مهاڳ
اصل شهود و شاهد و مستهود ايک هي
حيران هون پهر مشاهده هي کس حساب مين
(غالب)
حيرت جو اهو احساس آهي جو وحدت الوجود جي نظرئي جو
بنياد آهي. جتي به تصوف هڪ عوامي تحريڪ جو روپ
ورتو آهي اُتي اُهو پنهنجي خاص ماحول ۽ مذهبي
روايتن کان مٿي اُڀريو آهي ۽ هڪ ئي شڪل ۾ نظر اچي
ٿو ۽ اُن ۾ اختلاف بدران هڪجهڙائي ۽ ايڪتا ملي ٿي.
مون وٽ تصوف تي اُردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب
آهن. هڪ ڪتاب آهي ’تصوف قبل از اسلام‘ تصوف اُن
ڪتاب جي مصنف سريت پسندي (Mysticism)
کي ڪوٺيو آهي. اُها نفس جي گهراين مان اُڀري ٿي ۽
مشاهدي ۽ ڪشف جي نالي ڪوٺجي ٿي. اُها سائيريا جي
ايسڪي مو، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا، آفريقا، يونان،
هندستان ۽ چين ۾ تائو ۽ ڪنفيوشس مت ۾ ملي ٿي.
اسلامي تصوف تي يوناني ۽ هندي سريت پسنديءَ جو
گهرو اثر آهي. اسلامي تصوف کي ٻه ڳالهيون زياده
اُڀاريون ٿيون ۽ اُهي آهن ته (1) الله رگِ گردن
کان ويجهو آهي ۽ (2) الله نور السماوات والارض
آهي. اهي مشاهدي ۽ ڪشف جو وارداتون نه فقط صوفين
پر فلسفين ۾ اُلجهاوَ جو سبب ٿي وڃن ٿيون ۽ اُنهن
۾ تضاد اُڀري اچن ٿا. خدا ۽ انسان جي وچ ۾ ڪهڙو
تعلق آهي؛ وحدت ۽ ڪثرت جون جڙون ڪٿي ملن ٿيون ۽
عشقِ مجازيءَ جي ڪيتري اهميت آهي؟
فاني انسان لافانيءَ هستيءَ جو مشاهدو ڪيئن ڪري
سگهي ٿو ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال آهن جي حڪيم، صوفيءَ
۽ فلسفيءَ ۾ مونجهارو پيدا ڪن ٿا. ڀٽائي چيو آهي:
واٽون ويهه ٿيون، ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويا؟
هڪ صوفي جا تجربا شڪ ۽ شبهي کان مٿي سهين، پر اُهي
جڏهن ٻوليءَ ۾ اچن ٿا ته تجربن جي ماهيت ۽ نوعيت
بدلجي وڃي ٿي. ڳالهه ايستائين پهتي جو هو مطلق
هستيءَ کي نيستي چوڻ لڳا، اُپنشدن ۾ ‘نيتي نيِتي‘
چوڻ لڳا ته ابنِ عربيءَ ۾ عبداللڪريم الجباليءَ
اُن کي اعليٰ ۽ عدمِ محض ڪوٺيو.
پنجاب ۾ سلطان باهو، بلهي شاهه ۽ شاهه حسين اُن جا
بهترين مثال آهن ۽ سنڌ ۾ شاهه، سچل ۽ سامي کي هرڪو
ٽه مورتي ڪوٺي ٿو. سامي هندو ته هيو پر هڪ وحدت
پرست شاعر هو.
اي – او – جونس (E.O.Jones)
چيو آهي ته، ”مذهب جي صحيح وصف ۽ شرح ۾ اهو سمايل
آهي ته دنيوي زندگيءَ کان ماورا پاڪيزه نظام سان
خوشگوار تعلق پيدا ڪيو وڃي جو هن ڪتاب ۾ ظهور پذير
آهي. ”انهيءَ معيار تي سنڌ ۽ پنجاب جا صوفي شاعر
پورا اچن ٿا.
اهو مارواتي رجحان مذهبن ۾ لاڳاپو پيدا ڪري ٿو.
