سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ ڊسمبر 1991ع

مضمون --

صفحو :15

ڏهيءَ وارا پڪوڙا

گهربل شيون: وڏا وڏا ساوا مرچ ۽ ڏهي.

ٺاهڻ جو طريقو: وڏا ساوا مرچ کڻي انهن کي ڊگها چير ڏيو. اُنهن ۾ ڏهيءَ سان لوڻ ملائي ڀري ڇڏيو، پوءِ سڪايو. کائڻ وقت اُهي تري ڪري کائو.

اوٻاريل مڪائيءَ جا سنگ

مڪائيءَ جي سنگن جا ساوا ڇلڪا لاهي پاڻيءَ ۾ اوٻاريو. جڏهن داڻا ڳري وڃن ته لاهيو. گرم سنگن کي مکڻ، ڪارا مرچ ۽ لوڻ لڳائي کائو. گرم هئڻ ڪري مکڻ مڪائيءَ ۾ ملي ويندو ۽ ان کي سوادي  بڻائيندو. هنن سنگن کي گرم ئي کائڻ گهرجن.

پٽاٽي جا ٽوسٽر

گهربل شيون: ڊبل روٽيءَ جا سلائيس، اڌ ڪلو پٽاٽا،  ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ، ڦودنو، ڳاڙها مرچ، لوڻ ۽ ٿوري هئڊ.

ٺاهڻ جو طريقو: پٽاٽا اوٻاري ۽ کلون لاهي ڀوريو. ان ۾ سڀ مصالح ملايو. ڊبل روٽيءَ جا سلائيس کڻي پاڻيءَ ۾ تمام ٿوري دير ٻوڙي هڪ سلائيس مٿان ڀوريل پٽاٽا رکو ۽ مٿان ٻي سلائيس رکي بند ڪريو ۽ تئيءَ ۾ گيهه وجهي تريو. اهڙيءَ طرح  ٻيا سلائيس کڻي پٽاٽا ڀري گيهه ۾ ترينديون وڃو.

سنڌي ڪڙهي

گهربل شيون: 200 گرام بيسڻ، 50 گرام ڪوڪم ۽ 100 گرام گدامڙي، هڪ ننڍو چمچو جيرو، پٽاٽا، گوار، واڱڻ وغيره اهي سڀ ڀاڄيون ٿوريون ٿوريون (ڪل ڏيڍ پاءُ کن) لوڻ ۽ مرچ گهرج انوسار، ساوا ڌاڻا، ٽي- چار ٽماٽا، گيهه، هرٻو ۽ هئڊ وغيره.

ٺاهڻ جو طريقو: هڪ ڪيوي گيهه ۾ ٿورو جيرو وجهي، بيسڻ وجهي ڀڃو.  اُن ۾ منو سير کن پاڻي وجهي ڀاڄيون وڍي وجهو. ڀينڊيون  تري وجهو، گهرج جيتري هئڊ، لوڻ ۽ مرچ به وجهو. جڏهن ڀاڄيون ڳري وڃن ته ڪوڪم پاڻي ۾ ڌوئي ان ۾ وجهو. اُن سان گڏ گدامڙي جو پاڻي به وجهو، ٻه- ٽي دفعا ٽهڪڻ کان پوءِ ساوا مرچ، ساوا ڌاڻا ۽ ٽماٽا به ڪٽي وجهو پوءِ ٿوري گيهه ۾ هرٻي جيري جي رائي ڏئي مٿان وجهي ڇڏيو.

پٽاٽا ڀريل ڪريلا

گهربل شيون: اڌ ڪلو ڪريلا، اڌ ڪلو پٽاٽا 100 گرام بصر، ست اٺ ڦاڪون ٿوم، هڪ وڏو چمچو ڌاڻا، هڪ چمچو ڳاڙها مرچ،250 گرام ڏهي، گيهه يا تيل، ساوا ڌاڻا، گرم مصالحا، ٿوري ڪشمش ۽ لوڻ گهرج آهر.

ٺاهڻ جو طريقو: ڪريلن کي ڪپ سان ڇلي ڪري لوڻ لڳائي رکي ڇڏيو. پٽاٽا اوٻاريو. اوٻارجي وڃڻ تي کلون لاهي هٿ سان ڀوريو. ان ۾ ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ ۽ ادرڪ سنهي ڪري ۽ مرضي موجب لوڻ مرچ ملايو. باهه تي ڪڙاهي چاڙهي ٿوري  گيهه ۾ بصر سنهو وڍي اول ڀڃو ۽ ان ۾ برٿو ٿيل پٽاٽا چڱيءَ طرح ڀڃو ۽ پوءِ ٿورو گرم مصالح به ان ۾ ملايو ۽ برٿو ٿيل پٽاٽا جڏهن ڀڃجي  وڃن ته ڪڙاهي هيٺ لاهي رکي ڇڏيو. ڪريلن کي ڪجهه دير پاڻيءَ ۾ ڌوئو. پوءِ تيار ٿيل پٽاٽا ۽ ٿوري ڪشمش انهن ۾ ڀريو. ڌاڳي سان انهن کي ويڙهي لٽڪائي ڇڏيو. هڪ بصر، ٿوم، ڌاڻا، مرچ پسائي ڪڙاهي ۾ گيهه وجهي باه تي رکو ۽ ان ۾ باقي بچيل بصر وجهي ڀڃو. مصالح ڀڃجي وڃن ۽ گيهه ڇڏي ته ان ۾ ڪريلا وجهو ۽ ساواڌانيءَ سان اٿلائي پٿلائي ڪري تريو. ڏهيءَ جو ٿورو ٿورو انداز منجهس وجهندا وڃو ۽ ڪريلن کي اٿلائڻ پٿلائڻ ۾ ساواڌانيءَ کان ڪم وٺو جيئن اندر پيل پٽاٽا ٻاهر نه نڪرن، جيڪڏهن ڀينر ويشنو هجن ته اهي پٽاٽن بدران قيمون ڀري به اهڙا ڪريلا تري سگهن ٿيون.

ڪريم پيسٽري

شيون: بيدا 2 عدد، ميدو5 اونس، پيٺل کنڊ 5 اونس، ونيلا ايسنس هڪ ٽيبل اسپون، پيلو رنگ ڪجهه ڦڙا.

ترڪيب: بيدن کي بيٽر سان يا کائڻ واري ڪانٽي سان ايترو بيٽ ڪريو جو گج جيان هلڪو ٿي پئي ۽ اُڀامي پئي ان سان گڏوگڏ کنڊ به ملائيندا رهو. هاڻي ايسنس ۽ رنگ  شامل ڪريو. جڏهن اهو سڄو مصالحو پاڻ ۾ چڱيءَ طرح ملي وڃي ته ان ۾ ميدي کي آهستي آهستي شامل ڪندا وڃو ۽ ان دوران بيٽ ڪرڻ جي سلسلي کي جاري رکندا اچو. ان ٺهيل  مڪسچر کي ڪيڪ جي سانچي ۾ وجهي (سانچي کي ٿورو مکڻ لڳائي ان ۾ مکڻ تي لڳيل پنو لڳائي ان ۾ مڪسچر وجهڻ گهرجي، پيسٽري کي وڌيڪ سٺي بڻائڻ لاءِ مڪسچر  ۾ به بيٽ ڪرڻ وقت مکڻ وجهڻ گهرجي). اووَن ۾ 15 کان 20 منٽ پچايو. ٺهيل ڪيڪ کي  ٿڌو ڪري ڪنهن به شيپ ۾ ڪٽيو ۽ انهن ڪٽيل ٽڪرن کي ڪريم سان ڊيڪوريٽ ڪريو.

