زين فلسفي، پائوچي، پنهنجي گروءَ، ماتسوءَ (Matso)، سان گڏ گهمي رهيو هو تڏهن هن کان پڇيائين:

”گُرو اُتم نرواڻ ڇا آهي؟“

”گُروءَ جواب ڏنو ته جلدي ڪَر!“

”ڇا لاءِ جلدي ڪيان، گرو!“ پائوچيءَ پڇيو

”نهر ڏانهن ڏس!“ گروءَ جواب ۾ چيو

مون کي ڪافي عرصي کان اهو احساس رهيو آهي ته پل پهرَ عمر کي ائين کائي رهيا آهن جيئن ڪوئا ڪاٺ جا شهتير ڪُتريندا آهن. پر جي شهتير لوهه جا هوندا آهن، تڏهن به اُنهن کي ڪٽ ڪوئن وانگر کائي ويندي آهي. الائي ڪنهن چيو آهي ته ” موت ڪئلينڊر نه رکندو آهي“. رومي فلسفي، سسرو  (Cicero)، چيو آهي ته ”ڪوبه ماڻهو ان کان اَڻ ڄاڻ ده آهي ته هن کي مرڻو آهي، نه وري هن کي اها پڪ آهي ته هو اَڄ نه مرڻو آهي.“ ان ڪري مون گذريل ڏهه سال ڏاڍو تيزيءَ سان لکيو آهي، ان لاءِ ته پوءِ هٿ هڻڻا نه پون. پر موت هت ڪنهن کي هٿ هڻڻ به نه ڏيندو آهي ۽ هر ڪنهن کي هٿين خالي روانو ڪندو آهي. هاڻي جي اهڙآ خيال مُنهنجي پوئين دؤر جي شاعريءَ ۾ اظهار پائن ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي (ڪافي وقت کان مون پنهنجو هر ڪتاب پويون ڪتاب سمجهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته قدرت مون کي وڌيڪ ڪجهه لکڻ لاءِ مهلت ڏيندي رهي آهي.)

دنيا جي عظيم ترين ناول نگار، ڊوسٽووسڪيءَ، پنهنجي ڪردار، ڪِرلوف، جي واتان چيو آهي ”خدا آهي ته ڪونه، پر هُن کي هُجڻ گهرجي. ان ڪري ئي مون کي لڳي ٿو ته ڀيانڪ ۾ ڀيانڪ موت هڪ ناستڪ جو آهي. هو مرڻ وقت ڇا سوچيندو؟ ڇا، اهو سوچيندو ته اڳتي ڪجهه به نه آهي! ڇا، اڳتي رڳو اونده آهي،پالهيپڻو آهي، هيءُ سنسار سکڻو آهي؟“

ڊيوڊ شرب جو لينن جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب مون ڪيئي سال اڳي پڙهيو هو. ان ۾ هڪ حيرت انگيز ڳالهه لکيل هئي. جڏهن لينن کي زورچ ۾ خبر پئي هئي ته پيٽرو گراڊ تي انقلابي ڇانئجي ويا آهن، ته هن کي اعتبار نه پئي آيو. هن ته سمجهيو هو ته انقلاب پهرين جرمنيءَ يا انگلينڊ ۾ ايندو، جي صنعتي طور ترقي يافته مُلڪ هئا ۽ جتي پرولتاريت ڪافي مضبوط ۽ منظم هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي خبر پئي ته ارورا ڪُروز تي بغاوت ٿي هئي ۽ بالشويڪ سمالنيءَ ۾ تقريرون ڪري، ڊوما تي قبضي ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا. هن کي جعلي پاسپورٽ هو پر هُن ريل جي ذريعي سفر نه ٿي ڪرڻ چاهيو. سو هن راتو واهيءَ فِنلئنڊ جي ذريعي پيٽرو گراڊ وڃڻ چاهيو. آڪٽوبر جو مهينو هو ۽ رستي تي هُن کي هڪ برف سان ڇانيل ندي پار ڪرڻي هئي. نديءَ تان ويندي، اوچتو برف ڀڄي پئي ۽ هن جي هڪ ڄنگهه اندر هلي وئي. لينن جي چپن تي فقط هي آيو: ”ڪهڙو نه بي معنيٰ موت آهي!“

مان ڀانيان ٿو ته هُن کي واقعي موت جو ڀَءُ نه ٿيو هوندو، ۽ فقط اهي لفظ هن جي چپن تي آيا هوندا. اهو نه وساريو وڃي ته اُن وقت بالشيوڪ پارٽيءَ جا ليڊر دهريت سان سرشار هئا ۽ هن جهان کي ذهني طور آخري جهان قبولي وڙهي رهيا هئا.

