سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 5

*

تون ڪير آهين؟

نبي آهين؟

پيغمبر آهين؟

ولي آهين؟

جو مون کي چئين ته هيئن لک يا هُونءَ لک!

مان آزاد پرندو آهيان

جنهن پنهنجو طرف

پاڻ طئي ڪيو آهي

۽ انهيءَ ڪڏهن به

هوا جي رُخ جي پروا نه ڪئي آهي!

تون چئين ٿو ته

’تو وٽ سائنسي سوچ آهي‘

مان به ته ٻڌان ته تون ڪهڙِ سائنس ڄاڻين؟

طبيعات ڄاڻي؟

ڪيميا جو علم ڄاڻين؟

فلڪيات ڄاڻين؟

يا وري جوهري توانائي جي باري ۾ معلومات اَٿي؟

آخر تون ڪهڙي سائنس ڄاڻين؟

 

 

جدلياتي ماديت؟

ڇا اها به سائنس آهي؟

ڇا تون ڄاڻين ٿو ته اُن ۾ هيگل جي جدليات کي،

ڪيترو نه ٽوڙيو مروڙيو ويو آهي؟

اُن جي سوداءُ جو انسان جي ذهن تي

پنجهتر سال تسلط برابر رهيو،

پر پوءِ هٿوڙي خود

نه رڳو اُن جون چٿڙيون لاهي وڌيون،

پر اُن کي پينهين پورو ڪري ڇڏيو

۽ نه رڳو يو. اَيس. ايس. آر

پرڪيئي ڪميونسٽ حڪومتون اک ڇنڀ ۾ ٽٽي ويون،

تون اسان کي ڇو نه ٿو ٻڌائين

ته اسان کي تاريخ فريب ڏنو هو

۽ تون خود

ان فريب جي چڪر ۾ هُئين؟

تو جي حقيقت کي

صحيح نه سمجهيو آهي،

ته ان لاءِ اسان تو کي ته مَيارَ نه ٿا ڏيون!

 

تون ڪنهن ڪميونسٽ انٽرنئشنل جو ميمبر ته

ڪونه هُئين،

نه مارڪس ۽ بڪونن،

ٽراٽسڪيءَ ۽ اسٽالن جي جهيڙي ۾ شريڪ هئين؟

جي تاريخ هڪ ڏائڻ آهي

جنهن جي چهري تان نقاب

هٽي چڪو آهي،

ته تون ان کي

اڃان بي بي مريم وانگر ڇو ٿو پيش ڪرين؟

تون موت کي ڀلي مسترد ڪر

۽ زندگيءَ جي رستي تي ڀلي هل!

پر اها نظرياتي صليب

تنهنجي گردن ۾ پاڃاري ٿي پئي آهي

ان کي لاهي ڇڏ!

*

توهان چئوٿا ته مان

روس جي خلاف لکي

دشمن جا هٿ مضبوط ٿو ڪيان!

دشمن؟ ڪهڙو دشمن؟

هاڻي ته گهڻو ڪري ساري اشتراڪي دنيا،

چين ۽ روس سوڌي،

وڃي آمريڪا

جي پيرن ۾ ڪري آهي،

مان ڪهڙي دشمن جا هٿ مضبوط ٿو ڪيان؟

ڇا اوهان اهو محسوس نه ٿا ڪيو

ته مان انهن جو همسفر هوس،

۽ هو منهنجيءَ زندگيءَ جا پنجاهه سال

اجائي سفر ۾ وڃائي ويا!

توهان اڃا تائين سنڌ کي

ڪنهن بين الاقوامي فريب ۾ رکڻ

چاهيو ٿا،

في الحال ته هڪ سَؤُ سال لاءِ

بين الاقوامي سياست مَري چُڪي آهي

۽ جي مان اُن جي قبر

 

ايتري اونهي ٿو کڻان

ته اُها اُتان نڪري نه سگهي،

ته اوهان کي اعتراض ٿو ٿئي؟

ڇا اوهان اهو نه ٿا سمجهو

ته نيم شڪسته تعميرون مسمار ڪيون وينديون آهن

تڏهن ئي انهن جي پڌر تي

نئين عمارت اڏي سگهبي آهي؟

سنڌ کي اهي

اڌ اکري فلسفا نه ٻڌايو!

