سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ ڊسمبر 1991ع

مضمون --

صفحو :7

ٿيندو هيئن هو ته: ست ونتيءَ جو پيءُ، ڪهڙي به عمر جي ضرورت مند ماڻهو کان اُن جي حيثيت مطابق پيسا وٺي. پنهنجي ڌيءُ انجي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. پر، حوالي ڪرڻ وقت ، خبر ناهي ڇوڪريءَ جي ڪَنَ ۾ الائي ڪهڙي دعا پڙهندو  هو، جو ڇوري وڌ ۾ وڌ ٽي مهينا انهيءَ گهر ۾ ٽڪندي هئي. ۽ پوءِ جيڪو به ڳهه- ٽپڙ هٿ لڳندو هوس، اُڏائي وڃي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نئين سر پنهنجي غريب ماءُ- پيءُ جي ڪنواري ڌيءُ بنجي ويندي هئي.

اسان اها ميلا رام جي بدبختي ئي سمجهندا هئاسين، جو هن به ست ونتيءَ کي غريب پيءُ جي ڪنواري ڌيءُ سمجهي، ٽي سؤ رپيا روڪ ڳڻي ڏنا هئا، نه رڳو ايترو ، پر شادي يا ”گهر برباديءَ“ جي پهرئين ئي ڏينهن، پنهنجي ڏيڍ اک ۾ ٽن اکين جيتري محبت، مهرباني ۽ ڀروسو ڀري، هن گهر جي چاٻين جو ڇُڳو  به ست ونتيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو،  ته  جيڪو جيءَ کي وڻئي  سوپاءِ هنڊاءِ ۽ جيڪو دل گُهريئي اهو رڌ پچاءُ، توڙي جو ست ونتيءَ جي اڳين گهر وارن مان ڪنهن به، ست ونتيءَ تي ڪڏهن هڪ دمڙيءَ جو به ڀروسو نه ڪيو هو.

ڏينهن گذرندا ويا ۽ رٿيل پروگرام مطابق، ست ونتي ميلا رام جي دڪان ۽ گهر سان گڏوگڏ، سندس دل ۽ دماغ تي به قبضو ڪندي وئي. هو جڏهن به دڪان تان موٽندو هو، طرحين طرحين شين سان لڏيو/ ڀريو ايندو هو.

پاڙي جا ٻار، وڏن جون ڳالهيون ٻُڌي، سيٽي وڄائڻ جي ارادي سان، سندس گهرجي سامهون پهچي ويندا هئا ته، ست ونتي انهن کي سچ پچ سيٽيون خريد ڪري ڏيندي هئي. عورتون، ڀوڳ- چرچي جي نون  موضوعن جي تلاش ۾ اُتان اچي لنگهنديون هيون ته، اُنهن جي آڏي ٽيڏي نظرن جي باوجود، اُنهن کي سڏي، سندن واتُ پان- ڦوٽي سان ضرور ڀريندي هئي، پر اسان مردن کي، جيئن ته هڪ مرد ذات سان سُتت ئي ٿيڻ واري ظلم جو غم کائيندو رهندو هو. سو، اسان هر طرح سان ميلا رام کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته جيڪڏهن تون پنهنجي خيريت ٿو گهرين ته ست ونتيءَ تي ڪرڙي نظر رک ۽ اڃا به سٺي ڳالهه اها ٿيندي ته تون پوليس کي خبر ڪري ڇڏ ته، منهنجي زال سامان سڙي سميت ڀڄڻ واري آهي.

۽ اهو ئي اهو ٽائيم هو، جڏهن پوري پاڙي ميلا رام پان فروش جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ڇو ته ميلا رام نه صرف سموريون سٺيون صلاحون مڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو،  بلڪ مٿين سُرن ۾ پلٽا هڻندي، هيئن به چيو هئائين: ”وڃو! پاڻ وڃي پنهنجين زالن جي باري ۾ پوليس کي اهڙو اطلاع ڏئي اچو.“

ست ونتيءَ  کي ميلا رام جي گهر آئي، پورا ٽي مهينا گذري چڪا هئا ۽ هاڻي صرف تماشو ڏسڻو باقي هو ۽ انهيءَ ڏينهن ته جاين جي ڇتين تي مورچا لڳي ويا، جنهن ڏينهن باخبر ماڻهن هن کي گهر ۾ گهڙندي، ۽ ٿوري دير کانپوءِ ساڳي حالت  ۾ ٻاهر نڪرندي ڀي ڏٺو هو ۽ اها  ٽوهه به لڳائي ورتي  هئي، ته ان کان پوءِ جلد ئي ست ونتي پاڻ ميلا رام جي دڪان تي پهتي ۽ هن کان گهر جي سودي- سٽ جي بهاني وڌيڪ  چاليهه رپيا به هٿ ڪري آئي هئي.

