ڪجهه عرصي کانپوءِ بابا ۽ امان مونکي شادي ڪرڻ
لاءِ زور ڀرڻ لڳا ۽ سندن خواهش هئي ته ٻنهي ڀائرن
جي وچ ۾ ويڇا ختم ڪرڻ جو سڀ کان بهترين طريقو
اهوئي هو ته آئون چاچا وڏي جي ڌيءَ فريده سان
شادي ڪريان ..... ان وقت به مون کي يقين هوته
جيڪڏهن آئون فريده سان شادي ڪرڻ بدران توسان شادي
ڪرڻ چاهيان ها ته نه بابا کي اعتراض ٿئي ها ۽ نه
ئي چاچا کي ڇو جو تون انهن ٻنهي ڀائرن جي بيحد
پياري ۽ اڪيلي ڀيڻ جي نشاني هئين پر ......!ان
وقت ته مون تي هڪ عجيب جنون سوار هو ۽ مون پنهنجي
انا ۽ ضد جي تسڪين خاطر توکي هر طرح سان ڏکوئي
بدلو وٺڻ پئي چاهيو ان ڪري مون فريده سان شادي ڪرڻ
تي رضامندي ظاهر ڪئي ۽ پوءِ ..... مڱڻي کان شادي
واري عرصي دوران آئون هر طرح سان توکي ڏکائيندو ۽
ساڙيندو رهيس پر .......!! تو ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه
تي شڪوه شڪايت نه ڪئي ۽ خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه سهي
وٺندي هئين......پر.......!جڏهن تنهنجو چهرو
اداسيءَ مان ڪومائجي ويندو هو ته مون کي وڌيڪ خوشي
۽ تسڪين ملندي هئي. ائين تون اڳي کان به گهڻو
اداس، خاموش ۽ الڳ الڳ رهڻ لڳئين ........ ۽ ائين
ئي پوءِ منهنجي ۽ فريده جي به شادي ٿي وئي ۽ پوءِ
مون توهان وٽ اچڻ تقريبن ڇڏي ڏنو پر شادي کانپوءِ
به منهنجي انا ۽ اندر جو ضدي ماڻهو مطمئن ٿي نه
سگهيو. ائين لڳندو هئم ته سڀ ڪجهه ته مون پاڻ
پنهنجن ئي هٿن سان ڪيو هو....... ۽ پوءِ .......
ڪالهه جڏهن هڪ ڪم سان حيدرآباد آيس ۽ گهر آيس ته
گهر ۾ تو کانسواءِ ڪير به نه. سڀ ڪنهن جي دعوت تي
ويل هئا ........ ۽ تون....
شايد بيمار هئين. ڪيڏي نه بدلجي وئي آهين
هاڻي!!!؟؟ ......رباب!........تنهنجي خوبصورت اکين
جي اها جوت ڪيڏانهن هلي وئي آهي جنهن کي ڏسي
”اياز“ جون هي سٽون ذهن تي تري اينديون هيون .
”نيٺا
نيڻءَ پرين جا، جيئن رڻ ۾ رات ٺري
ڪوئي ڪئين ڪري.“
...........ڪيڏو نه ظالم آهيان آئون!!!....... مون
توکي ڪيڏو نه ستايو آهي !!!...... ڪالهه به ته مون
تو تي پنهنجي سموري ڪاوڙ لاٿي ڪيڏا طنز ڪيم
!!!........ مذاق اڏايم ۽ تنهنجن ڦٽن کي اکيڙيم
!!! .... ۽ تون !!! .... پهرين ته هميشه جيان
خاموشيءَ سان چپن تي هڪ اداس مرڪ پکيڙي سڀ ڪجهه
ٻڌندي رهئين........ پر پوءِ........ آهستي آهستي
تنهنجي اکين جي سنڌوءَ اٿل کاڌي ۽.....جڏهن مهراڻ
موج ڪئي ۽ اکين جا سمورا بند ٽوڙي ٻاهر نڪري آيو
ته مون کي ان ويل ڏاڍي خوشي ۽ سڪون محسوس ٿيو ڇو
جو ....... مون توکي هميشه پاڻ آڏو هارائيندي ڏسڻ
ٿي چاهيو.
اڄ... ٿوري دير اڳ ۾ جڏهن آئون ڪراچي نڪرڻ لاءِ
ڪار ۾ اچي ويٺس ته ان مهل تون به گهر مان نڪري
آئي هئين ، تنهنجي هٿن ۾ هڪ پيڪيٽ هو جيڪو تو مون
ڏانهن وڌايو هو ۽ پوءِ ٿڪل ٿڪل قدمن سان واپس
موٽي وئي هئين.