جي مارڪس جيئَرو هجي ها

ته هو خود

پنهنجي فلسفي کي

الوداع ڪري ها،

پر اوهان جي هن جا مجاور آهيو

پنهنجيءَ پيري مريديءَ تان.

آهو پلڻ نه ٿا چاهيو،

۽ سنڌ جي نئين ذهن کي

گنجرائي رکڻ ٿا چاهيو،

انهن نعرن سان

جي بي معنيٰ ٿي چڪا آهن

 

۽ جن کي هوائون اُڏائي چُڪيون آهن؛

پر ڇا ڪجي؟ اوهان جي ذهن جا سارا ڪٻاڙخانا

مارڪسزم جي ڪَلَن پُرزن سان ڀريا پيا اهن

۽ اُن ۾ تِر جيتري جاءِ به نه آهي

ته اوهان نوان خيال سانڍي سگهو،

اوهان، جيڪي روزاني اخبار به پوريءَ طرح

مَس پڙهندا آهيو،

پنهنجي دانش وَريءَ جي ڍير کي

افسوس سان ڏسي رهيا آهيو

۽ اوهان کي اڃا اعتبار نه ٿو اچي

ته مارڪس ۽ لينن

به غلط ٿي سگهن ٿا!

 

*

هو مون کي ائين ڪاوڙ سان ڏسن ٿا

ڄڻ مون مارڪس کي ڦاهي تي چاڙهيو آهي

۽ هن جي ڏاڙهي واءُ ۾ ڪَڪِيءَ ڇٻر

وانگر لڏي رهي آهي؟

هو مون کي ائين ڪاوڙ سان ڏسن ٿا

ڄڻ مون لينن کي مٿي ۾ گولي هنئين آهي جنهن

هن کي اڌ رنگ ڪري وڌو آهي!

سنڌي مارڪسزم جا شيعا ۽ سُني،

ٻَئي مون تي فتوائون ڏئي

رهيا آهن!

منهنجو سچ اڳي به ماڻهن کي ڪاوڙائيندو هو،

هاڻي به ڪاوڙائي رهيو آهي

ڏسُ، هيءُ جو ٽراٽسڪيءَ جي قوم مان

اڳيون قادياني آهي،

جو مون کي ڳولي رهيو آهي!

هي منهنجو اڳوڻو ساٿي آهي جنهن جي

اکين مان هاتار جا تارا نڪري آيا آهن

۽ مون کي پنهنجن نظرن سان ڳڙڪائڻ ڍ

ٿو چاهي!

 

هي منهنجو ٻيو جهونو ساٿي آهي،

اهو بگهڙ وانگر اوناڙي رهيو آهي،

اُن کي چنڊ جو دَهو پيو آهي؛

۽ مان ڪڪرن مان وڃي رهيو آهيان،

۽ ڄاڻان ٿو ته جيستائين رات آهي،

چَنڊَ جي منزل هن جو سفر آهي.

 

*

هي ڪهڙو زمانو آيو آهي؟

ڏينڀو وڇون ٿي ويا آهن،

وڇون ڪاريهر ٿي ويا آهن!

هي ڪهڙو زمانو آيو آهي؟

مارڪسزم جي باقيات زخمي ڪوراڙ وانگر

ٽٽل ڏار تان لڙڪي رهي آهي ۽

وَٽَ کائي رهي آهي!

هي ڪهڙو زمانو آيو آهي؟

اسان جا سنڌي مفڪر مارڪسزم جو

لباس لاهي نه ٿا سگهن جنهن ۾ جوُئان

پئجي ويون آهن؟ ڄڻ اُهي جين ڊگمبر

آهن جي جوُنءَ جهڙي ساهواري کي

پنهنجي رَتُ ته آڇن ٿا پر اُن کي مارن نه ٿا!

هنن کي اڳواڻيءَ جي چُوسَ پئجي وئي آهي،

پر ڪوئي پنهنجو رَتُ هنن جي صراحيءَ

۾ پيٽڻ لاءِ تيار نه آهي!

