سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪونجون ڪرڪن روح تي

 شيخ اياز

صفحو :03

 

چوسٽا

(سلطان باهوءَ جي نالي)


 

چؤسٽا

*

ساري رات اسان جاڳون ٿا جهونجهڪڙي اکِ لڳي هُو

ورهڻ جئن ڪا ڪاري اُڀ ۾ تارا تڪي تڳي هُو

ڇا ڇا پٺتي رهجي ويو آ ڪير نڀائي اڳي هُو

حال ته اچڻو وڃڻو آهي حال ته سڀ کي ٺڳي هُو

*

ڳاڙهي ڊاک اُنهيءَ جي وَل تي هي چانڊوڪي هُو،

رُت بسنتي آئي آهي، ٻيرِ ته ڏس ڪئن ٻوڪِي هُو

سورَ اُڀاريا ڪُوڪي ڪويل ڇو نه ڪيو ڪجهه تو ڪِي، هُو

گَرچه گلاب جيان اڄ تازي ناهي پريت پروڪي هُو.

*

بيٺو عشق نچائي ڪنهن کي ٿيا ٿيا هُو

ڪُن اندر ڦيراٽيون کائي پيئي نيا هُو

*هيءَ اڪيلي ناوَ انهيءَ جو ڪير کِوَئيا هُو

اونداهي اڌ رات انهيءَ جي هيا هيا هُو.

*

 

*

چنڊ کجيءَ جي ٻانهن ڳچيءَ ۾ پائي هيٺ نهاري هُو

نيرو نَڀ درياهه جيان ٿو چندر مان کي تاري هُو

پِپل پاڙ ٻَرن ٿا ڏيئا ويو ٽارين کي ٽاري، هُو

نيڻ اڃا تائين ٿا لوچن ساڳي نينهن نظاري، هُو.

*

باهو تو جو عشق ڪيو سو نانهه اَجايو وڃڻو هُو،

مان ڄاڻان ٿو جنهن جنهن تڙ تي آ توکي ڀيرو ڀڃڻو هُو،

چنڊ ڇڪي ٿو سينڱ، انهيءَ کي تيرُ ته توتي سڃڻو هُو

هُو هڪڙي ڏينهن ته اچڻو آهي، ماڻهوءَ موتُ ته مڃڻو هُو.

*

سِجُ ٻڏي ويو پاڻيءَ ۾ ۽ نديءَ تي آ سانجهي هُو،

چوڌاري وڻ سانت سمايا، اونده ڪنهن آڳانجهي، هُو

سانت سمندر وانگر ڇُلڪي، موڙهو من جو مانجهي هُو

ٿو جهوپيءَ ۾ ڏيئو ٽمڪي، ٿالهيءَ ٿالهيءَ ڪانجهي هُو.

*

هي جا پوڙهي چيلهه چٻيءَ سان ڪاٺيون ڍوئي هُو،

مڙس اُنهيءَ جو ڪئِن نه اگهائيءَ ۾ ٿوروئي، هُو

گهر پهچي هوءَ هُن لَئهِ چانور ويٺي سوئي، هُو

ڀاڳ اڳي جئن ساڳ سرنهن جو، ڪنهن کي لوئي، هو؟

*

 

*

هو باهو سلطان به آهي، بُلي شاهه به هُو،

ڄڻ ته ڀٽائيءَ جي آويءَ ۾ آ اوچو اوڙاهه  به هُو

شال فريدا هن کي سمجهين مهر به هُو ۽ ماهه به هُو

آهي امن پيام انهيءَ جو، سڀ سان آهي ٺاهه به هُو.

*

دم مان آهه عدم نڪتو ۽ دم مان نڪتو آدم هُو، هر

هَر ڪنهن کي جي مرڻو آهي، موت اجايو آ غم هُو،

سهڻي تنهنجا وارَ هوا ۾ ڇا زلفِ پُرخم هُو

موت اڳيان ميهار نه ڪوئي، ناهي ڪوئي ڄڻ ڏم هُو.

