سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 10

 

*

اي خدا!

هيءَ عمر هڪ مشڪيزي وانگر

پاڻي پيئاري پيئاري،

هاڻي ٿڪجي پئي آهي.

سرءُ جي مُند اچي وئي آهي

۽ انب جي وڻ ۾

رڳو هڪ رسيل انب لَڙڪي رهيو آهي

جو هوا جي جهوٽي تي

ڇَڻي پوندو،

نوريئڙا

اُن کي چچرن نه ٿا

۽ ان کان پري ٽپا ڏئي رهيا آهن

۽ ڪڏهن ڪڏهن

حيرت سان

اُن انب ڏانهن ڏسي رهيا آهن

ته اهو ڇو نه ٿو ڪري!

اي خدا!

هي مشڪيزو اڃا کُٽو نه آهي

۽ مان وڻ جي پاڙ ۾

 

ان مان ڪجهه پاڻي هاريان ٿو

جيئن جيت جڻيا،

پکي پسون

به اُڃ اجهائي سگهن!

اي خدا!

هاڻي سانجهي ٿي چُڪي آهي

۽ سج

ڪنهن پوڙهي پخاليءَ وانگر

روشنيءَ جي پَئٽ

ڪَري رهيو آهي

وٺ! هاڻي هيءَ عمر مون کان،

موٽائي وٺ

هي مشڪيزو جيڪو کڻي کڻي

مان ٿڪجي پيو آهيان!

ڇا هي مشڪيزو

پوئين ڍُڪ تائين

مون کي چيلهه تي رکڻو آهي

يا اهو هاڻي

مان ڌرتيءَ تي رکي

ليٽي پوان

ڇو ته مون کي ننڊ اچي رهي آهي.

 

*

موت کان نه ڀڄ!

۽ هر ڪَسيري جي ماڻهوءَ کي

علاج لاءِ ايلاز نه ڪر،

موت اَوَس آهي

اَٽل آهي

۽ پنهنجي گهڙيءَ تي اچڻو آهي،

اهي ڊاڪٽر

جي اسپتال ۾ آڪڙجي هلن ٿا،

ڄڻ تون هنن جي رعيت مان آهين،

سي خو

موت جي رعيت آهن،

۽ اُنهن جي پوئين گهڙي

انهن جي انتظار ۾ آهي،

جنهن وقت هو موت کي ڏَنُ ڏيندا،

۽ هنن کي ڪو به بچائي نه سگهندو!

تون ته خوشنصيب آهين

جنهن في الحال ته موت کي مات ڏني آهي

۽ هو تنهنجي ڏات کان ائين ڏڪي ٿو

جيئن ڪنهن کان نه ڏڪيو آهي،

 

موت جيڪو دارا ۽ سڪندر جي سِرَن سان

چوگان کيڏي سگهندو آهي،

توکان ٽَهي ٿو.

 

*

وڃ، جلدي وڃ!

موت توکي سڏي رهيو آهي!

تو ڪلاشنڪوف ڪلهي تي رکي،

پاڻ کي محفوظ ٿو ڀائين،

۽ اُها ڪوڙڪي ڏسي نه ٿو سگهين

جا ازل

تنهنجن پيرن لاءِ اڏي آهي!

وڃ! جلدي وڃ!

موت اٽل آهي

اهو نه رڳو تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي

پر توکي سڏي به رهيو آهي.

تون رڳو ان جا

سَڏ ٻُڌي نه ٿو سگهين!

اهڙا سرلا ڪَن

ورلي ڪنهن ڪنهن انسان کي ملندا آهن

جي نه رڳو موت جي ڀُڻ ڀُڻ ٻڌي سگهندا آهن؛

 

پر هُن جي دل جو

راز به ڄاڻي سگهندا آهن!

تون مون کي توهم پرست چوندين،

توکي ٿورو اڳتي هلي پَتو پوندو

ته مان توهم پرست آهيان

يا حقيقت پرست آهيان

۽ منهنجون اکيون

اها حقيقت ڏسي سگهن ٿيون

جا مستقبل جي

پردي پٺيان آهي

۽ جا تنهنجين اکين کان

اوجهل آهي،

۽ ان ڪري تون ان کي

وهم ٿو سمجهين

۽ ان تي

ڌيان نه ٿو ڏين!

