سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 6

*

اوهان کي معلوم نه آهي جڏهن بالشيوڪ اختيار ۾ آيا ها ته زار جي خفيه پوليس جا دستاويز ڏٺا هيائون ۽ اسٽالن جو بهترين دوست پوليس جو پگهاردار هو،

ماڻهو جي پرک وقت اِها ڳالهه ڌيان ۾ رکو.

*

سياسي گيان ڌيان به ڌرمي گيان ڌيان وانگر  پاکنڊي ٿي سگهي ٿو. اُپکنڊ ۾ سياست ٻڌل ئي پاکنڊ تي آهي.

*

اي شطرنج جا کيڏاريو! ڪٿي بساط نه اُونڌي ٿي پئي ۽ مُهرا هيٺان دٻجي نه وڃن!

*

تيستائين مَهي نه ولوڙ!

اڃا پانڌي پُڳا نه آهن.

*

ڪنهن ڪامريڊ جي آسمان ۾ چنڊ تي نظر پئي ۽ چيائين، ”اَمان! ماني!“

*

ڇا تنهنجو فلسفو تنهنجيءَ خرد جي خارش لاءِ لَڪيءَ جي چشمي وانگر آهي؟

*

”سنڌ جي خاڪ آندي اَٿي

يا ائين آيو آهين؟“

جيستائين اِهو آواز اُجهاڻو نه آهي

سنڌ پنهنجيءَ پوري تازگيءَ سان زنده رهندي.

*

جهرڪيءَ جي چُهنب سان شروع ڪَيُئه،

ڳِجهه جي چهنب سان ختم ڪَيُئه!

*

چرچل چيو هو ته”جي جمهوريت بُري آهي ته ٻيا نظام ان کان به وڌيڪ بُرا آهن.“

*

دهريا چون ٿا ته تون وهمي ٿي پيو آهين. مان چوان ٿو ته دهرين کان وڏو وهمي ڪوبه نه آهي. جي مادي کي آخرين حقيقت سمجهن ٿا.

 

*

بابا، مون وٽ ڪوئي طنبيلو ته ڪونهي!

هر سياستدان کي مون وٽ ٿو وٺي اچين!

*

مهاتما گانڌيءَ چيو هو ته،  ”جي اسان هندستاني هڪ هڪ ٿُڪ ڦٽي ڪريون ته سڀ انگريز اُنهيءَ ۾ ٻُڏي مرن.“

اسان تي جبر ڪرڻ وارا ته اوترا به ڪونه آهن!

*

اي سنڌ! تون ڪَپڙي جو ٿانُ ته نه آهين جو اُن مان جنهن کي جيترو ٽُڪر وڻي، ڪپي وٺي.

*

ڪيڏي سياسي بَڪ هنئي اَٿي؟ ڇا  دنيا ۾ ٻي ڪائي ڳالهه ڪرڻ جهڙي نه آهي؟

*

مذهب سياست ٿي وڃي يا سياست مذهب، ٻئي ڳالهيون بُريون آهن.

*

گهٽ ۾ گهٽ سياسي شطرنج ته صد رنج آهي.

*

چمڙي جي اولاد! تون روشنيءَ کان ڇرڪين ٿو، ڇو ته تون اڏامي فقط اوندهه ۾ سگهندو آهين!

*

هن ۾ پليتائي پليتي وانگر جلي رهي آهي،۽ هوُ ان کي انقلابي جدوجهد ٿو سمجهي!

*

هي مڇرن جيترا سياسي ماڻهو،

ڪيڏي نه ڀون ڀون ڪن ٿا!

هروڀرو ننڊ ڦِٽائي اَٿائون!

*

تون ڪير ٿيندو آهين،

سنڌ جو ٻيڙو تارڻ وارو؟

ان جو تارڻ هار ته ڪوئي ٻيو آهي،

تون فقط وَنجهه هڻي رهيو آهين!

*

کيرٿر! هُو پٿر چٻاڙي سگهندا؟

هنن تو کي ته کيِرَ تي ٿَرُ سمجهو آهي!

 

 

روس ۾ ڪميونزم کي راسپيوٽين جي لاش کان وڌيڪ مسخ ڪيو ويو آهي.