ڇتين تي مورچا لڳا پيا هئا، پر ست ونتيءَ کي ڌوڙُ  به خبر ڪانه هئي ۽ ميلا رام پان فروش ته آخري پانُ کائي، ۽ ست ونتيءَ کان پنهنجي ڄنگهين ۽ چيلهه کي زور ڏياري، وقت کان اڳ ئي سمهي پيو هو، موقعو ڏسي ست ونتي هن جي کٽ تان اٿي، ۽ پوءِ وڏي هوشياريءَ سان هيڏي هوڏي ڏسي، ڏاڪڻ تانن هيٺ لهندي هلي وئي.

هڪ منٽ..... ٻه منٽ.... ٽي منٽ.... معلوم ٿي رهيو هو، ته ماڻهن ساههُ منجهائي رکيوو آهي، ۽ سندن سموريون طاقتون ڪَنن ۾ سميٽجي  آيون آهن. ڇو ته هوڏانهن ميلا رام جي گهر جي ٻاهرين دروازي چَر چَر ڪئي ۽ هيڏانهن ماڻهن جي فوج انهن ڪٽهڙن ڏي ڀڳي، جتان گهٽيءَ جو سمورو نظارو  ڏسڻ ۾ اچي ٿي سگهيو.

۽ اهو منظر واقعي ڏسڻ جهڙو هو، جڏهن مٿي کان پيرن تائين چادر ۾ ويڙهيل اُن نامعلوم ماڻهوءَ کي- جو خبر ناهي ڪيتري وقت کان دروازي  تي بيٺو هو- ست ونتيءَ ڪپڙي جي هڪ ڳنڍڙي ڏني ۽  اڃا اُن کان به  وڌيڪ ڏسڻ جهڙو   منظر اهو هو، جڏهن ٺيڪ انهيءَ وقت، ڪٿي ويجهو لڪل پوليس جا اڌ درجن سپاهي سيٽيون وڄائيندا نڪري آيا ۽ ٻنهي کي ٿڌي تي ئي گرفتار ڪري ورتائون.

بس، ڳالهه ايتري هئي ۽ ست ونتيءَ ۾ ان کان اُبتڙ ٻي ڪنهن ڳالهه جي اميد هئي به ڪانه.! تماشي جو ڀرپور لطيف وٺڻ لاءِ اسان هيٺ پهچي وياسين، پر، گهٽيءَ ۾ پهچي، اسان جي حيرت جي  حد ئي ڪانه رهي. اسان کي پتو پيو ته اهو نامعلوم ماڻهو، جنهن چادر ۾ پاڻ کي ويڙهي رکيو هو، ست ونتيءَ جو ”ماڻهو فروش“  پيءُ هئو! ۽ ڏينهن جو ست ونتيءَ جڏهن گهر کان ٻاهر وئي هئي ته ميلا رام ”پان فروش“ کان چاليهه رپيا وٺي.  سڌي ٿاڻي تي پهتي هئي، پنهنجي پيءُ جي خلاف  رپورٽ لکائڻ لاءِ!! ها! اُها ست ونتي، جيڪا اسان جي خيال ۾ ڀاڄوڪڙ هئي.

شادي

”تون ساڻس شادي ڇو نٿي ڪري وٺين؟“

آءٌ پنهنجو شان وڃائڻ نٿي چاهيان.