هو ڪياڙي کنهن ٿا ۽ ڳياڙي هڻن ٿا،

پر ڪَري ڪُجهه به نه ٿا سگهن.

 

 

ڏِسُ ڌنڌ گهٽجي ويو آهي، مون کي ته اُن ۾

سايدار وڻ ٿا نظر اچن ۽ پکي چهچئائن ٿا!

پر ٿُڙ پٺيان بندوق ۾ ورديءَ سان ڪيرُ

لِڪو ويٺو آهي ۽ گرينيڊ مان ڏندن سان

پِنِ ڪڍي رهيو آهي؟

ڇا مون کي وهم ٿي رهيو آهي!

ڇا اهي ڪي جهاڙيون لُڏي لَمي رهيون آهن؟

يا سچ پچ ڪوئي سپاهي

ٻوُڙن ۾ ويٺو آهي؟

 

*

هي اشتراڪي راهزن آهي.

ان سارو مئخانو پاڻ اُڏايو آهي.

ڪيئي رِندَ اُن جي ديوارن هيٺان دٻجي مُئا آهن.

ڏس ڪيڏا نه جام ٽٽا پيا آهن

۽ صراحين جون گردنون ڀڳيون پيون آهن

۽ شراب ماڻهوءَ جي خون وانگر وَهي رهيو آهي،

جنهن سان ناليون ٽمٽار ٿي،

رستا ٻوڙي رهيون آهن.

هوا ۾ خون جي بوءِ آهي،

راتاهي جي بوءِ آهي،

ڏينهن ڏٺي جو رَهزنيءَ جي بوءِ آهي

۽ خنجر پٺيءَ ۾ کُپي پنهنجا مياڻ ڳولي رهيا آهن.

 

*

هو جي ڪميونزم ۽ ان جي ترقي پسند ادب کان سوا ڪجهه نه ٿا ڄاڻن، اُهي جي مون کي رد نه ٿا ڏين ته انهن جي ليڊري ٿي ٻڏي. پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪو ورلي ڪندو آهي. ۽ نه وري هاڻي ان غلطيءَ جو اعتراف ڪري هو ڪنهن فلسفي کي متبادل فلسفو ڪري سگهن ٿا. نازي جنرل به ناس پتي وارا هئا. هٽلر جي ذلت ڀريءَ شڪست کان پوءِ يا هنن خودڪشي ڪئي هئي يا لاطيني آمريڪا ڀڄي ويا ها.

*

مون هن سان ڪيترو وقت وڃايو آهي، هڪ باطل نظرئي جي پيدا ڪيل رابطي مون کي هن ڏانهن ڇڪيو.... باقي عقل جي ڳالهه هن هڪ نه ڪئي آهي. ڪنهن وقت ائين لڳندو هو ته اسان ساڳي گانجي جي سلفيءَ مان وزم هڻي رهيا آهيون ۽ هو مون کي سڀ کان وڌيڪ عزيز آهي؛ جڏهن کان اها سلفي ٽٽي پئي آهي، ۽ مون گانجو ڇڏي ڏنو آهي، هو مون کي ڪيترو نه بي معنيٰ ٿو لڳي ۽ پنهنجي وڃايل وقت تي ڪيترو نه افسوس ٿي رهيو آهي!

*

اي قومِ لوط!

    *         تو سدوم ۽ عامره جو انت نه ڏٺو آهي؟

تون وري اُڀري آئي آهين!

تون ڪراچيءَ ۾ عيش ڪري رهي آهين

۽ توکان بحرِمَيت ۽ بحر لوط وسري چُڪو آهي.

اي ڪراچيءَ جا شهر!

تنهنجا عيب ۽ فحش حرڪتون،

تنهنجي بربريت ۽ اذيت گهر

اَلا مان ۽ الحفيظ!

دنيا جي اهڙي ڪا بُرائي نه آهي

جا تو ۾ نه آهي،

اي بدبخت قوم!

دنيا ۾ ڪو خبيث عمل نه آهي

جو تو ۾ نه ٿو ملي

۽ تو کان اهو وسري ويو آهي

ته ڀونچال به ايندا آهن،

۽ زمي کي پائي ويندا آهن،

هميشه

هميشه لاءِ!

