فهميده سحرش
سوچون ۽ سپنا
”مون کي توسان پيار آهي فريده. مون توکي چاهيو
آهي، مان توکانسواءِ هڪ پل به نٿو رهي سگهان تون
اندازو به نٿي لڳائي سگهين ته مان توکي ڪيترو ٿو
چاهيان.“ هي اُهي رسمي جملا هئا. جيڪو اڄڪلهه جو
هر نوجوان جڏهن ڪنهن معصوم ڇوڪريءَ کي پيار جي
ڪوڙي ڄار ۾ ڦاسائيندو آهي ته چوندو آهي، فريده جي
ڪنن ۾ اڄ به اهي جملا گونجي رهيا هئا، جيڪي سرور
هن کي چيا هئا، رات جا تقريبن 12 وڳا هئا. گهر جا
سڀ ڀاتي گهري ننڊ ۾ ستا پيا هئا، پر فقط فريده
جاڳي رهي هئي، سندس اکين جي ننڊ ئي ختم ٿي وئي
هئي. اڃا مَسَ وڃي سرور کي ڀَلايو هُئين ته وري اڄ
سندس گهر ۾ جڏهن سندس رشتي جي ڳالهه اُٿي ته سندس
سور جاڳي پيا. هن ڇا سوچيو هو ۽ ڇا ٿي ويو. فريده
جي وهم وگمان ۾ به نه هو ته سرور کيس ايترو ڏک
ڏيندو، اڄ کيس گذريل وقت جون ڳالهيون ياد اچي
رهيون هيون، سندس اندر ۾ طوفان برپا هو، هوءَ سوچي
رهي هئي ته، ڇا پيار ڪرڻ وارا اهڙا هوندا آهن؟
جيڪي پيار جا سهڻا سَپنا ڏيکاري راهن ۾ ائين رولي
ويندا آهن، جتان ورڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. فريده کي
اَهي ڏينهن اڃا به ياد هئا، جڏهن هو ٻئي يونيورسٽي
۾ پڙهندا هئا، فريده ۽ سرور جي ملاقات به
يونيورسٽي جي لائبريري ۾ ٿي هئي ۽ اتي ئي سندن
دوستي ٿي ويئي.
” ڪيتريون نه حَسين شامون هيون اُهي جڏهن مان ۽
سرور گڏجي گهمندا هئاسين.“
صبح جو يونيورسٽي ۾ به ٻئي ڄڻا گڏ نظر ايندا هئا،
ڪيڏو نه خوش هئا ٻئي شايد پيار ۾ ايتري طاقت آهي
جو انسان ڪجهه به نٿو سوچي، هُن جي لاءِ ته محبوب
ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي، فريده به سرور سان ايتروئي
پيار ڪيو هو، هن کي خبر نه هئي ته سندس اهو سپنو،
سپنو ئي رهجي ويندو، جيڪو ڪنهن وقت به ٽُٽُي سگهي
ٿو، يونيورسٽي ۾ سڀ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ٻنهي جي پيار
تي رَشڪ ڪندا هئا.
فريده سوچي رهي هئي ته ”سرور مون سان ائين ڇو ڪيو،
مون سان ايڏو وڏو ڪوڙ ڳالهايائين پر انهيءَ ۾ سرور
جو به ڪهڙو ڏوهه شايد منهنجي نصيب ۾ ائين ئي لکيل
هو، پيار ڪوBUSINESS
ته
ناهي جو توري ماپي ڪجي،پيار ته هڪ فطري جذبو آهي،
جيڪو ڪيو نه پر ٿي ويندو آهي.“
هُن سوچيو ته، جيڪڏهن هن کي سرور جي ذاتي زنداگيَ
جي باري م خبر هجي ها ته، شايد هو احتياط ڪري ها،
پر سرور ته پنهنجي پاڻ کي هن جي اڳيان غير شادي
شده ظاهر ڪيو هو. سندس ماءٌ پيءٌ ڳوٺ م رهندا هئا،
پاڻ پڙهائي خاطر هتي هاسٽل ۾ رهندو هو. فريده کي
صرف ايتري خبر هئي، هن ته پنهنجي پيءَ کي ٻڌايو هو
ته هوءَڪنهن ٻئي کي پسند ڪري ٿي، اها ڳالهه تڏهن
نڪتي جڏهن فريده جو رشتو آيو هو. هوءَ پڙهيل لکيل
ڇوڪري هئي . هن کي پنهنجي زندگي جي باري ۾ فيصلي
ڪرڻ جو اختيار هو. جڏهن کانئس راءِ پئي ورتي ويئي
ته هُن سرور جي باري ۾ گهر وارن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي
ڇڏيو، سندس پيءٌ به آزاد خيال هو، هو اُنهن عام
روايتي والدين وانگر نه هو، جيڪي پنهنجي مرضي
اولاد تي زبردستي مڙهيندا آهن، پر هُن پنهنجي ڌيءَ
جي خوشيءَ خاطر اِهو فيصلو اُن تي ڇڏي ڏنو.
