سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 8

 

*

مون ڏٺو ته هن الوحيد کان عوامي آواز ۽ جاڳو تائين ڪجهه اخبارون پڙهيون آهن۽ ٻيا اُهي روسي ڪتاب پڙهيا اٿائين جي اسان کي ڀڳڙن مُٺ تي ڏنا ويندا ها. هو بظاهر دانشور آهي ۽ جا ڳالهه هن جي سمجهه کان مٿي آهي، اُن جي باري ۾ ڪنڌ ڌوڻ سان ٽيڳر ۽ ڳرائي ائين ٿو رکي ڄڻ اها ڄاڻ ته هن کي ڪيئي سال اڳي هئي ۽ اِها تُڇ آهي پر پو به هو مون کي ماٺ سان ٻُڌي مون تي ٿورو ڪري رهيو آهي.  ٿورَ- پڙهيائي کي ٽِنڊِ تي ٽوپي هوندي آهي ۽ جيتوڻيڪ هن جو مٿو هڪ ڀينگو ڀاڻ هوندو آهي تڏهن به هو ان کي محل سرا وانگر سمجهندو آهي.

*

ڇا تون دانشور آهين؟

ها، تنهنجي دانش ۾ وَرُ ضرور آهي.

*

”ٻاهران ٻولي هنج جي“، مون ڀٽائيءَ کي ورجايو. شاعر پنهنجي ڏاهپ ڪيتري سؤلي ٻوليءَ ۾ سمجهائي ويا آهن!

 

*

توسان تاريخ صحيح فيصلو ڪيو آهي؛ ڇتو ڪُتو هنج ۾ ڏئي چيو آهي ته اُن سان گڏ نيسر هيٺان وِهنج.

 

*

ساٿُ فقط جهنمي  ڳوليندا آهن، ڇو ته هو باهه کان ڊڄندا آهن.

 

*

هن مون کي چيو ته ”مون کي افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته جڏهن مان نوڪري ۾ هوس ۽ جن دوستن کان سواءِ ماني نه کائيندو هوس، اُنهن منهنجي نوڪريءَ مان نڪرڻ کان پوءِ مون کي ڪنهن وقت به مُنهن نه ڏيکاريو آهي.“

مون هن جي منهن کي ڏسي سوچيو ته ڇا هي ڪنهن مطلب کان سوا ڪنهن سان گرهه به کائيندو هوندو. هي جنهن کي پنهنجو پاڻ سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي! ڇا هي رڳو پاڻ کي سياڻو ٿو سمجهي؟ ڇا هن جا اڳيان دوست ايترا اياڻا ها جو هن کي سمجهي نه سگهن ها! هو هن سان نه، هن جي نوڪريءَ سان گڏ ماني کائيندا ها.

 

*

تو کي فارسي شاعري وڻندي آهي. ٻڌائي سگهندين ته هي شعر ڪنهن جو آهي؟

مَرنجان دلش را که آن مرغ وحشي

زبامي که برخاست مشکل نشيند

(ترجمو:ان جي دل کي نه رنجاءِ، ڇو ته اهو وحشي پکي،جنهن ڇَڄهريءَ تان اُڏري ويو،اُن تي ٻيهر نه ويهندو.)

*

شيخ ابو طاهر حرمي هڪ بازار مان وڃي رهيو هو،

    *         ته هڪ شخص هن کي چيو، ”اي پير زنديق! تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اُن تي ابو طاهر جي هڪ مريد اُنهيءَ شخص سان جهڳڙو ڪرڻ شروع ڪيو پر ابو طاهر هن کي جهڳڙي کان روڪيو ۽ جڏهن ٻئي گهر آيا ته هن پنهنجي مريد کي ڪيئي خط ڏيکاريا جن ۾ هن کي ڪٿي شيخ ذڪي، ڪٿي شيخ زاهد، ڪٿي شيخ الاسلام ۽ ڪٿي شيخ الحرمين چئي خطاب ڪيو ويو هو ۽ پوءِ فرمائين ته هر شخص پنهنجي اعتقاد مطابق جيڪي چاهي ٿو، اهو مون کي چئي ٿو، پر سڀ منهنجا نالا نه آهن، لقب آهن؛

