موسمن جو بدلجڻ به عجيب هوندو آهي بلڪل دل جي
ڪيفيت بدلجڻ وانگر. ڪنهن پن تي ڪا بوند به نه هجي
۽ اوچتو ئي اوچتو ڏسندي ڏسندي شفاف آسمان تي ڪارا
ڪڪر مڙڻ شروع ٿي وڃن وڻ ٽڻ رستا آلا ٿي وڃن ته
جيڪر دل جي ڪيفيت عجيب ڪيئن نه ٿئي.
ان وقت هن جي دل ۾ هڪ ئي خيال هو ۽ خيال جو نالو
هو”ريحان “ هينئر ڇا ڪندو هوندو، صغير سان ملڻ ڇو
نه ٿو اچي ڪاش! ڪاليج بند نه هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ
ان کي ڏسي ۽ ڳالهائيندو ٻڌي ته سگهان هان.
ڪاليج ۾ هوءَ ريحان سان ڳالهائڻ جو ڪوبه موقعو
هٿان نه وڃائيندي هئي. پر مصيبت اها هئي ته صغير
به ساڳي ڪاليج ۾ فائنل ايئر جو اسٽوڊنٽ هو.
”الله ڪري صغير مان ته جلدي جان ڇٽي“ هو دل ۾
چوندي هئي پر صغير مان جان ڇٽڻ جو هن کي ڪوبه
فائدو نه ٿيو.
ريشمان کي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو ته ريحان هن ۾INTERESTED
آهي
يا نه. صفا” بيوقوف آهين تون.... جي هو INTERESTED
هجي
ها ته معاملو جنرل ڏيڻ ۽ وٺڻ تائين محدود نه هجي
ها“ ريشمان ڄڻ پنهنجو پاڻ کي سمجهائيندي چيو.”پر
مان پنهنجو پاڻ تي ڇو ٿي ڪاوڙجان، منهنجو ڪهڙو
ڏوهه آهي، مان ڇوڪري آهيان هن کي اڳتي وڌڻ کپي
نه.“
پر هو اڳتي نه وڌيو ريشمان سوچيندي هئي شايد هن
جي دل به اسان ڇوڪرين وانگر هجي. هو به هن اوسيئڙي
۾ ويٺو هجي ته مان ڪا اهڙي ڳالهه ڪيان..... ڪو
سنگل ڏيان
پر اوچتو هڪ نئين ڳالهه ٿي. ريشمان ان ڳالهه جي
باري ۾ پنهنجي ڊائريءَ ۾ فائزه کي مخاطب ٿي لکيو.
”فائزه تو اهڙيون ڪيتريون ئي فلمون ڏٺيون هونديون
جنهن ۾ ڪا ڇوڪري هيرو تي موهت ٿي وئي هوندي آهي
پر اهو ڇوڪرو ڪنهن ٻيءَ تي عاشق هوندو آهي ۽ اها
ڇوڪري ئي ان فلم جي هيروئن هوندي آهي، تو کي
انڊين فلم ڪڀي ڪڀي ته ياد هوندي ان ۾ به بلڪل
ائين ئي هو.
تون ته صرف فلمون ڏٺيون هونديون نه، مان ته پاڻ
سان ائين ٿيندي ڏسي رهي آهيان، هونئن مونکي ڪنهن
جي ڪا خبر ناهي پوندي ڪير ڪيڏانهن ڏسي رهيو آهي،
ڇوڪريون ٻڌائينديون آهن ته فلاڻو ڇوڪرو فلاڻي
ڇوڪريءَ کي ڏسي رهيو آهي پر..... جنهن جي چهري تان
منهنجون نظرون هٽنديون ئي نه هجن اهو ڪنهن ٻيءَ کي
ڏسندو ته مونکي ڪيئن خبر نه پوندي .
منهنجي دل به عجيب آهي يا شايد ٻين جي به ائين ئي
آهي. جڏهن کان وٺي مون ريحان کي مينا ڏانهن ڏسندي
ڏٺو آهي يا جڏهن مونکي خبر پئي آهي ته ريحان مون
۾ نه پر مينا ۾ دلچسپي ٿو وٺي تڏهن کان وٺي ريحان
مون کي اڃا به وڌيڪ وڻڻ لڳو آهي. ائين ڇو آهي.