......۽ هاڻي ........ جڏهن ڄام شوري جي ڳاڙي شام
آهستي آهستي گهري سرمئي سانجهه ۾ مٽجي پئي ته آئون
به آهستي آهستي ماضيِءَ جي يادن کان موٽ کائي زمان
حال ۾ اچان ٿو ته مون کي ان وقت تنهنجي ڏنل پڪيٽ
جو خيال اچي ٿو ۽ آئون اٿي ڪار تائين اچان ٿو ۽
ڪار جي سيٽ تان تنهنجو ڏنل پڪيٽ کڻان ٿو ۽ کوليان
ٿو ته هڪ خوبصورت پينٽگ (PAINTING)
تي نظر پوي ٿي........
تنهنجي ئي ٺاهيل پينٽگ آهي جنهن ۾ شام جي سرمئي
سمي ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هٿ ۾هٿ ڏئي پنهنجي گهر
ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ ڪنڊ ۾ وکريل پيلن پتن
درميان کوکلي وڻ هيٺان هڪ اداس ناري هنن ٻنهي کي
حسرت مان ڏسي رهي آهي
PAINTING
سان گڏ هڪ لفافو به آهي. آئون پينٽنگ ڪار ۾ ئي
رکي آهستي آهستي هلندو دريا جي ڪناري لڳل ريلنگ
ڀرسان اچي بيهان ٿو ۽ جهڪي پاڻي ۾ ڏسڻ لڳان ٿو،
....... ڪجهه دير کانپوءِ خيالن مان ڇرڪي پنهنجي
هٿ ۾ پڪڙيل لفافو کوليان ٿو، تنهنجو خط آهي، هن ۾
آئون خط کولي پڙهان ٿو، ته تون مونکي مخاطب ڪندي
لکيو آهي.
دانيال! سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڪيئن مخاطب
ڪريان، مائٽ جي حيثيت سان يا وري هڪ اڻ ڄاتل ٻنڌڻ
جي حوالي سان جنهن ۾ تون مون کي ڪيتري ئي عرصي
کان جڪڙي رکيو آهي. ها! ......دانيال! ..... خبر
اٿم ته ناراض آهين مون کان ڇو جو منهنجي رويي جي
ڪري تنهنجي انا ۽ چاهت مجروح ٿي آهي جو مون اڄ
تائين ان جذبي جو اقرار نه ڪيو آهي جيڪو تو ٻڌڻ ٿي
چاهيو- مون ته سمجهيو ته آئون سڄي عمر اهو راز
سانڍي رکندس ۽ تون آخرڪار مايوس ٿي منهنجي باري ۾
سوچڻ ڇڏي ڏيندين ۽ مون کي پنهنجي دل مان ڪڍي
ڇڏيندين. پر مون کي خبر نه هئي ته تون ايڏو ضدي
نڪرندين ۽ تنهنجي اندر جو هٺيلو ۽ خود دار ماڻهو
پنهنجي اها بيعزتي سڄي عمر وساري نه سگهندو ۽ توکي
تاعمر ان احساس جي ڪري سڪون ملي نه سگهندو. اهو
ڏسي اڄ اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته جئين توکي
به ڪجهه سڪون ملي ۽ منهنجي دل تان پڻ بار هلڪو
ٿئي.
دانيال!....... آئون ڪيئن اظهار ڪريان ها ان جذبي
جو ڇو جو ...... اسان جي گهر جي ڇوڪرين کي پنهنجي
مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو حق نه ڏنو ويندو آهي.
نه صرف ڇوڪرين کي پر اڪثر ڇوڪرن جي زندگين جا
فيصلا پڻ مائٽ ئي ڪندا آهن . اسان وٽ اولاد کي
ڪڏهن پيار جي
slow poision
سان رام ڪري، ته ڪڏهن وري
مائٽاڻي حقن جي ”بليڪ ميلنگ“سان پنهنجي مرضي مطابق
هلايو ويندو آهي .