فريده ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پاسو ورائي وري سوچڻ لڳي،
هي مون کي ڇا ٿي وي آهي؟ گذريل وقت کي ياد ڪري
سندس سُتل سُور جاڳي پيا هئا. هُن کي جڏهن ڪنهن
سرور جي باري ۾ ٻڌايو ته سرور شادي شده آهي ۽ کيس
ٻه ٻار آهن ته فريده کي يقين نه آيو ۽ هوءَ ايترو
رُني هئي جو شايد زندگيءَ ۾ ايڏو نه رُني هوندي ۽
اڄ وري ساڳيو سور جاڳيو هو، اُهائي پراڻي ڳالهه
سندس رشتي واري سندس، سڀني ڀيڻين جي شادي ٿي چُڪي
هئي، مائٽن کي سندس ڏاڍي فڪر هئي پراڄ به سندس
طرفان مائٽن کي اهو ئي پراڻو جواب مليو ته، مان
شادي ڪونه ڪندس ۽ واقعي فريده جو اِهو فيصلو آخري
فيصلو ثابت ٿيو ۽ هاڻي فريده وٽ ڪجهه به ته نه
رهيو هو، سواءِ يادن ۽ سوچن جي جيڪي سندس زندگيءَ
جو سرمايو هُيون هوڏانهن سرور کي جڏهن خبر پئي ته
فريده کي سندس اصليت جي خبر پئجي چڪي آهي ته هُن
فريده سان ملڻ ئي ڇڏي ڏنو.
هيڏانهن فريده کي انتظار ئي رهيو ته صرف هڪ دفعو
سرور مونکي ملي ته، مان اُن کان اهو ضررو پڇيندس
ته تو ائين ڇو ڪيو؟ تو مون کي پنهجي باري ۾ صحيح
ٻڌائي ڇڏين ها ته،اُن سان فرق ته نه پوي ها ......
پر فريده جو انتظار ، انتظار ئي رهيو ۽ سرور نه
آيو.
ثرياياسمين”ڪرن“
(افسانو)
زرين
زمانو ڪافي ترقي ڪري ويو آهي. پر سنڌ جي سماجي
حالتن ۾ اڃا ڪو ڦير نه آيو آهي. لڳي ائين ٿو ته اڄ
به حالتون اُهي آهن، جيڪي ورهاڱي کان اڳ هيون، يا
60 واري ڏهاڪي تائين.
هتي نئين زندگي رسالي جي سيپٽمبر 1952ع جي هڪ چونڊ
ڪهاڻي ڏجي ٿي جيڪا اڄ به ماحول ۽ حالتن سان ميل
کائي ٿي.
(ايڊيٽر)
مان جڏهن پنهنجي ڊسپنسري مان موٽيس ته پنهنجي جاءِ
جي دروازي تي هڪ فقيرياڻيءَ کي ڏٺم، سندس هنج ۾ هڪ
ڏيڍ ٻن سالن جو ٻار به هئو، ٻار پنهنجي ماءٌ وانگر
سهڻو هو پرشايد بک سبب سندس وڻندڙ مکڙو ڪوماڻيل گل
جيان پي لڳو، فقيرياڻيءَ جي عمر اٽڪل 22 يا 23
سال ٿي ڏٺي. سندس سرخ وسفيد رند ۽ ڊگهن وارن (جي
سندس ڦٽل پوتيءَ مان ڏسجي رهيا هئا)کي ڏسڻ سان دل
۾ اهو خيال اچي ويم ته جيڪڏهن هيءَ ڪنهن امير گهر
جي هجي ها ته سونهن ۾ چڱو نالو ڪڍي ها !