فقط آسمان جي نيري گُنبذ ڏانهن ڌيانُ قديم شعور ۾
هڪ مذهبي تجزئي کي جنم ڏنو آهي. هن ڪائنات جي
پراسراريت ۽ اَکٽ ۽ اڪٿ ڦهلاءُ، هڪ بعيہ از فهم
هستيءَ جو احساس ڏياري ٿو. ڪائنات جو ڪوئي ته باني
آهي، اُن ۾ مستقل موجود آهي ۽ اُن کي ٺاهي ٿو ۽
ڊاهي ٿو. هي انساني زندگي هڪ ماڪ جي قطري کان
وڌيڪ اهميت نه ٿي رکي. ڪيترا رعب داٻ، ٺٺ ٺانگر
وارا ڏاڍا مڙس مٽيءَ سان مٽي ٿي وڃن ٿا ۽ نه رڳو
اُنهن جو نانءُ نشان نه ٿو رهي پر هنن جي ساري پٽ
کوهه وئرٿ وڃي ٿي. قاتل ۽ مقتول، ظالم ۽ مظلوم،
جابر ۽ مجبور، سڀ هن مٽيءَ جي امانت آهن. نه رڳو
اهو پر سياڻا ۽ اياڻا، جوڳي ۽ ٺوڳي، دنيا ڍونڍ جا
طالب ڪُتا سڀ مٽيءَ ۾ سمائجي وڃن ٿا. ماڻهو رڳو
مٽيءَ چاڻو آهي، لحد هن جو ابد تائين مهد آهي. ان
ڪري ئي انسان جو ڌيان اُن هستيءَ ڏانهن وڃي ٿو جو
اَربين کربين سالن کان باقي آهي، جنهن ڪروڙين چنڊ،
سج ۽ سج کان به هزارين ڀيرا وڌيڪ ڳورا ستارا پيدا
ڪيا آهن، جي ڪيئن گردش ڪن ٿا ۽ ڪيڏانهن وڌن ٿا،
اهو هڪ راز آهي دنيا ۾ انهيءَ حقيقت جو رنگا رنگي
جو ظهور ڏسي، شاعر چئي اُٿي ٿو:
جب که تجهه بن کوئي نهين موجود،
پهر يه هنگامه اي خدا کيا هي.
(غالب)
فارسي شاعر به ساڳيءَ حيرت جو اظهار ڪيو آهي ته:
ماز آغاز و ز انجامِ جهان بي خبريم،
اول و آخرِ اين کهنه کتاب اُفتاد است.
(ترجمو: اسان هن جهان جي آغاز ۽ انجام کان بي خبر
آهيون، هن پراڻي ڪتاب جو پهريون ۽ پويون پنو ڦاٽي
ويو آهي.)
مون پنهنجي هڪ نوٽ بُڪ ۾ لکيو هو ته پيٽرول پمپ جي
بتي پنهنجي هڪ ٽنگ تي کڙي آهي ۽ آئي وئي لاءِ
رابعه بصريءَ وانگر چوڌاري روشني ڦهلائي رهي آهي.“
هن تشبيهه کي جديد دنيا جي نڪته نگاهه کان ڏٺو
وڃي.
رابعه بصريءَ تي مون مارگريٽ سمٿ جو هڪ ڏاڍيءَ
محنت سان لکيل ڪتاب پڙهيو جنهن ۾ هڪ ٽنگ تي هن جي
عبادت جو ذڪر هو، ان ڪري جديد دؤر ۾ مون کي مٿين
تمثيل سمجهي آئي هئي. ٻين صوفين وانگر رابعه جي
زندگيءَ ۾ به ماورائيت جي ڪيفيت هئي.
مٿين ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته ڪنهن رابعه کان هڪ
ڀيري پڇيو، ”تون ڪٿان آئي آهين؟“
”دنيا مان“، هن جواب ڏنو.
پوءِ هن کان پڇيائين، ”تون ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“
”ٻي دنيا ڏانهن.“ هن جواب ڏنو.
وري هن کان پڇيو ويو، ”تون هن دنيا ۾ ڇا ٿي ڪرين؟“
”مان غم زده آهيان.“
”ڇا لاءِ؟“
”ان لاءِ ته مان ماني هن دنيا جي کاوان ٿي ۽ ڪم
ٻيءَ دنيا لاءِ ڪيان ٿي.“
اهو پڙهي منهنجي هانوَ ۾ ڌڪ لڳو. ڇا هيءَ منهنجي
شاعري ٻي دنيا لاءِ ڪم ۾ شمار ٿي سگهي ٿي؟
ڇا هي ڌرتيءَ ۽ عوام سان وابستگي رکڻ وارا شاعر سڀ
غلط آهن؟ ڇا منهنجي شاعري رابعه بصريءَ جي آدرش تي
پوري اچي سگهي ٿي؟
مسيحي روايت موجب عيسائين ۾ رابعه جهڙي محبت سينٽ
ٽيريسا ۾ هئي ۽ هندو مت ۾ مورتيءَ پوڄا جي باوجود،
ميران ٻائيءَ ۾ هئي.