ڪريم ٺاهڻ جي ترڪيب:

مکڻ 8 اونس، پيٺل کنڊ 4 اونس

مکڻ ۾ کنڊ کي چڱيءَ طرح سان تقريباً 10 منٽن تائين  ايترو بيٽ (گڏايو) ڪريو جو گج جيان اُڀامي پئي. هاڻي ان تيار ٿيل ڪريم سان پيسٽرين کي سينگاريو ۽ فرج ۾ ٿڌو ڪريو جيئن ڪريم چڱيءَ طرح ڄمي وڃي يا تازو تيار ٿيل پيسٽرين کي ئي استعمال ڪريو، نهايت لذيذ پيسٽريون تيار ٿينديون ۽ پسند اينديون.

گهر ۾ توهان پاڻ شربت ٺاهيو......!!

*انناس شربت

گهربل شيون: هڪ پڪل انناس (پائن اپل)، هڪ ادرڪ جو ٽڪر، 3-4 پيالا کنڊ، 4 پيالا پاڻي، 3 ليما.

ٺاهڻ جو طريقو: انناس کي ڇلي پهرين ان جا ٽڪر ڪريو. ادرڪ سان گڏ سنهو پيسيو. کنڊ، پاڻي ۽ ليمي جي رس ملائي  گهاٽي چاشني ٺاهيو. پيسيل انناس تي گرم چاش پلٽائي ڪلاڪ کن تائين رکي ڇڏيو، پوءِ ان کي ڇاڻي برف سان ٿڌو ڪري پيئو.

*آرينج فلوٽ

گهربل شيون: 12 نارنگيون، سواد موجب کنڊ، 2 بوتلون سوڍا، آئيس ڪريم.

ٺاهڻ جو طريقو: نارنگين جي رس ڪڍو. سواد انوسار کنڊ ملائي ان کي ٿڌو ڪريو، جنهن مهل پيئڻو هجي ان وقت سوڍا ملايو. هرهڪ گلاس ۾ هڪ ٽڪر آئيس ڪريم وجهي پيئو.

*بنارسي ٿاڌل

گهربل شيون: هڪ لٽر ٿاڌل ٺاهڻي هجي ته هڪ لٽر پاڻي يا اڌ کير ۽ اڌ پاڻي مرضيءَ موجب، 375 گرام مصري يا کنڊ، 100 گرام ڇليل بادام، 50 گرام پستا، 20-25 داڻا ڪارا مرچ، 8-10 ننڍا ڦوٽا، ٿورو گلقند يا گلاب جل ۽ ڪيسر.

ٺاهڻ جو طريقو: بادا ۽ پستن کي ٿڌي پاڻيءَ ۾ 5-6 ڪلاڪ پسائي رکو. ڪارا مرچ، ڦوٽا ۽ گلقند الڳ پسائي ڪري رکو. بادام ۽ پستن جا ڇلڪا لاهيو. هڪ صاف ڌوتل ڪونڊي ۾ بادام ۽ پستن کي الڳ الڳ خوب باريڪ پينهين رکو. ڪارن مرچن، الائچي  ۽ گلقند کي به سنهو پينهين رکو. مصري يا کنڊ کي به گهرج جيتري پاڻيءَ ۾ پسائي ڪري رکو. ٻئي ماڻهوءَ جي مدد سان سنهي ململ جي ڪپڙي سان پهرين بادام جي ڪتر (پيٺل) کي پاڻي يا کير جي سهائتا سان ڇاڻيو، جيڪو مال بچي ان کي وري ڇاڻيو. اهڙي طرح جيستائين پورو مال ڇڻجي نه وڃي تيستائين ڇاڻينديون رهو. پوءِ ڦوٽن، ڪارن مرچن ۽ گلقند کي به ساڳيءَ طرح ڇاڻي ڳري ويل مصري يا کنڊ کي به ڇاڻيو. جيڪڏهن گلقند  نه وجهڻو هجي ته ان جي بدران گلاب جل وجهو. کير يا پاڻي به ڇاڻيو. هر ڪا شيءَ ڇڻجي وڃڻ تي گلاب جل ۾ گهوٽي ڪري ملايو. ٿاڌل ۾ ڪيسر جو رنگه اچڻ گهرجي. پوءِ اهي  هڪ برتن مان ٻئي برتن ۾ الٽائي- سلٽائي ملايو. ٿاڌل تيار آهي.

*انگور جي ٿاڌل

هي ٿاڌل تيار ڪرڻ  لاءِ 5-6 ڪلاڪ اڳ ۾ انگور کي ڇلي ۽ ڀوري ان جو مال پسائي رکو. هڪ لٽر ٿاڌل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 250 گرام انگور کپن. وڌيڪ هجن ته به هلندو. ٿاڌل اڳ ٻڌايل ڍنگه سان پاڻيءَ ۾ ٺاهيو. پوءِ ان ۾ کنڊ ان حساب سان ڇاڻي انگورن جي اندرئين مال جو پاڻي به ڇاڻي ڪري ٻه برتن کڻي چڱيءَ طرح ملايو.

*نارنگيءَ جي ٿاڌل

جيڪڏهن هڪ لٽر ٿاڌل ٺاهڻي هجي ته 4-6 وڏيون  ناگپوري نارنگيون کڻو. 400 گرام کنڊ به کڻو ضرورت هجي ته وڌيڪ به وجهي سگهجي ٿي. نارنگين کي ڇلي انهن جا ٻج ڪڍي ڪنهن برتن ۾ انهن کي هٿ سان ڀوري پاڻيءَ ۾ پسائي رکو. مٿئين طريقي سان بنارسي ٿاڌل ٺاهيو. پوءِ ان ٿاڌل ۾ نارنگين جي مال کي 4-5 ڪلاڪ پسائڻ کان پوءِ هلڪي هٿ سان مال کي نپوڙي ان جو پاڻي ٿاڌل ۾ ڇاڻيو. وڌيڪ پاڻيءَ جو ابيوگه نه ڪريو. ٿاڌل تيار ٿيڻ تي مٿي ڄاڻايل ڍنگ سان ٿڌي ڪري پيئو. هن ۾ گلاب جل جي ضرورت نه آهي.

*هنداڻي جو شربت

هڪ پڪل خوب ڳاڙهي رنگ جو هنداڻو (ڇانهين) کڻي ان کي وچ مان ڪپيو.  هڪ تکو ڪپ کڻي وڍيل هنداڻي کي سنهن سنهن ٽڪرن ۾ ورهايو.  هنداڻي جو سفيد حصو نه ڪپجڻ کپي. لعل حصن  جا سنها ٽڪر ڪرڻ کانپوءِ ان ۾ گهرج آهر انوسار کنڊ وجهي وري چاڪوءَ سان خوب ننڍا ٽڪر  ڪري کنڊ ملايو. پوءِ گلاسن ۾ اهو شربت وجهي ڪٽيل برف وجهي ڇڏيو.  برف وجهڻ سان شربت ڇڊو به ٿي ويندو آهي ۽ ٿڌو به. پنهنجي اڇا انوسار گلاب جل به وجهي سگهجي ٿو.

*ليمي جو شربت

گهربل شيون: هڪ ڪلو گرام ليمي جي رس،  هڪ ڪلو گرام کنڊ.

ٺاهڻ جو طريقو: ليمي کي اسٽيل جي ڪپ سان ڪپي رس ڪڍو. رس کي صاف ململ جي ٽڪري سان ڇاڻيو. پوءِ صاف بوتلن ۾ اڌ اڌ بوتل کنڊ ڀريو. پوءِ ڇاڻيل ليمي جي رس بوتلن ۾ منهن وٽان 5 سينٽي ميٽرن جي جڳهه ڇڏي ڀريو. بوتلن کي ٻوچ لڳائي چڱيءَ طرح بند ڪريو. انهن بوتلن کي 15 ڏينهن کان هڪ مهيني تائين اُس ۾ رکو. اُس ۾ پچڻ سان شربت هلڪي  گلابي رنگ جو ٿي ويندو. هيءُ شربت سال تائين به رکي سگهجي ٿو.

