”ڇا تون اڃا
لٿو نه آهين،
تنهنجا پويان ڪرڻا
هُن جي وارن تي ديوانه وار
رقص ڪري رهيا آهن
۽ ٿڪجي نه ٿا ٿڪجن،
۽ هُن جو پنڌ
کُٽي نه ٿو کُٽي!
۽ ڪَروبي اوسيئڙو ڪري
ڪڪ ٿي پيا آهن
۽ ورچي
موٽي ٿا وڃن!
آخر ڪيستائين
ڪوئي
ڪنهنجي خوش آمديد لاءِ
ترسي؟“
*
اچين ٿو
يا اسان موٽي وڃون؟
لَڪَ
جن کي تون اڃا لتاڙي رهيو آهين
اوندهه ۾ ٻُڏي چڪا آهن،
۽ تولاءِ
وسيهَرُ
واٽ تي ترسي ترسي
ورچي پيو آهي
۽ پنهنجي ٻر ڏانهن
موٽي رهيو آهي!
هن لڪ تي
ته ڪي ليار به نه آهن،
۽ سَره
ڏرَن ۾ لِڪي چُڪا آهن
ڇو ته سج جي پوئين ريک به
اونده ۾ سمائجي چُڪي آهي.
نه ڄاڻان هي رات اونداهي آهي
يا چنڊ
ڪَڪرن ۾ چُپيل آهي!
چنڊُ نظر ته نه ٿو اچي!
*
تون خدا جو جلوو
ڏسي سگهين ٿو
پر ان لاءِ ته موسيٰ عليہ
السلام کان به تيز اکيون گهرجن
جي طور جي تجلي برداشت ڪري سگهن،
۽ اهي ڦڦڙ گهرجن
جي ايتري زور سان
لَن تَراَنِي چَوَن
جو پٿر پٿر ۾
اُنهن جي گونج ٻُرڻ لڳي!
اهو تولاءِ ناممڪن آهي.
تون رومي ٿي سگهين ٿو
پنهنجيءَ دل کي اُهو آئينو بڻائي سگهين ٿو
جنهن ۾
خدا جي جلوي جو جلوو
پسي سگهين!
پر پو به جلوي جي پَرتَو سان
اهو آئينو ٽڙڪي پئي،
اهو خاطريءَ سان
ڪيئن ٿو چئي سگهجي!
*
ڇا مڇيءَ جو پيٽ
۽ حضرت يونس
هن دنيا ۽ انسان لاءِ
تمثيل آهي؟
ڇا انسان
هن دنيا کان ٻاهر اچي سگهي ٿو،
۽ مڇيءَ کي سمندر ۾ موٽندو ڏسي سگهي ٿو؟
مون کي ته اهو ممڪن ٿو لڳي،
فقط هن لاءِ پنهنجي روح ۾
زنده رهڻ ۽ ٻاهر اچڻ جي
خواهش ضروري آهي.
*
مون ڪٿي پڙهيو هو ته:
”حضرت اسماعيل عليہ
السلام جو نالو
”’اسمع‘ ۽’ايل‘ ٻن لفظن مان مُرڪب آهي
”عبرانيءَ ۾ ’ايل‘ الله کي چوندا آهن
”۽ عربيءَ ۾ ’اسمع‘ ۽ عبرانيءَ ۾ ’شماع‘
”جي معنيٰ آهي ’سُڻُ!‘
”ڇاڪاڻ جو اسماعيل عليہ
السلام جي باري ۾
الله تعاليٰ
”حضرت ابراهيم جي دعا ٻڌي هئي ۽ حاجره کي
”بشارت ملي هئي، ان ڪري اهو نالو رکيو ويو هو
”۽ عبراني ۾ اُن جو اچار ’شماع ايل‘ آهي“.
ڇا فلسطيني يهودي ۽ مسلمان اهو ڄاڻن
ٿا ته هنن ۾ ڪيترو تهذيبي رشتو آهي؟
ڇا ڌرتي هر رشتي کان مٿي آهي؟
يا جو ڌرتيءَ جو مال و منال آهي
اهو هر رشتي کان
مٿي آهي؟
۽ بينا کان بينائي کسي ٿو وٺي،
۽ هَوَس هُن کي نابين ڪري ٿو ڇڏي؟
*
زندگيءَ سان ائين مقابلو ڪر
جيئن فاران جي بيابان ۾
اسماعيل ۽ هاجره
باد صموم سان ڪندا ها!
زندگيءَ جي ويرانيءَ
۽ خاموشيءَ ۾
احساس ٿيندو آهي.
ته ڪوئي ساٿ آهي،
هر ريت جو ذرو همدرد آهي
۽ ماهتاب ۽ ستارا
تسلي ڏئي رهيا آهن
۽ انهن جي رفاقت
انساني رفاقت کان قريب تر آهي
۽ وڌيڪ قربائتي آهي
*
ڇا تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي
ته پوري ڪائنات
مقامِ ابراهيم وانگر لڳي رهي آهي
۽ آسمان
حجرِ اسود وانگر آهي
۽ چنڊ ان جو طواف ڪري رهيو آهي؟
ڇا تو ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪيو آهي
ته رات غلافِء ڪعبه وانگر آهي
پر تو کي اجازت نه آهي
ته اندر وڃين سگهين؟
ڇا تو محسوس ڪيو آهي ته ڪنهنجي وَحي اچي رهي آهي
جنهن کي انسان جا ڪَن
ٻڌي نٿا سگهن!