ديوبند جي هڪ اِشاعت ’الغزالي‘ ۾ مون ڪٿي پڙهيو
هو، ”هي مان حافظي مان ٿو لکان ته ”چيني مصورن جا
ٻه ٽولا درٻار ۾ آيا ۽ ٻنهي کي رُڪ جي ديوارن تي
تصويرون ٺاهڻ لاءِ چيو ويو، جي هڪ ٻئي جي آمهون
سامهون هيون.
جڏهن انهن اهي مڪمل ڪيون تڏهن حاڪمِ وقت اُنهن جي
رونمائي ڪئي. ٻنهي ديوارن تي عين بين ساڳيون
تصويرون نڪتل هيون. دراصل هڪ ٽولي هڪ رُڪ جي ديوار
تي تصوير ڪڍي هئي ۽ ٻئي ٽولي ٻيءَ ديوار کي صيقل
ڪري آئيني وانگر بڻايو هو ۽ سامهون رُڪ جي ديوار
تي نڪتل نقش ٻيءَ ديوار ۾ نظر ٿي آيو. دراصل مقصد
اندر کي اُجارڻ جو آهي.
امام غزالي طوس ۾ 450 هجري ۾ ڄايو هو. ڪتاب
’الغزاليءَ‘ ۾ لکيو ويو آهي ته غزاليءَ جي دؤر ۾
چار فرقا هيا. متڪلمين، باطني، فلاسفه ۽ صوفيا.
اُهي فرقا علم ۽ عقيدي ۾ مختلف هيا. پوءِ ته فرقا
اسلام ۾ اهي وڌندا وڌندا ويا، يوناني فن ۽ علم جو
صوفين تي ڪافي اثر ٿيو ۽ ارسطوءَ جي فلسفي جي ڪافي
اشاعت ٿي، يعقوب ڪندي، حڪيم يحييٰ بن ابي منصور،
عباس بن سيد جوهري ابوالطيب سند بن علي، ابو نصر
فارابي، محمد بن ذڪريا رازي، ابنِ مسڪويه، اخوان
الصفا، شيخ بو علي سينا، ابو ريحان بيروني، امام
غزالي ۽ ٻيا جي برصغير کان ٻاهر پيغام ڏيندا ها،
اُنهن جي باري ۾ مون شيخ محمد اڪرام جا ٽي حصا آبِ
ڪوثر، موجِ ڪوثر ۽ رودِ ڪوثر پڙهيا آهن. اڪثر
صوفين جو پيغام شاهه لطيف وارو آهي.
’سڀت پچار پرينءَ جي سڀت هوت حضور‘
ادريش شاهه پنهنجي انگريزيءَ ۾ ڪتاب (Sufism)
۾ لکي ٿو ته ڪنهن صوفيءَ کان سِريت پسنديءَ جي
تجربي جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن جواب ڏنو، ”چار
ڄڻا، هڪ ايراني، هڪ تُرڪ، هڪ عرب ۽ هڪ يوناني ڪنهن
گهٽيءَ ۾ بيٺا ها. هو چارئي مسافر ها ۽ هنن کي فقط
هڪ هوڪو هو ۽ هو ان تي بحث ڪري رهيا ها ته هُو اهو
ڪيئن خرچ ڪن.
ايرانيءَ چيو مونکي ”انگور گهرجي“، تُرڪ چيو ته
”مون کي عظوم (Uzum)
گهرجي“، عرب چيو ته ”مون کي عناب گهرجي ۽ يوناني
چيو ته ”مون کي اسٽافل(Stafil)
گهرجي.“ اُتان هڪ ٻيو مسافر لنگهي رهيو هو، جو
ماهرِ لسانيات هو. هن کين ٻڌي چيو، ”مان سڀني جي
خواهش پوري ڪري سگهان ٿو. مون کي پنهنجو سڪو ڏيو.“
پهرين ته هنن هن تي اعتبار نه ٿي ڪيو، پر آخر هن
کي سِڪو ڏنائون. هو هڪ ميوه فروش جي دڪان تي ويو ۽
چار انگور جا ڇڳا وٺي آيو.
