*
اڳئين دؤر ۾ ڪهڙا شعر هنن ۾ رقت پيدا ڪندا ها ۽ هو
وجد ۾ اچي ويندا ها! اڄ اُهي شعر پڙهي کِل ٿي اچي
۽ اُهي ڪنهن طفلِ مڪتب جو ڪلام ٿا لڳن. حيرت ته ان
ڳالهه تي آهي ته وجد ۾ اچي رقص به ڪندا ها ۽ رقص
ڪندي مري به ويندا ها! اڳئين ادب جي تاريخ،ادب جي
اهڙيءَ ادب-ناشناسيءَ ۽ بيوقوفيءَ جي مظاهري سان
ڀري پئي آهي، جنهن کي اُن وقت شاعريءَ جو اعليٰ
شعور ۽ ولايت جي نشاني سمجهيو ويندو هو، جنهن تي
اهلِ درٻار گهور ويندا ها ۽ پنهنجي قدردانيءَ جي
ڏيکاءَ لاءِ نادان حڪمران پنهنجين ڳچين مان هارَ
لاهي شاعر کي عنايت ڪندا ها.
جي هي دؤر ’افراتفريءَ‘ جو دؤ آهي ته اڳيون دؤر
’نفرانفريءَ‘ جو دؤ هوندو هو.
*
شاهه حسين جي هڪ ڪافي آهي:
”دُعا فقيران دڻ اي تينون رب نا ڀُلي“
مون اهڙي ڪافي اڄ تائين نه ٻڌي آهي!
ان ۾ انسان جي وجداني شعور جي انتها آهي.
*
بُلهي شاه! دنيا ڍونڍ جا طالب ڪُتا، هڪٻئي تي
گُرکي رهيا آهن. مان پنهنجيءَ شاعري کي پاسيرو ڪري
رهيو آهيان ته اُها انهن جي روُمڙ جي وچ ۾ نه اچي
وڃي!
*
يار رب العزت‘ تون منهنجي هنن مَک جيترن ماڻهن مان
جند نه ٿو ڇڏائين! ڪيتريءَ ڀوُن ڀوُن ۾ ڦاسي ويو
آهيان!
*
سچل سرمست ’من خدايم من خدا‘ چئي سگهندو هو. تون
منهنجي ٿوري اَنا برداشت نه ٿو ڪري سگهين!
*
سنڌي ۽ اردوءَ جا بيوقوف شاعر سمجهن ٿا ته هاڻي گل
۽ بلبل ۽ شمع ۽ پرواني ۽ ڪلاسيڪي
غزل جي ٻين علامتن کي ڌڪاري ڇڏڻ گهرجي. هنن کي اها
خبر نه آهي ته اِهي علامتون گوئٽي جرمن شاعريءَ ۾
ڪم آنديون هيون ۽ اسان به پنهنجي مقصد لاءِ ڪم آڻي
ٿا سگهون رڳو اظهار جو پيرايو ساڳيو نه هجي.
*
شاعريءَ جو دائرو ته ڪائنات جيترو وسيع آهي. ان کي
سوڙهو سڪوڙو ڪري، رڳو پنهنجي وطن ۾ نه سماءِ! ٺيڪ
آهي هي پُسيءَ ۽ پيرونءَ جو ديس آهي
پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته دنيا ۾ لاله و گل نه
آهن ۽ تشبيهه لاءِ استعمال نه ٿا ٿي سگهن.
*
اَدبي چُهڙا ٻُهارا کڻي مون تي اُڀا ٿي ويا آهن ۽
چون ٿا ته: ”تون ڪير ٿيندو آهين، رستو صاف ڪرڻ
وارو؟“
*
تون چوين ٿو ته منهنجيءَ شاعري ۾ ورجاءُ آهي. توکي
معلوم آهي ته بيدل، دهلويءَ ۽ غالب آئيني جي
تشبيهه ڪيترا ڀيرا ڏني آهي؟
*
ڇا اها دعويٰ ته مان انسانن ۾ تنها آهيان، جيئن
خالق ڪائنات ۾ تنها آهي، همعصرن کي ڪاوڙ نه
ڏياريندي؟
*
خيام مري ويو، رباعيون زنده آهن. آرٽ موت جي خلاف
نه رڳو هڪ سرڪش سردار وانگر آهي پر اُن جي فتح به
اَوس آهي.
*
وڃ، ٻه ٽي گُل پٽي آءُ، هوءَ مورتي منهنجو انتظار
ڪري رهي آهي.
*
ڇا نديءَ سان ڪوئي ريس ڪري ٿو ته تو ۾ ايتري
رَواني ڇو آهي؟ ڇا پهاڙ سان ڪوئي ساڙُ ڪري ٿو ته
هوُ ايترو اوچو ڇو آهي؟ ڇا چنڊ تي ڪوئي ڪاوڙجي ٿو
ته هن ۾ ايتري روشني ڇو آهي؟ اي شاعري توسان ايتري
ريس ۽ ساڙ ڇو آهي، توتي ايتري ڪاوڙ ڇو آهي؟
*
اڄ ڪلهه شعر ائين ولر ڪري ٿا اَچن، جيئن مون
ٽرئفلگر اسڪوائر ۾ ڪبوتر ڌرتيءَ تي لهندي ڏٺا
ها.