*انگور جو شربت

گهربل شيون: انگور جي رس هڪ ڪلو گرام، پاڻي هڪ ڪلو گرام ۽ کنڊ 800 گرام.

ٺاهڻ جو طريقو: کنڊ ۾ پاڻي ملائي  باه تي رکو. ٻن يا ٽن نارن جي شاچني ٺاهيو. باه تان لاهي چاشنيءَ کي ڇاڻيو.  پوءِ ان ۾ انگور جي رس ملائي هلڪي باه تي رکو. چاشني ٿوري گهاٽي ٿيڻ تي باه تان لاهي ٿڌي ٿيڻ لاءِ رکو. ٿڌي شربت کي بوتلن ۾ ڀري رکو ۽ ٻوچ ڏيئي ڇڏيو.

قمر شهباز

شاديون مراديون

شادي ته هرڪو ڪري، پر شاديءَ شاديءَ ۾ ڦير يا وري کڻي ائين چئجي ته گهوٽ ته هرڪو ٿئي، پر گهوٽ گهوٽ ۾ ڦير.

ڪو گهوٽ  ارڏو، ڪو اڻانگو، ڪو سٻاجهو،  ڪو سريلو، ڪو رسڻو، ڪو ڪسڻو ۽ ڪو وري ڪنوارو ئي ڀلو!

شادين جي مندَ آهي. ڏينهن ۾ ڏهه نمونا ڏسڻ ڪاڻ ملن ٿا. گهوٽ ڪراڙو ته زال ننڍي، جي گهوٽ ننڍو ته ڪنوار  ڏند کائي ڏاٺون پئي چٻاڙي.

رنگيءَ جا رنگ آهن، ڏسڻ وارا دنگ آهن.

رات شاديءَ ۾ ويو هوس. قاضيءَ نڪاح پڙهائي گهوٽ کان پڇيو: ”قبول اٿئي؟“

گهوٽ هوراڙيون هڻڻ لڳو.

ڪنهن پڇيس: ڇا ٿو ڳولهين؟

چيائين: ٻٽيهي  الائي ڪٿي ڪري پئي!

      هڪڙي ٻي شادي ياد اٿم.

ان ۾ به مولوي صاحب نڪاح پڙهائيندي پڇيو: فلاڻي ڌيءَ فلاڻي جي، توکي قبول آهين؟

گهوٽ چيو: پنج هزار.

مولوي صاحب چيو ته: قبول اٿئي؟

چيائين: ٻڌين نٿو، پنج هزار.

اتي گهوٽيتن  مان هڪ همراه اڳتي وڌي آيو ۽ چيائينس: چاچا ماڻهون ٿو کلائين. حق مهر ڪونه ٿو پڇئي.  قبوليت ٿو پڇئي.

گهوٽ ٻئي هٿ نراڙ تي وهائي ڪڍيا. چيائين: اڙي چوان ته ٿو ته پنج هزار، پنج هزار، سڀ ٻوڙا آهيو ڇا؟

*

هڪڙيءَ ٻي شاديءَ ۾ ويس.

گهوٽ سامهون گلن  جا هار پايو ٿلهي تي ويٺو هجي. راڄ مڙيو ويٺو آهي.

ڪنهن کان پڇيم ته گهوٽ ڇا ڪندو آهي؟

چيائون: وڏو واپاري آهي.

چيم: هوندو.

ايتري ۾ گهوٽ جي نظر منهنجي بوٽ تي پئجي وئي. چيائين: واه جو بوٽ آهي. ڪاريءَ مينهن جي کل جو آهي.

چيم: هوندو.

ڀر ۾ ويٺل  هڪ ٻئي همراه جي چمپل تي نظر پيس ته چيائين: اهو چمپل مهينو هليو ته  گنج ٿيا.

پڇيوسين: ڇو؟

چيائين: ڀوريءَ مينهن جي کل جو آهي.

اسان ڏاڍو حيران ٿياسين.

گهوٽ پنهنجي ٿيڻ واري سهري جي سليپر ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين: چاچا، اهو سليپر اُٺ جي کل جو اٿئي.

چاچو وڄي ويو. هوريان چيائينس: اڙي بس ڪر، ماڻهو ٿا ٻڌن. گهوٽ اڃا به وڏي آواز ۾ چيو: ماڻهو ٿا ٻڌن ته ڇا ٿيو اها خبر ڪيئن پوندن ته اهو اُٺ اسان ئي چورايو هئو؟

*

گهوٽ هجي جُهور پوڙهو، ڌڪي سان پيو ساههَ وڃيس. پوٽن ڏوهٽن وارو.  راڄن ڀاڳن وارو.

ڪنوار هجي ننڍي نيٽي.

مائٽن به پئسو  ڏسي کڻي ٽپو ڏنو هو.

ماڻهن ٻنهي ڌرين کي ڏاڍو سمجهايو ته بابا مڙي وڃو. اها ڳالهه چڱي ناهي زندگيءَ جو سودو آهي.  ٻاراڻي راند ته ناهي. ان ڪري اڃا به وقت اٿو.

پر گهوٽ مڙي ڇا؟ موڙ ٻڌي، سهي سنبري  ماڻهن جي ٽيڪ تي اچي ويٺو نڪاح ۾. اڃان ويرم ئي ڪونه گذري ته هاءِ گهوڙا مچي وئي ته گهوٽ گذاري ويو.

ڪنهن کان پڇيم ته ڇا ٿيو؟

چيائين: ٻي ته خبر ڪانهي، پر چون ٿا ته ويچارو ڏاڪڻ چڙهي مٿي آيو هو، اُڀساهي ۾ ئي دم نڪري ويس.

*

برسات جي موسم کي به خبر ناهي ڪيئن پتو پئجي ويندو آهي ته شهر ۾ شاديون آهن. بس، هيڏانهن شاديون شروع ٿيون، هوڏانهن برسات شروع ٿي. ويچارا شادين وارا وتندا ڪنڊون پاسا ڳوليندا، پر مينهن چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان.

اڄ صبح آفيس پئي آيس ته ڇا ڏسان ته سرڪاري باغ ۾ هڪڙو ماڻهون گلن جا هار ڳچيءَ ۾ پايو اڪيلو ئي اڪيلو بيٺو آهي. مٿان مينهن جو وسڪارو پيو پويس. ويجهو وڃي پڇيومانس ته: يار ڪير آهين؟

چيائين: ”گهوٽ.“

چيم: اتي ڇا بيٺو ڪرين؟

چيائين: تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪيان؟

ڳوٺان آيو هوس شادي ڪرڻ. عين وقت تي مينهن پئجي ويو. ڄاڃي سڀ خبرناهي  ڪيڏانهن ڀڄي ويا.

چيم: پوءِ تون به وڃين ڇو نٿو؟

چيائين: وڃان وري ڪيڏانهن؟ ڏسڻ ۾ اچيم ته وڃان نه؟ منهنجو ته چشمو به پاڻ سان کڻي ويا آهن.

*

پاڙي وارن جي هجي شادي. اخبار ۾اشتهار ڏسي رشتو ڪيو هئائون. ڇوڪريءَ وارن جو گهر به هڪ ئي دفعو ڏٺو هئائون. بس مهمانن جي ڀري وڃي پهتا ڪنوار وارن وٽ.

ڇا ڏسن ته پاڙي ۾ ٽي شاديون لڳيون پيون آهن. هر طرف قناتون ۽ بلب سجايا  پيا آهن.  اچي ڦاٿا ته اسان وارا همراه الائي ڪهڙا؟  گهوٽ جي ماءُ جو ضد ته پهرينءَ قنات وارا ڪنواريتا اسان جا آهن. گهوٽ پيءُ چوي  ته نه، آخريءَ قنات  وارا اسان  جا ڪنواريتا آهن. چپ ڪري بيهي رهيا.

