سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ ڊسمبر 1991ع

مضمون --

صفحو :13

هاڻي زينت کي وري ڪاغذ لکڻ شروع ڪيم ۽ لکيومانس ته تو ڪاغذ لکڻ جي اجازت ڏني آهي ان ڪري ڪاغذ لکان ٿو مگر مون هڪڙو عيجب خواب ڏٺو آهي ان جو تعبير توکي اچي ته لکي  موڪل، جواب ۾ لکيائين ته تعبير ته مون کي نه ٿو اچي جي تعبير ڪڍي ٻڌائي سگهن ته انهن کان پڇا ڪر.

خير اها ڳالهه درگذر ٿي اسان جا ڪاغذ ايندا ويندا رهيا. هڪ دفعو مان دادوءَ سرڪاري  ڪم سان ويس ۽ اتان واپس ڪوٽڙيءَ پئي موٽيس. سيڪنڊ ڪلاس گاڏي ۾ اڪيلو ويٺو هوس. منجهند جو وقت هو جڏهن گاڏي سيوهڻ جي اسٽيشن تي آئي منهنجي گاڏي جي لڳ زنانه انٽر ڪلاس هو. دريءَ کان ڏٺم ته پويان زينت جو والد، زينت  برقعي ۾ ۽ سندس ٻه ساهيڙيون ۽ زيردست هندو ماسترياڻيون دادي گوپي ۽ دادي ويد جي تمام چڱن گهرن جون هيون سي انٽر ڪلاس گاڏي ڏانهن پيون اچن. مان هيٺ لٿس ۽ ڏٺم ته زنانه انٽر ڪلاس گاڏو ننڍو هو ۽ ان ۾ جاءِ البت تنگ هئي. مون زينت جي والد کي چيو ته اوهان کي اعتراض نه هجي ته ٽئي ڇوڪريون مون سان اچي ويهن ۽ مان سندن ٽڪيٽون بدلائي ٿو وٺان مون گارڊ کي ٻڌايو جنهن چيو ته ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ  ڀاڙي جي رسيد وٺي ڏيندس. ائين مان ۽ زينت ۽ گوپي ۽ ويد گڏجي ويٺاسين. هنن ماني آندي هئي جا گڏجي کاڌي  سين ۽ پوءِ  سڀني واري واري سان راڳ ڳايا.

جڏهن مونکي به چيائون ته هاڻ تنهنجو وارو آهي ته  مون کين چيو ته مونکي راڳ ڳائڻ ڪو نه ايندو آهي باقي ٻڌڻ ضرور ايندو آهي جنهن جو شوق به هوندو اٿم جڏهن گهڻو زور ڀريائون ته چيومان ته چئو ته شاهه جي رسالي مان ڪوبيت ڪري ٻڌايانو چيائون ته چڱو اهو ٻڌاءِ مون چيو ”جني ڪارڻ مون ٿي تڙپو ڄارا پوڄيا- پنيم اميدون سي ئي سڄڻ آيا“ چيائون ته اهو نه ٻيو ڪو بيت ٻڌاءِ چيم، ”مون کي مون  پرين اڇلي وڌو کوهه  ۾ مٿان ٿا چون  متان پاند پسائين.“ سڀني هڪ ٻي ڏي  نهاري ماٺ ڪئي. گاڏي هلندي رهي ۽ نيٺ شام جو4-5 بجي ڌاري ڪوٽڙي آئي اتفاق اهو ته حيدرآباد واري گاڏي اڳ ۾ نڪري وئي هئي جو اسان جي گاڏي دير سان پهتي. هاڻي رات  جو ته ڪابه گاڏي حيدرآباد وڃڻي ڪانه هئي جو رات جو گاڏين جو هلڻ پل تان بند هو البت مون کي ڊيوٽيءَ خاطر يا ٻيءَ طرح اڪيلو وڃڻ جي اجازت هئي جو آئون پل لاءِ خاص آفيسر هوس ۽ پل تي سخت پهرو هوندو هو. هاڻي ڇا ڪجي. نيٺ مون کين چيو ته ٻيو ڪوبه رستو ڪونه آهي سواءِ ان جي ته منهنجي بنگلي  تي هلو رات جي ماني به اتي کائو  ۽ مٿي منهنجي رهڻ جي جاءِ آهي اتي اوهين رهو ۽ مان هيٺ سمهندس ميدان ۾ جو اونهارو هو ۽ ٻاهر سمهبو هو. سڀني قبول ڪيو. وڏي گهوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي بنگلي تي آياسين ۽ رات جو زينت پنهنجي ساهڙين سان مٿي رهي، صبح جو آفيس ۾ ويس ۽ ويد ۽ گوپي مان ۽ زينت منجهند جي ماني کائي ۽ مان آفيس جي ڪم مان واندو ٿي هنن کي پنهنجن مائٽن ۾ انهن جي گهر ڇڏڻ لاءِ وڏي گهوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي ويس، هو ٽئي ڄڻيون گاڏيءَ جي وڏي سيٽ تي ويٺيون ۽ مان ٻئي پاسي  واري ننڍيءَ سيٽ تي اڪيلو ويٺس ته سڀني کي سندن مائٽن جي گهر ڇڏي  واپس ڪوٽڙي آيس هن کانپوءِ زينت ۽  منهنجا ڪاغذ تڪڙا تڪڙا ايندا رهيا. هڪ دفعي خواب ۾ منهنجي والد مرحوم خواب ۾ مون کي هڪ ڪاٺ جي ڦرهي اچي ڏيکاري ان جي هڪ طرف لکيل هو ”زينت“ ۽ ٻيو طرف خالي هو. مون کي چيائين ته هن ڦرهيءَ تي ٻئي خالي طرف تنهن جو نالو لکيو ويندو. انهيءَ خواب مون کي عجب ۾ وڌو ۽ البت همٿ  به ڏياري مون اهو خواب  زينت کي لکي موڪليو ۽ پوءِ نيٺ هڪ دفعي پنهنجي ڪاغذ ۾ اشارتا پنهنجي ارادي کان واقف  ڪيم جواب ۾ لکي موڪليائين ته منهنجي مائٽن  سان ڳالهاءِ. مون کيس لکيو ته انهن سان ايتري حجت ڪانه اٿم  البت پير محمد کي چئي سگهان ٿو. لکي موڪليائين ته چڱو انهيءَ کي چئو ته هو ڪهڙو ٿو جواب ڏئي، مون ڪن ڏينهن کان پوءِ مرحوم پير محمد سان ڳالهايو جنهن چيو ته جڏهن سيوهڻ ويندس ته انهن  سان ڳالهه ڪندس بلڪ کين صلاح به ڏيندس. ڪن هفتن بعد مونکي چيائين ته زينت جا پيءُ ۽ ماءُ ۽ ڀيڻ ته راضي آهن باقي محبوب  عليءَ کان پڇن. خير انهيءَ صاحب به راضپو ڏيکاريو ۽ مونکي اطلاع ڪيو ويو.  مون رواج موجب ڪجهه ڳهه ۽ ڪپڙا  وغيره ٺهرائي زينت جي ماءُ  ۽ پيءُ کي روانا ڪيا ۽ 13 آگسٽ 1944 جو ڏينهن مقرر ڪري 11 آگسٽ 1944 تي سيوهڻ ۾ نزل رکي سيوهڻ جي ڪوٽ واري ڊسٽرڪٽ  بنگلي  ۾ وڃي رهيس ۽  ٻئي ڏينهن شهر جي معزز هندن خواهه مسلمانن کي ڏينهن جي دعوت تي گهرايم. مرحوم گل محمد شاه ۽ مرحوم وريل شاهه ۽ ويد ۽ گوپي جا عزيز ۽ زنيت جن جا عزيز دعوت ۾ آيا. نڪاح زينت جي استاد پڙهيو جنهن کيس قرآن  شريف پڙهايو هو جنهن جي هوءَ تمام گهڻي عزت ڪندي هئي. برسات جي موسم هئي رات ڏينهن برسات پئي پئي. ڪنهن وقت ڪلاڪ ٻه بند ٿي جنهن ۾ ماڻهن کائڻ پيئڻ جو بندوبست ٿي ڪيو. مان شام جو ٽانگي ۾ زينت کي ڪوٽ واري بنگلي تي وٺي آيس مگر ڪوٽ جي چاڙهي کان ٽانگي کي هيٺ بيهاريو ويو متان گپ ۽ ترڪڻ سبب ٽانگو ڪري پوي ۽ اسين آهسته آهسته لهي هوريان هوريان چاڙهي چڙهي بنگلي وٽ پهتاسين. ڏينهن ۽ رات لاڳيتو مينهن پئي پيو. ان بعد واپس ڪوٽڙيءَ آياسين.