ايرانيءَ چيو، ”هي منهنجو انگور آهي. ان تي ترڪ
چيو ته مان انهيءَ کي عظوم چوندو آهيان.“ ساڳيءَ
طرح عرب ۽ يوناني چيو ته عناب ۽ اسٽافل به اها
ساڳي شيءِ آهي.“
هڪ قابِل ذڪر واقعو اتر هندستان جي ڪن اهڙن بزرگن
جو ٿيو جن هندن ۽ مسلمانن جي عقيدن کي ملائڻ چاهيو
۽ اهڙن فرقن جو آغاز ڪيو جن ۾ ٻنهي مذهبن جا عقيدا
شامل ڪيا ويا. انهن بزرگن ۾ ڪبير پهريون هو. هو
1440ع ۾ پيدا ٿيو هيو ۽ 1518ع ۾ وفات
ڪري ويو.
تذڪرة اوليا ۾ هن جو نالو شيخ ڪبير جولاهو قدس سره
لکيل آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته هي شخص شيخ تقي
سهرورديءَ جو خليفو هو ۽ زماني ۾ مشهور ماڻهن مان
ٿيو آهي. هن پنهنجي ولايت کي ملامتيه فرقي ۾ ڇپايو
هو ۽ پنهنجي وقت جي هر موحد کان ممتاز هو. هن ڪجهه
ڏينهن رامانند بيراڳيءَ جي صحبت ۾ رهي، هندي زبان
۽ شاعريءَ تي عبور حاصل ڪيو ۽ هندي ٻوليءَ ۾ بي
مثال دوها چيا جن ۾ پهريون ڀيرو هن معرفت جو بيان
ڪيو. هن جي تعليم جي پيروي گرونانڪ ڪئي جنهن جي
گرنٿن ۾ ڪجهه سنڌي بيت به اچي ويا آهن. هو پنهنجي
دور ۾ ڏاڍا مقبول ها پر ورهاڱي کان پوءِ هندستان
جي تهذيب جو حصو ته ٿي رهيا پر پنهنجي اهميت وڃائي
ويٺا. هنن جا پوئلڳ ڪبير پنٿي ۽ سک اڃا تائين
هندستان ۾ آهن پر پاڪستان ۾ هڪ به ڪبير پنٿي نه
آهي.
ڏکڻ هندستان ۾ جتي مسلمان پهريون ڀيرو آباد ٿيا
ها، اُتي هنن هندن جي مذهبي ۽ معاشرتي خيالن ۾
ڪافي تبديليون آنديون هيون، جن مان ڪيتريون ئي
مشهور فلسفي شنڪر آچاريا شوِمت ۽ وشِنومَت جي
ساڌوئن معرفت ڦهلايون هيون. رامانج انهن کي خاص
تربيت ڏني هئي ۽ ڀڳتي تحريڪ کي فلسفي جو بنياد ملي
ويو هو. ڀڳتي يا پريم يا عبادت جو مذهب آهستي ڏکڻ
۽ اُتر ۾ ڦهلجي ويو هو پر پوءِ تاريخ پلٽو کاڌو ۽
هاڻي ته بي جي پي ۽ راشٽر ميوڪ سنگهه ٽن هزار
مسجدن جون لسٽون ٺاهيون آهن جي هو مسمار ڪرڻ چاهن
ٿا ۽ مسلمانن کي چوٿين درجي جو شهري بڻائي مسلم
حڪومت جي هڪ هزار سال جو نئين نسل سان پلئه ڪرڻ
چاهن ٿا.
سلطان باهوءَ، شاهه حسين ۽ بلهي شاهه جا نه رڳو
ڪتاب مون وٽ آهن پر مان هنن جي ڪلام جا ڪئسيٽ به
ننڊ کان اڳ ۾ ٻڌندو آهيان. باهو چؤسٽا لکيا آهن.
پنجابيءَ ۾ دوها ٻه سٽا به هوندا آهن، جيئن فريد
شڪر گنج جا دوها آهن ۽ چؤسٽا به هوندا آهن جيئن
سلطان باهوءَ جا آهن. باهو جي هر سٽ جو پهريون لفظ
هُو، آهي جو انساني روح کي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏي
مون هر دوهي ۾ هو به لکيو آهي. باهوءَ جو تعلق
شاهه جهان جي دؤر سان هيو. هو جهنگ جي موضع اعوان
۾ پيدا ٿيو هو. هو دارا شڪوه جو همعصر هيو 1230
هه ۾ جنهن نه رڳو سڪينته الوليا ۽ سفينته اوليا
جهڙا ڪتاب لکيا ها پر ڪابل ڏانهن ڪاهه ڪندي رستي
تي فارسيءَ ۾ اپنشدن جو ترجمو به ڪيو هائين. هن جي
انسان دوستي ضرب المثل ٿي چُڪي آهي. انهيءَ ۽ هن
جي مرشد ميان مير باهو وانگر قادريه سلسلي ۾ بيعت
ڪئي هئي. ميان مير اصل سيوهڻ جو سنڌي هيو.