”مطلب ته هو هڪ غريب اديب آهي ۽ تون امير آهين؟“

”نه مطلب اهو ته اديب کي ڪنهن آئيڊيل جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ذهن ۾ رکي ادب جي تخليق ڪندو آهي. هينئر آءٌ سندس آئيڊيل آهيان. مونکي ذهن ۾ رکي ڪهاڻيون لکي ٿو. زال بڻجي  وينديس ته انسانن جي Inspiration لاءِ ڪو ٻيو آئيڊيل ڳولي وٺندو.

تبسم مهتاب

امر لغاري

کُسرو

سياري جي هڪ سرد رات جي ڳالهه آهي، جو ناني نصيبان اسان جي گهر آئي ۽ ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جي بيحد اسرار تي رات رهي پيئي. خانو مان ۽ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ مٺي ڏاڍو خوش ٿياسين. نانيءَ جي اچڻ تي اسان سڀئي گهر  جا ڀاتي ڪپڙن ۾ نه ماپندا هئاسين، ڇو جو هوءَ اسان کي قصا،  ڪهاڻيون،  ڳجهارتون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي وندرائيندڙ ڳالهيون اهڙي ته جادوئي ڍنگ سان ٻڌائيندي هئي، جو اُهي هيمشه هميشه لاءِ اسان جي ذهنن تي  نقش ٿي رهجي وينديون هيون. ناني هر ڳالهه ۾ ڀڙ هئي. سندس حاضر جوابي،  ڳوڙهي سوچ ۽ ويچار ۾ ته ڪوبه ثاني نه هوس. تاريخي ڳاليهون ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ٻڌائيندي هئي. سندس لازوال ۽ اڻمٽ نُڪتا ويهي ڳڻجن ته ڪي ڪتيون کپي وڃن، پر سندس ڳڻن جون ڳالهيون نه کُٽن. جنهن رات ناني اسان جي گهر آئي،  سردي به ان رات پاڻ کي کڻي ڇڏيو هو.  انهن راتين ۾ اسان جڳهين اندر سمهندا هئاسين،  ڇو جو برفاني راتين  جون سٽون سهڻ اسان جي ابي- ڏاڏي  جي وس جي ڳالهه نه هئي. گهرن اندر اڪثر ڪاٺ جي ڪنهن پراڻي سُڪل رُڏَ کي باه ڏيئي ان جي چوڌاري ٿي ويهندا هئاسين، ۽ اهڙي ريت ڳالهين ۽ ڪچهرين  ۾ رات جو ڳچ حصو ويندو هو. ناني آئي  ته ويهي خانوءَ جو ذڪر ڇيڙيوسين.

منهنجر ڀاءُ خانوءَ جي هڪ عجيب عادت هوندي هئي، جو هو جڏهن به ٽهڪ ڏيندو هو، ته هڪ يا ٻه مڇن جا وار کوهي اڇلائي ڇڏيندو هو. هونءَ به ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ٽهڪ ڏيئي کلي پوندو هو. ۽ پوءِ شهپر کانئس روئي موڪلائيندا هئا. پهرين پهل هو مُڇن کي وٽيندو هو ۽ پوءِ اها سندس عادت بنجي ويئي ۽ پوءِ آهستي آهستي، گهاٽا وار هئڻ ڪري، وچ مان هڪ هڪ ڪري ڪڍندو ويندو هو. تان جو جڏهن ٽهڪ ڏيندو هو ته وار وڃي وات ۾ پوندا هئس ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ ننهن ۾ ڏيئي وٺي ڇڪيون ڏيندو هو، نيٺ حالت اها اچي ٿيس جو بيسُري نڪ هيٺيان ۽ وڏي چپ مٿان ڪو هڪ اڌ وار اچي بچيس. پوءِ ته سڀني گهر جي ڀاتين منٿون ميڙون ڪري کيس راضي ڪيو ته، ٻيلي، خدا کي مڃ،  انهن کي رهڻ ڏي! همراه مسين مسين پيرن تي آيو هو ۽ خواري کان بچي  پيا هئاسين (ٻهراڙي ۾ مرد کي مڇون نه هئڻ غلط سوڻ سمجهيو ويندو آهي) اُن رات قسمت سان خانو به اسان جي مچڪلي منجهه اچي ويٺو هو. ڀاڄائي به نانيءَ جي ڪچهري ٻڌڻ لاڻ پير ڀري ائي هئي. مختلف ڳالهيون ڪندي ڪندي اچي خانوءَ جي گانگٽ جهڙين مُڇن جو ذڪر ڇڙيو، پوءِ ته  ڪو ڪريو پئجي ويو. نانيءَ ٽوڪيندي چيس، ”واهڙي، کانو! ضائفن سان به ريس ڪبي آ ڇا.“

”ناني، هدايت ڪرينس“ مون نانيءَ جي وَٽَ ورائيندي چيو.