*

آڪاس سمندر وانگر آ، ۽ چنڊ تري ٻيڙي جان هُو

آنءُ ته ڪوئي ڪوڏ به ناهيان، سُرکي ڪيئن سمايان، هُو

ماهيگير گهريا گهڙن ۾ گهِلي ڄار مڇين سان، هُو هُو

جيڪيو سڀ کي رزق رسائي، واري آنءُ انهيءَ تان، هُو.

*

موٽي ڪو به نه آيو آهي، ڏَس ڏئي جو ڪوئي هُو

مٽيءَ هيٺان ڪو به نه ٻولي آهي سانت سڀوئي هُو

ساکَ نه رهندي ڪنهن به سَکيءَ جي لاکَ نه هوندي لوئي هُو

*ڪنهن کي سار نه رهندي باهو ڇا پاتي ڇا کوئي، هُو.

*

 

*

ڪنهن کي ڪَل نه آهي ڪائي، ڪنهن نه سڀاڻو ڄاتو هُو،

نيٺ ندي جا سمنڊ سمائي تنهنجو انت نه پاتو، هُو،

جهرڻي وانگر گيت اچي ٿو، ڪير چوي ڪنهن ڳاتو هُو!

پريت ته آئي نشي وانگر، ڇا ڪنهن يار سڃاتو هُو؟

*

جوٺي جڳ جي جُٺ وساري ائٽ مٿان ٿي ڪَتي هُو

پير پٿون ۽ راهه اڻانگي پنڌ ڪندي ٿي وتي هُو

لُوهَ لڱن کي لهسايس پَروئي ڏهاڙي تتي هُو

عُمر انهيءَ لئه سوال مُنجهايا مڌ مزي تي مَتي هُو.

*

ڪنهن جو ڪنهن جو ڏک روئيندين ڪيئي گل ۽ لالا هُو،

غالب وانگر ڪيئي تن جا ڪالهه غزل سراها، هُو،

رَبا! سُهڻيون تو دنيا ۾ خلقيون آهن ڇا ڇا هُو

نقش مٽائين ٿو ائن تن جا جيئَن مصوَر پردا، هُو.

*

وڻ جون ٽاريون چانڊوڪيءَ ۾ جيئن لڏن، تئن ٻانهون، هُو

ڪيڏيون سانت سمايون آهن در دوندن جون دانهون هُو؟

اُتر واءُ ته ناهي سَر تي آهن ڪيئي آهُون هُو!

ٻيا سڀ جا رستا باهو سپنا سپنا راهُون هُو.

*

 

*

مسجد جي مينار مٿان جيئن چنڊ رُلي ٿو، هُو

قطرهءِ شبنم شاخِ گل تان جِيئن ڪِري ٿو، هُو

’هو‘ ئي ’هو‘ جو وَرد ڪبوترَ جيئن ڦِري ٿو، هُو

منهنجو روح تڏهن گنبذ ۾ ايئن گهِري ٿو، هُو.

*

’رانجهو‘ ’رانجهو‘ هير ڪري ٿي رانجهو جهنگِ سيال ڪٿي هو؟

رانجهو سوچي رانجهو لوچي، رانجهو سنگَ خيال ڪٿي هُو؟

هير سدائين ڳولي پنهنجو مستقبل ۽ حال ڪٿي؟ هُو

*مڇي ڳولي باهو، هُن لئه جڳ ۾ ڪيڏا جال ڪٿي؟ هُو

*

عشق الله سان جنهن کي ڪونهي باهو ڪهڙو ماڻهو، هُو

هر ڪنهن کي ٿو چيري ڦاڙي چيتي جهڙو ماڻهو، هُو

جيڪيو اُڃ اُجهائي سڀ جي پاڻيءَ ٻهڙو ماڻهو، هُو

ڪک به هلڪو آهي جنهن کان اهڙو اهڙو ماڻهو، هُو.