 

 

ڪوئي مون کي زنديق چوي ٿو ته تون هن سان جهڳڙو ڇو ٿو ڪرين؟“

اي رشيد لاشاري اي سردار علي شاه، اي شيخ راز، اي ابراهيم خليل ۽ ٻيا اديبو، جي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري چُڪا آهيو، مون اوهان کي اوهان جي جيئري مٿين سبب جي ڪري جواب نه ڏنو هو، جيتوڻيڪ مان جواب ڏيڻ جو اهل هوس، پر مون اهو وقت به پنهنجي تخليقي ڪم لاءِ بچايو ۽ اوهان جا لقب القاب پڙهي لنوائي ڇڏيا. اِهو اوهان جو جمهوري حق هيو.

*

تو هڪ ڀيري مون کي تازي سويابين جي ٿيلهي موڪلي هئي ڇو جو سويابين دل جي علاج لاءِ کاڌي ويندي آهي. مون کي اڄ تائين تنهنجو اهو احسان ياد آهي ۽ مون کي اها ٿيلهي اڄ سون جي ريڻين جي ٿيلهيءَ کان به ڀاري لڳي رهي آهي.

احسان ڪنهن به اصول کان ڀاري آهي. احسان فراموش نه رڳو رياڪار پر اصول فروش به ٿي سگهندو آهي. ان ڪري ئي ڪُتي کي انسان تي فضيلت حاصل آهي ڇو ته احسان فراموشي هن جي فطرت ۾ شامل نه آهي.  

 

*

مصيبت دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جي پرک آهي، اُها سکر ۾ زنده پير تي حلالي حراميءَ واري چُر آهي، جنهن ۾ حرامي ڦاسي ٿو پوي ۽ حلالي نڪري ٿو وڃي. خدا تو کي مصيبت ۾ وجهي تو کي نيڪ انديشيءَ ۽ بد انديشيءَ جو  جو شعور ڏئي رهيو آهي. ان تي رنج نه ٿيءُ! اها تنهنجي اصلاح به آهي ۽ تنهنجي مردم شناسيءَ ۾ اضافو به آهي، جي تون اُن مان پار پئين ته بهتر انسان ٿي نڪرندين ۽ انساني فطرت جي نبض شناسي چڱي طرح ڪري سگهندين.

 

*

يا ته احسان نه کڻ ۽ جي کڻين ته ان کي ڪڏهن به نه وسار! احسان فراموشيءَ لاءِ دليل نه ڳول، ڇو ته احسان فراموشيءَ لاءِ ڪو به دليل نه آهي.

 

*

آدمي جي آدم جي اولاد آهي ته هو پنهنجي بهشت ۾ اڪيلو آهي. حوا کان سواءِ ٻي ڪنهن جو ساٿ هُن سان نه آهي ۽ نه وري هن کي گهرجي.

 

*

حضرت ادريس چيو هو:

1-                                     ”ٻين جي عيش تي حسد نه ڪر ڇو ته مسرور زندگي چار ڏهاڙا آهي.“

2-                                     ”جو زندگيءَ جي ضرورتن جو وڌيڪ طالب آهي، اهو قانع ڪڏهن به نه رهندو.“

مان پنهنجي دوست جي ريشمي جوڙي کي ڏسي رهيو هوس ۽ مون کي نه رڳو حضرت ادريس جا مٿيان قول ياد اچي رهيا ها پر انا طول فرانس جو ناول ”ٿائيس“ به ياد اچي رهيو هو.