ياد اٿئي دانيال....... !!!....... ادا اشفاق جي
شاديءَ جي موقعي تي تنهنجي بابا کي تنهنجو چاچا
وڏو يعني ماما وڏو پرچائڻ آيو هو ........ توکي پر
اها خبر نه آهي ته انهن ۾ ڪهڙين شرطن تي ٺاهه ٿيو
هو. ها! ...... مونکي اها خبر آهي........ انهن
شرطن ۾ ٻنين جي معاملي کانسواءِ هڪ شرط اهو به
رکيو ويو هو ته فريده جو سڱ توکي ڏنو
ويندو........ پوءِ ...... تون ئي ٻڌائي ته اهو سڀ
ڪجهه ڄاڻندي به آئون پوءِ پيار جي واٽ تي اڳتي قدم
ڪيئن ٿي وڌائي سگهيس.....!!!؟؟ هونئن به ماما وڏي
جا مون تي گهڻا ئي احسان آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
هنن مونکي فريده ۽ فهميده جيان ئي ڀانئيو ......
پوءِ اهوئي موقعو هو ته آئون سندن احسانن عيوض
کين به ڪجهه خوشيون ڏيان ها .....
ها!........ مونکي خبر آهي ته جيڪڏهن تون فريده جي
بدران منهنجو سڱ گهرين ها ته به ماما وڏو انڪار نه
ڪري ها .پر ....... دانيال! ..... مون نٿي چاهيو
ته آئون وچ ۾ اچان ڇو جو منهنجي وڏي کان وڏي اها
ئي خواهش هئي ته تنهنجي بابا ۽ چاچا وڏي جي وچ ۾
اهڙو مضبوط رشتو جڙي وڃي جو اسان جو هي خاندان
ٻيهر وکري نه سگهي. هونئن به فريده منهنجي سڳي ڀيڻ
جيان آهي ۽ سندس خوشيون مونکي پنهنجي خوشين کان
وڌيڪ عزيز آهن. باقي جيڪڏهن منهنجي محبت جي اظهار
ڪرڻ سان تنهنجي انا جي تسڪين ٿي سگهي ٿي ته اڄ
آئون اهو اعتراف ڪريان ٿي ته پيار جي خوبصورت جذبي
کان مون کي پهرين ڀيرو توئي آشنا ڪيو ۽
شايد....... منهنجي زندگي ۾ ايندڙ ٻيو ڪوبه شخص
منهنجي دل جي تُارن کي ڇيڙي محبت جو اهڙو ڪو اهڙو
گيت ٻيهر منهنجي من مان اڀاري نه سگهي ڇو جو
منهنجي اندر تي شاهه سائين جو هي بيت اڳ ۾ ئي
اڪريل آهي.
سڪِ تنهنجي سُپرين ! جئين تران تئين تارِ ،
تون ئي رهيو روح ۾، تون ئي اکنئيان ٻار،
پرين! تنهنجي ٻار مون واجهائِيندي وَرِههَ ٿيا،
...... اوهه!!! رُباب !...... هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي
ويو آهي.......؟؟!!!!....... هي مون ڇا ڪيو
؟؟!!!......ها! ....... شايد اڄ کانپوءِ منهنجي
اندر وارو اتاولو، اناپرست ۽ ضدي ماڻهو هميشه لاءِ
ماٺ ٿي وڃي ۽ شايد منهنجي دل کي به اطمينان ملي
وڃي ڇو جو منهنجي دل ۽ روح مٿان جيڪو بار هو اهو
هلڪو ٿي ويو آهي ....... پر مون کي لڳي ٿو ته آئون
محبت جي بازي کٽي به هارائي ويو آهيان ۽ تون ....
هارائي به کٽي وئي آهين.
....آئون پنهنجن خيالن ۾ ئي گم رهان ٿو ته اوچتو
تيز هوا جو جهوٽو منهنجن هٿن مان تنهنجو خط کسي
سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏي ٿو ۽ مهراڻ
جون ڇوليون اتاوليون ٿي ڪاغذ جي هن پرزي کي وڪوڙي
ڪٿي دور...... دور هلنديون پيون وڃن. آئون ٿڪل ٿڪل
قدمن سان واپس ڪار م اچي ويهان ٿو.
..... ۽ هينئر!.... جڏهن آئون ڪار ڊوڙائيندو ڄام
شوري جي حدن مان نڪري حيدرآباد شهر کي پوئتي ڇڏي
ڪراچي ڏانهن وڌنڌو پيو وڃان ته هن مهل زري گهٽ رات
جي اونداهه ڇانئجي چڪي آهي. آئون هن وقت ٿڌين
هوائن جي جهوٽن دوران سوچيندو پيو وڃان ته :
” رُباب! ..... تنهنجي پيار جو واحد اقرار
سنڌوءَ جي ڇولين جي حوالي ٿي ويو آهي . شايد!....