هڪڙي پاڙي واري بيٺي لقاءُ ڏٺو، سو وڌي وٽن آيو. چيائين: ڀُلا آهيو ڇا؟

چيائون: هائو ٻيلي.

چيائين: ته پوءِ چڱائي ان ۾ اٿو ته موٽي وڃو. منهنجي شاديءَ تي به ڄاڃي ڀلجي پيا هئا، ۽ مان اڃان تائين پيو ٿو ڪيتو لوڙيان. اصلي ڪنوار جي بجاءِ سندس نوڪرياڻي سان شادي ٿي وئي هئم.

شمس الدين سومرو                                   مزاحيات

مون کي پنهنجن مارايو.....!!

حضرت عزرائيل  جي ڪنهن انسان سان دوستي هئي. هو  ٻيئي پاڻ ۾ ڏاڍيون ڪچهريون ڪندا هئا. ڪيڏي ڪيڏي مهل ته ماني ٽڪي ۽ سير تفريح لاءِ به گڏ ويندا هئا.

حضرت عزرائيل پنهنجي دوست انسان کي هر روز اهي خبرو پيو ٻڌائيندو هو ته ”اڄ فلاڻي ماڻهو جو ساهه ڪڍيو پيو اچان ۽ هاڻي فلاڻي انسان جو ساهه ڪڍڻ ويندس.“ ڪيڏي ڪيڏي مهل هڪ ٻن ڏينهن جا پروگرام به ٻڌائي ڇڏيندو هوس ته ”سڀاڻي فلاڻي انسان بس ۾، ريل گاڏيءَ ۾، هوائي جهاز ۾ ۽ پرينءَ اسپتال ۾ هيترن هيترن ماڻهن جو ساهه ڪڍڻو اٿم.“

اهي ڳالهيون ٻڌي هڪ ڏينهن حضرت عزرائيل  جي دوست انسان کي اچي اهو خيال ٿيو ته آخرڪار مرڻو ته مون کي به آهي ۽ اها به کيس پڪ هئي ته سندس ساهه به سندس دوست حضرت عزرائيل  ئي ڪڍندو. وري ڪيڏيءَ مهل اهو به خيال ايندو هوس ته عزرائيل ته منهنجو دوست آهي. پوءِ دووست سان بيوفائي ڪيئن ڪندو ۽ پنهنجي دوست جو ساهه، پنهنجي هٿن سان ڪيئن ڪڍندو‎!

اها پڪ هجڻ جي ڪري، هُن انسان پنهنجي دوست عزرائيل جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. جڏهن   به سندس دوست عزرائيل ساڻس ملڻ ايندو هو ته  هو اُن لاءِ سٺا سٺا ميوا،  انب، زردالو، ڦاروا، ڇانهيون، صوف، پپيتا،  ڏاڙهون ۽ انگور وٺي رکندو هو ته جيئن  عزرائيل کائي خوش ٿئي.

ڪيڏيءَ مهل عزرائيل لاءِ کاڌي پيتي جو ايترو ته سٺو انتظام ڪندو هو، جو عزرائيل لاءِ هڪ پاسي ٻڪريءَ جي رانن جون سيخون،  پلي ۾ پلاءُ، تريل پلا ۽ تريل آنيون ۽ ٻي پاسي ڪڪڙن جي برياني، ڪڪڙ جو ڀڳيلو، ڪڪڙ  جو روسٽ، مڇين جا ٻوڙ، اوٻاريل بيضا، آنن جو حلوو، ڦوٽن جي خوشبوءِ واري برياني، نان ڪباب تيار ڪرائيندو هو. وات جي ذائقي  بدلائڻ لاءِ سويٽ ڊش ۾ بهترين  مٺايون، بمبئي بيڪري وارن جا ڪيڪ، مهراڻ ڊيري جي آئيس ڪريم رکندو هو. دير هضم ۽ طاقتور کاڌي کي جلد هضم ڪرڻ لاءِ سيون اپ، ببل اپ مرنڊا  ۽ پيپسي ڪولا جو انتظام ڪيو ويندو هو. ازان  سواءِ ٺٽي مان تمام اُچن ۽ معياري شربتن ابريشم ۽ صندل جو انتظام ڪيو ويندو هو.

بهرحال هن انسان  پنهنجي دوستي نباهڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر ڪانه ڇڏي ته جيئن عزرائيل سندس خيال ڪري ۽ پڪي دوستيءَ جي ڪري سندس ساهه نه ڪڍي.

هڪ ڏينهن حضرت عزرائيل ۽ سندس دوست بجاءِ گهر ۾ ويهي کائڻ  پيئڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي، شهر جي هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽل ۾ وڃي ويٺا.  ڏسندي ڏسندي سڄي ٽيبل چڪن ڪورن سوپ، چڪن تڪه، چڪن برياني، گوشت جو ٻوڙ، نان ڪباب، سلاد ۽ انيڪ طعامن سان ڀري پيئي هئي. ان ڏينهن حضرت عزرائيل جو موڊ ڏاڍو سٺو هو. سو سندس دوست انسان موقعي جو فائدو  وٺي، پنهنجي دل جي ڳالهه ڇئي ڇڏيس. چيائينس ته : ”يار، عزرائيل! پنهنجي هيڏي پڪي دوستي آهي، اڄ مون کي اهو ٻڌاءِ  ته ڇا تون منهنجو ساهه به ڪڍندين؟“

عزرائيل ڪڪڙ جي ٽنگ کي چڪ هنيو ۽ چاٻو ڏيندي، چيو: ”ها! مان ئي تنهنجو ساهه ڪڍڻ ايندس، ٻيو ڪير آهي، جيڪو تنهنجو ساهه ڪڍندو.“

هاڻي عزرائيل جي دوست انسان کي پڪ ٿي ته سندس ساهه، سندس ئي دوست عزرائيل ڪڍڻ ايندو. ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پيئندي عزرائيل کي نماڻائيءَ سان عرض ڪيائين ته: ”يار! پوءِ دوستيءَ ۾ تون مون تي اها ته مهرباني ڪري سگهين ٿو، جو مون کي اڳواٽ ٻڌائين ته تون منهنجو ساهه ڪڏهن ڪڍڻ ايندين.“

 عزرائيل وات ۾ پيل ڪڪڙ جي ران کي زور زور سان چٻاڙيندي، ڳيت ڏئي، سندس دوست انسان کي چيو ته: ”ادا! اهو ناممڪن آهي، انڪري جو اڄڪلهه مون اڳواٽ آرڊر وٺڻ ڇڏي ڏنا آهن. وڌ ۾ وڌ هڪ ٻن ڏينهن جي بڪنگ رکندو آهيان. ان جي اڳواٽ خبر ڏيڻ منهنجي وس ۾ نه آهي. ڇو ته ڪيڏي ڪيڏي مهل اهڙا ته ايمرجنسي آرڊر ملندا آهن، جو ٻن منٽن جو به وقت مليل نه هوندو آهي،  پر اهو سڀ ڪجهه تون ڇو ٿو پڇين؟ دوست.“

”ادا! اهو سڀڪجهه آئون ان ڪري ٿو پڇان ته تون منهنجو دوست آهين. گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه وقت اڳ ۾ ٻڌائيندين ته مان دنيا ۾ کائي پي وٺندس ۽ ڪي رهيل ڪم به پورا ڪندس.“

”تون پنهنجا ڪم اڄ ئي ڇو نٿو پورا ڪري ڇڏين، جو پوءِ توکي عين وقت تي تڪليف ٿئي. مان ائين نٿو ڪري سگهان، جو توکي اڳواٽ ٻڌايان.“ عزرائيل چيو.

يار! ڏس، مون تنهنجيون هيڏيون خدمتون ڪيون آهن ۽ تنهنجي دوستي نڀائڻ لاءِ مون ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. پوءِ به تون مون کي اڳواٽ اطلاع ڪونه ڏيئي سگهندين!“ انسان، عزرائيل کي مسڪو هڻندي چيو.

