سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 12

 

 

*

اڃا پتنگن پر ئي نه ساهيا آهن،

ته ڏيئو وري ڄرڪڻ لڳو آهي؟

ان کي ڦوڪ ڏئي وسائي ڇو نه ٿو ڇڏين؟

ٿڪل پرن کي ساهي پٽڻ ڇو نه ٿو ڏين؟

رات ته اڃا ڪافي لنبي آهي.

ان جو پهريون پهر به پورو نه ٿيو آهي،

جي هي پتنگ سڀ جلي رک ٿي ويا،

ته پوءِ ڇا ڪندين؟

 

*

مان مٽي نه آهيان جو اوهان مون کي پوري ايندؤ!

مان اوهان سان گڏ،

پنهنجي جنازي نماز ۾ شريڪ هوندس.

 

*

صليب تي يسوعَ جي قدوقامت جڏهن انسان جيتري هوندي آهي، تڏهن ڪهڙو نه چڱو لڳندو آهي!

اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جي عرشِ معليٰ تائين رَسائي آهي!

 

*

ڇا زندگي شمع جي جلڻ جو نانءُ آهي؟

ڇا موت اُن جو اجهامڻ آهي؟

 

*

قاضي منظر! هي ڪتاب جلد ئي نقل ڪري وٺ!

مون قضا جا وارَ گُسائي اُن کي موت سان ميدانِ جنگ ۾ لکيو آهي.

 

*

دارا شڪوه! تو ميدانِ جنگ ڏانهن ٿي وئين ته تو رستي تي اُپنشد فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيا ها.  منهنجي محويت توکان مختلف نه آهي.

 

*

توکي خبر آهي ته دارا شڪوه اڃا تائين اورنگزيب سان وڙهي رهيو آهي ۽ سرمد هن لاءِ دعاگو آهي؟

 

*

اي پروانا! جي شمع جو جلڻ ئي هن جو مقدر آهي ته تون آگ ۾ ٽپو ڇا لاءِ ٿو ڏين؟

*

ڇا شمع جلندي ئِي پروانن کي آزمائڻ لاءِ آهي؟

 

*

رات نه رهندي ته شمع جي ڪهڙي معنيٰ رهندي؟

اُها صبح کان اڳ ۾ اُجهامي ويندي آهي؟

 

*

شمع اُنهيءَ باک جو آسرو آهي جا اُن جو موت  ثابت ٿيندي!

 

*

اي پروانا! شمع جي آگ ۾ ڇو ٿو جلين؟

شايد ڪمري کان ٻاهر جي ستارا آهن،

تون اُنهن جي روشنيءَ ڏانهن اُڏامي نه ٿو سگهين!

*

اي پروانا!توکي ستارن جي روشني ڇڪ نه ڪندي، تنهنجو مُقدر ئي شمع جي آگ ۾ جلي مَرَڻ آهي.

*

ڇا زندگيءَ جي شمع ڪڏهن وسامندي آهي؟

مان ته ڀانيان ٿو اُن مان بار بار ٻي شمع ٻرندي رهندي آهي.

*

ڇا ازل ۽ اَبد ۾ ڪروڙين شمعون جلن ٿيون؟

ڇا اهي فقط تاريڪي آهن؟

 

*

تون پروانو ٿي جيئڻ چاهين يا شمع ٿي جيئڻ چاهين!

موت جي حقيقت کي نه سار!

وسامڻ هر ڪنهن جو مقدر آهي.

*

پرواني جو انت موت آهي، پوءِ هو اُهو چاهي يا نه چاهي.

*

جي شمع تي نه جلندو ته ڇا پروانو ڪونه مرندو؟

موت ته اٽل آهي، پوءِ هيئن اچي يا هونءَ اچي؟

*

شمع ٿيءُ،پروانو نه ٿيءُ!پروانو ته پل جو شعاع آهي.

*

ڇا اهو تنهنجي وس ۾ آهي ته پروانو ٿئين يا شمع ٿئين؟

*

    *         ڇا اڳئين جنم جي وِيسر هڪ ويسر وانگر سڀ ڪجهه ڳرڪائي ٿي ڇڏي؟

 

*

    *         ايڊگرايلن پو! ڪانءُ جو منهنجي ڪٽهڙي تي ويٺو هو، شايد اُڏامي وَيو!تون هُن جي ’ڪان ڪان‘  ٻڌي رهيو آهين؟

*

موت مهمان آهي ٽيجهي تائين،

ٽي ڏينهن ٽِڪي هليو ويندو.

*

ڀَلي، موت کي هَٿُ لائي ڇُهي ڏس!

ريشم وانگر نرم آهي.

*

 ڪائي به قبر کوٽي ڏس!تو کي موت ڪٿي نظر نه ايندو، رڳو هڏا نظر ايندا.

 

*

ڇا ملڪ الموت کي ڳِجهه جهڙا پَر آهن؟ مون کي ته هو هُد هُد وانگر لڳي رهيو آهي، جو ڪنهن جو پيغام کڻي آيو آهي!