ان ڪري جو تنهنجو پوتر پيار، مهراڻ جي پوتر پاڻي
جي تلاش ۾ هو ۽ .... مهراڻ جي موجن ۾ ملي هميشه
امر ٿي ويندو، ڇو جو ..... ڀلا سچي پيار جي ڇولين
۽ سنڌوءَ کي به ڪوئي مات ڪري سگهيو آهي.
وينا شرنگي
زندگي هڪ ناٽڪ
اڄ اسر ويلي فون آيو ته دليپ جي زندگيءَ بيوفائي
ڪري ڇڏي، سندس روح هن جهان کي الواع ڪري اُن جهان
۾ پهچي ويو آهي، جتان نه ڪو موٽيو آ نه موٽڻو آهي، اِها دردناڪ خبر ٻڌي دل کي ڌڌڪو رسيو ۽ دانهن نڪتي.
”اڙي الله اڃا ته جواني ئي ڪين ماڻيائين“. جڏهن
ماتمي گهر پهتس ته دليپ جي لاش مٿان چادر پيل
هئي، چئني طرفن کان زالن جو ميڙاڪو مٿن کان ننڍي
نيٽي گهر واري رچنا، ڀر ۾ پوڙهي ماءُ ۽ ٻاهر آڳر ۾
بزرگ پيءُ، مٽ مائٽ ۽ اوڙي پاڙي جا مرد سوڳ جي
عالم ۾ مٿي تي هٿ ۽ زمين ۾ اکيون کپائي ويٺا هئا.
رچنا کي ڏهاڳڻ جو اڇو جوڙو پهريل ڏسي اکين آڏو ست
سال اڳ جو سندس چهرو اڀري آيو، انهي گهر جي آڳر ۾
ماتم جو ميڙاڪو نه بلڪه باراتين جي ڀيڙ هئي، موت
جهڙو سناٽو نه پر رنگين بتين جي جهرمر ۽ گلن جي
خوشبو، رچنا کي ڏهاڳڻ جو سفيد وڳو نه بلڪه سهاڳ جو
سرخ جوڙو پهريل هو، رچنا جي نڪ ۾ نٿ، چهري تي
مسڪراهٽ ۽ اکين م چمڪ هئي . دليپ ۽ رچنا هر گهڙي
اُٿي رسيپشن ۾ آيل مٽن مائٽن جون مبارڪون قبول ڪري
رهيا هئا. مبارڪبادي طور تحفا مسڪراهٽ سان وٺي،
شڪر ادائي ڪري رهيا هئا .
رچنا کي گهر آباد ڪرڻ جو بيحد شوق هو، دل ۾ اُمنگ
۽ تمنائون، هٿن تي ميندي لڳائڻ جو جنون، سهاڳ جي
سرخ جوڙي پهرڻ ۽ سينڌ ۾ سنڌور ڀرڻ جي آرزو، رچنا
ماءٌ پيءُ جي پهرئيتي اولاد هئي. کين پٽ جو اولاد
ڪونه ٿيو هو. رچنا کي پٽن وانگر پاليائون. ائين ته
رچنا جون ٻيون به ڀينر هيون، پر هوءَ سڀني کان سرس
هئي. لاڏ ڪوڏ سان پليل رچنا جي شاديءَ لاءِ ماءٌ
پيءُ ڄڻ ڄمڻ واري ڏينهن کان ئي ڏاج ڏيوڻ ٺاهڻ شروع
ڪيو هو رچنا کي شادي جو بيحد شوق هو. پنهنجي اوڙي
پاڙي ۾ نه صرف جيڏين سرتين ۽ هم جولين ۾ پر ٻڍين
عورتن ۾ به بيحد مقبول هئي اوڙي پاڙي ۾ جتي ڪابه
شادي مرادي ٿئي، کيس نينڍ ضرور ملي. پاڻ به سعيو
ڪري ضرور شريڪ ٿئي. نه صرف شادي جي دعوتن ۾ پر ان
کان اڳ مينديءَ جون رسمون هجن يا شاديءَ مرادي جو
ڳائڻ. اهڙن موقعن تي سڀني جي وچ ۾ ويهي دهل تي ٿاپ
هڻي ڳيچ ڳائڻ جو سڳن ضرور ڪري”هڪ سون جو رپيو الله
ڙي الله..... اها گهوٽ ماءٌ هوندڙي، گهري ٿي.