درياهه ۾ سخت چاڙهه سبب مانجهند شهر جي ٻڏڻ جو سخت خطرو هو ۽ منهنجي ڊيوٽي لڳائي وئي ته مان اتي وڃي منزل ڪريان ۽ شهر جي بچاء جو بندوبست ڪيان. مان زينت کي وٺي مانجهند ۾ اسٽيشن تان لهي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي شهر ۾ آيس ۽ شهر جي بچاءَ بندجو بندوبست ڪيم. ڪن ڏينهن کان پوءِ درياهه  لٿو ۽ شهر بچيو ۽ اسين واپس ڪوٽڙيءَ آياسين.

ان وقت رئيس حاجي علي محمد مري  ٻيرانيءَ وارو، ان سان منهنجي دوستي ۽ ڀائتي هئي بلڪ ان جي ساري خاندان سان، سو ان سان ملڻ لاءِ مان زينت کي  ساڻ وٺي رئيس  علي محمد کي ۽  سندس بيگم کي ملڻ لاءِ حيدرآباد وياسين، هو گاڏي کاتي ۾ رهندا هئا. سوسائٽي وٽ ”فوٽو سپيڊ“ وٽان لنگهياسين ته مون زينت کي چيو ته اچ ته هلي فوٽو ڪڍايون. چيائين ته فوٽي ڪڍائڻ جي حالت ۾ ته ڪونه آهيون چيومانس مڙيوئي خير آهي  جهڙا آهيون  تهڙا هلي ٿا فوٽو  ڪڍايون پوءِ اچي فوٽو ڪڍايوسين.

شادي کان پوءِ جڏهن مائٽن کي خبر پئي ته منهنجي والده،  همشيره ۽ وڏي ڀاءُ ته ڪوبه اعتراض يا رنجش ڪانه ڏيکاري البت ڪن ٿورن لاءِ اوائل ۾ رنجش جو باعث  ٿيو مگر  وقت گذرڻ تي سڀني محسوس ڪيو ته اهو ڪم برو نه پر چڱو ٿيو آهي. واندڪائي جي وقت ۾ اول مون زينت کي انگريزي پڙهائڻ شروع ڪئي جا ڪي ٿورا مهينا پڙهائيمانس ۽ پوءِ ڪن سالن کانپوءِ حيدرآباد ۾ هڪ ڪرستان ماسترياڻي  پاڻ رکي انگريزي پڙهيائين. ڪوٽڙي کان ٻاهر جڏهن مان  گشت ۾ ويندو هوس  ته زينت هميشه مون سان ساڻ هوندي هئي مگر مال ٻاهر جهنگ ۾ پرتال ڪرڻ وڃان يا معافي جي تپاس لاءِ نڪران ته پاڻ جو اڪيلي بنگلي ۾ ٿئي ان لاءِ منهنجي نوڪر کي شادي ڪرايائين جو ڪيترا ورهه مون وٽ  نوڪر هو ۽ ان وقت تائين به مون وٽ 17-18 ورهه رهي چڪو هو ۽ مگر شادي غربت سبب ڪانه ڪئي هوائين سو زينت انهيءَ لاءِ ته کيس  اڪيلائي منهنجي غير حاضريءَ ۾  نه ٿئي ۽ بورچيءَ جو به بلو ٿئي ان جي شادي ڪرايائين پوءِ اها مائي به اسان ساڻ گشت ۾ هلندي هئي ۽ سندس مڙس ته هونئن ئي اسان ساڻ هلندو هو ماني پچائڻ لاءِ.

ٻارنهن مهينا اسين ڪوٽڙيءَ ۾ رهياسين ۽ اسان کي پهريون ٻار ڄائو جنهن جو نالو پاڻ نصرت رکيائين. انهيءَ ڪري جو ان سال ٻيءَ جنگ ۾ انگريزن جي جپان تي فتح ٿي هئي ۽ ان وقت اسان جي ملڪ ۾ انگريزن جي حڪومت هئي. نصرت ڪوٽڙي واري بنگلي ۾ ڄائي. 20 آگسٽ 1945 جو. سندس لاءِ هڪ خاص مائي خدمت ۽ سنڀال لاءِ رکي وئي.

نصرت جي ڄمڻ کان ٻه مهينا پوءِ مرحوم حيدر بخش جتوئي استعفا سرڪار وٽ پيش  ڪئي جو ڪورٽ آف وارڊس ۾ حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ مئنيجر جي عهده تي  هو. مئنيجر ان وقت مرحوم نور الدين صديقي صاحب اسان  جي ڳوٺ  جو هو. هن صاحب جي سرڪار وٽ خواه عام ماڻهن ۾ وڏي ساک، هوشياري ۽ ايمانداري بابت هوندي هئي ۽ هو پاڻ  جهڙو ئي آفيسر پاڻ وٽ زيردست ڪري رکڻ پسند ڪندو هو سو سرڪار  کي لکي موڪليائين ته ڪوٽڙيءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر چنه کي حيدر بخش جي جاءِ تي رکيو وڃي. سرڪار صدقي صاحب جو چوڻ قبول ڪري منهنجي بدلي حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ مئنيجر جي عهدي تي ڪئي ۽ مون شايد آڪٽوبر جي اوائل ۾ اچي حيدرآباد ۾ چارج ورتي مگر جيسين مون کي ڪا موزون جاءِ رهڻ لاءِ ملي تيسين اسين ڪوٽڙي جي ڊاڪ بنگلي ۾ رهياسين ۽ مونکي اڪثري سڀني ضلعن ۾ وڃڻو هو ڇو ته وارڊن جون اسٽيٽون سڄي سنڌ ۾ هيون. انهن جو مقاطه ڏيئا هئا. 3-4 مهينا گشت ڪري واپس حيدرآباد آياسين ۽  آفيس سان گڏ هڪ جاءِ ملي جنهن ۾ مان اڳ 1937 ۾ رهي  ويو هوس جڏهن حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو چٽنس هوس. ان وقت هڪڙو ڪرستان حضور مختيار پينشن تي ويو ۽ اها جاءِ خالي ڪيائين جا مون ورتي ۽ هڪڙي هندوءَ جي هئي. هاڻي اها جاءِ مسٽر اختر (سابق ڊائريڪٽر  ايگيريڪلچر کاتي) جي ملڪيت آهي جا هن هندن جي وڃڻ بعد مسواڙ تي ورتي ۽ پوءِ ڪسٽوڊين کان خريد ڪري پنهنجي ملڪيت ڪئي.