 

*

مان تو کي پري کان سڃاڻان. تون لوط، عاد يا ثمود جي قوم جو ماڻهو آهين. تولاءِ دعا اجائي آهي ڇو ته تنهنجي تباهي اَوس آهي.

 

*

حال ته پهاڙ جي چوٽيءَ تان بيهي هيٺ ڪيڙا  ماڪوڙا ڏسي رهيو آهين پر ڏسجانءِ ته جي اتان تنهنجو پير ترڪيو ته بولاٽيون کائيندو اچي هيٺ ڪرندين ۽ اهي ڪيڙا ماڪوڙا توتي ٻوٽي ماس جي نه ڇڏيندا.

 

*

شطرنج جو کيڏاري مرندو آهي ته ڇا مُهرا روئندا آهن؟

 

*

پنهنجي پَٽَ جو اونو ڪَر، هِن جو سُٽُ نه ڦاڙ!

 

*

هي جو ٻاهران ملائڪ وانگر ٿو لڳي، اندر ۾ مرون آهي، اِها ٻي ڳالهه آهي ته هي ڪجهه وقت لاءِ ٿَم ۾ ويهي رهيو آهي.

 

*

ماڻهوءَ ۽ مرونءَ ۾ فرق اِهو آهي ته مرون پنهنجي پليتائي مُرڪ ۾ لڪائي نه سگهندو آهي.

 

*

ڪنهن جي مدح سرائي ۾ حد کان وڌي نه وڃ! ائين نه ٿئي ته ڪنهن وقت هو تو کي ڳچيءَ کان وَٺي ۽ تون پاڻ کي لاجواب پائين؟

 

*

پتو نه ٿو پوي ته تون اُصول پرست آهين يا وصول پرست آهين!

 

*

ڇا انڌيءَ گهوڙيءَ جي اکين جي آپريسن ٿي سگهي ٿي، هوءَ ڪيئن نه ڪَل ۾ ڌوڪي پئي آهي!

 

*

ميان! تون ڪُتي کي انسان جي ڀيٽ ۾ برو ڀَلو چئي رهيو آهين! توکي ڇا ٿي ويو آهي؟

 

*

مون وڪيل کي چيو: ”تون سدائين وڪالت فيءَ سان ڪئي آهي، ڪڏهن في سبيل الله نه ڪئي اَٿي؟“

 

*

مظلوم هڪ ڀيرو مرندو آهي،

ظالم روز روز مرندو آهي.

 

*

جنهن وقت اوهان اڃا ننڊ ۾ الوٽ آهيو،

ستارن جا ڏيئا اڃا ٻرن ٿا

۽ اوهان جي تحت الشعور وانگر

ٽم ٽم ڪري رهيا آهن،

۽ انهن جي پٺيان ڪاري رات

اڃا اوهان جي لاشعور وانگر،

ڇوليون هڻي رهي آهي،

اُن وقت مان پنهنجيءَ ننڊ مان

اُٿان ٿو،

۽ مون ۾ ڏات ائين تِرمِرائي ٿي

جيئن اُڀ ۾ ڪَتيون تِرمِرائن ٿيون،

۽ مان اوهان لاءِ

موتئي ۽ گلاب جي گلن سان،

جن ۾ پرهه کان اول

اُن جا رنگ آهن،

پنهنجي جهول ڀريندو وڃان ٿو،

۽ ان ڳالهه جو منتظر آهيان

ته اوهان کي جاڳ ڪڏهن ٿئي ٿي!

آخر انهيءَ اٿاهه سمنڊ مان

ڪيئي ڪِشتيون واپس ضرور اينديون،

 

ها، ٿي سگهي ٿو.

ته ڪي وِچَ ڇولين ۾ ڇُلندي،

ٻُڏي وڃن،

۽ انهن جي ناکئن جون اکيون

اهي سپون ۽ ڪوڏ ڏسي سگهن،

جي اوهان جي نظر کان اوجهل آهن،

۽ اُهي آبدار موتي

پائي سگهن

جن جي جهلڪ

اڃا مٿاڇري نه ڏٺي آهي.