مائو، مائو وائو ڪانه گهري ٿي گهوٽ گهري ٿي
ٻائو....“يا جهوٽا ديوار ڀاڀي نال اڙيو ري ....“
گوري گوري هاٿون ۾ ميندي لگا ڪر“ چل ري سجني اب
ڪيا سوچي ڪجرا نه بهه جائي روتي روتي ...... يا
”ڇوڙ بابل کا گهر، موهي بي ڪي نگر آج جانا
پڙا.......“ يا وري گانو هجي ته: ”سياور رام ميري
پر ڀو رام ، دين ديال ورڌ سنڀاري .....“
بس انهن شادين مرادين تي کانئس سوال- رچنا شادي
ڪڏهن ٿي ڪرين؟ ٻيلي اسان کي پنهنجي شادي ۾ ضرور
گهرائجان رچنا جو سڀني کي اهوئي جواب ...... جلدي
ڇوڪر ڳوليو، ڀڳوان کي پراتنا ڪريو ته جلدي شادي
ٿئي. رچنا جو گهر آباد ڪرڻ ۽ جيون ساٿي ملڻ لاءِ
نه صرف مٽن مائٽن جون پرارٿنائون پر اوڙي پاڙي جي
ٻڍڙن ٻڍڙين جيڏين سرتين جون به دعائون شامل آهن.
شايد ڪا اهڙي ڇوڪري هوندي جيڪا بنا حجاب جي پنهنجي
شاديءَ جي تيارين ۾ اهڙيءَ طرح اڳواٽ مصروف، سڀني
کي کلي چوي منهنجي شاديءَ جو مهورت ئي نٿو نڪري،
خبر نه آهي ڪڏهن مان.....
اهو سڀاڳو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن سڀني دعائون بر
ثواب ٿيون. رچنا جو دليپ سان مڳڻو ٿو.”جهٽ مڱڻي پٽ
شاڊي“ڪئي ويئي. محفلون متيون، اوڙي پري کان مٽ
مائٽ ٻارن ٻچن سميت اچي شامل ٿيا. تحفن جا دير لڳي
ويا.
رچنا جا سپنا پورا ٿيا. آرزو ۽ اُمنگ پورا ٿيا ،
سهاڳ رات جي سينگار ۾ هٿن پيرن تي ميندي، زلفن ۾
گلن جي سجاوٽ- نرڙ تي اڇن ڳاڙهن ستارن جو جهرمٽ،
سهاڳ جا چوڙا. منگل سوتر، جهومر، پازيب مطلب ته هر
ذات جي ڪنوار جي سنگهار ۾ رچيو.
ٻن سالن جي اندر ڌيءَ ۽ پوءِ پٽ هار
سينگهار،اُمنگ ۽ آرزوئن جي ٻارن جي سارسنڀال ورتي
تنهن کانپوءِ آکيري ۽ اجهي اڏڻ جو فڪر- دليپ ڀائرن
۽ ڀينرن۽ پيءٌ ماءٌ سان گڏيل ڪٽنب ۾ رهندو هو جتي
به باسڻ هوندا ضرور کڙڪندا.
هال جي خوشين جي جاءِ مستقبل جي فڪر والاري، رچنا
جو وسيع دائرو سڪڙجي ٻارن جي آئنيدي جي پروگرامن
تائين وڃي محدود ٿيو.
ٻئي طرف رچنا جي ماءٌ پنهنجي ڌيئرن جو بار لاهڻ
کانپوءِ مٽن ماٽن ۽ واقفڪارن وٽ اچڻ وڃڻ ۾ اضافو
ڪري ڇڏيو. رچنا جي ماءٌ هر هنڌ پنهنجي خوشقسمتيءَ
۽ اڄ جي دور ۾ ڌيئرن جي بار لاهڻ واري پهاڙ ڏاڙڻ
واري ڪم تي پنهنجي سڃاڻپ تي فخر ۽ ناز ڪري ٻين کان
پڇي ته ٻارن جي ڪم ۾ اوير ڇو ڪئي اٿو؟ ڏسو مون
ڪيڏو نه جلدي ڪم اُڪلايا آهن. منهنجون ڌيئر ته
امڙ” تري هڻي تخت تي ويٺيون آهن“ جن بدنصيب مائٽن
جي ٻارن جي انگن کولڻ ۾ اوير پئي سي ويچارا مائٽ
شرم وچان رچنا جي ماءٌ کان وتن ڪنڊون پاسا ڪندا.