عزرائيل سائي سلاد جا پَنَ وات ۾ وجهندي مسڪرائيندي چيو ته: ”تون مون کي پنهنجا احسان نه ٻڌاءِ، آئون تولاءِ صرف ايترو ڪري سگهان ٿو جو هاڻي مان جڏهن به توسان ملڻ ايندس ته اچي تنهنجي پيرانديءَ کان بيهندس. ان مان تون سمجهي وڃجانءِ ته مان توسان ملڻ لاءِ آيو آهيان، ۽ جڏهن به مان تنهنجي سيرانديءَ کان اچي بيهان ته پوءِ تون سمجهي وڃجانءِ ته اڄ تنهنجو آخري ڏينهن آهي ۽ مان تنهنجو ساهه ڪڍڻ لاءِ آيو آهيان.“

اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ عزرائيل جي دوست انسان کي تسلي ٿي ۽ وري ڪجهه بچاءُ به ٿي ويس.

ائين عزرائيل  ۽ انسان کي روزانه ملندي ورهيه گذري ويا. عزرائيل جڏهن به وٽس ايندو هو ته اچي پيرانديءَ کان بيهندو هوس ۽ پوءِ هو هاٿي، گهوڙي، اُٺ ريل گاڏي يا هوائي جهاز ۾ چڙهي، سيرو تفريح ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ نڪري ويندا هئا.

هڪ ڏينهن دستور  موجب جيئن حضرت عزرائيل وٽس آيو ته بجاءِ پيراندي کان بيهڻ جي، اچي سيرانديءَ کان بيٺس. اها حالت ڏسي عزرائيل جو دوست انسان سمجهي ويو ته اڄ هيءُ سندس ساهه ڪڍڻ آيو آهي. سو نڪا کائڻ پيئڻ، نڪا سير و تفريح جي صلاح ڪيائينس ۽ نڪو پچيائينس ته تون ڇو آيو آهين؟  ماٺ ڪري اُٿي مٿان رلي وجهي پيراندي عزرائيل ڏانهن ڪيائين ۽ اکيون پوري سمهي رهيو.

حضرت عزرائيل جيئن ئي هن جو ساهه ڪڍڻ لاءِ هٿ وڌايا ته ڏٺائين ته سندس دوست انسان جي سيراندي ته کٽ جي ٻئي پاسي آهي. سو وري ڦري سندس سيراندي کان اچي بيٺو. هُن جو ٿوري دير کان پوءِ اکيون کوليون ته ڏٺو ته عزرائيل مٿي کان بيٺو هوس، سو وري ٽپ ڏيئي پير عزرائيل ڏانهن ڪري وري وڃي کٽ جي ٻئي پاسي سُتو. دوست عزرائيل ڇا ڪيو جو وري وڃي سندس سيرانديءَ کان بيٺو. اها حالت پندهن ويهه دفعا ٿي.

انهيءَ ڀڄ ڊُڪ ۾ عزرائيل جي دوست جا گهر وارا سجاڳ ٿي پيا ۽ پنهنجي گهر جي وارث کي بار بار کٽ جي سيراندي ۽ پيراندي کان ابتو  سبتو ٿيندو ڏسي، اچي پريشان ٿيا ته کيس الائي ڇا ٿي ويو آهي. ٻانهن تي هٿ لائي ڏٺائونس ته بخار جا مچ لڳا پيا هئس، سو خيال ڪيائون ته هن کي ڦيريون  پائيندي ڪافي  وقت ٿي ويو آهي ۽ ائين جي اڃان به ڦيريون پائيندو  رهيو ته خبر نه آهي ته هن کي ٻيو ڪجهه ٿي پوي ۽ پوءِ ان لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهون. سو هڪ همراهه ڊوڙي ويو ڪنهن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر کي وٺڻ.  تيسين ٻين گهر  جي ڀاتين هن کي کٽ تي رسين سان ٻڌي ڇڏيو. هو جڏهن ٻڌجي قابو ٿي  ويو ته سندس دوست عزرائيل اچي سيرانديءَ کان بيٺس. تڏهن عزرائيل کي ڏسي چيائين: ”دوست! توتي ڪا ميار نه آهي. مون کي پنهنجن مارايو آهي. هنن کي ڪهڙي خبر ته مون سان ڪهڙي ويڌن آهي. نه منهنجا مائٽ مون کي ٻڌن ها ۽ نه ئي تون منهنجو ساهه ڪڍين ها! مان سڄي زندگي توکي پيو ڦيريون پارايان ها ۽ ائين ٻيا انسان به ساهه نڪرڻ کان ڇُٽي پون ها.“

نذير ناز

مهانگائيءَ جو ٻيو نالو- رمضان

هاڻي رمضان المبارڪ بس آيو ڪي آيو. جڏهن توهان هي ڪالم پڙهندا هوندا، توهان رمضان المبارڪ  جي پهرين ڏهاڪي ۾ هوندا.

۽ انهيءَ پهرئين ڏهاڪي ۾ توهان جي جيڪا حالت هوندي، سا ڏسڻ جوڳي هوندي. منهن لٿل، چپ خشڪ، چيلهه ٻيڻي ۽ ائين لڳندو ڄڻ توهان اهي ڏهه ٻارهن روزا ناهن رکيا، ڄڻ ورهين کان ئي توهان روزا رکندا اچو.

هن ڀيري  رمضان شريف پاڻ اڪيلو ته ڪونه آيو آهي. پاڻ سان گڏ گرمي به ساڻ آندي اٿس.

رڳو گرمي ساڻ هجي ته پوءِ به کڻي منهن ڏجيس، پر سائين  انهيءَ سان گڏ مهانگائي، مهانگائي ڏسي اڌ رت خشڪ ٿي ويندو باقي اڌ رت سا گرمي سڪائي ڇڏيندي.

پر هن ڀيري گرمي کي نڪو پکو ٿو روڪي سگهي، نڪو اي. سي گرمي کي ٿڌو ڪري سگهي ٿو. ڇو جو لوڊ شيڊنگ جي ڪري، سڄي حيدرآباد ۾ به بجلي گم.

هينئر توهان صدر ۾ آهيو ۽ روزي سان آهيو ته ڪلاڪ لاءِ صدر جي علاقي جي بجلي گم، انهيءَ وقت جي وڃجي ته ڪاڏي وڃجي. پوءِ رڪشا ۾ ويهي حيدرآباد ۾ ڪنهن واقف وٽ وڃي سک جو ساهه پٽيو. پر اڃا توهان حيدرآباد ۾ ويهي دُعا سلام نه ڪئي هوندي ته اُتان بجلي گم. اهڙي موت مار گرمي ۾ ڇا ڪجي؟ اتان ڀڄي وري گاڏي کاتي پهچو، گاڏي کاتي جي بجلي گم.

مطلب ته اهڙي موت  مار گرميءَ ۾ روزو رکي ٻه گهڙيون سک جي ننڊ به سمهي نٿو سگهجي.

اهڙيءَ گرميءَ ۾ توهان هر هنڌ فون ڪندا، پڇندا رهو، جتي جتي بجلي هجي اُتي جا چڪر، مطلب ته سڄي حيدرآباد جا چڪر هڻندا وتو. تڌهن ئي اوهان گرميءَ کان بچي سگهو  ٿا، پر اهڙي گرميءَ  ۾ سو به روزي سان، ايترا چڪر هنيا ڪنهن کان ٿيندا.

هن هڻ هڻان ۾ جيڪو ساهه بچيو هجي، پوءِ اچي ڪريو روزي کولڻ جي تياري. هاڻي روزي کولڻ لاءِ برف ڪٿان اچي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي گم، اُن ڪري فرج ۾ برف ڄمڻ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. برف حاصل ڪرڻ جو ذريعو، سو آهي بازار، بازار مان برف وٺڻ تي جيڪا لٺ ٿي لڳي سا ته ڏسڻ  وٽان هوندي آهي.