هلڻ جو آواز ٻڌي هن ڪنڌ ورائي پٺتي نهاريو. مون کي
ڏسي هن جي وات مان بي اختيار منهنجو نالو نڪري
ويو ۽ سندس اکين ۾ هڪ چمڪ اچي وئي، مان ڄاڻندي به
اڻڄاڻ بنجي ڏاڪڻ تي مٿي وڃڻ لڳيس.... مون کي عجب
لڳو ته هن کي منهنجي نالي جي ڪيئن خبر پئي.
مٿي پهچي مان هٿ منهن ڌوتو ته نوڪرياڻي چانهه آڻي
ڏني، چانهن پيئندي پئيندي منهنجي ڪنن تي ٻار جي
روئڻ جو آواز آيو. مان دريءَ کان هيٺ نهاري ڏٺو ته
فقيرياڻي جو ٻار ماءٌ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي زور زور
سان روئي رهيو هو ۽ فقيرياڻي ٻار کي ماٺ ڪرائڻ جي
ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي. مون کي اها حالت ڏسي رحم
اچي ويو ۽ نوڪرياڻي کي سڏي فقيرياڻيءَ کي مٿي وٺي
اچڻ لاءِ حڪم ڪيم. جلدي هوءَ فقيرياڻي کي وٺي مٿي
آئي. فقيرياڻي منهنجي ويجهو اچي بيهي رهي. مان کيس
وهڻ لاءِ چيو ته هوءَ زمين تي وهڻ لڳي، مان سندس
هٿ پڪڙي چيو ته ...... نه زمين تي نه هن ڪرسي تي
ويهه. پهرين ته هوءَ وائڙي ٿي ويئي پر منهنجي
اسرار تي ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي. مان کيس هڪ ڪوپ چانهه
۽ کائڻ لاءِ ڪجهه بسڪوٽ وغيره ڏنا. هن مون ڏانهن
تشڪرانه نگاهن سان ڏٺو ۽ ڪنڌ جهڪائي پنهنجي ٻار کي
کارائڻ لڳي. مان کيس به کائڻ لاءِ چيو جنهن تي
هوءَ”مهرباني“چئي چانهه پيئڻ لڳي، سندس اکين کي
ڏسڻ سان مون کي ائين سمجهڻ ۾ پئي آيو ته مان هن کي
ڪٿي ڏٺو آهي، جڏهن هن چانهه پي ختم ڪئي ته مان
ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ڪيو، مان کانئس پڇيو ته
”تون پنين ڇو ٿي، نوڪري نه ٿي ڪرين؟“
منهنجي انهيءَ سوال جي جواب ۾ سندس اکيون ڳوڙهن
سان ڀرجي آيون، جن کي هن بمشڪل روڪي ڇڏيو ۽ چوڻ
لڳي:”بيبي! مان، ڪا پينو فقيرياڻي نه آهيان پر
قسمت کي ڇا چوان جنهن مون کي هي ڏينهن ڏيکاريا،“
ائين چئي ڪجهه کڻي ماٺ ڪيائين وري چوڻ لڳي: ”بيبي!
مان ٻن ٽن گهرن ۾ نوڪري ڪئي پر هر هنڌ مون سان
وحشيانه سلوڪ ڪيو ويو. مان به ته آخر انسان
آهيان“. ايترو چوندي ئي سندس اکين مان ڳوڙهن جي
برسات شروع ٿي وئي. جڏهن ڪجهه بار هلڪو ٿيس ته
وڌيڪ چوڻ لڳي: ”مون کي پنهنجي ته ڪابه پرواهه ڪانه
آهي پر هن معصوم ۽ بيگناهه ٻار ڪهڙو قدرت جو قصور
ڪيو جو دنيا ۾ ايندي ئي هن کي مصيبتون سهڻيون
پيون! مان ڪيترائي دفعا هن ذلت جي زندگيءَ جو
خاتمو ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي مگر هر دفعي هن معصوم
جي صورت منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ پئي وڌي آهي، مون
کانپوءِ هن گل جي سنڀال ڪير ڪندو....“؟ هن وري
سڏڪا ڀري روئڻ شروع ڪيو.