”هوءَ اهڙن بدنصيب مائٽن کي بدنصيبي جي دهائي ڏيئي
اچي وري جي ڪنهن جو ڪو سندس ٻارن جي ڀيٽ ۾سائي
ستابي گهر ۾ٿئي ته ٻنهي ڌرين کي ليز ڏيئي ڇڏي.
چوندا آهن ”لکيو لوها ڪوٽ ڀڃي“پر رچنا جي ماءُ ته
لکئي کي به پنهنجي فن جي ذريعي ڪوٽ اورانگهڻ نه
ڏئي. انهن جي بدنصيبي جو ڍنڍورو ضرور ڏئي.
رچنا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ماءٌ کي سمجهائيندي به هئي
ته ٻين جي معاملن ۾ نه پوي ته سٺو ٿيندو. پر ”هيري
سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي“. انسان ته عادت کان
مجبور ٿيندو آهي ، ماڻس ٻڌو اَڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندي
آهي.
ٻئي طرف رچنا کي اجهي اڏڻ جو فڪر ۽ ٻارن جو بوج،
جيڏين سرتين کان ان ڄاڻائيءَ ۾ پري ڪندو ويو. ڪڏهن
ڪٿي انهن سان ملاقات ٿي وڃي ته چوي”سرتيون
حال ئي نه پڇو“ ۽ وري پنهنجي شاديءَ ۾ گهر
گرهستيءَ تي اهڙا لطيفا ٻڌائي جو ٽهڪن جو سلسلو
اصل بند ئي نه ٿئي.
سندس گهوٽ پنهنجو ڪاروبار ڪندو هو. هنن ننڍڙو فليٽ
ورتو، دليپ جي پنهنجي سر تي ٻوجهه هئڻ ڪري ڌنڌي
ڌاڙيءَ ۾ وقت جي پابندي ئي ڪانه، صبح جو گهران
نڪري شام جو گهر پير پائي. ان کانپوءِ وري ٻارن جي
پڙهائي لکائي جو فڪر هر مهيني جاءِ جي قسطن ڏيڻ جو
اونو، مٿان هنن ڪار به بوڪ ڪرائي هئي. اُن جو نمبر
به اچي ويو ۽ مٿان اُن جي رقم جي ادائگي جو به
فڪر- روشن مستقبل جي آسن اُميدن ۽ آئيندي اڏڻ جي
فڪر ۾ سندن شاديءَ جي ستن سالن جو عرصو ادائگي جي
ڳڻ ڳوٽ وارن فڪرن ۾ اک ڇنبڀ ۾ گذري ويو.
هڪ ڏهاري رچنا دليپ کي چيو دليپ اسين ته قسطن جي
ادائگي ۽ آئيندي جي فڪر ۾ ايترو ته رڌل رهياسين جو
تنهائيءَ ۾ چند گهڙين لاءِ پاڻ گفتگو به نه ڪري
سگهياسين، هل وري ڪنهن HILL
STATION
تي هلون، ها وري هلي
HONEY MOON
ملهايون.
هل اسٽيشن جو ماحول- رچنا ۽ دليپ- ۽ هنن جا ٻار-
هنن جو پنهنجو سنسار- پنهنجا اُمنگ - آرزو- ۽
خوشيون ۽ خوشين جي انتها- عروج- ۽- ۽- ۽ عروج
کانپوءِ- پوءِ هل اسٽيشن تان وا پسي.
هل اسٽيشن تان واپسي ورڻ تي دليپ کي گردن ٽوڙ بخار
ٿيو، سندس نس ٽٽي پئي ۽ هو هفتي تائين بيهوشيءَ جي
عالم ۾ رهيو. رچنا کي دليپ جي اکين پٽڻ جو انتظار
هڪ دفعو وري رچنا سڀني ڏانهن دعائن لاءِ نهاريو،
هڪ دفعو سينڌ ۾ سينڌور جي ستارن جي چمڪ لاءِ- سهاڳ
لاءِ – سهاڳڻ جي جوڙي لاءِ- جيون ساٿيءَ جي ساٿ
لاءِ.
اڄ نه ٻڍڙين جون پرارٿنائون اگهيون نه جيڏين سرتين
جون دعائون برثواب ٿيون. دليپ جي اکين ٻوٽڻ سان
پوڙها ماءٌ پيءَ اکين هوندي جوت وڃائي ويٺا، رچنا
جي سينڌ جو سندور مٽجي ويو، آشيانو اُجڙي ويو.