مان ڪنهن وِلايت جو اهل ته نه آهيان
پر احساس
منهنجا به ايترا تيز آهن
جيترا ٻي ڪنهن انسان جا هجن،
اها ٻي ڳالهه آهي
ته طُور جي تجلي
اُنهيءَ هر انسان تي نه ٿيندي آهي،
جو ’لن تراني ‘ چوندو آهي!
*
”نظام الدين اوليا،“
امير خسرو چيو، ”مان تنهنجي پيرن جي خاڪ آهيان
۽ اتي ئي مون کي
آسودگي نصيب ٿي آهي،
شهسُوارن جي سرن تي
جا مِٽي هوندي آهي
اُن ۾ ته
ساهه ٻوساٽبو آهي.“
*
تو،
منصور کي دارِء تي لڙڪائي
هن جو
عضوو عضوو ڪپيو هو،
۽ منهنجي باقي عمر مان
به ان طرح
ڏينهن ڏينهن ڪپي رهي آهين.
نه تون
هن کي هيسائي سگهي هُئينءَ
نه مون کي
هيسائي سگهي آهين؟
اي تقدير!
اڃا تون اهو نه ٿي مڃين
ته ڪي انسان
توکان ڏاڍا آهن!
*
مان ڄاڻان ٿو
ته منهنجي موت کان پوءِ
جن عراقيءَ کي پڙهيو آهي،
اُهي
هُن جو هيٺيون شعر
گنگنائيندا:
قبلہء
روي صوفيان بارگہ
صفائي تو
سرمہء
چِشمِ قُدسيان خاکِ درِ سِرائي تو.
*
ڪي خواب ”روياءِ صادقه“
۽ ”وحي الاهي“ ٿيندا آهن،
پر مان جو هڪ عظيم گنهگار آهيان
۽ منهنجا گناهه سانوڻ ۾ درياهه وانگر ڦيراٽيون
کائي رهيا آهن.
جن مان
بار بار ٻُڏي
اُڀري ٿو اچان،
ڇا مان هن برِصغير جو
مستقبل
ائين ڏسي رهيو آهيان
جيئن آفتاب آئيني ۾ نظر ايندو آهي!
مون کي يقين آهي
ته اُهو ائين ئي ٿيندو
جيئن مون ڏٺو آهي؟
ڇا شاعر جي گناهگار طبيعت کي
هڪ اهڙو پهلو به ٿيندو آهي
جو صاف ۽ شفاف هوندو آهي
۽ جنهن کي
معصيت ڇُهي به نه سگهندي آهي؟
*
دارا شڪوه!
تون سچ پچ ذبح ٿي وئين!
توکي ذبح تنهنجي ڀاءُ اورنگزيب ڪرايو هو؛
ڇا تون ڄاڻين ٿو ته
ڪنهن جي ڀاءُ جي خواهش ۾
خدا جو ڪيترو هٿ آهي؟
ڪاش!
مان اهو سوال
سرمد کان پڇي سگهان ها!
*
تعويذ ۾
سڄي ٻانهن ۾ سج
۽ کٻي ٻانهن ۾ چنڊ سِبڻ وارا!
تو کي اِهو معلوم آهي
ته رات ڪيتري لنبي آهي،
اُن جا ڪڪر ڪارونڀار
ڪٿي ٿا کُٽن؟
*
آءُ هن فقيرياڻيءَ جي
خالي ڪشتي ۾
هڪ چانديءَ جي پائُلي وجهه،
۽ آخرت لاءِ
ساري آسمان جو ستارو چاهين،
چونڊي کڻ!
*
رحم کاءُ
هن هرڻيءَ تي
جنهن جي رانَ ۾
تو گولي هنئي آهي
۽ ڊڄ انهيءَ تقدير کان
جنهن جي نظرن جون دوناليون
تنهنجيءَ ڌيءَ کي
تاڙي رهيون آهن!
*
مون ’ويسٽ منسٽرائبي‘ ۾ سوچيو،
”جڏهن ’بيڪن‘ ۽ ’شيڪسپيئر‘ ٻئي فنا ٿي
چُڪا آهن
تڏهن ڇا انهن جي قبرن تي لڳل سنگِ لحد کي،
ان ڳالهه جي پرواهه آهي
ته شيڪسپيئر وارا ڊراما ڪنهن لکيا ها!“
*
موت هروڀرو اٽل نه آهي
موت ٽري به سگهي ٿو؛
ها اها ٻي ڳالهه آهي
ته هو ڦري گهري موٽي اچي ٿو.
*
ڇا موت به
هڪ ننڊ آهي؟
جيڪڏهن مون کي
وري اُن مان اُٿڻو آهي
ته ڇَڏ،
ته مان ٿوري جهَٽ اک لائي وٺان!
منهنجا هڏ
ماضيءَ جي ٻوجهه هيٺان
ڏکي رهيا آهن.
سانجهي ٿي آهي
۽ هر ڪوئي
آکيري اوٽائتو آهي،
رڳو منهنجو رستو
کٽي نه ٿو،
۽ لهندڙ سج
منهنجي پيرن جون لڦون
حيرت سان ڏسي رهيون آهن.
*
موت جو خوف چَنڊَ کي نه ٿو ٿئي،
ڏيئي کي نه ٿو ٿئي،
ته توکي ڇو ٿو ٿئي؟
اهو سمجهي ڇڏ ته روشنيءَ کي بقا نه آهي،
اونداهي اوس اچڻي آهي،
اها ٻي ڳالهه آهي ته اُها رڳو روشنيءَ جي التوا
هجي،
جيئن چنڊ اڄ رات اجهاڻو ته
سُڀان رات اُڀرڻو آهي
۽ جي ڏيئو وساڻو
ته ان جي وَٽِ ٻيهر ٻَري سگهي ٿي.
(وڌيڪ پڙهو) |