مان پنهنجيءَ جهول مان

اُهي هار پوئي رهيو آهيان

جن سان اوهان جو

آڌرڀاءُ ڪري سگهان

جڏهن اوهان ساحل تي موٽي اچو،

۽ ڀنڀرڪي ڀيڙا ٿيو،

۽ سج به آسمان ۾

پنهنجي ڪِشتي ڊوڙائيندو

اوهان جي

آجيان لاءِ

اَچي.

 

 

ساري عمر

منهنجي اها مرگهه ترشنا رهي آهي،

ته مان اوهان کي

ٺهي ٺڪي سُڳنڌ

پيش ڪيان،

۽ ڪنڌيءَ تي

اوهان جون رسيون ٻڌان،

جيڪڏهن اوهان جي زندگين جون ڪِشتيون،

ڪيئي ڪُن پار ڪري موٽن،

مان ئي اوهان جو

اهو ناکئو آهيان

جو اوهان جو

آرائين به آهي،

۽ جنهن جي زندگي ۾

رڳو هڪ هَوَس آهي

ته مهڪار سان

اوهان جو آڌر ڪَري

اوهان جي ننڊ کي

نِچُ چوي

۽ اوهان کي ڀلي آيَئُه چَوي!

 

*

مان جيڪي ڪيان ٿو

سو تولاءِ بنهه بي معنيٰ آهي،

سارو آڪاس منهنجي شاعريءَ جي اوجهاڻ ۾ آهي

پر اها ڳالهه تولاءِ معنيٰ نه ٿي رکي،

تولاءِ ته جا مَڇي

تَئي تي ترجي رهي آهي

سا وڌيڪ معنيٰ ٿي رکي،

۽ اُن سان گڏ

هي سُڳداسي چانورن جي ٿالهي

وڌيڪ اهميت واري آهي

ڇو ته انهن سان

اسان جي پيٽ جي بُک لهي سگهندي،

هي چنڊ، هي ستارا

هي ڪتيون، هي آڪاس،

انهن جي تولاءِ ڪا به معنيٰ نه آهي،

سوا ان جي ته اهي خدا ٺاهيا آهن

۽ اُتي آهن!

ڇا تون ڄاڻين ٿي

ته هڪ ٻي به بُک آهي

 

جا مڇي ۽ چانور لاهي نه ٿا سگهن،

پر ڇا ڪجي

اها بک

رڳو مون کي سَتائيندي آهي

۽ ان جو

تولاءِ ڪو به وجود نه آهي.

ان ڪري اهو سچ آهي

ته تون مون کان وڌيڪ اهم آهين

لازمي آهين

۽ مان تو کان سواءِ اها بُک لاهي نه ٿو سگهان

جا تو ڪڏهن سوچي به نه آهي،

۽ جا مون کي منهنجي ڄاڻ ڏني آهي.

*

هاڻي مون ڄاتو آهي ته

    *         تون زيب النسا جيترو به مخفي نه آهين!

تون نه رڳو تارن ۾ ترمرائين ٿو،

۽ مون وانگر

ساري رات ڳائين ٿو،

۽ انڌيري کي سجائين ٿو

۽ هر ڪتيءَ جي طاق تي

 

ايترا ڏيئا ٻاري ٿو رکين،

جيترا يهودي به يَروشلم جي مندر ۾

نه ٻاريندا ها،

۽ سومنات جي هيرن کان وڌيڪ

تنهنجون اکيون

وهائوءَ ۾ جرڪن ٿيون،

۽ جڏهن باک ٿئي ٿي


 

* پير زنديق: اهو شخص جو آنحضرت جي نبوَت جو اعتراف ڪري به ڪافرن وارا عقيدا رکندو هجي.

*  نوٽ: زيب النسا جو تخلص ’مخفي‘ هيو.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org