سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪونجون ڪرڪن روح تي

 شيخ اياز

صفحو :15

   

 

 

وايون

 

¥

 

اُڏري آڌيءَ رات

ڪونجون ڪَرڪن روههَ تي.

 

جڳ نهوڙيو ننڊ ۾ تن کي پنهنجي تات،

اُڏري آڌي رات.

 

آهي ڪهڙي ماڳ جي وائي وَلَر – وات،

اُڏري آڌي رات.

 

وينديون ويسر وارجي جڏهن ٿي پرڀات،

اُڏري آڌي رات.

¥

 

¥

 

*آريٺا ته پُساءِ

ميري ٿي وئي ڪنجري.

 

نئون جوڙو ڪو نه تو آندو وَنيءَ لاءِ،

آريٺا ته پُساءِ.

 

هي جا گُل جيان اُنهيءَ اڇا وڳا پاءِ،

آريٺا ته پُساءِ.

 

ماڻهو ڪوٺي ڪوٺ تي تنهن کان پوءِ گهراءِ،

آريٺا ته پُساءِ.

¥

 

¥

 

سائيءَ ڇٻر تي

ڪيرَ اِئين ليٽي پئي؟

 

اچِي ڏير ڏٺو، جڏهن ڪو به نه هو گهر تي

ساڳيو ڪتو پالتو ويٺو هو در تي

ٿورا ڏينهن ٿيا هيا هن کي گهر ورتي

واجهائي ٿو چؤطرف هوندي نه پرتي.

 

¥

 

اڃا ٻوڙُن هَٿ

پنهنجا نڪتا ڪين ڪي.

 

لڙهندا وڃن لاهه ۾ ڪيئي يارَن سَٿ

اڳتي اچڻو آهه ڇا، اها ڪنهن کي ڪٿ!

ڪيئن به هجي جندڙي آهي وڏي وَٿ.

¥

 

¥

 

ڪنهن مصور جو تصور آهه منهنجي شاعري،

رنگ و بو جو رقص ڏس!

 

*رونوا جئن مون چٽِي آ آدميءَ جي زندگي

رنگ و بو جو رقص ڏس!

 

روح جي تصوير هئي يا ڪنهن نِسائي جسم جي

رنگ و بو جو رقص ڏس!

 

lمون قلم سان موُ قلم جئن حسن ۾ حيرت ڀري

رنگ و بو جو رقص ڏس!

¥

 

¥

 

*سَروَ جا وڻ ائن اُڀا ڄڻ وارَ ڌرتيءَ جا پَٽي

ٿو آسمان!

 

ڪيفيت ڪهڙِي ازل جي رنگ نيري ۾ جهَٽي

ٿو آسمان!

 

هارَ ڌرتيءَ جو مقدر، نيٺ اُن کان ڇو کَٽي،

ٿو آسمان!

 

شام جو اُن سان شفق ۾ رنگ پنهنجو ڇو مَٽي

ٿو آسمان!

¥


 

 

¥

 

اڄ مارينديون مون،

ڳوٺاڻن جون ڳالهڙيون

 

ٻيجلَ سوا ڪينرو متان سوچين تون!

صدين کان پو وَرِي ڀِرندي تُنهنجي ڀوُن

شل اڳ جي تاريخ مان اسان هيلَ سِکون!

ڪيڏو پنڌ پري اڃا، ڪيڏا پيرَ لڦون!

¥

 

¥

 

ٿي نه اوندهه ۾ اُداسُ،

چاندني راتيون به اينديون!

 

مان مڃان ٿو هُونءَ ناهي موت جو ڪو مُند ماسُ

چاندني راتيون به اينديون!

 

جيِئندو رهه، پيئندو رَهه پو به جيسين آهه سواسُ،

چاندني راتيون به اينديون!

 

’نانهه‘ ڏي ويجهو وڃين ڇو، نينهن مان تون ٿي نِراسُ

چاندني راتيون به اينديون!

¥

 

¥

 

هو جا پَلي پاند ۾ آڻي ٿي پيئي،

چلايا جي ويجهڙو گهر ڏي گَسُ ڏيئِي

هِير ڇُهي جنهنجون چڳون ڪينجهر ڏي ويئي،

هُن جا ٿڙن ڏنڀرا ٿِڙن ٿا ٻيئي،

چلايا جي ويجهڙو.