*

سورج مُکيءَ جي کيت جيان مان ننڊ ڪيان ٿو، هُو

سجَ اُڀري کان اڳ ۾ ئي ڇا لاءِ اُٿان ٿو، هُو

سج اُڀري ٿو دور اُفق ۾ آنءُ ڏسان ٿو، هُو

تون ڇا ڄاڻين آنءُ عبادت ڪيئن ڪيان ٿو، هُو.

*

 

*

ڪويل ڪوڪي ٿي سانوڻ ۾ مينهن پوي ٿو، هُو

ڪو ته اُنهيءَ آواز ۾ آهي ڪجهه ته چوي ٿو، هُو

ڌرتيءَ کي آڪاش منجهاران ڪو ته سڏي ٿو، هُو

عشق الله جو توکي پنهنجي طرف ڇِڪي ٿو، هُو

*

سڀ ماڻهو مهمان هيا گهر ڪنهنجو ناهي، هُو

ڪيڏا نه پرندا اُڏري ويا سَر ڪنهنجو ناهي، هُو

روز سڀان پَرُ ٿيڻو آ پَرُ ڪنهنجو ناهي، هُو

موت رڳو پاڇائون آڏَر ڪنهنجو ناهي، هُو.

*

هو چوڏس جو چنڊ ٻري ٿو، سَهو گوارِ ٿو کائي، هُو

ڪَنڊيءَ پٺتان دور شڪاري، ڪاتَر ٿو اُڇلائي، هُو

چنڊ ڏسي ٿو اُن کي پرتان بيوس ٿي ٻاڏائي، هُو

ڪهل نه ڪائي ڀيلَ، چپن تي مُرڪ پئي لهرائي، هُو.

*

باهو، چانئٺ تي آيو ٿي، دروازو ڪئن ٻوٽين، هُو

آهي هي آواز ازل جو ان کان ٻوڙو ڇو ٿين، هُو

هو جو ايڏو ويجهو آهي، تنهن لئه ڇو ٿو ڪاهين، هُو

جيءَ ۾ جهاتي پاءِ ڙي باهو، سڀ ڪجهه تون آهين، هُو

*

 

*

توريت پڙهيو، انجيل پڙهيو، قرآن پڙهيو سي هُو

رومي، سعدي، حافظ جو ديوان پڙهيو هُو

آهه اهو ئي ڏک نه ڪڏهن انسان پڙهيو سي هُو

ڪو نه سڃاتا درد سندس، درمان پڙهيوسي هُو.

*

باهو تو پنجاب ڏٺو آ، سنڌ به ڏيکاريانءِ، هُو

چولستان جيان هت ٿر ۾ ڪرهي تي تاريانءِ، هُو

جي ٻاجهر ڪاٿي ٻاجهه ڪري مان سنگ پَٽاريانءِ، هُو

چوڄ منجهان ڍوڍي جي ڳٽي مان کاريانءِ، هُو.

*

ڀَتُ، پُلاءُ نه سيرو آهي، لاشَ ڪرن ڪِئن، هُو

سج چڙهي ويو آ پورهئي ۾ ڪير وَهي هِئن، هُو

*لاسيا ڪَمُ ٻنيءَ ۾ ڪن ٿا ڍور ڍڳي جئن، هُو

همرچو جئن ٿو ڪو ڳائي تيز ٿين تئن، هُو.

*

سُگهڙ آءُ تڏي تي منهنجي هيءَ ڳجهارت ڀَڃُ، هُو

”اڳتي نهر مٺي پاڻيءَ واريءَ مان تون وَڃ“، هُو

سانجهي اُڀ مان ايئن لهي ٿي جئن اَمڙ جي ٿڃ، هُو

ٿڪجي ويهه نه ڪنهن وڻ هيٺان ڳالهه ته منهنجي مڃ هُو.

*


 

*  کِوَئي (هندي): ناکئو.

*  کوئي (اردو):وڃائي.

*  جال: ڄار.

*  نوٽ: لاس، ليڏاڻ ڪڍڻ يا لاباري وقت ڪبي آهي. ان لاءِ مزوري نه وٺبي آهي، رڳو کاڌو کارائبو آهي.

 

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org