”هدايت وري ڪهڙي ڪريانس،“ نانيءَ چيو، ”صبوح پاڻيهئي خلق کسرو چوندس. پوءِ ته گهران نڪرڻ جهڙو به ڪونه رهندو.“

خانوءَ کي اچي شرم ساريءَ ورايو، جو منهن به مٿي ڪونه پيو کڻي سگهي.

نانيءَ وري مٿان اُڪي ڪندي، مثال ڏيندي ٻڌايس، ”حمير سومري وٽ هوندو هو هڪ درٻاري شاعر، جو امر ڪوٽ ۾ وٽس رهندو هو. قصيدا پڙهي پڙهي پيو حمير کي خوش ڪندو هو.“

”ناني، نالو ڇا هيس؟“ مان وري وچ ۾ ٽپي  پيس.

”امير خسرو سڏيندا هئس، پٽ. پوءِ خدا ڄاڻي ته نالو ڇا هوس. امير جي  به اها عادت هوندي هئي جي ڪا ڳالهه  ڀانءِ نه پوندي هئس ته ڏاڙهيءَ جو هڪ وار کوهي ڦٽو ڪندو هو. حمير کي ڪنهن درٻاري وڃي ٻڌايو ته شاعر ڏاڙهيءَ جا سڀ وار پٽي پڌر ڪري ڇڏيا آهن، رڳو هڪ وار وڃي بچيو اٿس. پوءِ، ابا، حمير سومرو، سو به هو بادشاهه ماڻهو، گُهرائينس. هڪ موتي پنهنجي خزاني مان کڻائي ان وار ۾ ٻڌي ڇڏرائينس. کيس دڙڪو ڏيندي چيائينس، ”امير،  جي اهو موتي تنهنجي انهيءَ وار مان نڪتو ته سر قلم ڪري ڇڏيندوسئين!“

نيٺ کيس خيال ڪري ڏينهن گذارڻا پيا، ڪافي سال لنگهي ويا. امير کي اچي دل ۾ تانگهه ٿي ته، ڪي مندون موٽي ويون پيرون ڪونه کاڌا اٿم، ڇو نه پيرون کائي اچان.   امير اٺن کي سنجي پلاڻي هڪ نوڪر پاڻ سان ڪري  ٿر روانو ٿي ويو. رُلندي، گهمندي جڏهن گهاٽين کٻڙن واري جهنگ ۾ پهتو ته ڏسي ٽولو عورتن جو پيرون کائڻ آيو آهي. امير هو شاعر ماڻهو، سو دل ۾ خيال ڪيائين ته ڇو نه حُسن ڏسجي. ائين عورتن کي پاسو ڏيئي جو اچي لنگهيو ته نظر وڃي هڪ ملوڪ ڇوڪريءَ تي پيس. دل ۾ سوچيائين، ”مار، حُسن ته پيو کٻڙن ۾ رلي ۽ ڇوڪري ته منهنجي بادشاهه جو جوڙ آهي.“ سو پوئين پيرن امرڪوٽ موٽي آيو. بادشاهه کي پيرائتي خبر ڪري ٻڌائين. حمير  دير به اُها ڪئي. اُٺ ۽ ڏاچيون سينگاري، ڄڃ وٺي وڃي ٿرياڻين جي ٿر اسهيو ۽ جهٽ ۾ شادي ڪري موٽي آيو.“

”ناني، مڻڪو اڃان به وار ۾ ٻڌل هوس؟“ مون ڏاڍي اتساه منجهان پڇيو.