12 مهينا کن مان اسسٽنٽ مئينجر ٿي رهيس ان بعد سرڪار منهنجي بدلي ٽنڊو محمد خان ڊويزن تي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تي ڪئي. هيءَ سال 1946 هو. هڪ سال گذرڻ بعد پاڪستان عمل ۾ آيو ۽ هندو لڏڻ لڳا ۽ مهاجر اچڻ لڳا. ڪليڪٽر کي ڪم تمام گهڻو ٿي پيو. هڪڙي سنڌ اسيمبليء جي ميمبر مون کان پڇو ته روينيو وزير ٿو پڇي ته ڇا ڪجي جو  ڪليڪٽر  تان بوجو گهٽ ٿئي. مون کيس چيو ته چٽنس جي عهده کان الڳ دفتردار هوندا هئا ۽ جي   ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي جا هوندا هئا ۽ پوءِ سال 1931 ۾ جڏهن تمام سخت سستائي ڪري اپت سرڪار کي ايتري ڪانه ٿيڻ لڳي ته خرچ گهٽ ڪرڻ خاطر ٻين خرچن گهٽ ڪرڻ سان گڏ دفتر داري جو عهده گهٽائي ان جاءِ تي سينئر  ۽ هوشيار مختيارڪار رکيا ويا هئا ۽ هاڻي جڏهن اها حالت نه رهي آهي تڏهن چٽنس جو عهدو ڪڍي وري  دفترداريءَ جو عهدو ڪيو وڃي پر اڳ  جو دفتردار رڳو روينيو ڪم لاءِ ڪليڪٽر جي مدد ڪندو هو ان جي عيوض هاڻي دفتردار ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ به ٿئي ته ڪليڪٽر تان روزانه رواجي ڪم جو بوجو گهٽ ٿيندو ۽ هو مهاجرن جي ڪم کي منهن ڏئي سگهندو. جڏهن اهو منهنجو رايو انهيءَ صاحب  روينيو وزير کي ٻڌايو  ته وزير صاحب انهيءَ ميمبر کي چيو ته انهيءَ ڊپٽي ڪليڪٽر کي چئو  ته اهڙو نوٽ لکي ڏئي ته مان ڪئبنيٽ ۾ پاس ڪرايان. ان وقت روينيو وزير قاضي فضل الله هو، جو مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو ۽ جڏهن مان وارهه ۾ مختيارڪار هوس ته منهنجي ڪورٽ ۾ به ڪيترا سال اچي وڪالت ڪئي هئائين. آخر مون نوٽ تيار ڪري  انهيءَ ميمبر صاحب کي ڏنو جنهن وڃي روينيو وزير کي ڏنو جو ڪئبينيٽ پاس ڪيو پر روينيو وزير انهيءَ ميمبر کي چيو ته جنهن ڊپٽي  ڪليڪٽر هيءُ نوٽ لکيو آهي انهيءَ کي ئي پهريون دفتردار ڪري حيدرآباد ٿا رکون ۽ اهڙو  آرڊر ڪرايائين. مان بدين  طرف گشت ۾ هوس  ته مونکي اهڙو آرڊر مليو ۽ مون شايد سيپٽمبر 1947 جي آخر ڌاري  اچي چارج ورتي. حالتن جي ڪري ڪم ايترو گهڻو هوندو هو جو صبح جو 4 بجي  کان ٻيءَ رات  جو 10 بجي تائين ڪم ڪرڻو پوندو هو. مون ڳوٺان پنهنجي وڏيءَ گهر واريءَ جا ٻار به پاڻ وٽ حيدرآباد ۾ پڙهائڻ خاطر گهرايا جن جي زينت چڱيءَ طرح سار سنڀال لهندي آئي ۽ انهن جي پڙهائڻ ۾ دلچسپي ورتي ۽ جڏهن وڏا ٿيا ته انهن جي نوڪرين جي ڪوشش ۾ خواهه شادين ۾ چڱو بهرو ورتو جئن ته منهنجي وڏي پٽ کي پنهنجي وڏي ڀاڻيجي پرڻايائين ۽ ٽئين نمبر پٽ کي پنهنجي ننڍي ڀاڻيجي جي شادي ڪرايائين.

جيئن مهاجرن جي اچڻ جو زور وڌيو  تئن ڪم گهڻو وڌندو رهيو ۽ ڪن گاڏين ۾ مهاجر عورتون يا انهن جا ٻار بيماريءَ جي حالت ۾ پهچندا هئا. انهن جي دوا درمل ۽ ملم پٽيءَ لاءِ بندوبست اول اسٽيشن تي ڪرڻو هوندو هو. زينت جو فرسٽ ايڊ جو امتحان پاس ڪيل هو  مگر ان وقت تائين هو پڙدو ڪندي هئي ۽ ٻاهر نڪرڻ تي برقعو پائيندي هئي. مون کيس چيو ته توکي مهاجرن جي خدمت خاطر برقعو ڇڏڻو پوندو ۽ انهن جي لاءِ فرسٽ ايڊ باڪس ساڻ ڪري گاڏي جي اچڻ وقت اسٽيشن تي وڃڻو پوندو،  هن اهو سڀ ڪجهه قبول ڪيو. مهاجرن جي لاءِ جيسين جاين جو بندوبست ٿئي تيسين انهن کي اسڪولن، بورڊنگ هائوسن ۽ ڪاليجن ۾ رهايو ويندو هو ۽ سڀ اسڪول ۽ ڪاليج بند ڪيا ويا هئا.

تنهن کان سواءِ ڪئمپن ۾ مهاجرن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست به ڪرڻو هو. اوائل ۾ سرڪار طرفان جيسين ڪو بندوبست ٿئي تيسين خانگي طرح انهن جي کاڌي پيتي، ڪپڙن،  دوائن، اناج، بسترن ۽ ٿانون وغيره جو بندوبست ڪرڻو هو. سخت قسم جو راشن سرڪار وٽان هر ڪنهن لاءِ مقرر هو. آخر پرچار ڪري ڪيترن چڱن  گهرن ۾ اهو بندوبست ڪيو ويو ته هڪ ويلو کائن ۽ هڪ ويلي جو راشن بچائي ڪئمپن ۾ مهاجرن لاءِ ڏنو وڃي، اهو سلسلو ٻه ٽي  مهينا هليو جنهن کان پوءِ سرڪار مهاجرن لاءِ مفت راشن ڏيڻ شروع ڪيو. انهيءَ وچ ۾ مون اناج ۽ گيهه ۽ دوائن  جي واپارين کان گهربل شيون چندي ۾ ورتيون ۽ مهاجرن جي ڪئمپن ۾ پهچايون.  زينت سيوهڻ پنهنجي ڳوٺ وئي ۽ اتان ڪيترا هنڌ ٿانو غيره ماڻهن کان وٺي آئي جي  به ڪئمپن ۾ ڏنا ويا. اسان جا ڇوڪرا ۽ اسڪولن جا ڇوڪرا دلا ۽ مٽ ڀري ڪئمپن ۾ مهاجرن کي پاڻي پياريندا هئا. زينت خاڪسار تحريڪ ۾ چڱو بهرو ورتو ۽ ان ۾ سالار جو عهدو هوس. مگر جڏهن پاڪستان ٺهيو ته پوءِ زنانه مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ۽ شايد ان ۾ ڪو عهدو به هوس. هاڻوڪو ليڊيز ڪلب هندو عورتن جو ڪلب هو. اهو زينت جي ڪوشش سان زالن کي ڪلب ڪم لاءِ ڏنو ويو. ڪيترا سال زينت ان جي پريزيڊنٽ، وائس پريزيڊنٽ يا سيڪريٽري ٿي رهي ۽ ان جي ميٽنگن ۾ چڱو بهرو وٺندي رهي ۽ اتي جڏهن ڪو فنڪشن ٿيندو هو ته ان ۾ چڱي خاصي مدد به ڪندي هئي ۽ دلچسپيءَ سان ڪم ڪندي هئي.