چئين وڳي کان برف وٺڻ تي لائين لڳي ويندي آهي ۽ هڪ روپئي جي برف ايتري ملي ٿي، جو مان سمجهان ٿي ته رڳو گهر تائين ايندي ايندي، برف جو چورو هٿن ۾ هوندو آهي، باقي برف جو نالو نشان نه بچندو آهي. اسان جي قسمت ۾ هاڻي رڳو نلن جو ڪوسو پاڻي لکيل آهي، سو به اهڙو گرم پاڻي جو پاڻي ۾ هٿ وجهندي، دوزخ جو پاڻي ياد اچيو وڃي. نڪو برف قسمت ۾، نڪو ٿڌو پاڻي. پر اهو باهه جهڙو پاڻي جيڪو امرت دهارا وانگر  قطرو قطرو ٿي نلن ۾ اچي ٿو، سو ڄڻ  پاڻي نه هجي، آب حيات هجي، سڄو ڏينهن نل بند. شام جو باهه جهڙو امرت دهارا قطرو قطرو ٿي ملي، پوءِ پاڻي پيئجي يا وهنججي؟

ڇا ڪجي پاڪستان ۾ فضول خرچي ته نٿي ڪري سگهجي. فروٽ ۽ ٻيون شيون فراخ دليءَ سان استعمال نٿا ڪري سگهون. پر اسان کي پاڻي به آل جال  نصيب ۾ ناهي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻي لاءِ ته اسان کي نه سِڪايو وڃي. شهري آخر ٽيڪس ڇا جا ٿا ادا ڪن؟

رڳو بجلي ۽ پاڻي جو مسئلو هجي ته به ٺهيو، هت ته انيڪ مسئلا آهن، جيئن رمضان المبارڪ آيو، توهان جو منهن به لٿو ۽ کيسا به خالي، باقي واپارين جا پيٽ ويندا وڌندا.

اها اخبار ۾ خبر پڙهي اٿم ته: رمضان ۾ ڪتل، جهرڻا ۽ پٽاٽن جي قيمت تي نظر رکي ويندي.

ٻڌو اها خبر، يعني اسين رڳو ڪتل ۽ پٽاٽا ئي کائينداسين. کڻي ائين ڪريو، جو سحري جو پٽاٽا کائون ۽ شام جو باهه جهڙو پاڻي ۽ ڪتل، باقي ٻيو الله الله خير سلا. بجلي اسان جي قسمت ۾ ناهي، برف اسان کي ملي نٿي. پاڻي سو رڳو قطرو قطرو ڦڙو ڦڙو. واهه ڀائي اسلامي ملڪ. باقي ٻڏڻ لاءِ  ڄام شوري جو درياه ۽ ڪوٽڙي جي پل نصيت ۾ آهي.

اڃان رمضان شريف آيو ئي ڪونه هو، ته ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ اچي ويئي هئي. جن شين جي قيمت ۾ واڌ آئي هئي، سي اهم ۽ ضروري شيون آهن. بناسپتي گيهه، تيل، گوشت وڏو/ ننڍو، ڀاڄيون، چانهه، کير ۽ بيڪري جون شيون.

يعني پيش قدميءَ  طور، اڳي ئي قيمتن ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو هو. حالانڪ بجيٽ کان اڳي واڌ ڪرڻ جو ڪو جواز ئي ڪو نه هو. پر هنن کي ڪير چوي، سڀڪو پنهنجي ۾ لڳو پيو آهي.

حالانڪ صوبائي حڪومت ڪائونسلر ۽ مئجسٽريٽ کي چيڪنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جيڪي پرائس ڪنٽرول ائڪٽ ۽ فوڊ اسٽف ائڪٽ جي تحت جرمانو ڪندا. ڪنهن تي سئو، ڪنهن تي ٻه سئو روپيا. پر هي معمولي جرمانو، هنن نفع خورن تي اثر انداز ئي ڪونه  ٿيندو، جو ٻئي ڏينهن هو عوام مان اها ڪسر پوري ڪريو ڇڏين.

منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي، حڪومت هوندي به هر شيءَ جي قيمت  ۾ واڌ ڇو ايندي ٿي رهي ۽ سڀ کان  وڌيڪ واڌ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ ڇو؟ حالانڪ ڪمشنر صاحب شڪايت جو مرڪز قائم ڪندو آهي ته دڪاندار ايماندر مسلمان وانگر وعدو ڪندا آهن ته اسين  رمضان شريف ۾ قيمتن ۾ واڌ ڪونه  آڻينداسين. پر هي واپاري طبقو سڌري وڃي، ناممڪن ڳالهه آهي. ڪتي جو پڇ سؤ  سال کان پوءِ به ونگو جو ونگو.

منهنجي خيال ۾ جيڪو مقرر قيمت ۾ واڌ آڻي، ته اهڙن نفع خورن کي جيل جي حوالي ڪيو وڃي ۽ پورو رمضان هو جيل جي ماني کائي، پاڻ کي اسمارٽ ڪن، محنت ڪن ۽ کين احساس ٿئي ته پئسو ڪيئن ڏکيو ٿو ملي. فقط ويٺي ويٺي لکا پتي ٿي ٿا وڃن. ڇا رمضان شريف جو مطلب ئي مهانگائي آهي؟

هي خط منهنجي نالي

سانئڻ نذير ناز

سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ جون واڌايون قبول ڪندا

ادل سومرو

مانواري محترمه پياري ڀيڻ

نذير ناز صاحبه

اسلام عليڪم:

ڀيڻ اُميد ته خوش هوندا

عرض ته اوهانجي ٽماهي سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ واري خبر پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پڪ  ٿي ته سرتيون هاڻ سڄاڻ ذهن ڀيڻ جي حوالي آهي. نئين ذميواري ملڻ تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته مون جيان ٻيون به لکندڙ ڀينرون خوش ٿيون هونديون. مون پاران سڪ ۽ پريت مان واڌايون  قبول ڪندا.

ها ادي ياد آيو ته هڪ اسٽوري ”خوش فهمي“ جي عنوان سان موڪلي هيم ان جي ته سنڀار لهجو اسٽوري سان گڏ فوٽو به موڪليو هيم. اُميد  ته سرتيون اوهانجي  اڳواڻي ۾ ڪاميابيون ماڻيندو.

اسان جون دعائون ۽ هڙ همدرديون اوهان سان گڏ آهن. جيڪڏهن جواب جي چٽڪڙي سان نوازيو ته مهرباني  ٿيندي.

وڌيڪ خيريت

روبينه بلوچ

سانئڻ نذير ناز صاحبه

شل سرهي رهين سدا!

سرتيون کي ايڊٽ ڪرڻ جون ذميواريون سنڀالڻ تي دل جي گهراين سان مُبارڪون اوهان جي حضور!

سارنگ ٻڌايو ته ادي نذير کي سرتيون جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو آهي. سچ ته سرهائ به ٿي ۽ اها آس اٿم ته سرتيون جو معيار به سڌرندو.

اوهانجو پنهنجو

ننڍو ڀاءُ

اسد ڪيريو

مانواري ڀيڻ نذير ناز صاحبه!

سدا سلامت رهو

اسلام عليڪم:

عرض ته عوامي آواز ۾ خبر پڙهي  ته توهان کي ”سرتيون“ جي چارج ڏني وئي آهي.  خبر پڙهي بيحد خوشي ٿي. اوهان جهڙي ئي شاعره،  اديبه ۽ دانشور کي اهو اعزاز سونهين ٿو. اميد ته ٽماهي سرتيون کي جديد ادب سان وڌيڪ سينگاريندؤ.