”ٻڌايانءِ ٿي،“ نانيءَ وراڻيو، پوءِ، چار- پنج سال رکي اوچتو امير کي پُورپيو ته مار ڀيڻان، هيءَ جو هيڏي وڏي اُٺ جيڏي ٿرياڻي هتي پنجن سالن کان پئي آهي تنهن کي پيروئن جي سڪ ته ضرور لڳي هوندي. اهو خيال ڪري هو ٿر روانو  ٿي ويو. هڪ شام جيئن ئي امرڪوٽ موٽيو ته سڌو حمير جي محل اندر هليو ويو. پيروئن جو ٽوڪرو ڪڍي کڻي حمير جي زال اڳيان رکيائين. هُن ڏاڍي حيرت ۽ تعجب منجهان چار ڪڻا چکي ڏٺا. پوءِ عجب وچان پڇيائين، ”امير، ڪهڙي وڻ جو ميوو آهي؟“ امير جو اهو ٻڌو سڄو پگهر ۾ وٺجي ويو. ڪاوڙ مان سٽ ڏيئي موتي سوڌو وار کوهي تريءَ تي کڻي رکيائين.  حمير جي اڳيان حاضر ٿي چيائين، ”سائين، سر قلم ڪيو ته ڀلي ڪريو، باقي اهو وار جيڪڏهن ڪنهن ٻئي جي ڏاڙهي ۾ هجي ها ته به ڪونه بچي سگهي ها.“ حمير پڇيس، ”ڪيئن ڀلا؟“ عرض ڪندي وراڻيائين، ”سائين، سوچيو هوم ته توهان جي گهر واري  آ ٿر جي، ۽ وري مٿان ڪي سال ٿيا ٿس جو پيرون ڪونه کاڌا اٿس. سو پيرون پٽي اچي اڳيان حاضر ڪيامانس. ٻه ٽي کائي پڇيائين، ”ڪهڙي وڻ جو ميوو آهي“ سڄي عُمر پيرون کائيندي ۽ کٻڙن تي لهندي چڙهندي گذاري ٿس، سائين، هتي پڇي ٿي ته ڪهڙي وڻ جو ميوو آهي. سائين، بس ڪونه بچي سگيو.“ اهڙي طرح امير پنهنجي ڏاڙهي جو آخري وار به پٽي ڇڏيو.“ مون وات تي هٿ ڏيئي کل کي روڪي رکيو هو. ڀاڄائي به ٽهڪ ڏيئي کلي پئي هئي. مٺيءَ اسان ڏي ڏسي کڻي ڏند ٽيڙيا. آخر ۾ نانيءَ چيو، ”پوءِ جڏهن ڏاڙهي تي ڪجهه به نه رهيس ته ماڻهو کيس ”کُسرو کُسرو“ چوڻ لڳا. ۽ اهڙي طرح ”کُسري“ منجهان خُسرو ٿي پيو.“ ”خانو ٻڌين پيو نه“ نانيءَ کلندي خانوءَ ڏي ڏسندي چيو، ”پوءِ ائين نه ٿئي جو باٺا کنيو وتين ۽ چوندو وتين: ”ماڻهومون کي کُسرو ٿا سڏين!“ ائين چئي نانيءَ هڪ عدد منتشر ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي مون خانوءَ کي چيڙا ئيندي چيو،“ هل کسرا! هل ڙي!“

مون ان ويل خانوءَ جو ساڄو هٿ وڄ جي ور جيان منهن ڏانهن ويندي ڏٺو دير ئي اها ٿي خانوءَ جو منهن سڪل ڏاڙهون جهڙو ٿي پيو. مٺيءَ ڏانهس نهاريندي چيو، ”ادا جو منهن تگاريءَ جهڙو هو وو هو.“

مٺي ٻه ٽي تاڙيون هڻي ماٺ ٿي ويئي ويٺي ويٺي خانوءَ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ اسان سڀ ششدر ٿي وياسين. هو اٿيو، ۽ زور زور سان تاڙيون وڄائيندو اونده ۾ گم ٿي ويو.

قطرو به ساگر

تون پاڻ کي جيستائين ماڻهن ۾ گم نه ڪندين، تيستائين توکي ڪيئن خبر پوندي ته تون ڪيترو سفر ڪري، ڪٿي پهتو آهين، ڏٺو نٿي نه قطرو جڏهن ساگر ۾ ملي ويندو  آهي ته پوءِ اهو قطرو به ”ساگر“ ٿي ويندو آهي.