ان وقت ڌاري يعني سال 1947 جي اوائل ۾ اسان کي پهريون فرزند ڄائو جنهن جو نالو شوڪت رکيو ويو جنهن سان زينت جو تمام گهڻو پيار هو مگر مهاجرن جي ڪئمپن ۾ ڪم ڪرڻ  ۽ ان طرح وقت صرف ڪرڻ خاطر ننڍڙي جي خدمت لاءِ خاص مائي رکي وئي جا زينت جي ڀيڻ جي ڏيرياڻي  هئي. ڪجهه  مهينن بعد سيوهڻ ۾ زينت جو والد سخت بيمار ٿيو ۽ زينت ان ڪري اوڏانهن وئي. سندس والد وفات ڪئي ۽ پاڻ ڪجهه وقت بعد واپس آئي. اتان واپس اچڻ تي شوڪت جنهن کي ڪاڪو چوندا هئاسين سو بيمار ٿي پيو. هن کي بخار ٿي پيو جو ڪي مهينا هليو. ڪيترن ڊاڪٽرن، حڪيمن جون دوائون ڪيوسين مگر ڪوبه فائدو نه ٿيو ۽ ڪاڪو الله کي پيارو ٿي ويو. زينت کي خواه مونکي ڪيترا ڏينهن سخت ڏک رهيو. هن وقت تائين ڪيترا هندو لڏي ويا هئا ۽ ڪي ٿورا رهيل هئا جي لڏڻ جي تيارين ۾ هئا. منهنجا ڪيترا هندو دوست پنهنجون محلات  جهڙيون جايون مونکي آڇائيندا رهيا مگر مان اهي وٺڻ کان انڪار ڪندو رهيس. نيٺ منهنجو هڪرو دوست جو وڪيل هو ورومل نالو هوس جنهن جو ڀاءُ  ليکراج عزيز وڏو اديب ۽ شاعر  هو ۽ ورهن کان منهنجي ساڻس دوستي هئي تنهن مون تي زور رکيو ته مان گنگا رام نواس واري جاءِ وٺان جنهن ۾ هو ان وقت اڪيلو رهيو پيو هو جو سيٺ گنگا رام وارا ڪيترا مهينا اڳ بمبئي هليا ويا هئا. هنن کي جپان ۽ سينگاپور ۾ واپار جون ڪوٺيون هيون ۽ بمبئي ۾ به گهر هئن. هنن جي جاءِ تمام وڏي ۽ سٺي محلات جهڙي  ٽن طبقن ۾ هئي ۽ هوم اسٽيد هال جي سامهون ۽ مکي محل جي لڳ هئي. اوائل ۾ ته مون انهيءَ ڪري ان جاءِ جي وٺڻ جو انڪار پئي ڪيو جو ان جي صفائي لاءِ ٻه نوڪر گهربا هئا. نيٺ ورو مل مون کي چيو ته تون پنهنجي بيگم کي اها جاءِ ڏيکار ۽ جي اها جاءِ پسند  ڪري ته پوءِ وٺ، مون اها ڳالهه قبول ڪئي  ۽ زينت کي وڃي اها جاءِ ڏيکاريم هن جاءِ پسند ڪئي ۽ ان جي صفائي وغيره جي بندوبست جو به چيائين ته بندوبست  ڪنداسين.

زينت جو ڪاڪو جي جدا ٿيڻ بعد هميشه غم ۾ رهندي هئي ۽ اهو گهر ڪونه وڻندو هوس جتي اسان جا ٻار  گهڻو ڪري بيمار رهندا هوا سو مون به زينت جي صلاح قبول ڪئي ۽ ورومل کي چيم ته مان جاءِ وٺڻ لاءِ تيار آهيان.  هن جاءِ جون ڪنجيون منهنجي حوالي ڪيون ۽ بمبيءَ مان مالڪن وٽان تار گهرائي  ڏنائين ته اسان مسواڙ تي اها جاءِ اوهانکي ڏني آهي پر ان هوندي به مون سرڪاري طرح رينٽ ڪنٽرولر کان اها جاءِ  زينت جي نالي الاٽ ڪرائي ۽ مسواڙ ان وقت جي رواج موجب مقرر ڪرائي ۽ پوءِ ان جاءِ ۾ اچي رهياسين. اهو سال   1948 هو. ان وقت ڌاري اسان جي وڏي نياڻي پڙهڻ   لائق ٿي ۽ ان کي سينٽ ميويءَ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وهاريوسين ۽ گهر  ۾ مولوي رکي ڏنوسين جو کيس روزانه شام جو اچي ڪلام الله شريف پڙهائيندو هو ۽ زينت وري نصرت کي جنهن کي اسين بيبي چوندا هئاسين    ڪجهه مهينن لاءِ سنڌي پڙهائي بيبي تمام ذهين هئي ۽ پڙهڻ ۾ تمام هوشيار هئي. ان وقت ڌاري منهنجي والده جي وفات ٿي جنهن جي عمر ان وقت  80 ورهين جي قريب هئي. ٻيءَ طرف وري اسان کي ٻي ڇوڪري ڄائي يعني نگهت جنهن لاءِ به اسان جي هڪ مهاجر بورچيءَ جي زال آيا ڪري رکي وئي.

سال 1949 ۾ مان ڊائريڪٽر سيٽلمينٽ  ٿيس ۽ اها آفيس اسان جي گهر لڳ قلع ۾ هئي ۽ ان آفيس  ۾ ڪم هلڪو  هوندو هو مگر سنڌ ۾ گشت ڪرڻو پوندو هو.

هن وقت کان ٿورو اڳي اسان جو هڪ مهاجر موٽر ڊرائيور  هو جو مونکي روز صبح  جو آفيس ۾ وٺي ويندو هو ۽ جيسين آئون آفيس  ۾ ڪم ڪندو هوس ته هو ورانڊي ۾ منهنجي لاءِ ويٺو هوندو هو. هو مونکي وري موٽائي گهر وٺي ايندو هو. هڪڙي ڏينهن اوچتو سندس دل جي حرڪت بيهي وئي ۽ هو ويچارو ننڍا ٻار ۽ بيوه ڇڏي فوت ٿي ويو. زنيت کي وڃي ٻڌايم، ڊرائيور جو گهر اسان جي گهر کان ٿورو پري هو. زينت انهن جي گهر وئي ۽ گهر مان ڪفن جو ڪپڙو کڻي وئي ۽ سارو خرچ پاڻ ڪيائين ۽ ان کانپوءِ ڊرائيور جو پٽ جيڪو ان وقت 10-11 ورهين جو هو ان کي پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيائين جو ڪيترا ورهه اسان وٽ هو.

هن وقت کان ڪجهه وقت اڳ زينت پنهنجي وڏي ڀاڻيجي جي شادي منهنجي پهرين گهرواريءَ جي وڏي پٽ محمد يوسف سان ڪرائي  جنهن جو  مڱڻو سال 1946 ۾  ڪرايو هئائين. زنيت وٽ سندس وڏي همشيره ۽ ان جون ٻه نياڻيون  به رهنديون هيون جن جي پڙهائڻ جو بندوبست به پاڻ ڪندي هئي ۽ پنهنجي وڏي همشيره  جي نوڪريءَ  جو به بندوبست ڪيائين ان سان گڏ پهنجي والده ۽ پهنجي ڀاءُ محبوب علي ۽ سندس زال ۽ ٻارن  کي به حيدرآباد  وٺي آئي جن کي مون هڪ جاءِ ريشمي گليءَ ۾ وٺي ڏني.

زينت کي پڪنڪ   ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن سال ۾ پنهنجي ساهيڙين سان مڪليءَ جا آثار  قديم ڏسڻ وئي.

سال 1950 جي اوائلي ۾منهنجي بدلي لاڙڪاڻي ڪليڪٽري جي عهدي تي ٿي. شاديءَ بعد 6 سالن جي عرصي کانپوءِ هيءَ پهريون ڀيرو هو جو آئون حيدرآباد کان ٻاهر نوڪري تي پئي ويس. زينت ٻارن جي پڙهائيءَ خاطر حيدرآباد ۾ رهي اگرچه  وئڪيشن ۽ ٻين موڪلن ۾ لاڙڪاڻي ايندي هئي ڪڏهن اڪيلي ته ڪڏهن ٻارن سان هڪ دفعو 25-26 ساهيڙين سان موهن جو دڙو گهمڻ آئي لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو عورتن جو هنري گهر ۽ هڪڙو زنانه گهر کوليائين ۽ ڪيترا  ڇوڪرين جا سنڌي ۽ انگريزي اسڪول کوليائين جي خانگي طرح هلندا هوا ۽ انهن ۾ ماسترن يا ماسترياڻين کي سرڪار وٽان نه بلڪه خانگي فنڊن  مان پگهارون ملنديون هيون ۽ ٻارن کي ڪتاب - قلم- سليٽون  ۽ ڪن ڪن کي ڪپڙا به ملندا هئا. لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ هڪڙو ڇوڪرين جو اسڪول سندس نالي هو.

