سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 4

 

*

نماشام جو

منهنجي گهر جو چراغ

تنهنجي راهه نهاري رهيو آهي

تون ڪهڙيءَ گهٽيءَ ۾ گم ٿي وئي آهين؟

ستارا تو کي ڳولي ڳولي ٿڪا آهن،

منهنجيءَ چانئٺ

تنهنجن پيرن جي مٽي

ڪيتري وقت کان نه چُمي آهي،

مان چاهيان ٿو ته تون اچين

ته منهنجي شاعري

پوري ٿي سگهي،

مون کي تنهنجي چهري لاءِ

چنڊ کان به بهتر

هڪ نئين تشبيهه سُجهي آئي آهي،

۽ تنهنجي اکين لاءِ

هڪ نئون استعارو ليئا پائي رهيو آهي،

جنهن تي ڪائي به هرڻي

هرکي اچي سگهي ٿي؛

 

تون جا منهنجي شاعريءَ جي

پوئين نظم جو

پويون بند آهين،

ڪيڏانهن ائين گم ٿي وئي آهين،

جو مان تنهنجا چَپ

قافين وانگر ڳولي رهيو آهيان؟

تون جا

منهنجي روح جي

پوئين رديف آهين!

اي منهنجي منظوم محبت

موٽي آءٌ!

مُنهنجي شاعري

تنهنجو آخرين انتظار ڪري رهي آهي.

 

 

*

اي ڪاش!

گُل تنهنجي محبت لاءِ

هڪ استعارو ٿي سگهي

۽ ڇڻي نه وڃي!

اي ڪاش!

چنڊ تنهنجي محبت لاءِ

هڪ تشبيهه ٿي سگهي

۽ لهي نه وڃي!

تو ايتري ناپائدار ته ناهين

جيترا اهي استعارا ۽ تشبيهون آهن،

تون ته منهنجي دل ۾ آهين

۽ منهنجي دل

فنا جي زد ۾ اچي نه ٿي سگهي

۽ ڪائنات

ان کي پاڻ ۾ سمائڻ کان

قاصر آهي،

منهنجي دل لاءِ

ڪائي تشبيهه

ڪوئي استعارو

نه آهي.

 

 

*

معلوم نه آهي

ته عمر توتي اثر ڪيو آهي

يا تون اڃا

پُرمسرت گلاب وانگر شگفته آهين

۽ هير ۾ لُڏي رهي آهين،

۽ ڀوَنرا

تنهنجي واس کان وانجهي نه آهن؟

عمر وڏي قاتل آهي!

اُها گلن جهڙا رُخسار

ڇاڻي ٿي ڇڏي،

۽ ڪيئي هَرڻ اکيون

رڻ ۾ رولائي ٿي ماري،

۽ انهن جا تُنرا

سج جي تيز تپت ۾

جهانورجي وڃن ٿا،

۽ رُڃ ۾

اُنهن جا چَپَ بانورجي وڃن ٿا

۽ ڇوڏا ٿي ڇڻن ٿا،

 

جن مان نه فقط تازگي،

پر زندگي به نڪري وڃي ٿي!

عمر وڏي قاتل آهي؛

اُن جو هر سال هڪ ڇرو آهي

۽ اُها پنهنجا ڇُرا ڪٺا ڪري

هڪ وقت ئي تنهنجيءَ ڇاتيءَ ۾ کوڙي ڇڏي ٿي،

۽ تون اُنهن جا زخم لڪائي نه ٿي سگهين!

ڇا زخم کي ڪنهن به

ڪڏهن مينديءَ جو گل سمجهيو آهي؟

اکين جون هرڻيون

ڇا رُلي رُلي ساڻيون نه ٿيون ٿيِ پَون؟

جي تون رڳو ماس آهين

ته اُهو انت ڳري ويندو،

بانور ڪر ته ڪنهن ٻيءَ ڳالهه تي ڪر!

اي خوبروُ خاتون!

دنيا ۾ خوبرُوئي سڀ ڪُجهه نه آهي!

ٻيو ڪجهه به آهي

جو پائيدار آهي

زندهء جاويد آهي،

 

جو تو سان اُجهامڻو نه آهي؛

اُن شعلي جي باري ۾

ڪڏهن سوچيو اَٿي؟

اُن ۾ پوئين گهڙيءَ تائين

چڻنگون رهن ٿيون

جي پيريءَ جي اُجهندي

۽ موت جي اونده کي

اُجاري سگهن ٿيون!

 

 

*

بُلي شاه!