مون اڳ به سرتيون  جي ايڊيٽر ڏانهن ڪهاڻي موڪلي آهي. جيڪو آءُ سمجهان ٿو ته توهان کي سمورو مواد ڏيندا. بهرحال تنهن هوندي به هڪ غزل موڪلي رهيو آهيان. اميد ته سرتيون جي معيار تي پورو لهندو.

اوهان  جو پنهنجو

مهر خادم

مانواري ڀيڻ

نذير ناز صاحبه

اسلام عليڪم:

وڏي خوشي جي ڳالهه ته اها آهي جو توهان رسالي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر بنجي چڪا آهيون تنهن لاءِ توهان کي مبارڪ هجي. ادي هاڻ منهنجا به وڏا ڀاڳ جو هاڻ منهنجا مضمون، لکڻيون،  شاعري ۽ تصويرون ”سرتيون“ جي صفحن جا سينگار بڻبا.

فقط توهانجو ڀاءُ

محمد سليمان پٺاڻ ”پرڏيهي“ بدين

 

مانواري نذير ناز صاحبه!

اسلام عليڪم:

مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جو اوهان کي  سرتيون رسالي جو ايڊيٽر منتخب  ڪيو ويو، اوهان کي جس آهي جو اوهين ايترا سارا بار کڻو پيون.

ناري پبليڪيشن ۽ ان طرفان ڪتاب سهيڙڻ وري سرتيون  جو بار اسان جي دعا آهي توهان جي اڳواڻي ۾ هي پرچو نهايت ڪامياب ويندو.

ادي منهنجو مواد سرتيون لاءِ اماڻيل آهي تڏهن به ياداشت  ۽ اوهان جي خدمت ۾ هي مواد موڪليان  پيو اميد ته توهان پاران ساٿ ملندو.

مهرباني

مير منظور راڄپر

نواب شاهه

ادي ”نذير ناز“ هميشه مُرڪندي رهين

اخبار ۾ پڙهيوسون ته توهان کي ”سرتيون“ رسالي جي ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ان جون توهانکي لک لک مبارڪون. ۽ ”سرتيون“ ڪڏهن شايع ٿيندو.

توهانجو ڀاءُ

دليپ ڪوٺاري مٺي

 

ڀيڻ نذير ناز پهريان ته اوهانکي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر ٿيڻ جون لک مبارڪون هجن اميد ته قبول ڪندا.

”داشوار“ امداد

خزانچي

سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ

ضلع نوشهرو فيروز

قابل احترام،

مانواري،

نذير ناز

 اسلام عليڪم

آپا اميد ته خيرت سان هوندا،

آپا اسين توهان کي سرتيون  جو ايڊيٽر ٿيڻ تي دلي مبارڪون ڏيون ٿا. اسان کي خوشي ٿي آهي ته سرتيو کي توهانجي رهنمائي حاصل ٿي اميد ته سرتيون کي معياري رسالو بنائي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي سنڌي نارين جي ذهني تربيت ڪندا.

اسان جو ساٿ اوهان سان هميشه رهندو.

مهرباني

لکندڙ توهانجا پنهنجا

ذوالفقار ”ناصر“ ساريو

حميد ”ناز“ سومرو

نائب صدر پريس ڪلب باڊهه

 

مانواري سرتيون ايڊيٽر نذير ناز

اميد آهي ته خيرت سان هوندا

جيئن ته خانواهڻ جي ڌرتي ڪيترن ئي عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي جن مان ڪيترائي نالا قابل قبول آهن تن مان ڊاڪٽر نجم عباسي، ڪلا پرڪاش، پارس حميد، ڊاڪٽر منظور قادر ۽ اوهان نذير ناز اسان جي سنڌ جي سر زمين تي ادبي ميدان ۾ اوليت جو درجو عطا آهي ۽ مان به ان ئي شهر خانواهڻ جو هڪ ادب دوست سرتيون رسالي لاءِ مواد موڪلي  رهيو آهيان اميد آ  ته مايوس نه ڪندا ۽ صفحي ۾ ڪنهن چونڊ تخليق کي جاءِ ڏيندا.

مهرباني

جوائنٽ سيڪريٽريا ادبي سنگت

بيوس بچل سيال

 

محترمه ڀيڻ  نذير ناز صاحبه

اسلام عليڪم: عرض ته مونکي جڏهن اوهان جي ايڊيٽر ٿيڻ جي خبر پئي ته  ڏاڍي دل کي خوشي محسوس ٿي.

وڌيڪ توهانجي ڀيٽ لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن.

فقط

رياض پارس ملاح

آڊيٽر سنڌي ادبي  سنگت

خانواهڻ

 

جيئي حضرت قبله استاد طالب الموليٰ صاحب

ادي شال خيرت سان هُجو

ايڊيٽر سرتيون ادبي بورڊ ڄام شورو

پياري ڀيڻ محترمه آپا نذير ناز صاحبه

اسلام عليڪم، ته هت سڀ خير آهي، خير عافيت اوهان لاءِ ڌڻي در صبح شام دعاگو آهيان. وڌيڪ  احوال ته، ادي اوهانجو غريب ڀاءُ اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي.

ادي: اوهانکي سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ تي دل جي گهراين سان دلي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو، مونکي اميد آهي ته اوهانجي رهنمائي ۾ رسالو اڳي کان اڳڀري منزل ماڻيندو، منهنجي دعا آهي ته رب پاڪ اوهانکي  وڌيڪ محنت ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي. منهنجون دعائون ڀيڻ اوهان سان گڏ آهن، الله ڪري خيريت سان هُجو.

محمد اسماعيل خاصخيلي

قابل احترام

ميڊم نذير ناز

اسلام عليڪم

ميڊم جيئن ته خبر ٻڌم ته ”سرتيون“ جي نئين ايڊيٽر جي چارج اوهان کي ملي آهي، سو ڀلي ڪار ۽ مبارڪون هجن اوهان کي. ميڊم خبر ناهي ”سرتيون“ جو ”اپريل کان جون“ جي شماري کانپوءِ به نئون شمارو شايع ٿيو آهي الائي نه ۽ ميڊم منهنجو مواد به ”سرتيون“ لاءِ پهتل هيو ايڊيٽر وٽ، خبر ناهي نئون مواد ٿا گهرايو الائي نه، مهرباني ڪري هن جوابي لفافي سان جواب جا ٻه اکر ضرور عنايت ڪندا.

مهرباني

خير جي دعائن سان

شاهده تارا ڀٽي

 

ادي  نذير ناز!

اسلام عليڪم: سڀ کان پهرين منهنجي طرفان ”سرتيون“ جي ايڊيٽر  ٿيڻ تي دلي مبارڪون قبول ڪندا.

ادي مان ننڍپڻ  کان وٺي ڪهاڻين لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ جو شوق رکندي پئي اچان. سنڌي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ اسين ڪوشان آهيون اميد ته توهان اسان جون لکڻيون شايع ڪري پورو پورو ساٿ ڏينديون.

اوهان جي ڀيڻ

عابده قاصد ميمڻ مٽياري

 

مانواري نذير ڀيڻ

مونکي بيحد تمام گهڻي خوشي  ٿي. جڏهن اخبار ۾ پڙهيم ته اوهان کي رسالي ”سرتيون“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ان لاءِ ”اوهان کي کوڙ ساريون واڌايون“ اميد ته پنهنجي علمي سگهه سوچ، سمجهه، سچائي ۽ جاکوڙ سان هن رسالي کي وڌيڪ اجاگر ۽ سگهارو بنائينديون ڀينرن جي هن سگهاري رسالي کي مثالي رسالو بنائينديون ٿوري محنت ۽ لگن سان ڀينرن ۽ ڀائرن کان معياري ۽ تحقيقي مضمون هٿ ڪري رسالي کي وڌ کان وڌ بهتر بنائينديون.