 

¥

 

تَڏا تَونريون ڏيِر مان اُڻي ٿي پيئي،

سَجاول جي نينگري ساجُهر سنجهيئي،

ٿڪجِي ليٽِي ٿِي پوي ٻانهن ڳچيءَ ڏيئِي،

مُنهن انڌيري ننڊ ۾ ويئي ڙي ويئي،

پَٽ پٽيهر ٿيا سندس سپنا سڀيئي،

سجاول جي نينگرِي.

¥

 

¥

 

هُن جي سُهڻي ڌيئڙي جهڙِي اُماڙِي،

گاڏيءَ ۾ لاڙِي.

 

هُن جي پياري جوئِڙي رِم جهم ۾ واڙي،

گاڏيءَ ۾ لاڙِي.

 

ڪالهه وڏيري جا پئي تاڙ رکي تاڙي،

گاڏيءَ ۾ لاڙِي.

 

شال نه جُهڙي جهوپڙِي، ٻَنِ پوي ماڙي،

گاڏيءَ ۾ لاڙِي.

 

¥

 

¥

 

توکي ساري سُپرين ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪَن!

ٽمي پيو مينهڙو ڇَنا ڇَپ ڇَپ ڪن

ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.

 

سنڌوءَ سِير وڃي پئي لهرون لَپ لَپ ڪن،

ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.

 

ڪيسين تولئه جيئرا اَڃا جپ تپ ڪَن،

ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.

 

¥

 

¥

 

ڇا هِي نيڻن ڏيئڙا هاڻي وِسايان؟

باقي باک گهڻو پَري!

 

ڪيسين واجهه وِجهي ڪري در ڏي واجهايان؟

باقي باک گهڻو پَري!

 

ڪيسين ڪَڙو کوليان ڪيسين مان پايان؟

باقي باک گهڻو پَري!

 

هِي اونداهِي راتڙي ڪنهن سان ورهايان؟

باقي باک گهڻو پَري!

 

ڪيسين تنهنجي ڳُجهه جون ڳاهون مان ڳايان؟

باقي باک گهڻو پَري!

 

 

¥

 

¥

 

ڪئن اڄ من ۾ اوچتو کٽڻهارَ کِڙيام!

ڪنهن جي سارَ اچي پئي؟

 

آئي رُت رابيل جي، ڏکڻَ هِير وريامِ

ڪنهن جي سارَ اچي پئي؟

 

ڇالئه اکيون آگميون، ڇو هئن نيڻ ڀنامِ؟

ڪنهن جي سارَ اچي پئي؟

 

ڪڪر ڪارونڀارَ ٿي واريءَ مَٿ وسيامِ

ڪنهن جي سارَ اچي پئي؟

 

¥

 

¥

 

پئي بوند وَسي

ڪاهيندي ڪوهيار ڏي

 

پريان پئي پٻ سان ڪڪر ڪورَ گسي

ويندي ڪهڙي ماڳ جا ٿوهر ڏَسَ ڏسي

پنهنجو گهوڙو تير جان ساري واٽَ ڪَسي

ڪئن چئجي هو توڙ تي ڪهڙيءَ ويرَ رَسي!

 

¥

 

¥

 

ڪِن کي ڪالهه سَٿي ڪري دُور وَئي ٻيڙي؟

ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

 

جاڏي پاريهر ويا تاڏي پاريهڙِي

ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

 

ڪِن ٿي ڪالهه کراکنيا ڪِن کيتي کيڙِي

ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

 

ڪانه کڻي ويو پاڻ سان ڪو چونڊي ميڙِي،

ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

 

ريٽا ڪڪر اُڀ ۾ ريٽِي جر هيڙِي،

ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

 

ڏسُ، ٻيڙي ٻي ڳوٺ ۾ آهي گهر ڀيڙِي

ڪيرِ پڳا ٻي پارَ تي؟

 

¥

 

¥

 

رَهي ويو راتِ،

ڪَلجُڳ ۾ ڪو ڪاپڙي

 

اڄ جَڳ تي هُن کانسوا پَڌري ٿي پرڀات

ساري وَستِي ٿي لڳي ڪيڏي چُپ چُپات!

ڇا هُو مرندو ڪينڪي موت ڪيو جو مات؟

مِٽي مِٽيءَ سان مِلي، ها پر هن جي ڏات.....


 

 

*  نوٽ:آريٺا پسائبا آهن ته ڪپڙن ڌوئڻ جي صابڻ جو ڪم ڪندا آهن.

*  رونوا (Renoir):فرينچ تصويريت پسند مصور.

l موُ قلم:بُرش.

*  وان گوگ جي هڪ پينٽنگ کان متاثر وائي لکي وئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org