مان غور سان سندس چهري کي ڏسي رهي هيس، آهستي
آهستي منهنجي اکين اڳيان هن غريب ڦاٽل ڪپڙا پهريل
فقيرياڻي جو چهرو جهڪو جهڪو ٿي صفا گم ٿي ويو ان
جي جاءِ تي هڪ حسين تندرست، شوخ ۽ مسڪراهٽ ڀريل
چهرو ڏسڻ ۾ آيو. اهو چهرو ”زرين“ جو هو، ”زرين“ جو
اکر منهنجي وات مان بي اختيار نڪري ويو. جنهن تي
هوءَ مشڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳي سندس چپ ڏڪڻ لڳا
۽ ڳوڙهن جون ٻه بوندون سندس پلڪن تي چمڪڻ
لڳيون.....
مان اٿي کيس ڀاڪر پاتو........... مان خوشيءَ کان
بي قابو ٿي ويس. زرين ..... ها!ها تون اها ئي
زرين آهين....... منهنجون اکيون ڌوڪو ته نه ٿيون
کائين! جيڪا ڪاليج جي زماني ۾ هر وقت بلبل وانگر
چهڪندي وتندي هئي....... جيڪو به کيس ڏسندو هو سو
سندس ڪوئل جهڙو آواز ۽ مشڪ ڀريل اکيون نه وساري
سگهندو هو. ڪاليج جون سڀ ڇوڪريون کيس پنهنجي دوست
ڪرڻ ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪنديون هيون.
پر، زرين...... تون ..... تون هن حالت ۾ ..... ۽
ان کان وڌيڪ مان ڪجهه چئي نه سگهيس ..
”پر مان هن حال کي ڪيئن پهتس“؟ توهان اهوئي ٿا
پڇڻ چاهيو نه بيبي !زرين جي اکين ۾ اڃا ڳوڙها هئا.
ڏس ”زرين“ مون کي بي بي وغيره چوڻ جي ضرورت ڪانه
آهي، مان تنهنجي لاءِ اهائي” ثريا“ آهيان ، زرين
مشڪي ڏنو.
هن چوڻ شروع ڪيو:”بي.... نه نه ثريا! منهنجو هي
داستان نهايت درد انگيز آهي. مان تمام گهڻيون
مصيبتون سٺيون آهن.“ ائين چوڻ سان سندس گلو ڀرجي
آيو. چڱو، چڱو، هاڻي اُٿ هٿ منهن ڌوءُ .... رات جي
مانيءَ کانپوءِ توکان مفصل حال ٻڌنديس. سندس پٽ کي
سندس هنج ۾ ننڊ کڻي ويئي هئي..... مان کيس پنهنجي
هنج ۾ کڻي اندر وڃي هنڌ تي ليٽايو ۽ زرين کي
پنهنجي ڪپڙن مان هڪ جوڙو ڪڍي ڏنم ته مٽاءِ. هن غسل
ڪري اهي ڪپڙا پهريا. جڏهن ٻاهر نڪتي ته مان کيس
ڏسي حيرت ۾ پئجي ويس.... آخرڪار رات جي ماني
کانپوءِ اسان ٻئي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ ويوسين... ڪمري
۾ پهچڻ کانپوءِ مون کيس چيو ته ”ها ! زرين هاڻي
تون گذريل واقعا مون کي ٻڌاءِ”.
”هائو“ چئي زرين هنڌ تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺي ۽
مان سندس سامهون پيل آرام ڪرسي تي ويهي رهيس.
اهو ته توهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا ته ڪاليج ڇڏڻ جي
چئن مهينن بعد منهنجي شادي ٿي وئي.