*

تون ٿو چوين ته ”تو کي يو. ايس. ايس. آر تي ايترو غصو آهي، جيترو جماعت اسلامي کي نه آهي.“

يو. ايس. ايس آر ته ٽٽي چڪي آهي ۽ سوويت يونين وڃي آمريڪا جي طفيلي ٿي آهي، ان جي مقروض آهي ۽ اُن جون جُتيون چَٽي رَهي آهي. جماعت اسلامي اڳي ته ان جي دشمن هئي پر هاڻي اُن ڳالهه کان جماعت کي وڌيڪ ڇا پسند ايندو ته سوويت يونين وڃي ذلت جي تري ۾ ڪري آهي! آخر جماعت اڃا تائين ته آمريڪا جي حمايت ڪري رَهِي آهي! تنهنجا ڪَن سرلا هجن ها ته مودوديءَ جا ٽهڪ ٻُڌي سگهين ها جي هو ڏئي رهيو آهي. غصو ته مون کي اچڻ گهرجي. اهي مارڪس جا گُماشتا، ڀَلاوڻا، پگهاردار، نوڪر چاڪر اسان جي ٽهل ٽڪور ڪري، اسان جا پنجهتر سال  ڦُري ويا، جن ۾ مُنهنجي شاعريءَ به پنجاهه سال سيڙايا ها. ايڏي هَٿ کَس، ڦرلٽ، ايڏي ڳنڍ ڪَپَ تاريخ ۾ اڳي

ڪڏهن ٿي آهي، جڏهن ڦر جي ويل ڌُر کي اُن جو پتو به نه پيو آهي؟ اُها اهو ڏسي خوش آهي ته هُن جا کيسا ڀريل آهن، جيتوڻيڪ هن جي کيسن کان کوپريءَ تائين ڀوسو ڀريل آهي. اڃا مون کي ڪاوڙ نه اچي؟ ڇا مان گونگو آهيان، جو سڀ ڪُجهه معاف ڪري رَڙ نه ڪيان ته، ”مون کي پنهنجا پنجاهه سال موٽائي ڏي جي مون تنهنجي ساٿ ۾ وڃايا هئا!“

*

 مير انيس جو هڪ شعر،

”انيس دم کان بهروسا نهين ڻهر جاؤ

چراغ لي کي کهان سامني هوا کي چلي.“

سنڌ جي دانشور کي مير انيس جو اهو شعر ٻڌايان ته هوکيس گيدي چوندو. هن کان هو وسري ويندو ته هن ڪربلا تي زبردست مرثيا چيا ها پر ڇا  ڪجي، سنڌ جي دانشورن ڪوئي ’شهرِ آشوب‘ نه ڏٺو آهي.

*

حضرت ادريس جنازي نماز وقت جيڪو پٽڪو ٻڌندو هو، اُن تي لکيل هوندو هو:

”سعادتمند آهي اُهو جو پنهنجي نفس تي نظر رکي

 

ٿو. پروردگار جي سامهون انسان جا نيڪ عمل هن کي شفاعت ڏين ٿا.“

ڇا دورِ جديد جي انسان لاءِ ان کان بهتر نصيحت آهي. دورِ جديد جو انسان جيڪو پنهنجي نفس جو غلام آهي ۽ هن جي هر نئين آزادي هن جي نفس  جي نئين غلامي ثابت ٿي آهي.

 

*

مُنهنجو شاعر- دوست نعيم صديقي

چوندو هو ته:

”مان زندگيءَ جي آرٽ کي، آرٽ جي زندگيءَ تي ترجيح ٿو ڏيان.“

پوءِ هن ساري زندگي

مغرب ۽ وچ- اوڀر ۾ گذاري

۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڳوٺ شڪارپور ۾

هفتو کن رهي ويندو هو.

هن رينيسانس (يورپ جي احيا) تي

ڪتاب پڙهيا ها.

   1          فلارنس جي ميڊيسي خاندان جي

دؤر وارو آرٽ ڏٺو هو.

   2          آرٽسٽ بوٽيسيليءَ جي

وينس ڏٺي هئي

۽ ليونارڊو ڊاونچيءَ جون تخليقون ڏٺيون هُيون،

 

1928ع ۾ ڪيل بينيتو مِسولني جون تقريرون پڙهيون هيون.

اٽليءَ جي مارڪس کان سوا مارڪسٽ پارٽي به ڏٺي هئي.