پر موت سڀ عقيدا واري ٿو ڇڏي. ڪنهن اسپتال ۾ لاش ڪفن ۾ ويڙهي ٿي کڻي ويا. اُن کي ڏسي، ڪنهن پڇيو، ”هي هندو هو يا مسلمان يا ڪميونسٽ؟“ان تي ٻئي جواب ڏنو هو، ” ڪير به هجي. موت ته ٽنهي لاءِ ساڳيو آهي!“

مون نئن گاج وٽ بگهڙ جي اوناڙ ٻُڌي، پنهنجي همسفر کي چيو هو، ”بگهڙ جي اوناڙٻڌين ٿو؟ مون اُها اڳ ڪڏهن به نه ٻُڌي آهي!“ اوچتو سانجهيءَ جو سج ٻڏي ويو هو ۽ اوناڙ ڪاراڻ ۾ سمائجي وئي هئي.

مون ڪيئي ڀيرا سوچيو َهي ته موٽي وڃان ۽ڪراڙ جي ڪپ تي ڀٽائيءَ جا پيرا ڳولان، اُهي پيرا اڃا اُتي هوندا. رڳو ماڻهوءَ جون اکيون جهانورجي ويون آهن.

هن پراسرار ڪائنات تي ڪوئي به قطعي رايو عبث آهي پر منهنجي دل بنهه نه ٿي مڃي ته زندگي هتي کٽي ٿي. سقراط کان وٺي شنڪر آچاريه تائين، هر ڪنهن پنهنجو حل ڏنو آهي. مُنهنجي شاعريءَ کي به پنهنجو حل تلاش ڪرڻو آهي. هنو قت تائين مون جيڪي به فانوس ٻرندا ڏٺا آهن، انهن جي روشني ايتري ته جهڪي آهي، جو رستو ڪنهن ڌنڌ ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ اڳتي پرشور سمندر گرجي رهيو آهي، جنهن جي گرج چٽي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ احساس جي باوجود منهنجو من اڄ تائين ڌرتيءَ سان واڳيل رهيو آهي.

منهنجي شاعري ديس ۽ دنيا جي وڏن آدرشن ۽ واقعن کان نا آشنا نه رهي آهي، ننڍي کنڊ جو ورهاڱو، ون يونٽ، پاڪستان ۾ ٽي مارشل لا، ننڍي کنڊ ۾ ٽي جنگيون ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد، ويٽ نام جي جنگ، مائوءَ جي هاري پرولتاريت جو انقلاب ۽ اُن کان پوءِ چين ۾ ثقافتي انقلاب، ٻي مهاڀاري لڙائي، روسي انقلاب کان پوءِ پولنڊ، هنگريءَ ۽ چيڪوسلوواڪيا ۾ روسي والار جي خلاف بغاوت، ايٿوپيا ۾ ڏڪار، نيوڪلائي تجربا وغيره. مان ڀانيان ٿو ته منهنجيءَ شاعريءَ ۾ قومي ۽ بين الاقوامي واقعات ڏانهن اشارا دنيا جي ٻئي ڪنهن به شاعر کان گهڻا آهن. اڃا تائين من کي پنهنجي ديس ۽ دنيا ۾ اُٿل پُٿل سان ساڳي دلچسپي آهي، ۽ تعجب سان ڏسي رهيو آهيان ته انسان ذات پنهنجيءَ حماقت جي ڪري ڪيترو نه تباهيءَ جي ويجهو اچي پهتي آهي. پر ساڳئي وقت مون کان اها ڳالهه ڪڏهن به نه وسري آهي ته اسان پڇڙ تارن وانگر آهيون جن کي اها ڄاڻ ته آهي ته هو اُجهامي وڃڻا آهن پر اها ڳالهه هو پاڻ سان باسن نه ٿا. نه هو اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻي سگهيا آهن ته جي ڏياٽي ٻُجهي وئي ته ڀت تان اُن جا پاڇا به گُم ٿي ويندا. انسان ايترو ته آپي ۽ آڪڙ ۾ وچڙيل آهن، جو هو تاس جي پتن جا به ويچارا ڪڍي رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته بادشاه، راڻيءَ ۽ گولي جون اکيون ڪڍي وجهن. روس جي عظيم شاعر مينڊالسٽام، کي، جنهن کي اسٽالن مارايو هو، تاريخ جو حس نهايت تيز هو. هُو وقت جي رفتار جاچي وٺندو هو ۽ اُن جي چاپ کي ٻُڌي سگهندو هو. ”منهنجي صدي، مُنهنجو مِرون“  هڪ نظم ۾ هن لکيو هو، ”....اُن جي تُنرن ۾ ڪير ڏسي سگهندو؟  ڪير پنهنجي رت سان ٻن صدين جي ڪرنگهي کي جوڙي سگهندو-  ڪرنگهو جو چٻو ٿي ويو آهي، ڪرونڊڙو لڳي رهيو آهي، ٽُٽي پيو آهي.“ مون به هن ننڍي کنڊ جي باري ۾ اڪثر ائين ئي سوچيو آهي.