”زرين“ مان وري قطع ڪلام ڪيو. تون مونکي ”توهان“
ڪري نه سڏ اسان ٻئي تقريبن هم عمر آهيون ۽ ننڍي
وڏي جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي. انهيءَ تي زرين
جواب ڏنو ته ”ها! مان چئي رهي هيس ته ڪاليج ڇڏڻ جي
چئن مهينن بعد منهنجي شادي ٿي وئي ۽ ڏيڍ سال بعد
هي پٽ ڄائو، اسان جي زندگي نهايت آرام ۾ مسرت سان
گذري رهي هئي ۽ وري جو هي ٻار ڄائو ته اسان جي
خوشي ٻيڻي ٿي وئي . سندس پيءٌ هن جو نالو شاهد
رکيو. شاهد جي پيدا ٿيڻ کان سال کن بعد سندس پيءٌ
بيمار ٿي پيو. مان هر ممڪن طريقي سان کيس بيماريءَ
مان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس. مگر سڀ ڪوششون بيسود
ٿيون ۽ هو مونکي ۽ پنهنجي لاڏلي شاهد کي دنيا ۾
اڪيلو ڇڏي تمام گهڻو پري هليو ويو. وري ڪڏهن به
واپس نه اچڻ لاءِ...“زرين وهاڻي ۾ منهن لڪائي سڏڪا
ڀري روئڻ لڳي..... مان اٿي وڃي سندس ڀرسان ويٺيس ۽
دلداري ڏيئي چيومانس ته پوءِ ڇا ٿيو؟
زرين ڳوڙها اُگهي، چوڻ لڳي ته :”سندن اکين بند ٿيڻ
سان ئي منهنجي مٿان مصيبتن جو پهاڙ ٽٽي پيو. بجاءِ
ان جي ته پاڙيسري مون سان همدردي ڪن، روز روز هو
مون کي تنگ ڪرڻ لڳا هڪ ڏينهن هڪ پاڙيسري جو
”سندن“دوست به هو ٻن سپاهين ۽ جاءِ (جنهن ۾ مان
رهندي هيس) جي مالڪ کي ساڻ وٺي آيو ۽ مون کي جاءِ
خالي ڪرڻ لاءِ چيائين، مان جاءِ جي مالڪ کان پڇيو
جنهن تي هن ٻڌايو ته ٽن مهينن جي مسواڙ ڪانه ملي
آهي.“
منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ دل ۾ ڪيترائي خيال پيدا ٿيڻ
لڳا. مون جاءِ جي مالڪ کي گهڻو ستايو مگر هن نه
مڃيو، آخر آئون شاهد کي کڻي گهر کان ٻاهر نڪري آيس
۽ جاءِ جي مالڪ کي چيم ته سندس جاءِ ڇڏي اٿم۽
مسواڙ جي عيوض هو منهنجو سڀ فرنيچر کڻي سگهي ٿو.
” زرين تون پنهنجو ڪجهه سامان وڪڻي به مسواڙ ادا
ڪري سگهين پئي؟“ مان جلدي زرين کان سوال ڪيو.
” ڪيئن وڪڻان؟ جنهن حالت ۾ ڪو خريدار ئي ڪو نه
هئو“ زرين جواب ڏنو.
”مطلب“؟ مون تعجب مان پڇيو، اهوئي ته مان سامان کي
وڪڻڻ چاهيو پر ڪنهن ڪونه خريد ڪيو.... ان ڪري آئون
شاهد کي کڻي سواءِ ڪنهن ٻئي ٽپڙ ٽاڙي وغيره جي وڃي
هڪ چاچيءَ وٽ رهيس جا منهنجي سڳي چاچي نه هئي پر
عام طرح سان سڀ کيس چاچي ڪري سڏيندا هئا، ڏيڍ
مهيني کانپوءِ مان محسوس ڪيو ته چاچي مونکي گهر
مان ڪڍڻ جي فڪر ۾ آهي. پر مان خود مجبور هئس، وڃان
به ته ڪيڏانهن.... پر پوءِ جلد ئي چاچيءَ پاڻ
مونکي ڪڍي ڇڏيو....آخر ڪجهه سوچي نوڪريءَ جي تلاش
۾ نڪتيس. ٻن ٽن جاين تي نوڪري ڪيم پر شاهد جي ڪري
مون کي اڌ مهيني کان وڌيڪ ڪنهن به نه رکيو ....
چار پنج روپيا جيڪي ڪمايم سي ته خرچ ٿي ويا....