منهنجي اکين آڏو اڄ کان ست سال اڳ جو منظر تري
آيو، سنواريل سنگاريل چمڪيلي لباس واري ڪنوار
رچنا-
رنگ برنگي بتين جا جهرمٽ، شاديءَ ۾ شريڪ ٿيندڙن جا
هوا ۾ گونجندڙ ٽهڪ - اڄ ماضيءَ جي اُنهن وڻندڙ
ٽهڪن، دل ڏاريندڙ ورلاپن جو روپ اختيار ڪيو،
منهنجي لبن تي ”زندگي هڪ ناٽڪ“ جا لفظ اُڀريا،
اُهو ناٽڪ جو ٻيو منظر هو.
ها!ناٽڪ جو پهريون حصو مختصر هو بيحد مختصر،
ايترو جلد اهم ڪردار دليپ جي
EXIT,
رچنا کي الوداع
دليپ جي الواداعي سفر وقت رچنا جي ماءٌ سيني تي
زور سان هٿ هڻي چيو-”اي ڀڳوان هن ابهم ته ڪو پاپ
ڪو نه ڪيو هو، تو هن معصوم کي ڪهڙن پاپن جي سزا
ڏني؟“ اُن دانهن تي دل مان دانهن نڪتي:”ڪنهن جي
پاپن جي سزا ڪير ڀوڳي رهيو آهي.“
سندس ماءُ هر وقت چوندي هئي ته- مون ته پنهنجن
ٻارن جا گهر آباد ڪري ڇڏيا آهن. مان ته اصل وهاڻو
سيرانڌيءَ ڪري آرامي آهيان، مون ته پنهنجي ٻارن جي
تانگهه لاٿي آهي، رچنا جي ماءٌ صحيح فرمايو” ته
مان پنهنجي ٻارن جي تانگهه لاٿي آهي مون پنهنجون
جوابداريون پوريون ڪيو آهن.“ پر رچنا کي ته-پنهنجي
جوابداري اڃان نباهڻي آهي. رچنا مٿان اڃا ٻارن جون
جوابداريون آهن. رچنا جي ناٽڪ جي شروعات ته اڃا
هاڻي ٿي آهي . اڃا ته ناٽڪ جو هڪ انگ پورو ٿيو
آهي.”ها زندگي هڪ ناٽڪ آهي.“
پاڻي مٿي جهوپڙا
”ڪلهه آفيس ڇو نه آئين؟“
” گهر واري کي اسپتال وٺي ويو هئس، ٻار ٿيو آهي“
”مبارڪ هجئي گهڻا ٻار ٿي ويا آهن؟“
”نو“.
”هان“!!نو ٻار؟ ڪمال آهي، خانداني رٿابندي جو
آفيسر ۽ نوَ ٻار؟
” بس يار الله سائين جي عنايت آهي“
تبسم مهتاب
تانيه ٿيٻو
اوسيئڙو
ريشمان پنهنجي وارن کي ڦڻي ڏيندي ٻاهر نيري آسمان
ڏانهن ڏٺو، ” اڄ فائزا کي اچڻو هو“ ريشمان جلدي
جلدي ڪمري جي حالت ٺيڪ ڪئي. ريشمان ٿوري دير لاءِ
ٻاهر اڱڻ ۾ آئي ۽ اڱڻ ۾ ويٺل پنهنجي ڀاءٌ ڀيڻ کان
پڇڻ لڳي.
” پپو! گڏي! ٻڌايو اڄ
برسات پوندي يانه؟“ ”برسات....“ پپو سوچندي اڃان
ايترو مس چيو ته گڏي به مٿي آسمان تي ڇانيل ڪارن
ڪڪرن ڏانهن نهاري هڪدم چيو ”پئجي سگهي ٿي.“
”اهو به ڪو جواب ٿيو“ ريشمان چيو.
ڇو ڀلا توکي ڪهڙو ڪم آهي برسات ۾؟ پپو ٿوري ڪاوڙ
مان چيو.
ريشمان پپو کان چار سال وڏي هئي ۽ گڏيءَ کان اٺ
سال پر هنن ٻنهي هن کي وڏي ڀيڻ نه سمجهيو هو ڇو ته
هوءَ سنجيده قسم جي ڇوڪري نه هئي ۽ هن پاڻ به ڪڏهن
هنن ٻنهي کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي
ته ڪو هوءَ هنن کان ايترا سال وڏي هئي.