مون اهو به محسوس ڪيو آهي ته ڪويل جي ڪوڪ مستقبل ڏسي سگهندي آهي ۽ اُن ۾ اُهو آواز لرزندو آهي جنهن کي ڪائنات جا ڪَن ٻُڌي سگهندا آهن. شاعريءَ جون اکيون آئيندي تائين پهچي سگهنديون آهن ۽ ڪِن ڪِن شاعرن جي شاعري هڪ ماهر جراح جي تيز ڌار وانگر تاريخ جي سيني ۾ پيهي ويندي آهي ۽ اُن ناسور کي ڪوري ڪڍندي آهي جو عام ماڻهوءَ کي نظر نه ايندو آهي.

پنهنجي دؤر جي اهم انقلابي، گئريبالڊيءَ (Garibaldino)، هڪ دوست کي اطالوي شاعر، ليوپارڊي، لاءِ لکيو هو. ”منهنجا دوست!  تو کي اسان جي جوانيءَ جا ڏينهن ياد آهن، جڏهن آسٽريا جي پوليس اسان جي ڪَڍ هئي ۽ اسان پنهنجن ڪتابن جي دنيا ٺاهي هئي، جتي زندگي ۽ آزادي هئي. اها ساري دنيا، ان جو جوش خروش، اُن جون اَکُٽ رٿائون، اهي خواب، اُهي سڀ ليوپارڊيءَ اسان جي شاعريءَ کي ڏنا هئا..... ماضيءَ جي ياد اسان ۾ اول شرمندگي پيدا ڪئي هئي، ۽ پوءِ ( مستقبل ۾) يقين اسان کي عمل جي راهه تي گامزن ڪيو هو. اُهي لفظ نه هئا، شعلا هُئا؛  اسان انهن کي بار بار دهرايو هو ۽ اُهي اُنهن جي موت تي به دهريا ويا هئا جن ديس لاءِ سِر  ڏنو هو.“ هن وقت تائين مون به شاعريءَ جو معيار اهو سمجهيو آهي ته پڙهندڙ بي اختيار چئي اُٿي ته لفظ ته نه آهن ميخون آهن، جن تي نظم نيري سائبان وانگر کُتل آهي.