شايد ان ڪري ته درد ۽ پيار ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ڪو
ويجهو رشتو آهي. پر فائزه عملن مون کي
RETREAT
ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
مون ريحان سان ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏيو آهي، مون هن
ڏانهن ڏسڻ گهٽائي ڇڏيو آهي. پر هن تي سوچڻ .....
نه سوچڻ ناهي ڇڏيو هن تي سوچڻ ڪيئن ٿي ڇڏي سگهانEgo
پنهنجي جاءِ تي ۽ دل ۽ احساس پنهنجي جاءِ تي،
منهنجو ايگو مون کي هن سان ڳالهائڻ کان هن ڏانهن
ڏسڻ کان روڪي سگهي ٿو پر سوچڻ کان
......... نه سوچڻ کان نه ٿو روڪي سگهي.“
”سڀاڻي ريحان جي مڱڻي آهي“ صغير ريشمان جي ننڍي
ڀيڻ ناهيد کي ٻڌائي رهيو هو.
” ڪنهن سان؟“ ناهيد پڇيو.
”صوفيه سان تون سڃاڻينس ٿي نه هوءَ جيڪا تو سان گڏ
ٿي پڙهي“ صغير ناهيد کي ياد ڏياريندي چيو.
”ها ها، صوفيه مون کان هڪ سال سينئر آهي، هوءَ
انٽر ۾ آهي“ ناهيد وضاحت ڪئي.
ريشمان هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي پر انهن
ڳالهين ۾حصو وٺڻ جي همت هن ۾ نه هئي هن جي چپن تي
مشڪ اڀري آئي. ان ۾درد هو افسوس هو يا ڪجهه به نه
ان مشڪ ۾ ڇا هو هوءَ سمجهي نه سگهي پر ان وقت هن
جا احساس عجيب هئا. تون به عجيب آهين ريشمان توکي
پنهنجي دل جي به خبر نه ٿي پوي ريحان جي مڱڻي جي
خبر ٻڌي توکي صرف افسوس ٿيو آهي ڪو
SHOCK......
نه
YOU are too normal (or Perhaps too abnormal) to
be shoked by such things.
ريشمان پنهنجو پاڻ کي چيو. ان وقت هن کي عجيب
ڳالهه محسوس ٿي هوءَ سوچي رهي هئي ريحان مينا کي
perpose
ڪندو
پر ائين ڪونه ٿيو هو ان جي جاءِ تي ريحان مائٽن جي
پسند جي هڪ ڇوڪريءَ سان مڱجي رهيو هو،”سچ ٻڌاءِ
ريشمان گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه ٻڌي توکي خوشي ٿي آهي،
ڇو ته تنهنجي مينا لاءِ
jealousy
پنهنجي عروج تي پهچي چڪي هئي. ريشمان پنهنجي دل
کان پڇيو، جواب مليس”نه نه مان ايڏي هلڪڙي طبيعت
جي ناهيان مونکي ڪنهن به ڳالهه جي خوشي يا ڪنهن به
ڳالهه جو غم ڪونهي.
اهو ته دل جو معاملو آهي مان اگر دنيا جي خوبصورت
ترين ذهين ترين ڇوڪري هجان تڏهن به مان ڪنهن جي به
احساس کي ان بنياد تي بدلائي نه ٿي سگهان، نه ئي
مينا مون کان خوبصورت آهي نه ئي صوفيه، اسان ۾
ٿورو ئي فرق آهي، پر مينا ۾ ڇا هو جو ريحان هن کي
يڪ ٽڪ نهاريو هو سو ته ڪو وڃي ريحان کان پڇي، پر
مان اهو سڀ ڪجهه ڇو سوچي رهي آهيان . ريشمان تون
هميشه سوچڻ جي هڪ پٽڙيءَ تان لهي ٻيءَ تي هلڻ شروع
ڪندي آهين“ ريشمان پنهنجي سوچڻ جي ان سلسلي کي
روڪڻ چاهيو ”بس هاڻي ته مونکي ريحان کي وساري ڇڏڻ
کپي.“ ريشمان کي ائين لڳي رهيو هو ته ريحان هن کي
پسند نه ڪري هن سان وڏي زيادتي ڪئي هئي يا ان کان
به وڌيڪ يعني هن جي بيعزتي ڪئي هئي. اسان جڏهن
ڏاڍيون عجيب وغريب ۽ متضاد ڳالهيون سوچيندا آهيون
هوءَ به بلڪل اهڙيون ڳالهيون سوچي رهي هئي.
