*
ميان متان تون لاهين پنهنجِي کائُڙَ کٿِي، هُو
ان وانگر هن ٻوريءَ ۾ ڪا چيز نه اَٿي، هُو
هيڏيءَ رستيءَ مان ميڙي جا، تو آ سَٿي هُو
ان کٿيءَ جي تو نه ڪڏهن آ قيمت ڪٿي، هُو.
*
گڏجي ٻوريون ٿا هو ڪاهن ڪير اُٺن تي، هُو،
چانڊوڪيءَ ۾ جن کي ڪارا کيسَ پُٺن تي، هُو
مولا مهر ڪئي آهي تو هيل مُٺن تي، هُو
هيل وڌي ولهار ويا ڪيڏا نه بُٺن تي، هُو.
*
رات لڙي آ اُڀ ۾ تارا ٽِم ٽِم ڪن ٿا، هُو
هيءَ ڪتيءَ جي مُند، ڪڪر ڇو رم جهم ڪن ٿا، هُو
آهه طلسمي رات ستارا سِم سِم ڪن ٿا، هُو
جنهن ۾ ڪيئي چانڊوڻا ڄڻ چِم چِم ڪن ٿا، هُو.
*
باهو آءُ ڀٽائيءَ کي تون تنبوري تي ڏِسُ، هُو
جنهن جا بيت ٻڌي بادل مان چَنڊ ڪڍبو سسُ، هُو
ڇا هن جي وائي آهي، ڪو ناهي جنهن جو جَسُ، هُو!
وک وڌائي جنهن تي ڪرهو لاهي آرِسُ، هُو.
*
*
ڏينهن تتي جو پاڇاوان ڪن جيئن کجيءَ جا ڦرها، هُو
سانوڻ سارَ اچي ٿي ڏاڍي، ڏينهن جڏهن ٿين سَرها،
هُو
مينهن ڦڙيءَ بن ماروئڙا اڄ ڪيڏا آهن اَرها، هُو
شال ڀِٽن تي آنءُ ڏسان ڪلهه وانگر ڪَرها، هُو.
*
اَنُ جڏهن ايمان ٿئي ٿو، رب ٿئي ٿو مانِي، هُو
هيءَ صدي گذري ويئي جا آهه رڳي ناداني، هُو
هيئن ڪڏهن اڳ ۾ ماڻهوءَ لئه ٿي آ ماني ڪانِي؟ هُو
هيئن ڪڏهن اڳ ۾ ماڻهوءَ جي جيءَ نه ڳوليو جاني؟
هُو.
*
باهُو، ڪئن ڪرلاهو ٿيندا مئا مصنف، هُو
زنده ماڻهو ڪو نه لڀن ٿا مليان پيو ڪَف، هُو
ڪالهه سموري سنڌ ڪَٺِي هئي ڪيڏي هئي صف، هُو
ورلي ٿي ٿو پنهنجو ڪنهن سان هاڻِ تعارف، هُو
*
تو به ائين پيريءَ ۾ پاتو باهو سَچُ اَڪيلو؟ هُو
يا ته هئي تنهنجي محفل ڪو ماڻهوئڙن جو ميلو، هُو
تولئه مون جئن تنهائي هئي ڇا ڪو وِهه جو ويلو؟ هُو
ڀانت ڀانت جا نار رهن ٿا، هونءَ ته دنيا ٻيلو،
هُو.
*
*
ڦِرندو واءُ، ٻنيءَ ۾ رهندو سنگ نه ڪانو، هُو
ڪنهن کي ڪو به بقاءُ نه آهي، ڇا تي ٿين ديوانو،
هُو
ڀل تون مال ڏسي وٺ پنهنجو کولي ڏِس تون خانو، هُو
ناهه ڪفن کي ڪوئي کيسو، هرڪو ايئَن روانو! هُو.
*
موتي آنءُ ورهايان ويٺو ڪو به نه جهَلي جهولِي،
هُو
آنءُ خزاني وانگر پنهنجي آهه ڪويتا کولي، هُو
ديشَ ديشَ ڪَويءَ ڪنهن ناهي، مون وانگر هئن ٻولي،
هُو
سِٽ سِٽ پچڪاري آهي ڄڻ، ٻول ٻول آ هولِي، هُو.
*
مينهن جيان تون منهنجي من ۾ لاتا اڄ وسڪارا، هُو
سِٽ سِٽ ۾ ڀرجي آيا ڪيئي ڪڪر ڪارا، هُو
ڪو به اُڃارو نانهه ڀريا مون تن لئه ٽوڀا سارا،
هُو
تن ۾ ڪئن نه تَرن ٿا اڀ جا ٽمڪي ڪيئي تارا، هُو.