 

*

چون ٿا

ته موت جڏهن ايندو آهي

تڏهن گهوڙيسوار جا پير

 

رڪاب ۾ پٿر ٿي ويندا آهن.

موت جڏهن ايندو آهي

ته اڳواٽ اطلاع نه ڏيندو آهي؛

اها منهنجي خوشنصيبي آهي

جو مون هن کي روڪي رکيو آهي،

۽ ان وچ ۾

مون اُهو ڪجهه لکي ورتو آهي جو مون کي لکڻو آهي،

۽ موت پنهنجي غلطيءَ تي

يا شعوري تاخير تي

خوش آهي،

ڇو ته هن کي اها توقع نه هئي

ته مان اها ڏنل مهلت

ائين ڪم آڻيندس

جيئن نه اُمراءَ القيس ڪم آندي هئي

نه مُتنبيءَ،

۽ سنڌي شاعريءَ جي رفتار

عربي شاعريءَ کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ ٿي ويندي،

۽ اُن جو شتر بي مهار

زندگيءَ جو صحرا

 

پرندي کان به تيز تر اُڏري

پار نڪري ويندو!

*

موت! تون لُوسي ڪُتي وانگر مون لاءِ

نوس نوس ڪندو رهيو آهين!

اَچڻو اٿي ته چيتي جي چنگهاڙ بڻجي آءٌ!

تُنهنجي پٽا پٽا کَل ڪهڙي نه پياري آهي!

اُن مان

مان پنهنجيءَ شاعريءَ لاءِ،

جا منهنجي پراڻيءَ کان پراڻي ۽ نئين کان نئين محبوبا آهي،

خوبصورت لانگ ڪوٽ سبائڻ ٿو چاهيان

سرديءَ جي موسم اچي رهي آهي،

اچ، مون کي تُنهنجو انتظار آهي!

*

موتَ!

تون ڪنهن وقت

مون کي ائين

کنڀڙاٽين کان پَڪڙيندين

جيئن ٻارَ ڀنڀورين کي پڪڙيندا آهن!

 

۽ تون اُنهيءَ جو خيال نه ڪندين

ته نئون بسنت لڳو آهي،

گل وري ڦٽڻ وارا آهن

۽ موتين جي مُند آهي!

*

گهڻائي سال موت جي

مهماني ڪئي اٿي،

تنهنجي شاعريءَ هن جو

نَڪ تائين

پيٽ ڀري ڇڏيو آهي،

هُن کي ڪيئي صديون پوءِ

وري شاعريءَ لاءِ

بُک لڳندي،

۽ هو ڪنهن اهڙي شاعر جي

دسترخوان تي نه ويهندو،

جو

ايترو ڪشادو نه هجي

جيترو تنهنجيءَ شاعريءَ جو آهي.

 

*

موت مُحقق فقط پيغمبر هوندا آهن.

 

اُنهن سڀني توکي چيو آهي ته:

موت ڪنهن جي مات نه آهي،

موت اڌ دم آهي يا پورو دم آهي؟

مان الائجي ڇو ٿو چوان ته موت جي

صورتخطيءَ ۾ بيهڪ جي ڪا به نشاني نه آهي!

زندگي اهو جملو آهي جو کُٽي نه ٿو کُٽي!

ان جو ليکڪ ڪير آهي؟

ڪير آهي؟

منهنجي هر سِٽَ سوال آهي،

جنهن جو جواب به گهڻن ڏنو آهي،

پر جواب ايڏا آهن جو اهي گِڊ مِڊ ٿي وڃن ٿا

۽ سمجهه ۾ نه ٿا اچن!

هڪ جواب مُنهنجي سوال ۾ به ڇُپيل آهي

جيڪو به گوڙ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

ڌرتي ۽ آسمان سڀ گونجن ٿا

۽ منهنجي سوال جو جواب ڏين ٿا،

اُهو جواب،

جو وڻ ٽڻ، پکي پَکڻ ٻُڌي سگهن ٿا.

