مُنهنجا نيڻَ يشودا وانگر
روز ڏِسن ٿا مَٿرا ڏانهن،
مان جو آهيان جئن ڪو ڪانهُن
مان جو ڀَر تي ٻوٽو آهيان،
ڄڻ ته هوا جو جهوٽو آهيان،
ورنداوَن جو وَڻُ وَڻُ ڇُهندو
اُڏرِي مان ٻيءَ دنيا ڏانهن،
تولئه وَرکا ٿِي وَرڻو هان
توڙي ڄاڻان ٿو مَرڻو هان،
مُنهنجا گيتَ نه مَرڻا آهن،
مُنهنجا گيتَ نه مَرڻا آهن.
جنهن وقت گلي ۾ مُنهنجي تو
ٻانهُون به وِڌيون ۽ چهري ڏي
تو مون کي پَنهنجا چَپَ آڇي
ڪُجهه سرگوشيءَ ۾ وَرجايو،
”ڇا مون کي پنهنجي تَن مَن سان
”تون سچُ پچ پيارُ ڪَندو آهين؟
”ڇو سَڀَ کان ڌار ڪَندو آهين
”مان جَڳ ۾ جنهن سان واڳي هان!
”ڇا تُنهنجي هر هِڪ سپني ۾
”مان هَرپل ٿي موجود رَهان
”جنهن جاءِ وڃان، ڪاڏي به وَڃان
”تون آهين مُنهنجي پاڇي جان“
مون تُنهنجا ڪارا نيڻَ چُمي
تنهن وقت ته توکي ڪجهُه نه چيو،
چُپ چاپ اِئين ئي پيارُ ڪيو،
هٿ تُنهنجي وارَن تي ڦيري؛
پر پو به جڏهن تنهائيءَ ۾
ڪنهن وقت ڳليءَ ۾ چَنڊُ کِڙَيو
۽ منهنجي من ۾ مَنڊُ کِڙيو
ڪا آئي سوچ جُدائيءَ ۾
”هُوءَ ڄڻ ته ڇُپي ٿي چَنڊ جيان
هُوءَ ڄڻ ته سِرنهن جي وَڻ ۾ آ،
يا ڪڪري ٿي، سانوَڻ ۾ آ
هُوءَ آگم آگم مَنڊَ جيان!
ولهارَ وَسائي ويندي هُئي
”۽ پن پن سائو ٿيندو هو
۽ چَهچُ سڳنڌون ڏيندو هو؛
هوڳءَ روز نوان پائيندِي هُئي.
مون لاءِ بَسنتِي ويسَ وڳا؛
هوءَ
مُولسريون مهڪائي وئي
۽ ڪويَليون ٿِي، ڳائي وئي،
۽ آڱُرِين تي هوءَ سَڳا
ٿي اڄ به شرارت سان ويڙهي،
۽ مُرڪِي مون کي گهائي ٿي
۽ مون کي ڇاتِيءَ لائي ٿِي،
’ڪُجهه دُور ڏسِي، اڳتي ريڙهي-
اُن وقت لهن ٿا سَوَ جهَرڻا،
ٿي ساري ڌرتي گيت ٿِئي،
هر ڳالهه اَنوکي مَهڪ ڏئي
۽چَپَّ چون ٿا ڄَڻ مُنهنجا
”مون توکي پيارُ ڪيو آهي
مون پيار ڪَيو آهي سچ پچ
تون چنڊ جيان اَچ، مون ڏي اَچُ،
”سوُنو
سنسارُ پيو آهي“،
هيءَ رات اَڪيلي ڇو آهي؟
ٿو چَنڊُ دَريءَ مان واجهائي؛
۽ اُن ۾ باقي جو آهي
ٿِي سو به صُراحي ڇلڪائي
۽ ڏي ٿي پويون جامُ ڀري؛
۽ ساروُن ساري جيون جُون
ٿي آڇي مون کي تِکَّ تَري؛
پوبَڙَ جون لڙڪن ٿيون لامون
مان جِن ۾ جهولو جهوليان ٿو،
ڄڻ لهڪِي لوڏو ڏِين ٿِي تون؛
مان ڪيڏو توکي ڳوليان ٿو.
ڪنهن روُيا جِيئَن ڇُپين ٿِي تون؛
تون مون سان جهوُلي ۾ ناهين
تون ناهين لوڏي لئه پُٺ تان؛
ڇا وَڻ جي چوٽيءَ تي آهين؟
آهي ته رُڳو آڪاسُ مٿان!