*
باهو تولئه ٽاهو ها ڇا ڌرتيءَ جا سُک، هُو
تو به ڏٺا ها مون وانگر ڇا ڏونگر جيڏا ڏک، هُو
ڪيڏيءَ ٻوسٽ ۾ گذري آ، ڪائي وائُک، هُو؟
ڪيڏي ڀينگ اٿم چوڌاري ڪيئن لهي بُک، هُو.
*
*
باهو هڪ الله ته آهي سڀ ڪنهن جو رکوالو، هُو
ماڻهوءَ پنهنجي من تي ڇاجي لاءِ هنيو تالو، هُو
ڌوٻيءَ وانگر مون من ڌوتو، آهه اڃا ڪجهه آلو، هُو
ڇاتي هي انسان ڪُڏن ٿا؟ نالو! ڇاهي نالو، هُو؟
*
ڪورو آهه ڪڏهن کان پيارا آءُ اُمايون دلو! هُو
ماڻهوءَ جو ايمان ٿيو آ رب مان ڪيڏو ڍلَو! هُو
ڄڻ سارو ويران لڳي ٿو روحانيت – ڳِلو! هُو
آ اڳ جئن ويساهه ڀَلو، اڄ تَنهن جو ڪَيون بِلو!
هُو.
*
بادل مان سانجهي بکي ٿي، سونُ بکي جئن ڏنگي، هُو
توکي ديد پوي ٿي ڪائي انڊلٺ ڪنهن هئن ونگي، هُو؟
رات لٿي آ، چندرما جو ناهي ساٿي سنگي، هُو
حيرت ۾ حيران ٿيان ٿو رنگ بڻائي رنگي، هُو.
*
ڪنهن ڪيئن ڏٺو، ڪنهن ڪيئن ڏٺو، تون رب ته ساڳو
سائين، هُو
تون بادل ٿي برسائين ٿو، تون ڪويل ۾ ڪُرلائين، هُو
تون وڻ وڻ ڦُڙ ڦُڙ وانگر آن تون وسڪارا وَرجائين،
هُو
هي باهو تنهنجوئي بندو آ شال اُنهيءَ ڳَرلائين،
هُو.
*
*
ساري ڌرتي رَتُ جا ٽوڀا ماڻهوءَ اُڃ نه لٿي، هُو
مٽي ڍيرَ ڪري ڪنهن آهي سِر سِر مٿان سَٿي، هُو
سون جيان درياهه وهي ٿو، آهي سانجهي لَٿي، هُو
باهو عمر گهڻا پَل آهي عمر نه ڪنهن ڪَٿي، هُو.
*
بندي وان ته آنءُ به آهيان گهَر جي بندي خاني ۾،
هُو
سارو ڏينهن وڃي ٿو گذري غالب جئن ويراني ۾، هُو
هاڻي اوتَ به ڪا نه وجهان ٿو مان پنهنجي پيماني ۾،
هُو
ايئَن تصور ڇانيو آهي ڄڻ آهيان مئخاني ۾، هُو.
*
ڪورنگيءَ ۾ ڪير مُئو آ، ڇا هِي ماڻهو ناهي، هُو
هي لانڍيءَ ۾ لاش کڻن ٿا، ڪير پُڇي ڪير اهي، هُو
شهر ڪراچي ڪيئي مردا، ڪو به نه رکي ٺاهي، هُو
ميڙاڪو ڏِس آهه ڪيو ڪيڏو نه ڳِجهن چؤراهي، هُو.
*
لَٽو ناهه لڱن تي هن کي سيءُ پيو ٿو ساڙي، هُو
اَڪ سُڪا ٻاري ڪاٽي ٿِي رات جڏهن ڪا پاڙي، هُو
ڪوئي مسافر آيو تنهن ۾ آ ليڙي کي لاڙي، هُو
کَٽ ڍلي مهمان ملي آ، تانگهَه پيو ڄڻ تاڙي، هُو.
*
*
آهه اکين ۾ واري هن جي لُوءَ ۾ پئي لُوساٽي، هُو
کبڙ ڇانوَ پيو هو ڳولي جنهن ۾ منجهند ڪاٽي، هُو
ڪنڊيءَ پَن چَري ٿو هن جو اُٺ اُڀاري ڳاٽي، هُو
ڪير مٿي تي آڻي پيئي گهر مان لسيءَ ماٽي، هُو.