مان لاڙڪاڻي ۾ هوس خواجه ناظم الدين مرحوم ان وقت جو پاڪستان جو گورنر جنرل هو مون سندس رات جي ماني ڪئي هئي جنهن ۾ ضلعي جي ڪيترن وڏن آفيسرن  ۽ معزز شخصيتن کي دعوت تي ڪوٺايو هوم. ماني کائڻ کان ٿورو اڳ مونکي مجلس ۾ اچي تار ملي جنهن ۾ لکيل هو ته اوهان کي مبارڪ هجي اوهان کي فرزند ڄائو آهي. تار پڙهي مون ڀرسان  رکي ته ڪنهن آفيسر کڻي پڙهي ۽ وڏي آواز ۾ چيائين ته ”مٺائي ڪڍ“ پوءِ ٻين مجلس ۾ ويٺلن کي به خبر پئي جن به مبارڪ ڏني ۽ مٺائي گهري مون چيو مان ته هي دعوت مٺائي آهي. اها 9 ڊسمبر 1950 هئي. ننڍڙي جو نالو شوڪت (ٻيو) رکيو ويو جنهن تي اسين ننڍي هوندي جو نالو راجا سڏيندا آهيون. هاڻي خير سان هو آمريڪا مان اليڪٽرڪ جي سائنس ۾ ماسٽرس ڊگري وٺي آيو اهي ۽ اليڪٽرڪ جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪراچي ۾ آهي.

لاڙڪاڻي ۾ ڀٽي خاندان سان چڱي واقفيت ٿيس جا پڇاڙي تائين نڀائيندي آئي.  ان وقت حيدرآباد جي زناني ڪلب ۾ هڪڙو اتفاقي مباحثو سنڌيءَ ۾ ٿيو جنهن جو موضوع هو ته عورتون نوڪري ڪن يا نه ڪيترين عورتن ان مباحثي ۾ حصو ورتو، زينت جي تقرير ججن کي زياده پسند آئي ۽ کيس پهريون نمبر  ڏنو ويو. زنيت انهيءَ تي زور ڏنو ته عورتن کي نوڪري ڪرڻ گهرجي. ٻئي سال لاهور ۾ ساري پاڪستان جي اپوا جي ميمبر عورتن جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ وڃي حصو ورتائين. سال 1952 ۽ 1953 ۾ طيبه ڪاليج حيدرآباد ۾ باقاعده داخلا وٺي روزانه وڃي تعليم وٺندي هئي ۽ ليڪچر ۾ پهريون نمبر آئي اگرچه امتحان اردو زبان ۾ ٿيندا هئا.

(هلندڙ)

ساجده لنجار

مــنــصـــوره

سنڌ قديم زماني کان ئي عظيم، مشهور، معروف، سرسبز  ۽ شاداب رهي آهي. سنڌ جي تاريخ بابت مؤرخ به مڃين ٿا ته سنڌ کي پنهنجي هڪ قديم ۽ عظيم  تاريخ آهي. جيڪا شايد ئي ڪنهن ٻي علائقي جي رهي هجي. تاريخ شاهد آهي ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ جڏهن دنيا جا گهڻا ملڪ اڻ سڌريل هئا، تڏهن سنڌ جي شهرن کي عظيم الشان عمارتون ۽ ڪشاده رستا، ڪشادا تلاءَ  ۽ ڳجهيون موريون هوين. اهڙيءَ طرح جي قديم شهرن ۾ موئن جو دڙو، ڪاهو دڙو، ڪوٽڏيجي، ناروءَ جو دڙو، منصوره  نيرون ڪوٽ، محفوظه ۽ برهمڻ آباد قابل ذڪر آهن.

منصوره اهڙن قديم شهرن مان هڪ شهر آهي. موجوده دلور جو ڀڙو جنهن کي منصوره  ۽ برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏجي ٿي، سو تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ واقع آهي، جيڪو شهدادپور کان سانگهڙ  ويندي جمڙائو  جي موري کان ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي ۽ شهدادپور کان اٺ ميل اوڀر طرف چئن ميلن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جنهن جي باري ۾ مؤرخن جي وچ ۾ اڃا تائين اختلاف رهيو آهي ته اهو ڪڏهن، ڪنهن ۽ ڪهڙي دور ۾ آباد ڪرايو. ان جي شروعات سڀ کان پهرين ابن حوقل جي نقشي کي غلط سمجهڻ ۽ برهمڻ آباد ۽ الور جي غلط بيهڪ ڏيکارڻ سان ٿي. سر ايليٽ اهو پهريون شخص هو جنهن سنڌ جي قديم شهرن کي ڳوليندي سڀ کان پهرين ابن حوقل جو نقشو ڏٺو. جنهن ۾ هن منصوره درياءَ  جي وهڪري ۾ هڪ ٻيت ڏيکاريو آهي.

مشهور عرب مؤرخ  ۽ سياح اصطغري ۽ ابن حوقل جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ماڻهو منصوره کي به برهمڻ آباد ۾ چون ٿا. تنهن ڪري قديم برهمڻ آباد ۽ منصوره  ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي. جيڪڏهن اسان منصوره جي باري ۾ معلومات حاصل ڪنداسين، ته تاريخ ۾ اسان جي سامهون چئن عرب مؤرخن جا حوالا ايندا. پهريون حوالو البيروني جو؛ جنهن ۾ هن ٻڌايو، ”برهمڻ آباد“ يا ”بهمينه“ کي محمد بن قاسم فتح ڪري ان جو نالو ”منصوره“ رکيو. ٻيو حوالو آهي مشهور مؤرخ  بلاذريءَ جو جنهن جي چوڻ مطابق حڪم بن عوانه ڪلبيءَ جي دؤر ۾ هن شهر جو بنياد پيو ۽ ساڳي ئي وقت ۾ هو چوي ٿو ته محمد بن قاسم جي پٽ عمر بن محمد قاسم پنهنجي فتحيابين جي خوشيءَ ۾ هي شهر تعمير ڪرايو ٽيون حوالو موديءَ ۽ بشاريءَ جو هو، جنهن جي مطابق منصوره  بن جهمور پنهنجي خودمختياريءَ واري دؤر ۾ منصوره نالي شهر آباد ڪيو. چوٿون ۽ آخري حوالو ادريسيءَ جو آهي، جنهن جي چوڻ مطابق منصوره جو شهر ابو جعفر منصور بن عباسيءَ جي دؤر ۾ آباد ٿيو.

سڀ کان پهرين جڏهن اسان بلاذريءَ  جي حوالي جي روشنيءَ  ۾ تاريخ تي نظر وجهون  ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته حڪم بن عوانه ڪلبي ڪل ڏهه سال گورنر رهيو ۽ سندس اهو سڄو وقت عربن کي محفوظ رکڻ ۽ عرب خاندانن جي حفاظت ۾ گذري ويو ۽ هو 121 هه ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ بغاوتن جي ڪري مارجي ويو ۽ منصوره جو بنياد هن کان هڪ سال اڳ 120 هه ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ اهو سندس سپه  سالار عمر بن محمد قاسم جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، ته شروع جي ڪجهه سالن کانپوءِ حڪم بن  عوانه ڪلبي کيس سنڌ جي باغي راجائن ۽ سردارن کان بدلو وٺڻ ۽ پنهنجا کسيل علائقا واپس وٺڻ ۽ کين زير ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ جڏهن هو برهمڻ آباد يا ”بهمينه “ کي فتح ڪري آيو ته هن جي دل ۾ پنهنجي فتحيابين جي خوشيءَ ۾ هڪ يادگار تعمير ڪرڻ جو خيال  آيو ۽ هُن منصوره شهر جو بنياد رکيو. جملي ڏهن سالن اندر اهڙين حالتن ۾ ۽ ايڏين مصروفيتن ۾ هيڏو وڏو ۽ عظيم الشان قلعو جي شروع کان به ٺاهجي ها ته به اهو ٺاهڻ ناممڪن آهي  ۽ جيڪڏهن اهو عمر بن محمد قاسم سان منسوب ٿو ڪجي ته به ڪلبيءَ کانپوءِ هن جي گورنريءَ جو عرصو ڪل پنج سال رهيو آهي ۽ سندس  سمورو وقت تاريخ ۾ باغين سان مقابلا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. تنهن ڪري سندس سنڌ تي حڪومت جي دور ۾ قلعي جي تعمير جا امڪان نه ٿا ملن.