ڪلهه کان وٺي نهايت مجبور ٿي هن ريت پنڻ شروع ڪيو
اٿم .... پر اڃا تائين هڪ کوٽو پئسو ڪنهن کان به
ڪين مليو اٿم. هن وقت وڏيون اميدون کڻي تنهنجي در
تي آيس جو ڀر وارن ماڻهن ڏاڍي پئي تنهنجي تعريف
ڪئي. مون کي خبر نه هئي ته اها ڪا تون هوندينءَ پر
مان يڪدم سڃاڻي ويس ته ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد هن
وقت ۾ ڊاڪٽرياڻي بنجي چڪي آهي۽ بيخبريءَ ۾ تنهنجو
نالو منهنجي زبان تي اچي ويو، تو جيڪو اڄ مون تي
احسان ڪيو آهي، اهو مان ڪڏهن به وساري ڪين سگهندس،
زرين جو پوري احوال ٻڌڻ کانپوءِ مان پنهنجي متعلق
کيس ٻڌايو ته هتي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڀاءٌ خليل(هو
ڪاليج ۾ پڙهندو آهي) ۽ هڪ نوڪر ۽ نوڪرياڻي سان گڏ
رهندي آهيان، والدين لاهور ۾ آهن.
مان خوشيءَ کان تقريباً بي قابو ٿي زرين کي
چيو:”زرين هاڻي جو تون به مون سان گڏ رهندينءَ ته
پوءِ اسان جي زندگي ڪيتري نه خوشگوار گذرندي.“
ثريا ڇا..... ڇا.........تون..... مون کي.... زرين
وڌيڪ ڪجهه به نه چئي سگهي.
ها! ها!زرين توکي هاڻي مون سان گڏ رهڻو پوندو....
مان توکي ڪيڏانهن به وڃڻ نه ڏيندس. تو گهڻائي ڏک
ڏٺا آهن. هاڻي انشاءالله تنهنجي زندگي نهايت آرام
۽ عزت سان گذرندي.
جواب ۾ زرين جي خوبصورت اکين مان هڪ دفعو وري
ڳوڙها ڳڙڻ لڳا.
ٽن.... ٽن... ڀر واري گهنٽا گهر مان رات جي ٻن وڳن
جو اعلان ٿيو.
هان! ٻه به ٿي ويا. اسان کي ڳالهين ڪندي وقت جو به
خيال نه ٿيو“زرين اچرج سان چيو:“ ثريا ڀيڻ !مان
تنهنجي ننڊ خراب ڪئي معاف ڪجانءِ“.
”نه نه زرين تون منهنجي ننڊ جو ڪو به خيال نه ڪر
سچ ته اڄوڪي رات نهايت مبارڪ رات آهي . جنهن
منهنجي وڇڙيل ڀيڻ ملائي. مان اهڙي رات تان سوين
ننڊون قربان ڪري ڇڏيان “. مون زرين کي خوشيءَ مان
جواب ڏنو.
زرين مشڪڻ لڳي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مان زرين کي هڪ اسڪول ۾
ماستريءَ جي جاءِ وٺي ڏني... اڄ ڪلهه اسان جي
زندگي نهايت آرام ۾ گذري رهي آهي . ننڍڙو شاهد
صحتمند ۽ تمام وڻندڙ ٻار آهي، سندس معصوم اشارا هر
ڪنهن کي پيار ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهندا آهن.
فرزانه شاهين مڱڻيجو
ڪَنڊن ڀري راهه
جڏهن به هن کي ڏسندي آهيان پنهنجو پاڻ کي الائي ڇو
مجرم تصور ڪندي آهيان. هن جا خاموش لُڙڪ جيءَ ۾
جهوري ويهي ڇڏيندا آهن. هن خزان رسيده وجود ۾ ڏکن
۽ محرومين جا سوين ڏار ان ڳالهه جي گواهي ڏيندا
آهن ته ڪيڏي نه بيدرديءَ سان هن پُر بهار وجود کي
اجاڙيو ويو آهي...... هن جا خيال، هن جون سوچون،
هن جا سپنا وقت کان اڳي پوڙها ٿي ويا آهن. آئون
جڏهن به امان وٽ ويندي هيس ته هن جو اجڙيل، وکريل
وجود ڪنهن مشين جيان ڪم ۾رڌل نظر ايندو هو ۽ جڏهن
مان هن کي چوندي هيس ته”ساجو ڇو پنهنجو پاڻ کي
حالات جي وهڪري ۾ لوڙهي ڇڏيو اٿئي. اگر تون هاڻي
به چاهين ته پنهنجي تقدير جو رُخ موڙي سگهين ٿي“.