منهنجون دعائون

اوهان سان گڏ ۽ ساٿ سلامت

محمد ابراهيم ”سنڌي“

حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

مصريءَ جون تڙون

·       ڪو ڪنهنجي خبر ڪونه ٿو رکي ڪو ڪنهن کي ڪونه ٿو پڇي. (5- مئي 1975ع هالا).

·       احسان  ڪرڻ ته ڏکيو پر احسان ڪري وسارڻ ان کان به ڏکيو. (8 مئي  1975ع هالا).

·       مذهبي مونجهه عظيم عذاب آهي. (2 جون 1975ع هالا).

·       نئين مان اقتدار حاصل ڪرڻ بعد ماڻهو احسان ۽ انسان فراموش ٿي پوي. (13 جون 1975ع هالا).

·       پاڻ کي عقلمند   سمجهڻ يا سڏائڻ بيوقوفي آهي. (5 جولاءِ  1975ع هالا).

·       پهرين غلط فهمي دور نه ٿي ته نيون غلط فهميون پيدا ٿينديون. (6 جولاءِ 1975ع راولپنڊي).

·       سهڻا ماڻهو بهانن سان پاڻ کي سهڻو چوائيندا آهن. (7 جولاءِ 1975ع راولپنڊي).

·       برادري هوندي ٻين مخالفن کي ڳولڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. (13 جولاءِ 1975ع هالا).

·       پنهنجا گهٽ پراوا گهڻو ڪم ڏيندا آهن. (30 جولاءِ  1975ع هالا).

·       جواني ۾ البيلو ٿي گذاريوسون هاڻ مجذوب سالڪ ٿي رهڻو پوي ٿو. (31 جولاءِ 1975ع هالا).

·       جن ۾ وڏيون اميدون هونديون آهن اهي ئي نااميد ڪندا آهن. (1 آگسٽ 1975ع هالا).

·       مهل تي ڪم اچڻ وارا ٿورا ٿيندا آهن. (2 آگسٽ  1975ع هالا).

·       جنهن وٽ وڃڻ نه ٿو وڻي ان جو اچڻ به ڏکيو ٿولڳي. (19 آگسٽ 1975ع هالا).

·       عوام، اخبار، ريڊيو ۽ ٽي. وي اوندهه ۾ رکڻ لاءِ بس آهن. (18 آڪٽوبر 1975ع ڪراچي).

·       ماڻهو ڦرڻ تي اچن ٿا ته دير ئي ڪانه ٿا ڪن. (20 آڪٽوبر 1978ع ڪراچي).

·       ماڻهو نه ڪنهن جي خوشي ۾ خوش نه ڪنهن جي رنج ۾ رنج. (29 آڪٽوبر 1975ع ڪراچي).

·       شاعر جي واردات، جذبات ، خيالات ۽ تجربات سان هٿ چراند ڪرڻ  نالائقي آهي.  (18 نومبر 1975 ڪراچي).

·       زندگي فالن تي ڪانه گذاربي توڪل تي هلبو. (1 جنوري 1976ع ڪراچي)

·       جيترا  وات اوترا افواهه جيترا دماغ اوتريون سوچون. (24 جنوري 1976ع حيدرآباد)

·       ڪنهن کي ڏکوئڻ آسان پر نه ڏکوئڻ ڏکيو آهي. (4 فيبروري 1976ع ڪراچي).

·       شاعري ۾ رقيب تصور بيغيرتي آهي. )18 فيبروري 1976ع هالا).

·       سنڌي ديسي شاعري ۾ رقيب جو وجود ئي ڪونهي. (18 فيبروري 1976ع هالا).

·       انسان خود غرضيءَ ۾ دين مذهب ۽ ڌڻي به وساريو ڇڏي. (19 فيبروري 1976ع هالا).

·       خوشگوار ڏينهن ويليم (2) تي گذارجن ٿا. (20 فيبروري 1976ع هالا).

·       ساڳيون ساڳيون نصيحتون ٻڌي ٻڌي ڪن جهري پيا. (1 مارچ 1986ع).

·       هدايتون ڪري ڪري زبان پچي پئي. (2 مارچ 1976ع هالا).

·       اڄ مهانگائي ۾ پيسن  بدران رپيا کائجن ٿا. (4 مارچ 1976ع هالا).

·       اڄڪلهه بيماري کان دوا منهگي ٿي پوي. (5 مارچ 1976ع هالا).

·       هن دور ۾ دوستي ڪري دشمني پرائڻي آهي. (7 مارچ 1976ع هالا).

·       ٻئي کي ته ڇڏيو پر پنهنجي پاڻ کي به خوش نٿو ڪري سگهجي. (23 مارچ 1976ع هالا).

·       ماڻهوءَ کي ايترو پري نه ڪجي جو وري ويجهو نه اچي سگهي. (25- مارچ 1976ع هالا).

·       جيڪو نرمي مان نه سمجهي ان کي گرمي سان سمجهائجي. (26 مارچ 1976ع هالا).

·       ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت پيءَ جي پيرن هيٺان دوزخ آهي. (27 مارچ 1976ع هالا).

·       ٻي کي سچ چوڻ سکيو پاڻ کي چوڻ ڏکيو. (7 اپريل 1976ع راولپنڊي).

·       دوست دشمن به ٿي سگهي ٿو. راز ان کي به نه ڏجي ته چڱو. (8 اپريل 1976ع ڪراچي).

·       گهٽ ۾ گهٽ رازدار دوست هئڻ گهرجن. (9 اپريل 1976ع هالا).

·       دوست وڃي ٿو اچڻ لاءِ بيگانو اچي ٿو وڃڻ لاءِ. (23 مئي 1976ع ڪراچي).

·       دوست ڪڏهن به ناراض نه ٿيندا ۽ بيگانا ڪڏهن به راضي نه ٿيندا. (24 مئي 1976ع ڪراچي).

·       اڌ مغزي سان بحث ڪرڻ به اڌ مغزائي آهي. (25 مئي 1976ع ڪراچي).

·       دنيا کي ترڪ ڪرڻ جو هي مطلب ناهي ته راهب ٿجي پر مقصد هي آهي ته دنيا ۾ گرفتار نه ٿي وڃجي. (8 جون 1976ع هالا).

·       ڪڏهن ڪوڙ سچ ٿيو پوي ته ڪڏهن سچ ڪوڙ. (26 جون 1976ع هالا).

·       اولاد پيار ڏي ته غمخوار ناراض ٿئي ته آزار. (10 جولاءِ 1976ع هالا).

·       اهو ڪاڄ ڪهڙو جنهن ۾ رساما ۽ پرچاءُ نه ٿين. (12 جولاءِ 1976ع هالا).

·       غور ڪرڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ماڻهو چريو آهي. (14 جولاءِ 1976ع هالا.)

·       ڪن لاءِ ڏينهن به رات ڪن لاءِ رات به ڏينهن. (15 جولاءِ 1976ع هالا).

·       حسد جي باهه عام باهه کان سخت ٿئي ٿي. (24 جولاءِ 1976ع لنڊن).

·       جو پاڻ عشق ڪري ۽ ٻي کي ملامت ڪري اهو غدار ۽ منافق آهي. (27 جولاءِ 1976ع هالا).

·       جنس هر جاندار جي عظيم ڪمزوري آهي. (29 جولاءِ 1976ع لنڊن).

·       هڪڙا خوش خبر کي بدخبر ٻيا بدخبر کي خوش ڪري ٻڌائيندا آهن، ٻنهي قسم جي ماڻهن کان خبردار رهجي. (7 آگسٽ 1976ع لنڊن).

·       ڪتو به انسان کان ڪڙم جو ويري ٿيڻ سکيو آهي. (22 آگسٽ 1976ع لنڊن).

(حضرت قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪتاب

”مصريءَ جون تڙوڻ“ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com