                بيشڪ الله آدمي ٿي ايندو آهي،

منهنجي زندگيءَ ۾ ئي

ڪيئي ڀيرا آدمي ٿي آيو آهي

۽ مون هُن جي هٿن کي چُميو آهي

۽ جڏهن هن جي پرستِش ڪئي آهي،

تڏهن آسمان مان مينهن ڦڙيون وسيون آهن

۽ ڪڪرن فرشتن وانگر ڇانوَ ڪئي آهي،

۽ ٿڌيرڙي هوا ۾

صر صر ۽ سَمومُ جو شائبو به نه ٿيو آهي،

اُها خدا جي هٿن وانگر

ڳلن کي ٿڦڪيون ڏئي رهي آهي،

۽ رابيل ۾ ٽڙي پئي آهي

۽ اُن جي خوشبو

ڪائنات ۾

ڦهلجي وئي آهي،

 

 

۽ ستارا اکيون ڇنڀي سوچي رهيا آهن،

ته خدا

اڄ

گل ۾ مجسم ٿيو آهي،

۽ وحدت الوجود

فقط

هڪ ئي وجود ڳولي لڌو آهي،

۽ الله آدمي ٿي آيو آهي

اُن انسان ۾

جو رابيل وانگر

ميِنهن ڦڙين ۾

ٽڙي پيو آهي!

 

 

*

ڇا مان اُهو آهيان.

جنهن کي تو پنڌرنهن سال اڳي ڏٺو هو،

نشي ۾ ڌت، الوُٽ

جنهن جون اکيون اُن خون وانگر ڳاڙهيون هيون،

*جو ڊاک جي وَل کي ڏنو ويندو آهي،

۽ جنهن جا هٿ ائين ڀرپور ها

ڄڻ اُهي ڏاڙهن ۽ زيتونن

جي وڻن مان،

ڪجهه ڇني،

موٽيا ها؛

جنهن جي لڙکڙائيندڙ چال،

سنڌوءَ جي ڇوڙ وانگر

هيڏانهن هوڏانهن وڃي رهي هئي،

۽ جنهن جي ڀاڪر ۾،

سُڳنڌ هئي

اُنهن گلابن جي

 

 

جي بهار جي پوئين هيرِ ۾

ٽِڙي پوندا آهن؟

نه مان اُهو نه آهيان،

مان ته اڄ ڪلهه شام جي شفق مان

ڪيئي ٽوڪريون ڀري آيو آهيان،

جن ۾ ساري آسمان جون رنگينيون آهن

۽ اُهي گل آهن

جي جوانيءَ جا محتاج نه آهن

۽ جي ڪڏهن به نه مرجهائبا!

مان اڳ وانگر

پکيئڙن سان

پڃرا نه ٿو ڀريان

پر آزاد پرندن کي ڏسي،

خوشيءَ ۾ نه ٿو سَمائجان،

۽ چاهيان ٿو،

ته اُن خوشيءَ کي ائين ماڻيان،

 

 

جيئن هوا کان

اُها اُڏار نه کسيان،

جا هيِر کي

ڪيمخواب ۽ بخمل جي تاڪئي وانگر

ڪَتريندي ويندي آهي.

منهنجو خدا به ته حُسن آهي

۽ جنهن وقت منهنجي شاعريءَ جو موضوع آهي

۽ منهجي گيت ۾ اظهار جي ٿو،

اُهو حسن کان سواءِ

ٻيو ڪجهه به نه آهي.

 

 

*

تُنهنجي ياد

جيئن ٺٽي جي رابيل جي خوشبو

جا اڃا تائين

امير خسروءَ جي غزل ۾ آهي،

تنهنجي ياد

جيئن ڪنولَ ڪاڪ تَـٖـڙين

جي اڃا تائين ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ ٽِڙن ٿا،

تنهنجي ياد کي مون ڪيترو نه ڪتابن ۾ محفوظ

رکيو آهي!

ڏس! هي تُنهنجا وار

    *        غالب جي

بنارس تي مثنوي ۾

گنگا جي ڌار وانگر اُڏامندا وڃن ٿا

۽ جيڪا اڃا

منهنجن نيڻن وانگر وهي رَهي آهي؛

 

 

تون ئي ته آهين

جا مون کي

پنهنجيءَ پرائيءَ شاعريءَ ۾

نظر اچي رهي آهين

۽ سدائين ترو تازه آهين،

ڪنهن ڪتاب ۾ رکيل گلن وانگر

سُڪل نه آهين!

 

 

*

مون تنهنجا چپ ايترا ته چُسيا آهن

جو منهنجو هانءُ

ڏاڙهن جو وڻ ٿي پيو آهي،

ان وڻ کان به وڌيڪ ڀريل ۽ رسدار

جو گئليليءَ جي دشت ۾

يسوع کي نظر آيو هو،

جنهن وقت

هن کي

پياس لڳي هُئي.