جيتوڻيڪ ان وقت چشتيه، نقش بنديه، سهرورديه طريقا
مقبول ها ۽ عوام ۽ خواص ۾ اهڙو ڪوئي شخص نه هو جو
ڪنهن نه ڪنهن سلسلي سان وابسته نه هو.
هونءَ ته وحدت الوجود جي تصوف جي دنيا ۾ پراڻي ريت
آهي، پر اُن کي ابِن عربيءَ جي فڪر ۽ حسين بن حلاج
منصور جي خون هڪ زنده حقيقت بڻايو، جنهن پنجاب جي
مٿي ذڪر ڪيل فرقن کي هڪ لوڪ شاهي ريت ۾ سمائي ڇڏيو
هو. پنجاب جي صوفي شاعر سيد علي عباس جلال پوريءَ
جون هيٺيون سٽون اڃا تائين عوام جي زبان تي آهن.
ماهِي ماهِي ڪُوڪَندي مين آپي ماهي هوئي
رانجهن رانجهن سب ڪَهي، آکي هير نه ڪوئي
رانجها رانجها ڪُوڪَندي مئن آپي رانجها هوئي
مون باهوءَ تان چؤسٽي جو فارم کنيو آهي جيئن
ساميءَ تان سلوڪ ۽ ڀٽائي تان بيت جو فارم کنيو
آهي.’ڪونجون
ڪَرڪن روهه تي‘ ۾ باهوءَ جي مابعد الطبيعات
(Metaphisics)
نه آهي ۽ منهنجي شاعري ۾ جو فلسفو آهي ان جو ڪائي
هڪ سٽ باهوءَ سان يا ٻي ڪنهن سان نه ٿي ملي.
ها، اهو ضروري آهي ته ڪيترن چؤسٽن ۾ مون پنهنجي
نقطه نگاهه کان هن ڪائنات جي وحدت بيان ڪئي آهي.
انهن ۾ ڪجهه چؤسٽا ڪراچيءَ جي حالات جي باري ۾ به
آهن. اُن دؤر جي دهشتگرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.
منهنجو پيءُ مون کي ننڍي هوندي باهوءَ جي هيٺين سٽ
ٻڌائيندو هو (هو باهوءَ جو معتقد هو ۽ ڪيئي ڀيرا
هن جي مزار تي ويو هو)
تن من ميرا ليران ليران جون درزي دي ليران هو
(ترجمو: منهنجو تن من ليڙان ليڙان آهي، جئن درزيءَ
جو ليڙان آهن.)
اها سٽ منهنجي دل تي اُڪرجي وئي هئي ۽ اڃا ياد
آهي. مان باهوءَ جي هيٺين دوهي سان هي مهاڳ ختم ٿو
ڪيان.
عشق دي اولڙيان گلان جيهڙا دور ٿين شروع هٽاوي،
هُو
قاضي ڇوڙ قضاوين جاوَن جو عشق طما چين لاوي هُو
لوڪُ اَياڻي مَتين ديوَن عاشقان مَت نه ڀاوي، هُو
مڙن محال تِنهان نون باهو، جنهان صاحب آپ بلاوي
هُو
(ترجمو: عشق جون ڳالهيون نراليون آهن جيڪي شرع کي
دور هٽائي ڇڏين ٿيون
قاضي قضائون ڇڏي وڃن ٿا جڏهن انهن کي عشق چپاٽ هڻي
ٿو.
اياڻا لوڪ ته مَتيون ڏين ٿا پر عاشقن کي ڪائي مت
ڀانءِ نه ٿي اچي.
انهن جو مُڙڻ محال آهي باهو، جن کي صاحب گهرائي
ٿو.)
باقي هڪ سوال: ”باهو! گهڻا مجازي عشق ڪيا هُي؟ ڇا
تون ڄاڻين ٿو ته معرفت جي راهه تي اچڻ کان اڳ مون
گهڻا ڪيا آهن!“
شيخ اياز
4 – ڊسمبر 1996ع
|