*
ڇا پروانو ڄاڻي ٿو ته هو شمع کان اڳ ۾ وسامي وڃڻو
آهي؟
*
مان توکي سمنڊ آڇيان ٿو، تون گٽر پسند ڪرين ته
تُنهنجي مَرضي!
*
وَڃُ، هن کان معافي وٺ جيستائين هو زنده آهي!
مٽيءَ تي ڪيترو به روئيندين ته مِٽي توکي معاف نه
ڪندي.
*
ايترو روءُ جو تُلسيءَ جي ٻوٽي کي پاڻيءَ جي لوڙ
نه پوي!
*
احمق! تون سقراط ته نه آهين، جو مان تو وانگر
هيملاڪ جو پيالو پي وڃان.
*
تون ته مون تي گُرکين ٿو، ڪجهه انسان جي ٻوليءَ ۾
چئين ته توکي جواب ڏيان!
*
مُنهنجي هر اسلام پسند ۽ اشتراڪيت پسند نقاد کي ان
تي غصو آيو آهي ته مان هنن جي تنقيد جو جواب نه ٿو
ڏيان ۽ ان ڪري مون کي هو گاريون ڏين ٿا. منهنجو
جواب مستقبل جي تاريخ ڏيندي.
*
ڇا تون ايتري اهميت جو اهل آهين ته مان تو کي جواب
ڏيان؟ مون هڪ نئون ڪتاب لکيو آهي پر اُن جي هڪ سِٽ
به مون توتي وڃائڻ نه چاهي آهي اهوئي منهنجو جواب
آهي.
*
ڀُلو آهين، مان تنهنجو همعصر نه آهيان! مان
ڪاليداس جو همعصر آهيان، غالب جو همعصر آهيان، اها
ٻي ڳالهه آهي ته تنهنجي دؤر ۾ به جنم ورتو اٿم.
گوئٽي کان پڇي ڏس ته هو توکي ٻڌائيندو ته هي
منهنجو پيش رَو آهي.
*
ايوريسٽ کان اوچو ٿيڻ ڪيڏو نه خراب آهي! تون ته پٻ
وٽ بيٺو آهين، ائنا پورنا تي به نه آهين!
*
خليل جبران! تون به مون وانگر پُرگو شاعر هئين پر
تو به بيماريءَ ۾ ايترو نه لکيو هو جيترو مون لکيو
آهي!
*
منهنجي شاعري اُهاڪئنچي آهي، جنهن ملڪ الموت جا
پَر ڪپي ڇڏيا آهن.
*
ن-م راشد!جي’سُليمان سَر بزانو اور سبا ويران‘ آهي
ته باقي هن بيڪران دشت ۾ رهيو آهي ڇا؟
*
سٺ ورهين جي عمر ۾ پڪاسو اڃا ٻن سگريٽن جا سُوٽا
مَس هڻندو هو ته هُن جي تصوير جُڙي ويندي هُئي.
*
چمڙي جي اولاد! منهنجو نقاد ڪيئي صديون پوءِ پيدا
ٿيندو. اڃا تائين ته ڇاڇر ۾ ڇيرون هڻڻ وارا آهن!
*
چريا! اِهي محل ماڙا ڇڏ ته ڀٽ ڌڻي ٿي سگهين!
*
تارن جي تِر مِر واريءَ جي ڪَڻ ڪَڻ سان ملي، اُهي
جواهر بڻائي رهي آهي جي شاعر کان سواءِ ڪنهن
شهنشاهه نه ڏٺا آهن.
*
روسي ادب هاڻي ڳوليو نه ٿو لڀي؛ انقلاب کان پوءِ
زار جا روسي نوٽ به ڪجهه وقت لاءِ رستن تي رُلندا
ها.
*
حشو ڪيولراماڻي! تون سولزي نٽسن کان وڏو هُئين جو
سنڌ ۾ رهي تو دنيا جي انقلابي سياست تي ايتري دور
رس نگاهه ٿي رکي!
سولزي نٽسن کي ته اڃا تائين سنڌ جي نالي جي خبر نه
آهي!
*
تو اور آرايشِ خَمِ کاکل
مين اور انديشہء
هائي دور دراز.
غالب! ڇا هُن جي آرايشِ خَمِ ڪاڪل تنهنجي
انديشهءِ هائي دور دراز جو حصو نه آهي؟
*
غالب تو چيو هو:
”يہ
مسايلِ تصوف يہ
ترابيان
>
غالب<
تجهي هم ولي سمجهتي جو نہ
باده خوار هوتا.“
مون ته باده خواري به ڇڏي آهي غالب!
مون کي ڇا سمجهندين؟
*
غالب! ڪهڙو موت؟ شمع جو سحر تائين هر رنگ ۾ جلڻ ئي
ته غمِ هستيءَ جوبهترين علاج آهي!
(وڌيڪ پڙهو) |