*

ڇا اسان ٻئي ايملي برانٽ جي ناول ’وُدرنگ هائيٽس‘(Wuthering Heights) مان ٻه ڪردار هُياسين؟ ڇا ڪتاب کان ٻاهر به زندگي ائين گذري سگهندي آهي، جيئن اسان گذاري هئي؟

*

گوشت جي بوُءِ سنگهي، هزارين هاتار مڙي ويندا آهن. محبت ڪندي اسان اهو ڇو نه سوچيو هو؟

*

گهر کي دشتِ نجد بڻاءِ!ليليٰ پاڻ ئي پيهي ايندي!

 

 

*

هاڻي پٿر ڇو ٿا هڻو؟هاڻي ته نه مان مجنون آهيان ۽ نه منهنجي ڪائي ليليٰ آهي؟ يا اهو مخمل جو بظاهر خالي لڳي ٿو، دراصل خالي نه آهي؟

*

سڄي دنيا ٻي پاسي آهي، مُنهنجي پاسي تون آهين، ڇا اهو ڪافي نه آهي؟

*

اي تَجلي تون منهنجو گهر ڪوهِ طور ڇو بڻايو آهي؟ تون انسان جو روپ وٺي ڇو آئي آهين؟

*

تنهنجي ڪارِ ڪا ليليٰ جو محمل ته نه آهي ته اُها بالڪنيءَ مان سُڃاڻي وٺان!

*

تون مون کي روح آڇيو،

مون تو کي فقط جسم آڇيو،

تارازيءَ جي پُڙ ۾ تون ڪيڏي نه

ڳوري ٿي لڳين!

 

 

*

جيئين راهبائون يسوع سان پيار ڪنديون آهن،

تون ائين ته مون سان پيار نه ڪيو،

پر پوءِ به تو کي راهبا جو روح هيو،

۽ مون ۾ ايترو ضبط هيو جو يسوع به اُن تي

رشڪ ڪري ها!

*

مان سجدو اِن ڪري نه ٿو ڪيان

ڇو ته تصور ۾ واري واري سان تُنهنجي صورت خدا

جي تصور جي آڏو اچي ٿي!

*

آه! جڏهن هو تنهنجي گِلا ڪن ٿا

تڏهن منهنجن ڪنن ۾ ٻرندڙ شيهو وجهن ٿا.

*

ڇا تون اهو ڄاڻين ته هَوسَ تنهنجي پاڪيزگيءَ کي متاثر نه ڪري سگهندو؛ جيئن گلاب تان شبنم جا قطرا اُڏامي ويندا آهن ۽ گلاب جي تازگي گهٽائي نه سگهندا آهن،ائين هَوَس تنهنجي چهري کي ترو تازه ڪري ٿو ۽ تنهنجي روح کي مُرجهائي نه ٿو سگهي.

 

*

متان پاڻ کي اَڪيلي سمجهين! تون جِتي آهين، جنهن جاءِ تي آهين، جنهن به رفاقت تي مجبور آهين يا پاڻ کي تنها محسوس ڪري رهي آهين، مان توسان آهيان.

*

نيٺ ته پنهنجي پنهنجي لوڙهي جو ٻُنڊو هٽائي، ڊُڪندا اچي هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ پونداسين ۽ چنڊ اسان کي ڏسندو رهندو!

*

نفرت ڪر!

اُنهن کان جي نفرت ڪن ٿا

۽ نفرت ڪرڻ سيکارن ٿا،

اُنهن کان نفرت ڪر جن جي روح تي

ٿوهر جا ڪنڊا آهن،

۽ جن تي برسات جي ڦڙي نه پئي آهي،

۽ ان ڪري هو نادان

آسمان کي گاريون ڏئي رهيا آهن،

۽ جن کي خبر نه آهي

 

 

ته اهو جڏهن وَسَڻ تي ايندو آهي

ته ٻنا ٻوڙ وسندو آهي،

ايترو جو اُن جي ريلي ۾

درياه اُٿلي پوندا آهن!

نفرت ڪر!

نفرت ڪرڻ وارن کان نفرت ڪر،

جي پنهنجي دشمن کي

ان ڪري انسان نه ٿا سمجهن

ڇو ته هو هنن جو دشمن آهي،

۽ اهو وساري ٿا ڇڏن

ته هن کي به ٻار ٻچا آهن،

جي به جلي مرن ٿا

جڏهن هن جي جهڳي کي باه ڏِني وڃي ٿي.