هوءَ ڦڪي مرڪ پنهنجي هيڊن چپن تي آڻي هميشه اهو
خواب ڏيندي هئي: ”آپا ڇا ٿيو آهي مون کي....؟
جيئان پئي.... ڳالهايان.... کلان پئي..... اهوئي
سڀ ڪجهه زندگيءَ لاءِ ضروري هوندو آهي.“
۽ مان هن جي کوکلن ٽهڪڙن ۾ هُن جو لڪيل ڏک محسوس
ڪري سڏڪي پوندي آهيان. منهنجي دل چاهيندي آهي،
ڪاش! هوءَ مون سان وڙهي، مون کي بددعائون ڏئي....
پر هُن ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو آهي ته سندس
برباديءَ جو ڪارن مان آهيان؛ سندس خوشين کي برباد
ڪرڻ واري مان آهيان: منهنجي ڪارڻ هن کي ڏک ڏسڻا
پيا. خوشين کان محروم ٿيڻو پيو. هوءَ منهنجي ڪري
قربانيءَ جي ڍور جيان ڪسندي رهي...... مان سوچيندي
آهيان... مان ڪيڏي نه عيش سان ڀرپور زندگي گذاري
رهي آهيان۽ هوءَ ڀرپور بغير ڇت جي گهر ۾ عذاب جهڙا
ڏينهن گهاري رهي آهي. ڪاش! هوءَ به مون وانگر
روايتن کان منهن موڙي سماجي هٿ ٺوڪيل اصولن کي
ٽوڙي سگهي ها ....ڪاش! هوءَ به مون وانگر لوهه
جهڙا ڳرا لفظ اوڳاڇي غلاميءَ جي زنجير کي ٽوڙي
سگهي ها .... پر هن اجاين روايتن جو مانُ مٿانهون
ڪرڻ لاءِ وڏن جي غلط فيصلن آڏو پنهنجو ڪنڌ لنوائي
ڇڏيو.
ساجو منهنجي ننڍي ڀيڻ هئي، ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ
پڙهائي ڇڏي گهر جي ڪمن ڪارين ۾ لڳي وئي، پر مان
پنهنجي پڙهائي به جاري رکي ۽ سروس به ڪئي. منهنجو
مڱڻو ننڍپڻ ۾ ئي سوٽ سان ٿيل هو. جيئن جيئن هوش
سنڀاليم ۽ اهو شعور ميلم ته مان ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي
مرضيءَ خلاف ڪنهن سان ٻڌل آهيان ته منهنجي اندر ۾
پنهنجي نه هجن جو احساس ۽ ذات جي شڪست ٽچڪو مچائي
ڇڏيو ۽ مان هوريان هوريان ڀُرڻ لڳس. مان پڙهيل
لکيل باشعور ڇوڪري هيس ۽ منهنجو سوٽ عقل ۽ سمجهه
کانسواء سال پوئتي اڻپڙهيل ۽ جاهل ذهينيت رکندڙ
مردن جي انهيءَ ٽولي مان هو جن عورت ذات جو هميشه
استحصال ڪيو آهي. منهنجو سوٽ هڪ ڄنگهه کان منڊڙو ۽
شڪل جو اهڙو سادڙو جو سندس چهرو ڏسي ماني تان
ارواح کڄي ويندو هو، سو مان اهڙي شخص سان زندگي ڀر
جو سودو ڪيئن ٿي ڪري سگهيس، مان جڏهن به هُن جي
باري ۾ سوچيندي هيس ته من باغي ٿيڻ لڳندو هو. جڏهن
گهر ۾ منهنجي شاديءَ جي پچار ٿين لڳي ته مون قهرام
مچائي ڇڏيو. امان کي زهر کائي مرڻ جي ڌمڪي ڏني.
امان بابا ويچارا خود انهيءَ شاديءَ ۾ راضي ڪونه
هئا، پر خاندان ۾ ڌارين مان شاديءَ ڪرن جو رواج ڪو
نه هو، لولا لنگرا انڌا منڊا به پنهنجو سمجهي اکين
تي کڻندا هئا. چاچا کي ته بابا ننڍپڻ ۾ ئي زبان
ڏئي ڇڏي هئي سو بابا چاچا کان ڪنڌ ڪڍائي ڪو نه
سگهيو. پر مان ان مڱڻي تي راضي ڪونه ٿيس. ٺُپ جواب
ڏئي بيهي رهيس. امان بابا ڏاڍو سمجهايو پر آخر
مجبور ٿي منهنجي آڏو هار کاڌائون. بابا، چاچا کي
صاف ٻڌايو ته ڇوري شاديءَ لاءِ راضي نه ٿي ٿئي،
تنهن تي چاچو پهرين ته ڏاڍو ڀانڀورجي ويو ۽ بابا
کي چوڻ لڳو ته:”تو ڇوري کي پڙهائي لکائي دماغ خراب
ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ستن پيڙهين ۾ ائين ٿيو آهي
جو ڇوريون پنهنجي مرضيءَ جا مڙس گهرن“.