هن پراسرار کنڊر به ڏٺا

۽ بائرن وانگر اٽليءَ جو سفر هن جي پنهنجي روح جو سفر ٿي پيو.

هن اُتي روم، فلارنس، وينسِ، مِلانِ، تيورن

۽ ٻيو ڇا ڇا نه ڏٺو!

   3          ورجل ۽ دانٽي کان وٺي دور جديد جي

ادب تائين پڙهيو.

هن اتان جا محل، ديوليون، پلازه وغيره ڏٺا

۽ اُتي صنم سازيءَ جا شاهڪار به ڏٺا؛

هن ڏٺو ته روم ۾ ماڻهو ماکيءَ جي مکين وانگر ڪٺا ٿيندا هئا،

رڳو انهن کي ماڻهن وانگر هڏ گڏ هوندا هيا،

هن وئٽيڪن ڏٺي ۽ پوپ ڏٺو،

هن اُتان جا خانقاهه ۽ فقيہ ڏٺا.

 

اُتي اَرنيسٽ هيمنگوي وانگر

هو جڏهن شاهه بلوط جي ٻيلن ۾ هيو

تڏهن هن ڏٺو هو ته پکي رڳو انگور تي پيٽ ڀري رهيا ها ۽ اُتي هن منجهند جي ماني اڪيلي نه کاڌي هئي، ڇو ته اُتان جي هارين جي  اها  عزت افزائي هئي، ته هنن وٽ ڪوئي مهمان اچي.

۽ هنن سان گڏ کائي.

   4          هُن اي-ايم فارسٽر جو اهو قول به پڙهيو هو ته:   ”هڪ مسافر وانگر رڳو اطالوي آرٽ ۽

آثارِ قديمه نه ڏسو. اطالوي ماڻهن سان

پيار ڪيو ۽ اُنهن کي سمجهو ڇو ته اُهي

ماڻهو پنهنجيءَ سر زمين کان وڌيڪ پيارا آهن.“

۽ اها ساڳي ڳالهه مان

ٿر ۽ نگر پارڪر لاءِ ڪندو آهيان.

اُتان

هن هڪ اطالوي وينگس سان شادي ڪئي هئي،

جنهن جا ڳل انگور جهڙا هيا،

۽ جنهن جي گفتار ائين هئي

 

جيئن انگور چچريندڙ پکين جي هوندي آهي،

يا ٿر ۾ ڀورين جي هوندي آهي.

جي ڏؤنرن جي ڏارن تي

پينگهه لڏنديون آهن،

۽ هو جڏهن به شڪارپور ايندو هو

ته پنهنجيءَ زال سان گڏجي

مون سان سکر ملڻ لاءِ ايندو هو.

۽ پوءِ هو بحرين ۾ گذاري ويو

جتي هو سول سرجن هو،

۽ هن جي اَيفَ-آر-سي-ايس جي ڊگري به اجائي

وئي،

۽ هن جي اطالوي زال ۽ ٻار به شايد اٽليءَ موٽي ويا،

۽ جي هوُ آرٽ جي زندگيءَ جي ڪڍ لڳي ها

ته شايد مون کان به چڱو شاعر ٿئي ها

۽ هن جي زندگي

ائين رائگان نه وڃي ها،

پنهنجي ڌرتيءَ کان دور،

پنهنجي پيءُ ماءُ جي پراڻي گهر

 

۽ انهن جي قبرستان کان دور،

ڪنهن اجنبي ديس ۾

جنهن ۾ هوُ آخر تائين اجنبي رهيو،

پر ڇا هُن جي زندگي

سچ پچ رائگان وئي؟

ڪيئَن چئجي!


1              نوٽ: 14 کان 16 صديءَ تائين فلارنس ۾ آرٽ جي ڪافي تخليق ٿي. ان دؤر ۾ ڪيترو ئي وقت ’ميڊيسي خاندان‘ آرٽ جو سرپرست رهيو.

2              بوٽيسيلي: اطالوي مصور (1445 کان 1510 تائين).

3             ورجل ۽ ڊانٽي: ٻه ڪلاسيڪي اطالوي شاعر، ورجل (70 ق.م کان 19 ق.م تائين) ۽ ڊانٽي (1225ع کان 1331ع تائين)

4          اي. ايم فاسٽر: انگريزي ناول نويس، مضمون نگار ۽ نقاد (1879ع کان 1970ع تائين)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org