*
غالب! تو وانگر مان به ’حرفِ مڪرر‘ نه آهيان. نه
زمانو توکي مٽائي سگهيو،نه مون کي مٽائي سگهيو.
*
ميراجي! تو مون کي بچائي ورتو. تُنهنجي پنهنجيءَ
ڌرتيءَ سان محبت منهنجو وڏو بچاءُ ٿي آئي. مان
ودياپتي ۽ چندي داس تنهنجي منظوم ترجمي ۾ نه
پڙهان ها ته مان به ترقي پسند لهر ۾ لڙهي وڃان ها،
جنهن ۾ ٻيا ترقي پسند شاعر لُڙهي ويا. تو مون ۾ نه
رڳو بورجوا پر جاگيرداري دؤر جي شاعريءَ لاءِ به
عزت پيدا ڪئي.
*
فيض! جي توتي حافظ جو اثر نه هجي ها ته ماياڪو
فسڪي توکي نهوڙي نِئي ها!
*
فيض! تون هڪ دؤر جو الميو آهين، مان توتي لکي ڄڻ
پنهنجيءَ انهيءَ شاعريءَ تي لکي رهيو آهيان جا مون
واڳونءَ جي وات مان ڪڍي ورتي آهي.
*
ڇا هُن بت تراش کي اها خبر نه هئي ته هي انسان جي
برابريءَ جي تبليغ ڪندو آهي؟ هن جو بُت انسان جي
قدوقامت کان ڏهه ڀيرا وڏو ڇو ٺاهيو اٿائين؟
*
حُسن جي پرستش لاءِ مان صنم تراشي جائز ٿو سمجهان،
انسان جي ستايش لاءِ نه.
*
ڇا ٿو چاهين؟ شاعر پتنگو ٿِئي يا شمع ٿِئي؟
*
هي شمع ۽ پرانو ته دقيانوسي استعارا آهن يا اهي
ابدي آهن؟ اهي دقيانوسي ٿي نه ٿا سگهن ڇو ته
پروانا به نوان نوان جلن ٿا، شمعون به نيون نيون
ٻَرن ٿيون.
*
مون کي خبر نه هئي، ته مان جيڪي ابابيل ڪٺا ٿو
ڪيان، سي ڪنهن وقت مون کي ئي پٿريون هڻندا.
*
توکي ته اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻو آهي، پوءِ وزير
ٿيڻو آهي ۽ تنهن کان پوءِ وزيرِ اعليٰ ٿيڻو آهي.
شاعر جو ڇا جو تنهنجي ڪڍ لڳي! آلندي جو سفير ٿي
پبلو نرودا جو قد وڌيو ته ڪونه هو؟
*
ذوق نه ٿيءُ! ظفر جو نَفر نه ٿيءُ!!
غالب ٿي گذار ۽ ڳاءِ ته
”جامِ جم سي تو مرا جامِ سفال اچها هي“
چَئهُ!
*
اي عرفي! مون کي ’غوغاءِ رفيقان‘ جو انديشو ته نه
آهي پر هي ڪتو گُرکِي مٿو کائي ويو آهي.
*
’ڪُتو به ڪُڙم سان سونهين‘ اَڌورو پهاڪو آهي.
دراصل پورو پهاڪو هيئن ٿيڻ گهرجي:
”ڪتو به ڪتن جي ڪڙم سان سونهين؛“
*
ترقي پسند شاعر لڙهي ويا. دؤر جديد بورجوا شاعريءَ
لاءِ عزت پيدا ڪئي آهي.
*
هن جي تخليق ته ڪَرَنٽ ٿي هڻي، ڇا اُن کي شارٽ
سرڪٽ ٿي ويو آهي؟
*
مان چوان ٿو ته
موت کان ڀَؤُ نه ڪر!
موت هڪ وهم آهي،
موت هڪ مذاق آهي
جو زندگي توسان ڪري رهي آهي،
تون ازلي آهين
ابدي آهين
جيئن وقت اَزلي ۽ ابدي آهي.
مان چوان ٿو ته
تون موت کان ڀَؤُ نه ڪر!
ڏس هِنَ پوپٽ کي ڀَؤُ آهي،
جو گُلَ جو واس وٺي رهيو آهي؟
ائين آهي ته سياري جي رات ۾
ستارا ڏڪن ٿا
پر چنڊ هنن کي
ڀري ڀري جام ڏئي رهيو آهي،
۽ هنن جي ڪنبڻيءَ ۾
ڪمي اچي وڃي ٿي
مان چوان ٿو
ته موت کان ڀَؤ نه ڪر!