*
نِم جي ڇانوَ ٿڌي آ ڪيڏي آءُ ته ڪو دم ويهون، هُو
پاڻُ به ڄڻ آڪاس جيان آ، آءُ انهيءَ ۾ پيهون، هُو
هن ڌرتيءَ جون ڪوڙيون ڳالهيون چئجن ڪيهون ڪيهون،
هُو
ٻار ته ڪيڏو خوش لڳي ٿو کائي ويٺو پيهون، هُو.
*
باهو نانءُ خدا جو سچو ٻيو سڀ آهي فاني، هُو
جڳ گهڙيءَ جو ميلو آهي ڪوئي خان نه خاني، هُو
حرص هوس انسان ۾ آهي ڄڻ ساري ناداني، هُو
هي جيڪو مانڊاڻ، انهيءَ جو ڪو ته لڳي ٿو باني،
هُو.
*
باهو مون شيطان ڏٺا اسٽالَن وانگر، هُو
نيٺ ڀڄِي پيا اُتر واءُ ۾ ڪانن وانگر، هُو
ڄڻ ته ٽٽل تنبوري نڪتل تانن وانگر، هُو
پو به ڳچيءَ ۾ آهن ڪِن جي ڳانن وانگر هُو.
*
هاڻي ڇا ٿيندو بس ويئي منهنجي عمر اَجائي هُو،
اُن جي ڪيئن تلافي ٿيندو بيت هجي يا وائي هُو
نيٺ ته مٽي آ پاينده ناهي صورت ڪائي هُو
باهو جي مون مرشد گهرجي ڪافي آهه ڀٽائي هُو.
*
ڪو به نه وهڻو آهي باهو هرڪو مِٽي هُو
قبر مٿان چانڊوڪي آهي سڀ جي چٽي هُو
ڪير نه آهي جنهن هن جڳ سان ڪو نه ڪئي آ ڪِٽي هُو
انڪاري آ ڪير خدا کان، ڪنهن جي قسمت ڦٽِي هُو.
*
ڪو به انهيءَ کان ڪو نه بچيو آ موت مِڙن ڏي اچي
هُو
ڪاريهر جئن ڪاٽ انهيءَ کي ڪير انهيءَ کان بچي هُو
عمر ڪري ٿو ضايع پنهنجي جو دنيا جي ڏچي هُو
ڪيڏو خوش آن هٿ وتو آ تنهنجو مرشد سچي هُو.
*
باهو ڪاهوءَ تي بيهان مان يا هڙپا ۾، هُو
هي شي آهه فنا جي زد ۾ فرق ڏسان ڇا ۾، هُو
آ انسان حقيقت ڪهڙي؟ قطرو دريا ۾، هُو
ڪهڙي معنيٰ رکندو آهي ذرو صحرا ۾، هُو.
*
باهو رنگ برنگي دنيا ڪيسين رهڻي آهي، هُو
دُک جي دين اُنهيءَ ۾ توکي ڪيسين سهڻي آهي، هُو
نيٺ ته ٻيڙي سِير وٺي ٻي پاسي ڪهڻي آهي، هُو
ماڻهوءَ کي ٻيو جيون ملندو موت ته ننهڻي آهي، هُو.
*
سَهو مري ٿو جيئن اچانڪ ڪولهيءَ جي گهوٻاٽي، هُو
لاڙي ايئن اچانڪ هرڪو پنهنجي ڳاٽي، هُو
موت جيان آرام نه ڪوئي، ماڻهو ناهي گهاٽِي، هُو
ڪو به نه رهڻو آهي، هرڪو ڏينهن وڃي ٿو ڪاٽي، هُو.
*
ڪير چوي هي رات ڪٽي، مان ننڊ منجهان جاڳان، هُو
ڪير چوي ڪنهن وقت مهارون موڙيان ماڳان، هُو
ڪير چوي ڪنهن وقت کَٽِي ٿئي دل منهنجي راڳان، هُو
ڪير چوي ڪا چيز ملي آ مون کي اڄ ڀاڳان، هُو.
*
هُو ۽ تو ۾ فرق اجايو، وچ ۾ آهه حياتي، هُو
هو ته ميان آئينو آ، تو اِن ۾ جهاتي پاتي، هُو
آ ڪنهنجي تقدير وري اڄ انالحق لئه آتي، هُو
آنءُ چوان ٿو، ڏَرُ نه انهيءَ کان ناهي موت مماتي،
هُو.
*
|