 

*

پِٽِ نه! پِٽِ نه! متان پهاڙ ڦاٽي پوي ۽ اُن جا پٿر توتي اچي ڪِرنَ!

*

پِٽِ نه! پِٽِ نه! متان سمنڊ اُٿلي پوي ۽ توکي به لوڙهي وڃي!

*

ڇا تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجا لفظ ڪمان مان تير آهن، جي پنهنجي نشاني کان سواءِ ٻي هنڌ نه ٿا لڳن؟

*

محمل نه هٽاءِ! محمل نه هٽاءَ! مجنون، محمل نه هٽاءِ!

تون ليليٰ جو تابُ سَهي نه سگهندين!

*

مومل جي ماڙي ماٿيلي ۾ هجي يا عمرڪوٽ ۾، راڻي جي وجود کان سواءِ معنيٰ نه ٿي رکي!

*

ڪي منهجا پير ڇُهي صديون اڳي اُٿي ويا، ڪي صديون پوءِ اُٿندا. همعصر ته فقط ڪُتن وانگر پير لڪيندا آهن، جنهن کان مون کي ڪِرڀ ايندي آهي!

 

*

    *         ’خوش درخشيد ولي شعلہءِ مستعجل بود‘

    **      هائو، هائو- شعلو ڪهڙو جنهن کي تعجيل نه هجي! ڏيئي جي وٽ وانگر تيل ۾ لوئجي لوئجي، گهڻي وقت لاءِ جهيڻي جوت ڏيڻ کي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ شمع دان وانگر ٿيءُ،زندگيءَ جي بزم کي جڳمڳاءِ، پوءِ اهو ٿوري وقت لاءِ سَهي! تون جڏهن ٻُجهي ويندين تڏهن هرجام ۾ تنهنجو پرتؤ رهجي ويندو.

 

*

تنهنجهو نالو؟”رهندومل“

ڪو به نه رهڻو آهي هتي،

”وک وڌائي، ڪَهندو هل!“

 

*

هائو، ’واٽون ويهه ٿيون‘ پر نادان ڇا تون ڄاڻين ٿو ته اهي ويهه ئي واٽون هڪ ڏس ڏي وڃن ٿيون؟

 

*

    *         تو مون لاءِ مَدائي سوچي آهي. ’هنوز دلي دور است‘ مون مان محبوب الاهي ٻولي رهيو آهي.

ڇا نظام الدين اوليا جي تذڪري نگارن اها ڳالهه سچي لکي آهي؟ سچي ٿي ته سگهي ٿي!

ڪي انسان ساڳي وقت ماضي، حال ۽ مستقبل ڏسي سگهندا آهن ۽ انهن جي قوتِ ارادي مشيتِ ايزدي ٿي ويندي آهي.

 

*

دنيا مان جند ڇڏائڻ ڪُتي جي وات مان گِرهه کسڻ جي برابر آهي.

 

*

خدا کان ڊڄ! ستارن جا ڊگها نَنهن تنهنجون اکيون نه ڪڍي وجهن!

 

*

درد جو وجود آهي، موت جو ڪو به وجود نه آهي. درد جو وجود به ته دائمي نه آهي.

 

*

مان جڏهن موت جي باري ۾ ٿو لکان تڏهن تون چوين ٿو ته مان وهمي ٿي پيو آهيان. مان توکان هڪ سؤلو سوال ٿو پڇان، ”وهم ڇا آهي، موت يا زندگي؟“

 

*

زندگي رَسيِن مان ٺهيل پُل آهي. اُن تي پيرَ ڦٻائي هل! هيٺان درياه دڙ لائي رهيو آهي.

 

*

منصور! جي توکي ٻي زندگي ملي ته ٻئي گڏجي ڦاهي تي چڙهون. زندگيءَ مان مون کي تنهائيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا مليو آهي؟

 

*

 ڪنهن اسلام ۾ پناهه ورتي آهي، ڪنهن اشتراڪيت ۾ پناهه ورتي آهي. مون تو ۾ پناهه ورتي آهي، تون جو اچڻ وارو آهين ۽ جنهن کي تاريخ روڪي نه ٿي سگهي.

 

*

ماڻهو چون ٿا ته تون قنوطي آهين.

خير، لوطيءَ کان قنوطي چڱو! اي قوم لوط! مان واحد شخص آهيان جو تنهنجو انجام ڏسي رهيو آهيان!

 

*

ٻي پاسي کان نڪري وڃ! هن پاسي کان بگهڙ بيٺو آهي. هُن کي معلوم آهي ته تون مونسان ڏر ۾ گڏ آهين!