مان هندستان ۾ ڪيترن ئي اديبن سان مليو هوس ۽ اُنهن سان منهنجي شعر ۽ ادب تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي هئي، جا مان پنهنجي سفرنامي ۾ لکڻ ٿو چاهيان، هتي رڳو هڪ ڳالهه لکڻ ٿو چاهيان. سنڌي اديب ۽ شاعره، ريٽا شهاڻيءَ، جي بنگلي تي ٽي ڏينهن پوني ۾ رهي، مان، زرينا، گُنو سامتاڻي ۽ هري موٽواڻي ريل ۾ بمبئيءَ موٽي رهيا هياسين. گُنو هڪ نهايت ذهين ڪهاڻيڪار ۽ وسيع مطالعي وارو اديب آهي ۽ اسان چار پنج ڪلاڪ سفر دوران ادب تي ڳالهائيندا آياسين. هڪ ڳالهه ته هن اها ڪئي ته جڏهن هي دؤر گذري ويندو، تڏهن منهنجي سياسي شاعريءَ جي ڪهڙي اهميت رهندي! جنهن تي مون هن کي چيو ته منهنجي ڪيتري شاعري سياسي نه آهي ۽ اها ته صاف بچي ويندي؛ سياسي شاعريءَ جي باري ۾ به مون کي اهو چوڻو آهي ته هر فن جيڪو سياست سان واڳيل آهي، اهو هروڀرو امرتا کان وانجهي نه آهي. پولنڊ جي موسيقار، شاپن، پنهنجي موسيقي پولنڊ جي آزاديءَ لاءِ ڪم آندي هئي پر اها اڃا به اڳي وانگر زنده آهي توڙي نه رڳو زار پر ڪميسار به ختم ٿي ويا. جي منهنجي سياسي شاعري اردو شاعر چڪبست جي معيار واري آهي ته پوءِ ان جي اهميت ايتري نه رهندي، پر جي ان جو معيار ان کان مٿي آهي ته ان جي پائندگي ناممڪن نه آهي. آخر مائڪوفسڪي، ايوتوشينڪو، ووزنيسينسڪي، ناظم حڪمت، فيض، پبلو نرواد ۽ دنيا جا ٻيا ڪيئي شاعر ٽئگور ۽ اقبال تائين، سياست سان واڳيل رهيا آهن، پر وقت گذرڻ سان ان ڪري هنن جي شاعريءَ جي اهميت ختم ته نه ٿي آهي. مون هن کي گويا (Goya) جي مصوريءَ جو مثال به ڏنو، جا پنهنجي دؤر جي اسپين جي سياسي حالات کان متاثر هئي. مون هن کي روسي مصور، ريپن (Repin)، جو مثال به ڏنو. وقت انهن جي مصوريءَ جي سياسي پهلوءَ تي اڃا اثر انداز نه ٿي سگهيو آهي.

مون وڌيڪ گُني سامتاڻيءَ کي چيو ته گهڻو ڪري مزاحمتي شاعريءَ (Resistence Poetry) جي تيستائين اهميت آهي جيستائين ظلم آهي ۽ ان جي خلاف آواز اٿارڻ ضروري آهي. مون هن کي فرانس جي مزاحمتي شاعر، پالِ ايوارڊ (Paul Eluard) جو مثال ڏنو ۽ اسپين جي مزاحمتي شاعر، آلبرٽي، جو هيٺيون شعر به ٻڌايو:

”اُف، هن ڪاريءَ رات کي پاسيرو ڪري نه ٿا سگهون؟ هي سڀ سال خوف ۽ هراس جو ڳٺو آهن، جنهن کي ٽوڙي اسان ان روشنيءَ کي اجاگر ڪيون جا اسان ڄاڻون ٿا ته موجود آهي، ۽ ڇاڪاڻ جو اسان اهو ڄاڻون ٿا، اسان اڳتي وڌون، گيت ڳائيندا وڃون، موت تائين.“

مون گُني کي وڌيڪ چيو ته سنڌ جنهن جي هر سنگ لحد هيٺان تاريخ پوريل آهي، ۽ جنهن کي تاريخ جي صفحن تان ميسارڻ مشرق جي وڏي ۾ وڏي حماقت ٿيندي، مون کي جند جان کان وڌيڪ پياري آهي. اها نه رهي، ته سنڌي ٻولي ڪٿي هوندي ۽ منهنجي شاعريءَ جي اهميت ڪهڙي رهندي؟ ها، مون هُن سان اِن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪي سٽون اهڙيون آهن جن کي زندگي جاويد آهي ۽ انهن جو ڪنهن به خاص قومي يا بين الاقوامي جدوجهد سان واسطو نه آهي. مون مثال طور هن کي ڀٽائيءَ جي سٽ ٻڌائي هئي:

”لڳي اُتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي“، ۽ ”اکين ۾ الماسَ“ وارو استعارو به ٻڌايو هو. ان وقت مون کي ازرا پائونڊ جو هي شعر به ياد اچي رهيو هو:

”ڊگهين ٻيڙين تان روشنيون پاڻيءَ ۾

پئجي رهيون آهن،

”۽ سمنڊ جا چنبا انهن کي ڪٺو ڪري

ٻاهر ڪڍي رهيا آهن.“

يا وئليس اِسٽيوِنس ( Wallace Stevens)  جي هيءَ سٽ: ”هوا هڪ ويٽر (Waiter) وانگر هئي جنهن ٽري (Tray) آندي هجي“.

يا لاطيني آمريڪا جي شاعر، سيزار وليجو، جو هي شعر:

”کُڙ کٻيتي جو چمڪو ڄڻ قدرت جي

گهڙيال ۾ ٽڪ ٽڪ وانگر ٿي لڳو.“

پر پوءِ به مون کي اشتراڪي شاعر، پبلو نرودا وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. هن جو چليءَ جي جهنگن جهرن، پهاڙن ميدانن، مينهن واچ، ندين دريائن سان گهرو ناتو هو ۽ هن جي شاعريءَ ۾ سچي گهرائي هئي. هو آمريڪا جو عظيم ترين شاعر هئو، هو چِليءَ جي دريائن پهاڙن، ان جي کڙٻڙائتيءَ ۾ هيٺ مٿي ڌرتيءَ، ان جي اُجاڙپڻي، سُڃ ۽ هيکلائيءَ جو مصرو هو. نرودا جي ماضيءَ جي تصور ۾ وَڻ ٽڻ، پَسون، پکي ۽ انسان ۽ لطيني آمريڪا جون قديم قومون، ازٽيڪ (Aztecs)، مايا (Mayas)، اِنڪا (Incas) ۽ مَچو پِچو (Macho Picho) جا رهواسي، پنهنجي پوريءَ بربريت سميت اچي وڃن ٿا، جيئن مُنهنجي شاعريءَ ۾ اُتر، لاڙ ۽ ٿر جو پس منظر ۽ اُن جا ماڻهو اچي وڃن ٿا. ليڪن هُن جي مارڪسي نظريي جي باوجود، جُن جو هيٺيون نظم ڪهڙو نه عجيب آهي:

”ڪيترا ڀيرا سياري ۾، شهر جي گهٽين ۾، يا بس ۾، يا ڪنهن دُڪان جي اڌوريءَ روشنيءَ ۾، يا ڪنهن چراغان رات جي گهريءَ خاموشيءَ ۾ جڏهن ماڻهو جشن ملهائيندا هجن، پاڇولن ۽ گهنڊن جي پڙلاوَ ۾، انساني خوشيءَ جي تهخاني ۾، مون چاهيو آهي ته هن کي ڳوليان، ان اَتانگ رڳ کي جيڪا مون پٿر ۾ ڇُهي هئي، يا ان وڄ کي جا ڪنهن چُميءَ ۾ چمڪي هُئي.“ اها ئي چورا کورا ڪيتري وقت کان مُنهنجي من کي وڪوڙي وئي آهي ۽ هاڻي منهنجيءَ شاعريءَ ۾ پنهنجي منطقي نتيجي تي پهتي آهي.

ڪيترين ئي ٻين ڳالهين سان گڏ گني سامتاڻيءَ مون کي اهو به چيو ته منهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ جو ذڪر ڏاڍو گهڻو آيو آهي. مون هن کي چيو ته دنيا جي ٻين ٽن شاعرن جي شاعريءَ ۾ به چنڊ بار بار علامت ٿي آيو آهي، اطالوي شاعر ليوپارڊيءَ، قرطبه جي شاعر لورڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي شاعر مولينرو ۾. چنڊ مون لاءِ اگم ۽ پهچ کان پري جي علامت آهي ۽ ڪنهن وقت دُور تان نظاري جي به، جيئن غالب چيو هو:

از کاغ و کو بلند و پريشان ز کاخ و کو

کردم بچشمِ ماه تماشاي اين سراءِ

(ڪوٺي ۽ گهٽيءَ کان مٿي ۽ ڪوٺي ۽ گهٽيءَ کان بيزار ٿي، مون چنڊ جي اک سان هن سراءِ کي ڏٺو،)

جيتوڻيڪ غالب جي مرغوب علامت ’آئينو‘ آهي جيڪا هن عبدالقادر بيدل جي شاعريءَ تان ورتي هئي.