*

هي ماڻهو جي ڪُتا آهن

جي هَڏن تي هوڏ به ڪن ٿا

۽ هڪ ٻئي تي گُرکن به ٿا،

۽ ڪڏهن ڪڏهن ته چَڪَن سان

هڪٻئي جون ٻوٽيون کائن ٿا،

انهن کان پري رهه!

اُنهن کي، پنهنجو ڪر

جي پکين جئن اُڏامن ٿا

۽ آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا

۽ جي شبنم جئن نرم آهن،

۽ اُنهن جا پير

هن ڌرتيءَ تي بارُنه آهي،

تون هنن ماڻهن مان نه آهن،

هنن کان پاسي رهه!

ائين نه ٿئي

ته تون به هنن جي رُومَڙ ۾ رڙڪجي وڃين

۽ تنهنجي شاعري

اڌوري رهجي وڃي!

*

مير تقي مير!

   *          تو ته پنهنجي دؤر ۾ قشقو ڪڍي

   **      ۽ دير ۾ ويهي

جان ڇڏائي وئين،

جان ڇڏائي وئين،

پر هي ويهين صديءَ جا پاڳل

جي بابري مسجد کي

ڊاهي چُڪا آهن،

تو کي رام جنم ڀوميءَ ۾

گهرڻ نه ڏيندا.

*

ڪُتا هڏن تي وڙهي رهيا آهن

۽ هڪ ٻئي جي

گردن ۾ چَڪ وِڌا اٿائون

۽ رانڀاٽ متا پيا آهن؛

چوڌاري بيٺل انبوهه ۾

پاسيرو ٿي بيهه

ته ڪوئي ڇِتو ڪُتو

اُن ۾ اندر نه ڌوڪي اچي!

*

”هڪ خونيءَ جي خون تي ڇا لاءِ

افسوس ٿو ڪرين“؟

”ان لاءِ ته اڳيون خون پوئين خون سان

نه ڌوپندو آهي“.

*

تون روئي ته هي خون ڌوئي سگهين ٿو،

باقي پاڻيءَ سان ائين ڪرڻ

ذرا مشڪل آهي،

خون سان ائين ڪرڻ

ته ناممڪن آهي.

*

هر قتل

قاتل جو موت به آهي.

*

سيزر جو قتل

بروُٽِس جي

خودڪشي آهي.

*

يا خدا! مون تي وِڄُ ڪيراءِ،

اُن کان اڳي جو مان ڪنهن

جي گهر کي جلايان!

*

گُل لالا کي ڏسي،

شفق ڏي ڊوڙُ!

ڪنهن جي گهر کي باهه نه ڏي!

*

ڪُتو ڪُتو آهي پو ڇو نه

اهو ڪوءِ ليليٰ ۾ ويو هجي.

*

ايراني قصا ڇيڙي ويٺو آهين!

سسئيءَ جو رئو ته ڌرتيءَ مان ڇِڪي ڪڍ!

*

اي واءُ! تون هن شمع کي وسائي نه سگهندينءِ!

رات کي روشن ڪرڻ ان جو مقدر آهي.

*

افسوس! جو رات کُٽنديِ ئي شمع جي وسامڻ کان

پوءِ آهي.

*

شمع تي جَلي ئي ته پروانا هڪ ٻئي کي سُڃاڻي

سگهندا آهن!

*

شمع تي پر جلائڻ ۾ ئي پرواني جي سُڃاڻ آهي.

*

صبح ڪيڏو نه اُداس ۽ بي معنيٰ آهي!

پروانا رک ٿي ويا آهن، شمع اُجهامي وئي آهي!

*

شمع رات جو رومان آهي، باک اُن جو خاتمو آهي!

*

شمع آخر ته وسامي وَئي؟ هي پروانا ڍير ڇا تي

ٿيا ها؟

*

ڇا پروانو نه جَلندو ته شمع ٻرڻ ڇڏي ڏيندي؟

*

ڇا پرواني جو موت زندگيءَ جو زندهء جاويد

استعارو آهي؟

*

اي پروانا! جي شمع جو جلڻ ئي هُن جو مقدر آهي

ته تون آگ ۾ ٽپو ڇا لاءِ ٿو ڏين؟

*

ڇا اهو نه ٿو سمجهين ته جيئن شمع کُٽندي ٿي رهي

تيئن اُن سان گڏ رات به کُٽندي ٿي رهي؟

*

خود غرض انسان! جڏهن صبح ٿئي ٿو ته شمعون پاڻ ئي اُجهائي ٿا ڇڏيو ڇو ته انهن جي اوهان کي ضرورت نه ٿي رهي!