نفرت ڪر!

ريلون اُڏائڻ وارن سان

۽ هوائي جهاز اغوا ڪرڻ وارن سان،

جي اهو وساري ٿا ڇڏن

ته انهن ۾ ٻار به آهن،

اُهي مرد ۽ زالون به آهن

جن هنن جو ڪوئي ڏوهه نه ڪيو آهي!

 

 

نفرت ڪر!

اُنهن جُوارين کان

جي جوئا خاني ۾

پنهنجي ۽ پرائي زندگي

داوَ تي رکن ٿا،

۽ جيتَ جا منتظر آهن؛

نه رڳو هر جوئاري بُرو آهي

پر هر جُوا بُري آهي

نفرت کان نفرت ۽،

محبت سان محبت ڪر!

هن رابيل ۽ گلاب جي گل سان

محبت ڪر،

ڇو ته اُهو تنهنجي پرينءَ جي ڳلن جهڙو آهي،

هن چنڊ سان محبت ڪر

ڇو ته اُهو هن جي مُنهن جهڙو آهي؛

محبت سان محبت ڪر!

ڇو ته اُها ڪائنات جي تخليق جو باعث آهي

ڇو ته اها خدا آهي،

۽ خدا محبت کان سوا

ٻيو ڪجهه به نه آهي،

ٻيو ڪجهه به نه آهي!

 

*

انقلاب جو گيت

ايترو سؤلو آهي

جيتري ڪنهن جي سيني ۾ گولي

جنهن مان رت،

ڦوهارا ڪري

نڪري اچي؛

ان جا ڪارا گلاب

جڏهن مُرجهائجي وڃن ٿا،

تڏهن اُنهي ڪويل جي پرن وانگر

لسا ۽ لهسائيندڙ نه آهن،

جنهن جي چهنب مان

اهي گيت ڦٽي پون ٿا

جي اڇن گلابن وانگر آهن

۽ جي جهونجهڪڙي جي آجيان ڪن ٿا،

۽ ڪنهن وقت انهن ڳاڙهن گلابن وانگر آهن

جي پرهه جي ڳلن تي

چُمين جئن لڳن ٿا،

پيار جا گيت ڳايو

انسانذات جي پيار جا،

 

اُنهيءَ نوورني لاءِ

جنهن جا ڳل

سِجَ اُڀرئي کان اڳ وارِيءَ تي

ڳاڙهاڻ وانگر لڳن ٿا،

جي اُن ٻار جي نظرن وانگر آهن

جي ننڊ مان اٿي

ابابيلن وانگر،

آسمان ۾ اُڏرن ٿيون،

۽اُنهن سگهارن ٻانهن وانگر آهن

جي ٽڪر ٽاڪي

کير جون نديون وهائن ٿيون،

۽ انهن جون ڇيڻيون

سنگ مر مر جي سيني مان،

اهي بت بڻائن ٿيون

جي هومر ڏسي ها

ته ’اووڊ‘  کان وڌيڪ وڻندڙ

پيار جا گيت ڳائي ها؛

پيار جا گيت ڳايو،

ته وارث شاه موٽي اچي

۽ امرتا پريتم کي

 

 

هن جو وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پوي،

۽ قرة العين حيدر کي

ٻيهار

’آگ جو درياه‘

ٽپڻو نه پوي.

پيار جا گيت امرتا آهن،

پيار اهو ڏيئو آهي،

جنهن جي جوت

سدائين جلڻي آ

جنهن ۾ اهو مِر ۽ لوبان آهي

جو جهوني يَروشلم جي چراغن ۾،

جلائيندا ها،

۽ جن ۾ انسان جو خون

نه ٻرندو هو،

۽ هن جي آهن جو دونهون نه هوندو هو،

۽ جي پرهه جي آجيان ڪندا ها،

۽ ان انڌيريءَ رات کي

الوداع ڪندا ها،

جا انسان جي لهوءَ وانگر

هوندي آهي،

 

 

اَجائي

ڪنهن اَرٿ کان سواءِ

قربان گاه ۾ ڪُٺل جانورن

جي رت وانگر،

هارَوِير ٿي ويل،

چُٽا چُٽا ڄَميل،

اوسي پاسي کي

گدلو، ڪوجهو،

روپ هيِڻُ ڪندڙ.

 

 

* نوٽ:    ڊاک جي وَل کي جانور جو خون ڏنو ويندو آهي ته اُها وڌيڪ ڳاڙهي ۽ مٺي ٿيندي آهي.

 

*  نوٽ: غالب بنارس تي فارسيءَ ۾ يادگار مثنوي لکي آهي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org