ريحان کي وسارڻ وارو مشورو جيڪو ريشمان پنهنجو پاڻ
کي ڏنو هو سو ته ڪڏهن پورو نه ٿيڻو هو. اها ته
ريشمان کي به خبر هئي ۽ تڏهن جڏهن موسم بدلبو هو ۽
جڏهن اڪيلائي ۾ هوءَ ڪنهن اونهي خيال ۾هوندي هئي
ته اوچتو هن جي دل ۾ هڪ ئي خيال اڀرندو هو
”ريحان!“
ڪٿي هوندو؟ ڇا ڪندو هوندو منهنجي باري ۾ سوچيندو
هوندو يا نه ۽ وري هوءَ ريحان جو ائين اوسيئڙو ڪرڻ
لڳندي هئي جيئن ڪاليج جي پهرين سال ۾ هزارين ڀيرا
ڪيو هو ، ڪڏهن برساتن ۾ ڪڏهن اونهاري جي شفاف شامن
۾ ڪڏهن خوابن ۾ ڪڏهن خيالن ۾ .
مان چاهيان ٿي
روبينه سومرو
مان سوچيو هو ته توکي پنهنجو جيون ارپي هميشه
لاءِ اَمر ڪري ڇڏيان پر نه، اُها منهنجي ڀل هئي،
تون ڀلا مون سان ڪيئن ٿو رهي سگهين، مان ته اصل
کان آهيان ئي چري.
تون ڀلا مون کي ڪيستائين سهارو ڏيندين
راهون ڇڏي منهنجي ويران زندگي ۾ ايندين پر
مان چاهيو پئي ته توکي پنهنجي اندر جي پاتال ۾
هميشه لاءِ ويهاريان، پر وقت ڏاڍو ظالم!
خبر تڏهن پئي جڏهن تون بنا موڪلائڻ جي هليو وئين
ڪنهن ڏور سفر تي ۽ مان تنهنجي راهن ۾ نيڻ وجهي
ويٺي آهيان ۽ هڪ آس اٿم شل تون ڪڏهن پنهنجي ماڳ تي
موٽين .
صنوبر سيد
ايـــاڻــــو
” تنهنجو سٺي ۾ سٺو دوست؟“
”ڳولا ۾ آهيان. “
وڏي ۾ وڏو دشمن ؟“
” هيءَ جيڪو هينئر منهنجي ڀر مان وڃي رهيو آ.“
” ڇا مطلب؟“
”منهنجو مطلب آ، وقت“
”وقت.....؟!
”ها وقت، جيڪو هر گهڙيءَ مون کي ٻٽي سزا ڏيندو
رهندو آ، ذهني به ته جسماني به. هن جو ۽ منهنجو
ازل کان جهڳڙو هلندو پيو اچي هو مون کي شڪست ڏيڻ
جي هڻ هڻان ۾ آهي ۽ مان کيس!“
” پوءِ نتيجو؟“
”جنگ جاري آ اڃان!“
”ڇا ٿو سمجهين، شڪست ڏئي وينديس؟“
انشاءالله.“
” منهنجي مدد گهرجئي؟“
”نه هو به اڪيلو آهي، مان به اڪيلو ئي وڙهندو
مانس!“
” تون ڪير آهين؟“
صديون توسان گڏ رهيو آهيان، پوءِ به نه ٿو
سڃاڻين؟!“
” منهنجو نالو وقت آهي.“
” ڪنهن ۾ ڪم اٿئي؟“
” مون ۾ ٻين جو ڪم هوندو آ.“
” پر مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿئي ؟
” ان کان پهرين جو مان توکي ان سوال جو جواب ڏيان،
تون اهو سوال پاڻ بچائي رک، هڪ ڏينهن اهوئي ساڳيو
سوال مان ڪندو مانءِ.