*

شمع اُجهامڻ جي خوف کان نه ٻرندي ڇا؟

*

ڪائي ڪائي شمع طوفان ۾ به ٻَرندي رهندي آهي.

*

شمع! واءُ کان پاڻُ بچاءِ!

تنهنجو فرض ته روشني قائم رکڻ آهي!

*

ڇا شمع جي آگ ۾ جلي مرڻ، سج کي ڏسڻ کان چڱو آهي؟

 

*

پرواني ۽ شمع ۾ گفتگو ته علامه اقبال جي تخليق آهي. هونءَ پروانو پُڇا ڳاڇا مان نه ڄاڻندو آهي؟

*

شمع شمع آهي، پروانو پروانو آهي،

ٻنهي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

*

انڌي کي سج نظر نه ايندو آهي،

شمع ڇا نظر ايندي؟

*

شمع ۾ اها ڪهڙي قوت آهي جا پرواني کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿي؟

*

جڏهن پروانو شمع ڏانهن اُڏامندو آهي ته هن کي معلوم نه هوندو آهي ته هو جَلي ويندو. ائين نه نه آهي ته هن کي معلوم هوندو آهي پوءِ به هو ويندو آهي؟

*

اديبو! اوهان ڪنهن به سياست دان کان گهٽ نه آهيو. لينن مري ويو. ٽالسٽاءِ اڃا زنده آهي. باقي رهيو هن جو شيشي جي قبر ۾ بُت! ڏسون ته روسي اهو ڪيتري وقت تائين رکن ٿا! جيئرو ٿي پنهنجي قبر ٽوڙي نڪري ٿو يا نه؟

*

تون وقتي طور ته انقلاب جي خبط ۾ موت کي فراموش ڪري سگهين ٿو، پر ڪيستائين؟

*

ڇا تو ڪڏهن سوچيو آهي ته لينن جي موت ۾ ڪهڙي حالت هئي؟ ڇا تو اهي ٽهڪ ٻُڌا هئا جي ڪريملن جي خاموشيءَ ۾ ها، جڏهن هن کي شيشي جي تابوت ۾ ٿي رکيائون؟

*

لاش ته رڳو مصر جي فرعونن جا سانڀيا ويندا ها؟ اي لينن جا پيروڪار! تنهنجو ڇا خيال آهي؟

*

هر آمر جي بت کي ڊاهه! اُهو لات، منات ۽ حبل کان مختلف نه آهي!

 

*

انقلاب! انقلاب!! انقلاب!!!

آدم خورو! اڃا ڪيترو رَتُ پيئندؤ؟

*

وڃ، هي صبح جي اخبار موٽائي کڻي وڃ!

مان ڏينهن ڪوڙ سان شروع ڪرڻ نه ٿو چاهيان!

*

تنهنجو ڍونڍ ۾ چَڪ پيو آهي. منافق!

رڳو ٻاهران حق ۽ انصاف جون ڳاليهون ٿو ڪرين!

*

هي سياست جي پيشي ۾ آهي.

هن کي اديب نه گهرجن، طبلچي گُهرجن،

قلم جا قُرمساق!

*

هي ڪهڙي گندي تلاوَ ۾ ڪريو آهيان.

چوڌاري ڄؤرون ئي ڄؤرون آهن!

*

تون اڳئين جنم ۾ ٽراٽسڪي ته ڪونه هئين!

اسٽالن سان ايڏو پلئهُ!


 

* نوٽ:     سدوم ۽ عامره: حضرت لوط جي زماني ۾ ٻه وستيون، جي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويون هيون.

* قشقو: تلڪ.

**  قشقہ کهينچا، دير مين بيڻها، کب سي ترک اسلام کيا. (مير)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org