بابا ڏاڍيون ميڙا منٿون ڪري چاچا کي ان ڳالهه
تي راضي ڪيو ته تون زرينا جي بدران ننڍيءَ ڌيءَ
ساجو جو سڱ وٺ، پر جڏهن اها خبر مون واري سوٽ کي
پئي ته هو هٿن مان نڪتو پيو وڃي ۽ صاف صاف چيائين
ته شادي ڪندس ته زينا سان نه ته شادي ڪونه ڪندس،
پر منهنجي ضد اڳيان هو به هار کائي ويو ۽ ڏاڍي جهڳ
جهڳان کانپوءِ منهنجو سوٽ ساجو سان شادي ڪرڻ لاءِ
راضي ٿيو، ساجو لڙڪن جا ڪيترائي سمند جهاڳي پنهنجو
مٿو پٿريلي سماج سان ٽڪرائي، پنهنجو مرده لاش
پنهنجي ئي ڪلهن تي کڻي ان شخص جو هٿ پڪڙي رواني ٿي
جنهن شخص وٽ هن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار کانسواءِ ڪجهه به
ڪو نه هو ، صرف شاديءَ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ ئي
هزارين لڙڪ لڪائي پنهنجو اجڙيل وکريل وجود کڻي وري
ان چائنٺ تي بيٺي هئي، جتان کيس ڌوم ڌام سان رخصت
ڪيو ويو هو.
ساجو کي مڙس ان لاءِ ڌڪاري ڇڏيو ته سندس پسند ساجو
نه مان هيس ۽ منهنجي انڪار جو انتقام هُن ساجو کان
ورتو اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ورهيه گذري ويا،
ساجو جي وارن ۾ چانديءَ جون تارون چمڪي رهيون آهن
۽ هوءَ ڪنهن فالتو شيءَ وانگر پيءَ- ماءٌ جي در
پيل آهي. انهيءَ اوسيئڙي ۾ ته شايد سندس مڙس کي
رحم اچي وڃي ۽ هو هُن کي وٺي وڃي. پر مون کي يقين
آهي ته هو شخص ڪڏهن به نه ايندو ۽ ساجو جي جيون
جي خوبصورت ڏينهن ائين گذري ويندا.
مان سوچيندي آهيان.... ڪاش! ساجو به زبان جي تالي
کي ٽوڙي پنهنجو حق وڏي آواز ۾ گهري سگهي ها ته
جيڪر اڄ ائين ڪنڊن جي راهه تي پنهنجا پير رتو ڇاڻ
نه ڪري ها....
محسن ڪڪڙائي
مُڙس
”شاهه سائين! چاءِ چُڪڙو پيئبو ڇا؟“
” شرم نه ٿو اچي رمضان ۾ اهڙيون صلاحون هڻندي؟“
مون بزرگي ڏيکاري.
”نانگو“ تَپي باهه ٿي ويو هو . سندس کا ٻي مُڇَ
ڦَر ڪڻ لڳي هئي .
”نانگو“ پنهنجي خلوص سبب جيترو پنهنجي سنگت ۾
مقبول آهي. اوترو ئي تڪڙو تپي وڃڻ ۾مشهور. هونءِ
ته سندس ابي -امڙ جو رکيل نالو ”نذير “ آهي، پر
يار دوست کيس ”نانگو“ سڏن. شل نه کيسو گرم هجيس!
هڙ ۾ چار ڪوڏيون ٿيندس ته پوءِ اچي ڀوئري کڻندس.
دوستن جو آرام ڦٽائي ڏيندو. هڪ دفعي نصيحت ڪندي
چيو هومانس:
”نانگا، ٻيلي پئسو ايترو نه وڃاءِ، اهو ڪي ڪر جو
مينهن وسندي ڪم اچئي!“ |