سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 3

شاعري

 

 

 

پوپٽ نه پڪڙيندو ڪرِ!

ڄاڻين ٿو ته گُل به پِٽي سگهندا آهن؟

هي رابيل جو گل پنهنجي زبان کولي

تولاءِ ڇا چئي رهيو آهي،

اُهو فقط گلاب جا ڪَن

ٻُڌي سگهن ٿا!

تون نه ٿو ڄاڻين ته پوپٽ جا پَر

دعا جا هٿ آهن،

جي هو سُڳندي

ساري سنسار لاءِ کڻندو آهي،

۽ جنهن کان سوا گل بي معنيٰ آهن،

۽ ڦلواڙي ٻُسي لڳندي آهي.

*

 

گل کي

* گُلِ اشرفي چئي

تون گل جي توهين ڪري رهيو آهين،

يا اشرفيءَ جي

قيمت ٿو ڪٿين؟

مرڪب لفظ سوچي ٺاهيندو ڪر!

گل جو سون سان ڇا؟

سون ته فقط ڌاتو آهي،

جنهن مان زنجير ٺهندا آهن.

گل ٺهيو آهي آزاد خوشبوءَ لاءِ

جا ائين اُڏامندي آهي

جيئن پَرندا اڏامندا آهن

۽ انهن جي رنگين نقش و نگار مان

بادل پنهنجي لاءِ سبائيندا آهن

سَوِڙين جون ڇَئوُن.

*

 

چنڊ!

مان تولاءِ

ستارن جي بارات،

وٺي اچان ٿو.

متان تون

بادل جي ڏوليءَ

مان لهي وڃين،

۽ چنار جي وڻ ڏانهن

هليو وڃين!

چنار جي وڻ کي

ته سوين هٿ آهن

تو کي لوئڻ لاءِ،

متان تون چنار جي

وڻ ڏانهن وڃين!

چنارکي ڪيئي ٽاريون آهن،

آڌرڀاءَ لاءِ،

کليل ٻانهون

جي هوا جي جهوٽي تي

*

 

ڦري وڃن ٿيون!

متان تون بادل جي

ڏوليءَ مان لهي وڃين!

*

 

ڪارونجهر جي پٻ وٽ ڪارو جهرڻو آهي،

پوءِ به الائي چنڊ اُن ۾ ڇو ٿو وِهنجي!

*

 

ڇا برق آسمان جي تيز رفتار شمع نه آهي؟

 

*

هوُ سِهڙ وانگر ڇرڪندڙ  رانُون،

ڪهڙي واريءَ جي طوفان ۾ گُم ٿِيو ويون؟

*

 

’مونا طور سينا‘ کان خوبصورت سِٽَ

مون اڃا تائين نه پڙهي آهي!

*

 

اي تنهائي تون ته دشتِ بيڪران آهين!

هوءَ ياد ڇو اچي رهي آهي؟

دشت ۾ ته رڳو واري هوندي آهي،

يا وِڄ مٿان ڪڙڪندي آهي!

 *

 

ڪيترا پَٽَ ڪيڙا مارائي، تو اِها پوشاڪ ٺهرائي آهي؟

*

 

آسمان ۾ وڄ ائين چمڪي رهي آهي، ڄڻ قومِ عاد حضرت هود تي کِلي رهي آهي.

*

 

تاريخ جو

هيترو الميو ٿيو آهي

۽ تون چاهين ٿو

ته مان اُن تي هڪ سٽ به نه لکان!

ڇا نثري مرثيا نه ٿا لکي سگهجن؟

1              ڇا مينڊالسٽام‘ جو جوانيءَ ۾ قتل وساري ڇڏيان؟

2              ڇا هن جي زال ’ناديزدا‘ جي آتم ڪهاڻيءَ

*

 

جا ٻئي حصا ”آس خلاف آس“ ۽ ”آس جو تياڳ“،

جي مون راتيون جاڳي پڙهيا ها

منهنجي ذهن تان،

ايترو جلدي ميسارجي ويندا؟

3              ڇا ’اساڪ بيبل‘ جي موت کي وساري ڇڏيان؟

ڇا ’ييسينين‘ ۽ ’مائڪو فسڪيءَ‘ جي آپگهات

کي وساري ڇڏيان؟

4              ڇا مان ’ائنا اخمتو وا‘ جي خاموشيءَ کي

نظر انداز ڪري ڇڏيان؟

5              ڇا ’سولزي نٽسن‘ تي

جي ستم ڪيا ويا

اُهي ياد نه ڪيان؟

ڇا اُهي عظيم شاعر، اديب ۽ آرٽسٽ

جن جون تخليقون گدامن ۾ ڦِٽي

ڪيون ويون هيون،

*

 

انهن تي ماتم نه ڪيان؟

جي آرٽ جو گلو گهُٽيو وڃي

۽ جڏهن مون کي پڪ ٿئي

ته فلاڻا قاتل ها

تڏهن اُنهن تي لعنت نه وجهان؟

قدرت مون کي بُجا ڇا جي لاءِ سيکاريا آهن؟

ڪيئي صديون ٿيون

جو هلاڪو ۽ چنگيز مري ويا

پر مان اُنهن جي نانوَ تي

اڃا ٿوڪاري رهيو آهيان،

هي بين الاقوامي تاريخ جا گذريل پنجهتر سال،

جن ۾ ايترو مڪر ۽ فريب،

غلط بياني ۽ جعلي نعري بازي ڪئي وئي،

6              جو گوئبلز جو روح به اُن کي ٻُڌي

ڪَنبي اُٿيو،

*

 

اُنَ تي اکيون ٻوٽي ڇڏيان؟

ابي سينا اڄ به زنده آهي

اشتراڪي زار شاهي مري وئي.