اهڙيءَ طرح ليوپارڊيءَ چيو آهي: ”چنڊ جي زندگي هڪ خانه بدوش واري آهي، آوارگيءَ جي“؛

يا-

”اي چنڊ! تون آسمان ۾ ڇا ٿو ڪرين؟

اي خاموش چنڊ! مون کي ٻڌاءِ (ليوپارڊي)

ليوپارڊيءَ جي ٻي علامت، جا هن جي شاعريءَ ۾ بار بار آئي آهي سا ’ازل‘ آهي، جيئن مُنهنجي شاعريءَ ۾ آئي آهي. آرنولڊ وانگر مون سمنڊ کي به بار بار علامت ڪري ڪم آندو آهي. ان کان سواءِ منهنجي شاعريءَ ۾ ٻيون اڪيچار علامتون آهن جي مان مستقبل جي نقادن جي تبصري لاءِ ڇڏيان ٿو.

انهيءَ علامتي شاعريءَ جي باوجود، منهنجي دلچسپي عوامي زندگيءَ ۾ رهي آهي ۽ پيسي واري طبقي سان مُنهنجي نه پوندي آهي. مان ورلي ڪنهن پيسي واري ماڻهوءَ جي دعوت ۾ ويندو آهيان. عوامي زندگيءَ ڏانهن منهنجو رَوَيو  ائين آهي جيئن مصور، وان گوگ، جو هو. هن پنهنجي مشهور تصوير ”پٽاٽا کائيندڙ“، ( Potato Eaters) جي باري ۾ پنهنجي ڀاءُ، ٿِيو(Theo) کي هڪ خط ۾ لکيو هو: ”مان ديانتداريءَ سان ناظرين کي اشارو ڏيڻ چاهيو هو ته اهي ماڻهو جيڪي بتيءَ جي روشنائيءَ ۾ پٽا ٽا کائي رهيا هئا ۽ پليٽ ۾ هَٿَ وجهي رهيا هئا، تن ڌرتيءَ تي هر به ڪاهيو هو. مُنهنجيءَ تصوير ۾ ٻئي ڳالهيون ڏيکاريل آهن. پگهر جو پورهيو ۽ کاڌو، جو هنن ديانتداريءَ سان حاصل ڪيو هو. مون چاهيو ته اها تصوير ماڻهن کي اسان جي مهذب زندگيءَ کان مختلف طرز جي زندگي ڏيکاري؛ سو مون کي اها تمنا نه آهي ته ڪو ئي ان تصوير کي خوبصورت چئي يا چڱو چئي. مون ان تصوير ۾ ڪسان ائين ڪڍيا آهن، جيئن مليٽ (Millet) جي باري ۾ چيو ويو آهي ته هن ڪسان اُنهيءَ مٽيءَ سان ڪڍيا آهن، جنهن ۾ هو پوکيندا آهن.“

هتي ٻن ٻين ڳالهين جو به مان ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو. پهريون ته هن مجموعي ۾ شايع ٿيل ڪيترائي بيت پڪاسو جي توصيرن وانگر آهن. عام شيون، ڪائي صراحي، بيئر جو جام، تماڪوءَ جو ڳٺو، وٽو، رنڌڻي جي صندلي، ڪائي سادي ميز، ڪا پُراڻي ڪُني، اهي سڀ شيون پڪاسو لاءِ استعارا هيون، ڪرست جي چوڻين وانگر ۽ هُو اُنهن کي جدا جدا يا ڪٺو ڪري تصويرون ڪڍي وٺندو هو. پر ڪڏهن به هُن لُوئِي پندرهين ( Louis 15th) جي ڪُرسيءَ جي تصوير نه ڪڍي هئي ڇو ته اُها خاص ماڻهن لاءِ هئي ۽ نه عام ماڻهن لاءِ. هن ڪتاب ۾ ڏنل بيتن ۾ به ائين لفظي تصويرون آهن جي اوهان کي سنڌ جي عوامي زندگيءَ ۾ ملن ٿيون.