باقي ڀنڀور جي ڀرسان قديم سنڌودرياهه اندر بيٺل ٻيٽ کي عمير بن محمد قاسم وارو منصوره سمجهڻ لاءِ ڪافي دليل آهن هڪ هي ته درياهه ۾ ٽڪرائتو ٻيٽ آهي، ٻيو ته هي سمنڊ جي ويجهو آهي ۽ ٽيون هي ته درياهه جو مکيه وهڪرو هن جي اوڀرپاسي آهي ۽ جيڪڏهن اسان قديم درياهه جي ٻيت کي ڏسنداسين ته ان ۾ اسان کي هڪ غرق ٿيل شهر نظر اچي ٿو. ڪتاب ”دي اينٽي ڪوئين  آف سنڌ“ جي صفحي نمبر 80 ۾ جنرل هيگ جي مطابق ڀنڀور واري منصوره جي ڊيگهه ٽي سؤ ۽ ويڪر چار سؤ وال آهي. جيڪڏهن اسان ان بيان جي روشنيءَ ۾ ڏسون ته اهو منصوره سانگهڙ واري منصوره کاننڍو ۽ گهٽ پراڻو آهي. اهڙيءَ طرح اهو حوالو غلط ثابت ٿئي ٿو.

ان کانپوءِ جي اسان مسعودي ۽ بشاريءَ جي حوالي موجب ڏسون ته انهن جون منصوره شهر بابت ڪجهه ڳالهيون صحيح به آهن. جيئن،  هي شهر سنڌ جي مرڪز ۾ آهي ۽ بشاريءَ جي حوالي مطابق هن شهر جي مرڪز ۾ هڪ مسجد سرن ۽ پٿرن جي ٺهيل  آهي جنهن جي تصديق 1909ع ۾ انگريزن جي کوٽائيءَ  کانپوءِ ٿي. پر هنن منصوره جي بيهڪ بابت صحيح ڳالهه نه ٻڌائي آهي.

ان ڪري يقين سان چئي سگهون ٿا ته هنن جو حوالو به تاريخ جي لحاظ کان صحيح نه آهي. ان ڪري جو ڪن ڪتابن ۾ هن شهر جو بنياد منصوره بن جهمور جي خود مختياري واري دور کان اڳ ڏيکاريو ويو آهي. ها ائين ٿي سگهي ٿو ته هن جي دور حڪومت ۾ منصوره کي ڪا ترقي ملي هجي. يا وري هن شهر جي ڪا اهم جاءِ سندس دور ۾ ٺهي پوري ٿي هجي.

تنهن کانپوءِ اگراسان ادريسيءَ جي حوالي جي روشنيءَ ۾ منصوره جي کوجنا لڳائڻ جي ڪوشش ڪريون ته خبر پوندي ته بني عباس جو ٻيون خليفو ابو جعفر منصور بن عباس جنهن ٻٽيهه سال حڪومت ڪئي ۽ سندس دور حڪومت ۾ سنڌ جا چار گورنر ٿي گذريا اگر هي قلعو ان ٺهرايو هجي ها ته تاريخ شاهد آهي ته سندس دور ۾ يمني ۽ حجازي قبيلن جا تڪرار چوٽ تي پهتل هئا ۽ حسني سادات جي تحريڪ به نه رڳو سنڌ ۾ پر دارالخلافه ۾ به ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا، تنهن ڪري اهڙين حالتن ۾ ته قلعي جي تعمير جا ته امڪان ئي نه ٿا ملن ۽ انهن حالتن کي مدنظر رکندي منصوره کي ابو جعفر سان منسوب ڪرڻ بلڪل غلط ۽ حماقت آهي.

انهن سڀني ڳالهين کان علاوه جي منصوره کي عربن سان منسوب ڪجي ته اها به هڪ واضح حقيقت آهي ته عربن وٽ قلعن تعمير ڪرڻ جي مستقل روايت نه هئي ۽ نه ئي آهي. جڏهن ته برهمڻ آباد يا منصوره جا زير بحث کنڊر ته هڪ وڏي قلعي جا آهن. جنهن ۾ سڄو شهر قلعي جي اندر آباد هو ۽ قلعو به ڪو معمولي نه، پر فوجي لحاظ کان ناقابل تسخير قلعو ۽ پکيڙ به  ايڏي وڏي، جو تعميرات ۾ ايڏي مضبوط ۽ فوجي  ۽ شهري لحاظ کان ايڏي مڪمل قلعي کي نظر ۾ رکندي تاريخي حقيقتون ان کي عربن جي تعميرات قرار نه ٿيون ڏين.

مٿين سڀني ڳالهين کي مد نظر رکندي اسان يقين سان چئي سگهون ٿا ته خود محمد بن قاسم پنهنجي فتح سنڌ جي يادگار طور برهمڻ آباد کي وڌائي منصوره جو نالو ڏنو. منصوره جو ڳچ حصو کوٽائيءَ کانپوءِ  برهمڻ آباد   سان مليل به نظر آيو ۽ ٻين مؤرخن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ان حوقل جي نقشي ۾ ڏيکاريل شهر ئي دراصل منصوره آهي. ان شهر بابت چار ڏس ملن ٿا. هڪ سمنڊ جو ڪنارو ٻيو درياهه جي وهڪري ۾ ٻيٽ، ٽيون هڪ ميل ايراضي ۽ چوٿون هن جو واسطو ديبل ۽ ڪلريءَ سان، جا هن جي الهندي پاسي هئي. جيئن ته فتح جي خوشيءَ ۾ نيڪ فال سمجهي نئين شهر جو نالو منصوره رکيو ويو هو ۽ اسان فتح جو صحيح اطلاق  محمد بن قاسم جي فتح تي ئي ڪري سگهون ٿا. تنهن ڪري محمد بن قاسم وارو منصوره ئي اصل منصوره آهي. دَلور جا موجوده کنڊر انهيءَ ئي قديم شهر جا آهن.

هن شهر آهستي آهستي ايتري ته ترقي ڪئي جو سنڌ جو دارالخلافه بنجي ويو. هن شهر جي ڊيگهه اولهه کان 49 درجه ۽ ويڪر ڏکڻ کان 22 درجه هئي. شهر جا چار دروازا هئا: 1- باب   البحر. 2- باب الطوران. 3- باب الهندان. 4- باب الملتان. شهر جي چوڌاري قلعي جي ڀت نهايت ئي مضبوط هئي، جنهن جو اندازو هينئر به ديوار ڏسي ڪري سگهون ٿا. شهر نهايت ڪشادو ۽ رونق وارو هو. چئني پاسي سنڌو درياهه جي وهڻ ڪري سرسبز پڻ هو. شهر جون جايون  ڪاٺ جون هيون. صرف جامع مسجد پٿرن جي هئي. مسجد ڀرسان حمام ۽ مسافر خانا پڻ هئا.

شهر جي شاهي بازار ڪشادي ۽ ڊگهي هئي. صنعتي لحاظ کان شهر ۾ چمڙي رڱڻ جا ڪارخانا هئا. عرب سياحن جي بيان موجب اتي جو عوام سنڌي ٻولي ڳالهائيندو هو ۽ حڪمران طبقو سنڌي ۽ عربيءَ مان واقفيت رکندڙ هو ۽ تنهن زماني ۾ منصوره ۾ رائج ٿيل سنڌي ٻوليءَ کي سين ”ب“ چوندا هئا. قاضي ابو محمد جو مدرسو منصوره ۾ مشهور هو.

هاڻي سوال اهو ٿو اٿي ته هي شهر ڪيئن تباهه ٿيو؟ تاريخي  معمو آهي جيڪو شايد اڄ تائين به صحيح طور حل ٿي نه سگهيو آهي.