مون کان

منهنجي جيئَري ته اِها ڳالهه نه وسرندي

۽ نه مان چاهيان ٿو

ته انسان ذات

وري خود فريبيءَ ۾ مبتلا ٿئي

۽ تاريخ خوشيءَ سان

پنهنجي ڳچيءَ ۾

وري ذلت جو طوق وجهي!

*

 

ڪوئي تنهنجي ڪَنن ۾

سُس پُس ڪري رهيو آهي،

جا هي نادان دانشور

ٻُڌي نه ٿا سگهن،

۽ توتي الزام هڻن ٿا

ته تون لوڪَ کي

بهڪائي رهيو آهين؛

هوُ ٻوڙا ۽ انڌا آهن

پر گونگا نه آهن؛

۽ هنن جي زبان

1             ڊائنو سار جيتري آهي؛

هو رنڀي رهيا آهن

۽ چئي رهيا آهن،

”هي ڪير ٿيندو آهي

جو اُهو سڀ ڪجهه

مُسمار ڪري رهيو آهي

جو اسان

هڪ صديءَ ۾ جوڙيو آهي،

*

 

2             ۽ ڊارون، فرائڊ ۽ مارڪس جا

 ٿوڻيون ٿنڀا اُکيڙي رهيو آهي!

3             هي ڪهڙو سئمپسن آهي

۽ هن جي ڊلئلا ڪير آهي؟

هي ته سڀ ڪجهه ڍيري ڪَري رهيو آهي

سارا محل،

اُنهن جا ايوان،

اُنهن جون پشتيون

جن کي اڃا

اسان ٽيڪ ڏئي ويٺا آهيون؟

هي اسان کي ڪهڙي تصور جي

شنگريلا آڇي رهيو آهي

پنَهنجي لاما سراءِ ۾ ويهي؟

هي ڪهڙا اجنتا ۽ ايلورا

ڪُلهي تي کڻي گهمي رهيو آهي؟

هي اسان کي تريءَ تي

ڪهڙو تاج محَل رکي،

ڏيکاري رهيو آهي؟

*

 

هن کان پاسو ڪيو،

متان اهي ايوان ۽ انهن جا فَصيل

۽ اُنهن جا محراب ۽ منبر

اوهان جي سِرَ تي نه ڪري پون

۽ اوهان جا پتڪڙا ذهن

ڇيهون ڇيهون نه ڪري وجهن!

هن کان پاسو ڪيو

هو جيترو ٺاهي سگهندو آهي

اوتر ڊاهي سگهندو آهي.

 

[1]

 

*

جي دارا کي ڪوئي چئي ها

ته تنهنجي تقدير

تنهنجي گردن تي

خنجر رکي بيٺي آهي،

ته شايد هن تي اعتبار ڪري ها،

پر جي اورنگزيب کي

موت کان اڳ ۾ چيو وڃي ها

ته ڪيڙا تنهنجي ڪفن جو

انتظار ڪري رَهيا آهن

ته هو

اُنهن کي به

واجب القتلِ قرار ڏئي ها!

جي هو

پنهنجي موت کي اَٽَل سمجهي ها

ته پنهنجي وڏي ڀاءُ کي

قتل نه ڪرائي ها!

پر ماڻهو حال ۾ ايڏو مَئوُ ۽ مست آهن،

۽ مستقبل ايترو ڌنڌِلو آهي!

*

 

هو اُن ۾

ڏسڻ چاهن ٿا

تڏهن به ڏسي نه ٿا سگهن!

موت درياءَ جي ڀَرِ تي

ڀنڀرڪي جو ڪوهيڙو آهي

جنهن مان فقط

ڪي ڪي ڏاها ڏسي سگهندا آهن

بيٺل ڪشتيءَ کي

جا سندن انتظار ۾ هوندي آهي!

l

موت افضل آهي، افضل خان نه آهي، ۽ شيوا جيءَ

جي هر ڳالهه ۾ شيوا شامل نه آهي.

*

آمريءَ ۾ تون پوريل آهين!