ٻي ڳالهه جا مان هتي ڪرڻ چاهيان ٿو. اُها آهي پنهنجي شاعريءَ جي محبوبه جي باري ۾. ڀارت ۾ واري واري سان مون کان پڇيو ويو ته اُها ڪير هئي جنهن منهنجي شاعريءَ کي ايترو اُتساهيو هو. مُنهنجو جواب هو ته ان ۾ ڪيئي عورتون ملي سلي ويون آهن ۽ ڪنهن به هڪ لاءِ چوڻ مشڪل آهي. جڏهن ليو ٽالسٽاءِ کان ”جنگ ۽ امن“ (War and Peace) جي باري ۾ پڇيو ويو ته نٽاشا آهيان ۽ ساڳيءَ طرح ننوچڪا به آهيان.“ اهڙيءَ طرح ”ڊاڪٽر زواگو“ جي هيروئن ’لارا‘ لاءِ پاسترناڪ چيو هو، ”اهو هڪ گڏيل سڏيل تصوّر آهي، هڪ آميزش آهي. ان جو هڪ حصو نيِنا * آهي ته ٻيو حصو زيِنا.*

مان بانيان ٿو ته لارا جو تصوّر اُن صديءَ جي عورت جو تصوّر هو جنهن 1917ع واري انقلاب جي اذيت سٺي هئي.

آخر ۾ مان اهو لکڻ ٿو چاهيان ته ڪيتري وقت کان مون تي موت جو دهو پئجي رهيو اهي ۽ مان اِن ڳالهه جو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيئي ڀيرا ذڪر ڪري چڪو آهيان. تازو گوا ۾ مون کي ڪار جو حادثو پيش آيو هو. اسان ڪالن گٽا بِيچ ڏانهن پئي وياسين ته اوچتو هڪ چرچ ڀرسان هڪ گواني ڇوڪريءَ پنهنجي موٽر سائيڪل اسان جي ڪار سان ٽڪرائي. ڇوڪري پاڻ ته موٽر سائيڪل تان ڪري بيهوش ٿي وئي،پر جيئن اسان جي ڪار جي ڊرائيور هن کي بچائڻ لاءِ ڪار جو رخ موڙيو تيئن اُها وڃي هڪ ناريل جي وڻ سان ٽڪرائي ۽ هيٺان اونهيءَ کڏ ۾ ڪري ڇيهون ٿيڻ کان بچي وئي.

 زرينا ۽ جئوير صاف بچي ويا، رڳو مون کي ٽنگن تي ڌڪ لڳا. جڏهن بمبئيءَ موٽڻ کان پوءِ، مون اِها ڳالهه هري موٽواڻيءَ کي ٻڌائي ته هريءَ ڏاڍو خوش ٿيندي چيو: ”ائڊوينچر (Adventure)!“ مون کلندي هريءَ کي چيو. ”واقعي هري! موت به هڪ ائڊوينچر آهي“ ۽ پوءِ مون کي هسپانوي شاعر، آلبرٽي، جا لفظ ياد آيا:

”اُهو ماڻهو مري ويو. هن کي خبر نه هئي ته هن قدرت جي صرافخاني تي هلان ڪري، وڏو ڌاڙو ٿي هڻڻ چاهيو، بادل چورائڻ ٿي چاهيا، ستارا، سونهري پڇڙ تارا ۽ سارو آڪاس لُٽڻ ٿي چاهيو. ها، اُهو ماڻهو مري ويو:“ ۽ آءٌ چوان ٿو ته نه ڄاڻان ته اُهو ماڻهو ڪيترا ڏينهن جيئرو رهندو!

شيخ اياز

1 فيبروري، 1991ع


 

 

*  اي حافظ! اسان جو وجود هڪ ڳجهارت آهي؛ سچ پچ ڏسجي ته اُهو فسون (جادو) آهي يا فسانو آهي.

*   نينا پاسترناڪ جي جارجين محبوبا

*  زينا- پاسترناڪ جي زال

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org