ايم. آر. هيگ (M.R.Hag) جي رايي مطابق، منصوره شهر درياهه جي وهڪري ڦيرائڻ ڪري تباهه ٿيو.“ هينري ڪزنس جي وري هيءَ راءِ آهي ته ”منصوره جو شهر ڪنهن ٻاهرين حملي جي ڪري تباهه ٿيو آهي جن اتي جي ماڻهن کي ماري ناس ڪري ڇڏيو.“

ان سان گڏ منصوره جو اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي وڃڻ ۽ هڪ  نئين قوم جو سنڌ ۾ زور وٺڻ ان ڳالهه جو واضح دليل آهي ته منصوره جو شهر راجپوتانه مان ٿيل حملي جي سبب ڪري تباهه ٿيو آهي ۽ هينري ڪزنس ان ڳالهه جي دليل ۾ ”هڏن ۽ چوڙين جو اهو اندازو جيڪو رستن تي مليو، شهر جي سڄي ايراضي  ۾ ڪوبه قيمتي سڪو يا زيور نه ملڻ فقط ٽامي ۽ پتل جا سڪا ملڻ، اهي اهڙي حالت ۾ ڄڻ ڪنهن سبب ڀڄندي ڪريا هجن، ڪريل ڀتيون جيڪي ڪزنس جي خيال ۾ دشمنن ڪيرايون آهن ۽ فوجين حملي وقت ڦرلٽ ڪئي آهي.“ پيش ڪيا.

عام ماڻهن جي رايي موجب به هي شهر ڌرتي ڌڏڻ ڪري ختم ٿيو آهي. مشهور مؤرخن رچرڊسن، لاسس، ڪننگهام ۽ راورئي پڻ اهو رايو پيش ڪيو آهي ته هي شهر ڌرتي ڌڏڻ سبب ناس ٿيو آهي. باقي جيڪي حالتون ڪزنس بيان ڪيون آهن، اهي حملي کانسواءِ اهو به ظاهر ڪن ٿيون ته ماڻهو ڪنهن آفت جي ڪري جان بچائڻ لاءِ ڀڳا آهن. تاريخ ۾ به اها ڳالهه واضح  آهي ته برهمڻ آباد زلزلي جي ڪري تباهه ٿيو هو ۽ جيئن ته منصوره جو ڪجهه حصو برهمڻ آباد ۾ به هو ۽ شهر برهمڻ آباد کي ويجهو هو ان ڪري منهنجي پنهنجي راءِ ۾ پڻ منصوره جو شهر برهمڻ آباد جي زلزلي سبب زمين دوز ٿي ويو. ان ريت اٽڪل  سورهن سؤ سالن تائين سانگهڙ جي عظمت جي تاريخ هن شهر سان وابسته رهي آهي.

ڊاڪٽر  ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ڀَرتَ جو هُنر

”هنر“ لفظ جي لُغوي معنيٰ آهي ”فَنُ  يا ڪاريگري.“ ڪنهن شيءَ جي تڪميل يا تياريءَ ۾، اَول کان آخر تائين هٿ جو استعمال ٿيل هجي ، ته اُن کي ”حرفت، دستڪاري يا هٿ جو پورهيو.“ سڏجي ٿو. هٿ جو پورهيو، هڪ ڪَسَبُ آهي. ٻنهي جهانن جي سردار، آقائي  نامدار حضرت  مُحمَّد مُصطفيٰ احمد مُجتبيٰ ﷺ جن پورهئي ڪندڙ کي هن ريت پسند فرمايو آهي:

”الڪاسب حَبيبُ  الله“ (يعني پورهيت خدا جو دوست آهي.)

سچ پچ اها ڪيڏي نه خوش نصيبي چئبي، ته هڪ ماڻهو ڪمائي پنهنجي لاءِ ۽ هوڏانهن سندس ڪم کيس ايترو ته پيارو سمجهيو وڃي ٿو، ته ”هُو، الله جو دوست بڻجي پوي ٿو. انسان ته ٺهيو، پر پکي پَکڻ، جيت جڻيا ۽ جانور توڙي ٻين ساهوارن کي به ڌڻي سڳوري هُنر عطا ڪيو آهي. پکيءَ کي آکيرو ٺاهڻ، ڏينڀوءَ ۽ ماکيءَ جي مک کي مانارو ٺاهڻ، گدڙ کي ڏَر کوٽڻ  ۽ ڪوريئڙي کي ڄار ٺاهڻ  جو فن به قدرتي طرح ئي مليل آهي.

هُنر ڪيترن ئي قسمن جا آهن. الله تعاليٰ، انسان کي زندگي گذارڻ خاطر ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ فن سان نوازيو آهي. ڪي علم ۾ ڀَڙُ آهن، ته ڪي وري هٿ جي هُنر ۾ مثالي نمونو پيش ڪن ٿا.

هُنر، هڪ تمام ضروري  شيءَ آهي. هن منجهان هميشه ٻٽو فائدو حاصل ٿئي ٿو. هنر وارو پنهنجو روزگار به ڪشادو ڪمائي ٿو ۽ ان سان گڏ هو ٻين انسان لاءِ پڻ هڪ وڏي آسائش، سهولت ۽ وُٿِ ثابت ٿئي ٿو. ڪپڙي اُڻڻ واري کي مزوري ملي ٿي ۽ ان جي اُڻيل ڪپڙي جي پهرڻ  سان ٻين کي آرام، سُک  ۽ سهنج  حاصل ٿئي ٿو. سچ آهي ته ”انسان کي جيڪو شرف ۽ فضليت جو درجو ٻين سڀني ساهوارن کان وڌيڪ  مليو آهي، اهو فقط ۽ فقط ”هنر ۽ ڪاريگريءَ جي ڪري ئي حاصل ٿيو آهي.

هنر وسيلي، سماجي زندگي ۽ عوامي ضرورتن کي ڪنهن حد تائين پوري ڪرڻ جو عمل به سري ٿو، جيڪو سڌيءَ طرح ”خدمت خلق“ جي جذبي سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هر هڪ انسان جو هنر پاڻ تائين محدود هجي ها، ته هوند انساني زندگيءَ جو گاڏو گهلڻ  دشوار ٿي پوي ها. اهوئي خاص سبب آهي، جو هر هڪ انسان جو انفرادي مشغلو اجتماعي زندگيءَ لاءِ اهم ڪردار جي حيثيت رکي ٿو. هن ڏس ۾ مرد خواه عورتون هڪ جيتري عظمت ۽ فضليت جو درجو رکن ٿيون.

جيئن ته ڀرت ڀرڻ ۽ سبڻ جو ڪم اڪثر ڪري عورتن جي حوالي هوندو آهي. سندن حرفت ۽ هنر تي ذري برابر به ويهي ويچار ڪبو ته عقل حيران ٿي ويندو، ته ڪيئن نه هو وارَ کان سَنهي  سُئيءَ  جي وسيلي، ڌاڳي سان ڪمال درجي جو ڪم ڏيکارين ٿيون. سُئي آهي سا ننڍڙي، پر ان جي خاصيت  ايتري ته وڌيڪ ۽ وڏي آهي، جو ان سان بادشاهيون به مَٽَ پئجي نه ٿيون سگهن.

هوءَ پاڻ ننگهي رهي، ٻين جو اوگهر ڍَڪي ٿي، شاه ڀٽائي رحه فرمائي ٿو:

پاتشاهي نه پاڙيان، سَرتيون سُئيءَ ساڻ؛

ڍڪي اُگهاڙن کي، ڪِينَ ڍَڪيائين پاڻ؛

ٻيهر ڄاپي ڄاڻ؛ ابرجي اوصاف کي !!

اهڙي قسم جا ڪيترائي گهرو هنر سنڌ ۾ موجود آهن، جيڪي قديم زماني کان اسان وٽ هلندا اچن ٿا. انهن مان ”ڀرت جو ڪم“ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. هي ڪم عورتون واندڪائيءَ جي وقت ۾ گهرن ۾ ڪنديون آهن. هو سُئي ۾ سوٽي يا ريشمي ڌاڳو وجهي ڀرت ڀرينديون آهن.