گُل ڇڻي وڃن ٿا ته ڇا
هنن جا ٻج بهار جي ياد کڻي وڃن ٿا،
جا وري ڌرتيءَ مان ڦٽي ٿي،
هُڳاءُ ڪري ٿي،
۽ ڪا گهڙي جٽاءُ ڪَري،
پنهنجا ٻِج ڇڏي وڃي ٿي!
خدا جي ڳُجهه ۾ نه پَئهُ
اِهو نه پُڇ ته هُن گل ڇو ٺاهيا آهن
۽ ڇو ڇاڻيان آهن؟
۽ خوشبو ڪيڏانهن وڃي ٿي؟
اُن جو دڳ ڪهڙو آهي؟
اُها ته پل ۾ ستارن کان دور هلي وڃي ٿي
۽ ساري سنسار کي
واسي ڇڏي ٿي.
گل نه پٽيندو ڪر!
انهن ۾ خدا جو راز سمايل آهي
جنهن سان
هٿ چُراند جي منع آهي
۽ جو نه ڪنهن ڄاتو آهي
نه ڄاڻي سگهندو!
*
ماڻهو مراقبي ۾ به
وَڌ ۾ وَڌ چاليهارو ڏينهن
گذاريندا آهين،
پر تو اُن ۾ ٽي سال گذاريا آهن
۽ خدا به تنهنجي ساٿ
تُنهنجي حُجري ۾ رهيو آهي،
جتي ابابيلن جو ڪنڪريون
پڄي نه ٿيون سگهن،
۽ ٻاهر هڪ نه
ڪيئي نمرود آهن،
جي پاڻ ۾ نبرد آزما آهن،
تون اُنهن کان بي نياز ٿي
لکي رهيو آهين،
۽ تنهنجو قلم اُهو شهسوار آهي
جنهن جون واڳون خدا جي وَس آهن،
چڱو، جو تو ماڻهن جي سياست کي لت هنئي،
۽ اُها جاءِ وَسائي
جتي رڳو جبريل جا پَر پهچي ٿا سگهن.
ماڻهو،
هيڻا، موت وَهيِڻا
لوڀَ لاڀَ ليءِ پِيهاٽِيل،
جن جي جيءَ ۾ ڪِروڙين جهِيرون آهن،
اُهي
تنهنجي اَنگ سَڄي ۽ سَنگَ سچي،
روح سان،
حسد ڪيئن نه ڪندا!
ڪيئن سهندا
ته خدا تنهنجو ساٿ ڏي
۽ تنهنجو هٿ وٺي،
توکان لکائيندو رهي،
۽ ازل تنهنجي گيتن کي
گنگنائيندو رهي،
۽ ابد انهن تي
سر ڌوڻيندو رهي
۽ ڪائنات گونجندي رهي
رات گونجندي رهي.
۽ تنهنجي ذاتِ گونجندي رهي
اُن نغمي سان
جنهن جي نه اَبتدا آهي، نه انتها آهي،
جنهن جو نه انت آهي، نه پارُ آهي،
جو ڪَتين جي ڪَنن ۾
گونجي رهيو آهي.
۽ سنسار جي
بي انت جهولِي ۾ جهُولِي رهيو آهي.
جو روز کُلي رهيو آهي
اهڙي گُل وانگر،
جنهن سان آسمان
باک جو کُلي پوندو آهي،
۽ جو شام جو
شفق جي تلاوَ ۾ سج وانگرٽُٻيون ڏيندو رهيو
آهي.
هوُ چاهن ٿا ته تون هنن لاءِ
کِنَ مانيءَ جا گيت ڳاءِ،
تون سارو چنڊ
پنهنجي شاعريءَ جي پنڊيءَ ۾ ڇو رکيو آهي؟
هيءَ پورو سنسار تولاءِ
هڪ دسترخوان وانگر ڇو آهي
جنهن تي
تون سڀ کي سڏي رهيو آهين!
ڇا ڪوئي سنجابُ
منهنجي قلم کان تيز وڃي سگهي ٿو؟
چنڊُ دم روڪي
ان جي رفتار کي ڏسي رهيو آهي
۽ بادل ايترو هيٺ جهڪي آيا آهن
اُن کي سلام ڪرڻ لاءِ،
جو مينهن اوڙڪون ڪري
وسڻ وارو آهي.
اُڀ مان آسرو نه لاهيو!
هيلوڪيءَ وَسَ مان
انبار ٿيندا،
جي اوهان جي
ايندڙ نسل کي به
ڍائي ڇڏيندا!
(وڌيڪ پڙهو) |