 

*

چانڊوڪيءَ رات ۾ لاهوت لامڪان کان ٿوري پنڌ تي اسان مڌ پي رهيا هئاسون ۽ اسان جا شڪاري دوست رائيفلن سان پهاڙن ۾ منتظر ها ته ڪڏهن ٿو هرڻ ترائي تي اچي! مون اوچتو محسوس ڪيو ته

 

منهنجي’مان‘ هوا ۾ تيزيءَ سان تري، ترائيءَ تي ويندڙ هرڻ کي شڪارين جي سمڪ ڏني ته:

”ايڏانهن نه وڃ، ايڏانهن موت تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“ اهو چئي مان وري اُتي موٽي آيس جتي تڏي تي اسان مَڌ پي رهيا هياسين. ڪافي رات گذاري اسان جا شڪاري دوست خالي هٿين موٽي آيا.

تون چوندين ته مان هَٿَ جي گهڙي ٿو هڻان! ٺيڪ آهي، مون توتي راز ڇو افشا ڪيو، اهو ته مان نٿو چئي سگهان.اِها تنهنجي مرضي، اُن کي مڃ نه مڃ!

 

*

ننڊ موت جي ڀيڻ آهي. اُن سان گهڻيون رنگ رَليون شاعر کي نه ڦٻنديون آهن.

 

*

ننڊ؟ هن عمر ۾ ڪهڙي ننڊ؟

ننڊ لاءِ تا ابد مٽيءَ جو بستر وڇايل آهي.

 

*

تو چيو ته : ”ماڻهوءَ کي ٻئي ڏينهن جو پتو نه
آهي.“

 

مون توکي درست ڪندي چيو ته: ماڻهوءَ کي ٻي دم جو پتو نه آهي.“

 

*

منهنجو ديس! تنهنجو ديس!رُڳي قبر تُنهنجي جاءِ پناهه آهي جا ڪنهن به ديس ۾ ٺهي سگهي ٿي.

’نجانءِ مڙهه ملير ۾‘، جي ڀٽائيءَ جي سِٽ نه  هجي ها ته مان توتي کِلان ها!

 

*

جڏهن ڪُڪُڙ ٽيون دَس هڻندو، اوهان سڀئي مون کي ڇڏي ويندءُ،“ يسوع پنهنجن حوارين کي چيو. ڇا تاريخ پاڻ کي دهرائيندي آهي؟

 

*

يا خدا! مون لاءِ ڪافر لڏو ته مومن لڏي کان به ويهه ڀيرا وڌيڪ بُرو ثابت ٿيو. هي انڪري وڙهن ٿا ته مان تو کي مڃان ٿو ۽ هوُ ان ڪري وڙهندا ها ته مان توکي نه ٿو مڃان.

هاڻي مون کان هي ڏات موٽائي وٺ!

انهيءَ سبب مون کي ڏاڍا عذاب مليا آهن.

 

*

 دهريا! تو سمجهو ته تون خداکي تالان والان ڪري سگهندين. دراصل خدا توکي تالان والان ڪري چُڪو آهي.

 

*

جي خدا ساري اسباب جو مُسبب آهي،

ته تون ڳڻتي ڇا جي لاءِ ٿو ڪرين!

 

*

ٻي کي مصيبت ۾ ڏسي هن لاءِ دُعا گهر ته خدا هُن جي مصيبت آسان ڪري. تنهنجي مصيبت خودبخود آسان ٿي ويندي.

 

*

تون ڇا ٿو چاهين؟ خدا ڇا ٿو چاهي؟ اِهو ته ڪوئي نجومي به ٻڌائي نه ٿو سگهي!

 

*

فقط علمِ نجوم ڪافي نه آهي. خدا جي دل ڪوئي ستارو ته نه آهي ته اُن تائين ڪنهن جي رسائي ٿي سگهي!


 

*  ويسر: وهيل (Whale) مڇي.

*              ايڊگرايلن پو: آمريڪي شاعر جنهن پنهنجي مشهور نظم ۾ موت کي ڪاري ڪانءَ سان تشبيهه ڏني آهي.

*              ترجمو: ڏاڍو چڱو ٻريو پر شعلو تڪڙو هو.

**           تعجيل (عربي) تڪڙ.

*              ڪن تذڪري نگارن ۽ مؤرخن لکيو آهي ته سلطان غياث الدين تغلق سنه 725 هجري ۾ بنگال تي چڙهائيءَ کان دهلي موٽي اچي رهيو هو ۽ هن محبوب الاهيءَ کي هي نياپو موڪليو هو:

                ”جڏهن مان دهليءَ ۾ گهران ته اوهان غياث پور خالي ڪري ڇڏيو ڇو ته اوهان جي رهائش سبب ماڻهن جا ميڙاڪا ٿا ٿين ۽ شاهي ملازمن کي رهڻ لاءِ پوري جاءِ نه ٿي ملي.“

                اهو نياپو ٻُڌي محبوب الاهيءَ جي زبان مان فقط هي لفظ نڪتا: ” هنوز دلي دور است“ (ترجمو: اڃا ته دهلي دور آهي.)

                غياث الدين تغلق شهر کان ڪجهه پري افغان پور ۾ نئين عمارت ۾ ترسيل هو جا راتو رات ڦهڪو ڏئي ڪِري، جنهن جي هيٺان دٻجي هو مري ويو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org