عورتن جي ڪپڙن، مردانه چولن، ٽوپين، چادرن، وهاڻي جي ڇَونُ ۽ مختلف استعمال  ۾ ايندڙ ڪپڙن  تي جدا جدا قسمن جو ڀرت ڀريو ويندو آهي. ڀرت ڀرڻ کان اڳ، ڊزائين ليڪي (بنائي ) ويندي آهي.  هينئر ته  اهڙا ڪاغذ به ملن ٿا، جن سان سولي  نموني ۾ ڊزائين بنائي وڃي ٿي. انهن ڪاغذن  تي جيڪا ڊزائين هوندي آهي، اُنهيءَ تي سنها ٽنگ (سوراخ) هوندا آهن. ڪاغذ، ڪپڙي مٿان رکي. اُن  تي مس ڀريل اڳڙي گهمائبي آهي ته ڪپڙن تي هڪ قسم جي خوبصورت ڊزائين ٺهي پوندي آهي.

ڀرت ڀريندڙ عورتون پنهنجي فن ۾ ڏاڍيون ماهر هونديون آهن. هو نهايت تيزيءَ سان هر قسم جي ڊزائين تي، مختلف رنگن جو ريشمي ڌاڳو ڀري وينديون آهن. ان کانسواءِ ڪن ڊزائينن ۽ ڪاوَن جا ٽُڪر به مڙهنديون آهن. اهو ڪاوَن ڀريل ڀرتُ، آسمان ۾ تارن جي منظر جهڙو نظارو پيش ڪندو آهي. ڀرت جي ڪم جا جدا جدا نالا ٿين ٿا؛ جهڙوڪ: چڪنو، قناويز، ڪچي سُئيءَ تي تپاشو، ڪشميرو، موتي ٽاڪو ۽ هرمچو وغيره .  اهڙيءَ  طرح ڪُنديءَ  جي ڀرت ۽ ”آر“ سان پڻ عجيب عجيب ڊزائينون پيش ڪيون وڃن ٿيون. تڻا، چادرون، دستر خوان، روا، رومال، زنانن ڪپڙن تي گلڪاري، شلوارن جا پاچا، صوفا سيٽن جون گديون ، گج، ڳچيون، ميز پوش ۽ وهاڻا وغيره   اعليٰ معيار رکن ٿا. ان کان علاوه ٽوپين جو ڪم به موجوده دور ۾ چڱي چٽي شناخت رکي ٿو.

سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن  ۾ ڀرت جا قسم ۽ نمونا به جدا جدا ٿين ٿا. بلوچ عورتون جيڪو ڀرت ڀرين ٿيون. اهو پنهنجي نوعيت جو هوندو آهي. انهن جو مخصوص چولو هوندو آهي، جنهن کي ”گهگهو“ چونديون آهن. ان تي هو ڏاڍي محنت سان ڀرت ڀرينديون آهن. هينئر ته ان گهگهي واري مخصوص ڀرت جو رواج به عام ٿي ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي شهري عورتون اهڙو ڀرت ڀرائي، فيشن طور پائين ٿيون. ٿر جو ڀرت وري پنهنجي قسم جو هوندو آهي. هو هڪ خاص قسم جي چولي پهرينديون آهن؛ جنهن کي ”چُني“ چونديون آهن. ان تي هو پنهنجي نموني جو ڀرت ڀرينديون آهن؛ جنهن جون پڻ مختلف ڊزائينون ٿينديون آهن. ساڳيءَ طرح سنڌ جي ٻين حصن، خاص ڪري وچولي ۾ جيڪو ڀرت ڀرجي ٿو، سو پڻ ٽاڪي ۽ ڊزائين جي لحاظ کان جدا جدا نمونن جو ٿئي ٿو. البت هينئر اڪثر ڊزائينون عام ٿي ويون آهن؛ ۽ هر هنڌ انهن جو وراج موجود آهي.

توهان ”سنڌي ٽوپي“ ته ضرور ڏٺي هوندي. ويچار ڪري ڏسبو، ته ان تي ريشمي ڌاڳي ۽ زريءَ  جي ڪاون جي مدد سان ڪهڙيون نه سهڻيون ڊزائينون ٺهيل هونديون آهن.

عورتن جي چولن ڀرڻ جو رواج به عام آهي. چولن جي ڳچين، تَرَ ۽ گهيري لاءِ ڀرت جو نمونو وري جدا هوندو آحي. مردن جا پهرياڻ به ڀرت ڀريل ٿين ٿا ان تي به ڀرت جو ڪم خاطر خواه ۽ ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڀرت جو اهو سمورو ڪم نهايت نفيس ۽ شاندار ٿيندو آهي.

هينئر ته ڀرت جون مشينون نڪري پيون آهن. زريءَ جي ڀرت جو نفيس ڪم مرد به ڪن ٿا. ان هوندي به اڪثر عورتون گهرن ۾ ڀرت ڀرين ٿيون. ڪي فقط پنهنجي لاءِ ڀرت ڀرين ۽ ڪي وري ملهه تي ٻين کي به ڀري ڏين. اهڙيءَ طرح سنڌ جون سگهڙ عورتون پنهنجي ٻارن ۽ گهر جي سنڀال سان  گڏ واندڪائيءَ ۾ ڀرت ڀري، پنهنجو وقت اجايو نه ٿيون وڃائين. ڪي عورتون ته پئسن تي به ٻين جا ڪپڙا ڀري، گهر جي خرچ پکي ۾ مددگار بڻجن ٿيون.

عابده قاصد ميمڻ                             سچي ڪهاڻي

ڪري ڪيئن نه ڀري

رحمت! او رحمت! مار پوئي ڪٿي مئي پئي آهين؛ رحمت.... رحمت!

سليمان  پنهنجي  بي سري آواز ۾ رڙهاٽ ڪندي، پنهنجي زال کي، گهر ۾ اندر پير رکندي ئي سڏ ڪرڻ لڳو!

سائين هتي ئي آهيان، ٻيو وري ڪاڏي وينديس! رحمت ڇنل کٽ تان اٿندي چيو.

چڱو چڱو، مون کي ماني ڏي ته کاوان!

مون کي ڏاڍي بک پئي لڳي، سليمان چيو.

رحمت اٿي ۽ پنڊيءَ تي ٻه مانيون مکڻ  سان مکيل رکي آئي ۽ اچي پنهنجي مڙس جي اڳيان رکيائين ۽ هڪ گلاس ڏڌ جو به هن جي اڳيان رکيو!

هي ڇا!!!؟ ٻوڙ ته ڏينم! سليمان چيو.

ٻوڙ وري ڪٿان آڻيان! ڪهڙو مون کي ڪڪڙ يا ٻڪر جو گوشت  وٺي ڏئي ويو هئين، بس، اٽو به ٻن مانين جو هيو سو ٻه مانيون پچائي رکيم ۽ رات جو کير مون ڄمائي رکيو هيو، ان مان ڏڌ ڪيم ۽ مکڻ جيڪو نڪتو اهو مانين کي هڻي ڇڏيو اٿم. مون به ته ماني نه کاڌي آهي ۽ ٻئي مانيون تو لئه رکي ڇڏيم! رحمت وضاحت ڪندي چيو.

پوءِ ماڻهين وٽان ٻوڙ  ذري گهرائي رکين ها! خالي رُکي ماني مان ڪونه کائيندس. سليمان پنڊي  مانين سميت کڻي کڏ تي اڇلي ڇڏي. رحمت چيو ته، روز روز امان جن کان ٻوڙ ذرو وٺڻ مون کي شرم ٿو ٿئي! تون به ته ڪمائين ٿو، پوءِ ڪو بصر پٽاٽو وٺي آڻي ڏئينم ته مان به تولئه ٻوڙ ٺاهي رکان. پر سائينءَ جن کي جوا کان پئسا پاڇي هجن ته پيٽ به ڪو ياد پوي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com