پاڻ کي کوٽي ڇو نه ٿو ڪڍين؟

 

 

*

شال هندستان ۾ اُهو وقت نه اچي جو اولياءَ الله ابوالحسن هجويري، خواجا معين الدين چشتي، خواجا بختيار ڪاڪي، قاضي حميد الدين ناگوري، خواجا فريد گنج شڪر، خواجا نظام الدين اوليا، شيخ بوعلي قلندر، شيخ بهاءُالدين ذڪريا سُهرودي، شيخ فخر الدين عراقي، شيخ صدر الدين عارف، حضرت مجدد الف ثانيءَ وغيره کي هندستان جي تاريخ کان الڳ ڪري ڏٺو وڃي ۽ هنن کي به بيروني يلغار جو حصو سمجهيو وڃي! مون کي ته اها ڳالهه نقش بديوار ٿي لڳي!

*

ستيه جيت ري! هندستان ۾ تو ’شطرنج جا کيڏاري‘ ناٽڪ لکيو، پاڪستان ۾ هجين ها ته ڪرڪيٽ جا کيڏاري لکين ها!

*

ڏسجانءِ، تاج ۽ تاراج نه رڳو هم قافيا لفظ

آهن پر حقيقت ۾ لازم ملزوم به آهن.

 

 

*

مان ڇا آهيان؟

تنهنجي ياد ته آهيان

جا سرنهن جي وڻ ۾ هوندي آهي

جڏهن اُهو بهار ۾

ڦٽي پوندو آهي

۽ جنهن هيٺان

تون ۽ مان

خوشبوءَ ۾ وهنجندا هُياسين،

۽ چنڊ کي

اسان کي ڏسي،

رشڪ ايندو هو،

۽ هو مُنهن تي

بادل جي چادر تاڻي

سُمهي پوندو هو،

پر پوءِ به هن کي ننڊ نه ايندي هئي،

۽ ڪڏهن ڪڏهن مُنهن تان پَلئهُ هٽائي

اسان کي ڏسندو هو،

۽ پنهنجي اڪيلائي لڪائي،

 

 

اُداس ۽ اُٻاڻڪو لڳندو هو

۽ ڪيڏيءَ نه

اُڪنڍ ۽ اُڪير ۾

لئه ليِن ٿي سوچيندو هو

ته هُن جي چهري کي

چمڻ وارو ڪوئي نه آهي،

۽ جڏهن مايوسيءَ ۾

سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيندو هو،

ته لهريون هن کي هٿن سان

الوداع ڪنديون وينديون هيون!

آه! هر لهر

هڪ کُليل هَڙ وانگر ته آهي

جنهن کي حاصل ڪجهه به نه آهي!

پيار جي پائداري ئي ته سڀ ڪُجهه آهي،

اُن جو جَٽاءُ،

جهَٽ لاءِ ئي سهين،

پاڻ ۾ انت آد جي

امرتا سَمائي ٿو،

۽ ڳائي ٿو

اُهي گيت

 

 

جي هن سرشٽيءَ جي

اُرهن ۾

آتا آهن

کير ڌارائن وانگر!


 

* گلِ اشرفي: هڪ گُل جو قسم.

1-             مينڊالسٽام: (آسِپ) روس جو عظيم شاعر جو ٽين ڏهاڪي ۾ اسٽالن مارائي ڇڏيو هو، ادب ۾ جو ائڪميسٽ تحريڪ (Acmeist Movement) جو باني هو ۽ جنهن کي اسٽالن پهرين شهر نيڪالي ڏني ۽ پوءِ مارائي ڇڏيو.

2 ‑            ناديزدا: ميڊالسٽام جي زال جا غالباً اڃا تائين جيئري آهي ۽ هن مينڊالسٽام جي زندگيءَ تي ٻه جلد لکيا آهن جن جي مطالعي مون کي ڪميونزم جو ڀيانڪ روپ ڪيئي سال اڳي ڏيکاريو هو.

3               ييسينين: ييسينين سرگي اليگزينڊر ووچ: (1895ع کان 1925ع) روس جو عظيم شاعر جنهن جي شاعريءَ ۾ بي مثال ترنم هيو ۽ جنهن خودڪشي ڪئي هئي.

4               ائنا اخمتووا: روس جي عظيم شاعره: (1889ع کان 1926ع).

5               سولزي نٽسن: روس جو عظيم ناول نويس جو هاڻي جلاوطني ۾ ڪئناڊا ۾ رهي ٿو.

6               کوئبلر: هٽلر جو وزير اطلاعات، جنهن هٽلر ۽ هن جي زال ايوا بران جي خودڪشيءَ کان ڪجهه وقت پوءِ پنهنجي زال گولڊا ۽ ٻارن سميت خودڪشي ڪئي.

[1]               ڊائنو سار: قديم زماني جو نهايت ڊگهو جانور جنهن جا هڏا ڪيترن هنڌن تي ڳولي لڌا ويا آهن

2              ڊارون، فرائڊ، مارڪس: يورپ جا اُهي مفڪر جي ويهينءَ صديءَ جي ساريءَ پيڙا جا ڪارڻ ها.

3              سئمپسن ۽ ڊلئلا: انجيل جا ڪردار، ڊلئلا جو سئمپسن سان پهرين عشق هو پر پوءِ هُن جي تباهيءَ جو ڪارڻ بني.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org