پر آنءٌ پورِيءَ طرح ٻُڌي نه ٿو سگهان

۽ ائين ٿو ڀانيان ته

 

شايد ان سوال جو

ڪوئي جواب نه آهي!

 

*

توڌيءَ کي گار ڏني هئي

ته تنهنجي زال تو کي چيو هو:

”وات ۾ ڪو ڳڙ نڪريئي نياڻيءَ سان سنڀالي  ڳالهاءِ“

اڄ توکي زبان جي سرطان آهي

۽ تو کي سچ پچ ڳَڙُ نڪتو آهي.

تو پاڻ کي ڇا سمجهو هو؟

موت کان ته هلاڪو ۽ چنگيز به نه بچي سگهيا!

پر جي هو پنهنجي گهوڙي کي

مهميز نه ڏين ها

ته موت هنن وٽ ڪجهه دير سان پهچي ها.

تو به تائب ٿي

جيتوڻيڪ دير ٿي ويئي آهي

۽ توتي تو به جا دروازا بند ٿي چُڪا آهن!

موت هونءَ ته اٽل حقيقت آهي

پر پلَ جي حقيقت کي

صدين جي حقيقت نه بڻاءِ!

 

هاڻي به پنهنجي ڪئي جي مَعافي گهر!

توڙي تو معافيءَ لاءِ ڪائي گنجائش نه ڇڏي آهي،

پر ڪيئن چئجي.

ڪو پل ڪهڙو آهي؟

ڪيئن چئجي.

ته جزا ۽سزا

۽ سزا ۽ جزا کي

ڪيئن رٿيو ويو آهي!

توبه جو دروازو کڙڪاءِ

توڙي اهو اندران بند ٿي چڪو آهي.

اشتراڪي ۽ تعقل پسند

اهڙيءَ ڳالهه کي

توهم پسندي چئي لنوائيندا آهن!

هو خود وَڏا توهم پرست آهن

۽ تعقل پسنديءَ جي وهم کي

چُهٽيا پيا آهن.

هن دنيا ۾ ڪيئي ڳالهيون آهن،

جي سمجهه کان بعيد آهن

موت ۽ زندگيءَ جون

ڪيئي اهڙيون حقيقتون آهن،

 

جي عقل سان سلجهائي نه ٿيون سگهجن

۽ رڳو يقين

انهن جي ڳنڍ کولي ٿو سگهي.

 

*

گهاٽَ تي پهچي ويو آهين

ٻيڙي تنهنجي انتظار ۾ آهي،

اُن جو مانجهي ڪير آهي

نه تون ٿو ڄاڻين، نه مان ٿو ڄاڻان!

ان جو ٻيو پارُ ڪهڙو آهي

اُهو تنهنجين منهنجين اکين کان

اوجهل آهي،

ان جي پَتوار

صدين کان هلي رهي آهي

۽ اڃا پراڻي نه ٿي آهي.

تون ان سفر کان

گهٻرائين ڇو ٿو؟

ان تي هر ڪنهن کي وڃڻو آهي،

۽ ڪيئن چئجي

متان ٻيو پار ايترو بُرو به نه هجي

جيترو تون سمجهي رهيو آهين!

 

درياه جو پاٽ ڪافي ويڪرو آهي

۽ تنهنجي ديد

اها جاءِ ڏسي نه ٿي سگهي

جتي هيءَ ڪشتي پُڄڻي آهي

۽ نه وري

مان خاطري سان چئي ٿو سگهان

ته جڏهن تون ٻي پارِ پهچندين

تڏهن ناکئي کي

ڏسي به سگهندين

يا نه!

 

*

ڇَڏ!

ته موٽي وڃان

اُن دنيا ڏانهن

جتي مُنهنجو پيءُ ماءُ

۽ ٻيا گهڻگهرا

مون لاءِ

اوسيئڙي ۾ آهن

۽ واري سان

سج کان پڇن ٿا،

 

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org