”ڀلا هتي، هن پاڙي ۾ ڪو دوست ٻوست رهندو اٿئي ڇا،
جنهن سان ملڻ آيو آهين؟“
”مان ڪنهن سان دوستي ناهيان رکندو، دوستي سواءِ
مونکي نقصان رسائڻ جي. ڪجهه به ناهي ڏيندي پر تنهن
جي باوجود به مان انسان سان دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ
لاءِ، هر گهڙيءَ پيو سندس آڏو پٺيان ڦرندو آهيان،
پر هو اياڻو، منهنجي هيڏي ساري قيمتي وجود کي
تسليم ئي نه ٿو ڪري، جيئن ئي مون کي پنهنجي ويجهو
ايندو ڏسندو آ، ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي، ائين سمهي رهندو
آ، ڄڻ مان ڪو سندس زر خريد ٻانهون آهيان، جو سندس
پيرن ۾ ويهي کيس زور ڏيندس، ڪيڏانهن به نه چرندس
پرندس!“
”پر هو ته چوي ٿو ته، سندس وڏي ۾ وڏو دشمن آهين،
توهان وچ۾ جنگ عظيم کان به وڌيڪ خطرناڪ جنگ جاري
آ۽ هن کي پوري پڪ آ ته توکي شڪست ڏيندو.“
”ها.......ها......ها چيم نه اياڻو آهي ويچارو،
دوستيءَ مان ڇا ڄاڻي، ڪير ڪئين آ، اها ته شناسائي
ڪانهيس، ها.... ٻڌو اٿم، هڪ دوست اٿس، جنهن سان
چڱي ياري نڀايون پيو اچي، پر مون کي بنهه ڪين وڻي،
الاهي دفعا سمجهايو ٿمانس ته ان سان دوستي ڦٽاءِ،
جيڪو حقيقت ۾ تنهنجو دوست نه، دشمن آ، ته پوءِ ڏس
ته ڪئين نه ٿو منهنجو وجود ڏسڻ ۾ اچئي، پر هو
چوندو آهي تو ۾ ۽ سندس جگري دوست نفس ۾ ڪلرڊ ۽
بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي- وي جيڏو فرق آ، تون مون کي
اهو ڪجهه نه ٿو ڏئي سگهين، جيڪو مان هن کان
پائيندو آهيان.
آئينده اسان جي وچ ۾ ڪڏهن به اچڻ جي ڪوشش نه ڪندو
ڪر، نه ته ٻئي گڏجي تو کي ڀسم ڪري ڇڏينداسين، توکي
اهڙي شڪت ڏينداسين جو دنيا ڏندين آڱريون ڏيندي،
تڏهن منهنجي غيرت ايڏو وڏو چئلينج گوارا ناهي ڪري
سگهندي ۽ جڏهن مان ڏسندو آهيان ته هو پنهنجي دوست
جي ڪلهن تي چڙهي، عياشيءَ جون سڀ حدون اورانگهڻ ۾
مصروف هوندو آ، سندس ٻانهن ۾ قيد ٿي ننڊ جي سيج تي
ستو پيو هوندو آ، تڏهن اهي اهڙيون گهڙيون هونديون
آهن، جن مان پورو پورو فائدو وٺندو آهيان، سندس
چئلينج سندس ئي جوڙيل هٿيارن جي ٻل تي هوندو آ، پر
مون وٽ سڀ کان وڏو هٿيار منهنجو پنهنجو وجود آ ۽
جڏهن هو پنهنجي دوست سان رهاڻين ۾ مصروف هوندوآ،
تڏهن مان، کانئس هزارين ميل پري هليو ويندو آهيان،
ايڏي اوچائيءَ تي پهچي ويندو آهيان، جتي سندس
رسائي ممڪن ئي ڪونهي، پر هو به منهن جي ڦڪائيءَ
کان ساڳيون هنڀوڇيون پيو هڻندو آ مون تائين رسڻ
جون، مون کي شڪست ڏيڻ جون ،”اياڻو“ڪنهن جاءِ جو!”
فيصلو
”مرد کان سواءِ عورت جو وجود ئي بي معنيٰ آهي.“
”نه نه عورت کان سواءِ مرد جي زندگي بي رنگ آهي“
” ثبوت؟“
ثبوت اُهو ته ڏاڏو آدم اڪيلو هو ته جنت ۾به خوش
رهي نه سگهيو.“ |