ٿي جيڪا سامهوُن نَهر وَهي
تون تُنهن تي ڄَڻ لهرائين ٿي
ڪو گيت اَنوکيءَ پيڙا جو
تون اُن ۾ رَمندي ڳائين ٿِي:-
مان ويندَس توکان دوُر اُتي
هيءَ وهنِدي نهر جِتي ناهي،
خاموش سمندر نيري ۾
من جي ڪا لهر جتي ناهي،
”۽ تون به جڏهن اُن هنڌ اَچِين
”اچجانءِ ٻه ٽي رابيل پَٽي
”يا هِن ڌرتيءَ تان اهڙا ٻيا
”ڪي آڻج سُندَر ڦولَ ٻه ٽي
”مان جِن کي سِنگهِي ساريندَس
”سڀ رشتا ناتا هِن جَڳ سان
” ۽ ڏِسندَس تُورئي کيتَ وَرِي
”۽ جوڙا جوٽيل مارڳ سان
”پو چاهيندَس جيڪر موٽان
”۽ ساڳي وڻ جي ڇانوَ ڏِسان
”ڪلهه جَنهن ۾ جهولو جهوليو هو
”مون لوڏا کاڌا ها توسان
تون مون کان دور ته ڪونه آهين
ڪنهن هاڃوءَ ليڪو پاتو آ
پر پوءِ به ٽٽڻو نانهه ڪڏهن
جو تُنهنجو مُنهنجو ناتو آ
جنهن وقت سَتِي وَرلاپَ ڪَري
ٿِي ڄَرڪي ڪاٺين جي ڄَر ۾،
تَنهن وقت ڪَتيون ڪيٻائن ٿون
آ چُرپُر تارن جي ترَ ۾؛
ٿو سارو مَنڊل مات مڇي
۽ روئي پنهنجي اَندر ۾؛
ٿو ڄَڻ ته سرشٽيءَ کي ساڙي
جو ڄرڪو آهي اِن ڄَر ۾.
جنهن وقت ڪڏهن ايذاءُ رَسي
ٿو ڌرتيءَ تي ماڻهوءَ مَن کي،
ڄڻ لَهس وڌي لهسائي ٿِي
وَڻ وَڻ جي سائي پَن پَن کي.
سوچين ته اَياڻا تو لئه هِي
سنسارُ سمورو هڪ آهي،
ڪائي به مَڇي، جنهن جاءِ لُڇي
هي ڄارُ سمورو هڪ آهي
ڪنهن وقت اِڪائيءَ تي سوچي
مان ڄاڻان ٿو مان رات به هان
۽ چنڊُ به پاڻيءَ ڏوليءَ ۾
۽ تارن جِي بارات به هان
۽ مان هر ڪنهن جوموت ڏسي
ڄڻ اُن تي ڳوڙها ڳاڙيان ٿو،
ڪا
جهولَ اَنادي چونڊي ٿِي
جي لُڙڪ هتي مان لاڙيان ٿو.
ڪنهن وقت سِتارن هيٺان تو
وَر واريو ٿي گهَرُ گهوريو ٿي،
ڪو ٻوٽو پيار انوکي جو
ڄڻ تُنهنجي مَن ۾ موريو ٿي.
۽ ٻانهون ڦيرائي مُنهنجي
تو ڪالهه ڳچيءَ ۾ پاتيون هُيون،
ڄڻ تُنهنجُون آترويلا سان
مون لاءِ ڳراٽيون آتيون هيون.
ٿي راتِ رَمي ۽ هِير گهُليِ
۽ اُڀَ ۾ ڏيئا ٽمڪيا ٿي،
۽ مُنهنجيءَ ڇاتيءَ تي لڙڪِي
ڪَلهه تُنهنجا جهومڪ جهُمڪيا ٿي.
اَڄ رات اُها تون ڪانه آهين
تو ۾ پيارُ ٿڌو ٿي ويو آ،
توڙي آتشدان ٻَري ٿو
۽ ڪمرو ڪوسو ٿي ويو آ.
تون ويٺِي آنهه سِمورُ ڍڪي
۽ وِسڪيءَ جا ٿا جام ٻَرن،
اَڄ تُنهنجي مُنهن تي گهُنجَ ڏسي
ٿا ڄڻ ڪالهوڪا ڏِينهن وَرن.
ڇا ساڳي ناري آهين تون
مون لاءِ پَئي جا ڪلهه مُئينءَ؟
مون سرد نگاهون جاچي چيو
اڄ راتِ اُها تون ڪانه هُئينءَ.
(وڌيڪ پڙهو) |