 

الله ڪارڻ، اوٺيا! ليڙا نيوم لُر
نيو نماڻي پاڻ سين، ٻانهي جهلي ٻر
مون کي ماري منجهه ٿي، سندي هو ٿن هُر
ڪچو لايان ڪر، ڪيچان اوري جي وران

                                                (شاهه

شــــاعـــــري

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

ڪافي

ڪڏهن آهن ٻئي دلخواه اکيون
ڪڏهن جوشيليون جانڪاه، اکيون
 

ڪٿ رحمت جو ٿي مينهن وسن
ڪٿ پيار محبت ساڻ ڏسن
 

ڪڏهن آهن ٻئي ميخانه فگن
ڪڏهن آهن سهڻيون ساغرزن
 

جت هو ٿيون کڄن تت ڪڏنهن
جت چاهئون شاه زمين چمن
 

ڪڏهن ڪيڏهن ڪونه نهارن ٿيون
ڪڏهن موڳو مفت ۾ مارن ٿيون
 

ڪنهن ساعت سر به سٽائن هو
ڪنهن مهل ۾ منهن به مٽائن هو
 

اهي دلبر جون دهليز ٻئي
اهي شوق ۾ شورانگيز ٻئي
 

منهنجي عشق سندي آزارن جون
منهنجي طلبن جي تڪرارن جون
 

مجموعو نينهن نصابن جو
سي لب لبابُ ڪتابن جو
 

ڪٿ عجب عتاب سان پيش اچن
ڪٿ عشق سندو آڙاهه اکيون
 

ڪڏهن آهن سه خوش  قدح شڪن
ڪڏهن پيمانن جو ساهه اکيون
 

جت آمر پڻ ٿا ڪي نه ڪڇن
سا نوراني  درگاه اکيون
 

ڪڏهن وعدا پرت جا پارن ٿيون
اهي بيخود بي پرواهه اکيون
 

ڪن وقت نهاري نٽائن هو
ناگاه اکيون بي گاهه اکيون
 

اهي صاحب پر پرهيز ٻئي
اهي آهن شاهن شاه اکيون
 

منهنجي الفت چاه پيارن جون
والله ته ٻيئي گواه اکيون
 

تفسير بره جي بابن جو
والله ته بسم الله اکيون
 

اهي آب حيات پيارن ٿيون
اهي هرهر ياد ڏيارين ٿيون
 

اي نور ڀريون جو نهارن ٿيون
اي طالب الا الله اکيون
 

25 جولاءِ 1969ع ڪراچي

ڪافي

تنهنجون شوريل ٻئي شهباز اکيون
اهي نرمل ۽ بي نياز اکيون
 

1- ارمان اندر جا اورين ٿيون
      هر چاهه چت ۾ چورن ٿيون
 

2-  هو ميڙ منٿ سان ڪين مڙيون
     چنبڙيون ته وري سي ڪونه رُڙيون
 

3-  مونکي درد لڳل آهي جگري
      جي نرمل يار ڪئي بي نظري
 

4-  تو دلبر بي دردايون ڪيون
       تو هردم ڏاڍيون ڏنگايون ڪيون
 

5-   تنهنجو سهڻو سڄڻ ڏاڍو انگ انگ انگ
      تنهنجو ٻهڳڻ ٻهڳڻُ ٻنگ بنگ ٻنگ
 

تنهنجو طالب اڄ مسعود ٿيو
والله ته هو محمود ٿيو
 

ڄڻ ماس هڏن تان ڪورن ٿيون
ڪن ڳالهيون بي آواز اکيون
 

هو شال هجن ٻئي جوڙُ جڙيون
۽ آيون ڪي نه ڪي باز اکيون
 

منهنجي حال کان تنکي بي خبري
ته به منهنجو محرم راز اکيون
 

تو هرهر بي پروايون ڪيون
ته به دلبر ۽ دمساز اکيون
 

تنهنجو واه جو ڍولڻ ڍنگ ڍنگ ڍنگ
پر مڙني کان ممتاز اکيون
 

ڪيو مولا سو موعود ٿيو
تنهنجون ان لاءِ آهن اياز اکيون

25 جولاءِ 1969ع

ڪراچي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com