”اڇا اهو ٻڌايو ......“ريشمان اڃا ايترو مس چيو،
ته گڏي هڪدم چيو”ته اڄ ريحان ايندو يا نه ايندو.“
اها ڳالهه ٻڌي ريشمان ٿوري مصنوعي ڪاوڙ مان
چيو،”مون اهو ته ڪونه پئي پڇيو“. ”تنهنجي دل ۾ ته
اهائي ڳالهه هئي نه؟ تون پڇين نه پڇين“ پپو
چيو”تون منهنجي دل مان گهمي آيو آهين ڇا“ ريشمان
اهو چئي رهي هئي ته هن جي ماءٌ سڏيو ريشمان ان کي
جواب ڏنو؟ ها!ٰ امان اچان ٿي.“
ريشمان اندر اچي پنهنجي ماءٌ جي ٻڌايل ڪم ۾ لڳي
وئي. اوچتو هن کي گڏيءَ جي چيل ڳالهه ياد آئي ۽ هن
جي دل ۾ پاڻ کان ساڳيو سوال ڪيو.
”اڄ ريحان ايندو يا نه“ ؟ ريشمان کي ڪو به جواب نه
سمجهيو ريحان هن جي ڀاءٌ جو دوست هو. ڊگهي قد جو
سنهڙو ڇوڪروجيڪو ريشمان کي پهرين نظر ۾ وڻيو هو ۽
اها خبر گهر ۾ ڪنهن کي به نه هئي سواءِ پپو ۽ گڏي
کي، ريشمان جي چوري هنن هڪ ڏينهن پاڻ ئي پڪڙي هئي.
هڪ ڏينهن ريحان جو ٻڌي ريشمان تڪڙي تڪڙي پنهنجي
ڀاءٌ وٽ آئي هئي ۽ * هن سان ضد ڪيو هئائين ته هن
کي ريحان سان ڳالهائڻ ڏي هن کي ڪاليج جو هڪ ضروري
ڪم آهي. ريحان هن جو ڪلاس فيلو به هيو، ٻئي ساڳي
ئي ميڊيڪل ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ پڙهي رهيا هيا.“
”ڪهڙو ڪم اٿئي مون کي ٻڌاءِ مان ٿو پڇانس،“ ريشمان
جي وڏي ڀاءٌ صغير ضد ڪيو هو.
”مون کي اسٽيج (ٽيسٽ) جي باري ۾ پڇڻو آهي“ ريشمان
ڪوڙ ڳالهايو.“
”سوني کان ڇو نه ٿي پڇين“ صغير حيرت مان چيو هو.
”سوني کي خبر ڪونهي هوءَ ڪالهه ڪاليج ڪونه آئي
هئي.“ ريشمان ڪاوڙ مان چيو،”پاڻ ڪاليج ۾ جڏهن
ڇوڪرين سان ويٺو هوندو آهين تڏهن؟ يا وري ڪلاڪن جا
ڪلاڪ منهنجي ساهڙين جا ويهي قصا پڇندو آهين تڏهن!
جڏهن اچن ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ويهي رهندو
آهين تڏهن مون تو کان ......“
”اڇا ته اها ڳالهه آهي، تون به سڌوسنئون ائين
ڇونه ٿي چوين ته ريحان سان ڪچهري ڪرڻي آهي، اسٽيج
جو بهانو ڇو ٿي ڪرين.“
صغير ڪاوڙ مان چيو.
”نه اها ڳالهه ڪونهي، مون کي هن کان اسٽيج لاءِ
ئي پڇڻو آهي پر مان توکي تنهنجا افعال ٿي ياد
ڏياريان“ ريشمان پنهنجي چوري پڪڙجڻ تي ڊڄي وئي ۽
هڪدم چيائين، پر هن کي جلدي احساس ٿي ويو ته هوءَ
گهڻو ڪجهه ڳالهائي وئي آهي ۽ هاڻي بگڙجڻ تي آهي سو
هن ڪاوڙ مان چيو” چڱو ٺيڪ آهي ڪونه ٿي ڳالهايان
مان ريحان سان کڏ ۾ وڃي پوي اسٽيج ....“ ۽ اندر
ڪمري ۾ هلي آئي.
”اڙي ريشمان تون روئين پئي“ ريشمان ڪنڌ مٿي ڪيو.
پپو ۽ گڏي ٻئي هن جي ٻنهي پاسن کان اچي بيٺا هئا.
ريشمان جي دل چئي رهي هئي ته هوءَ هنن ٻنهي کي سڀ
ڪجهه ٻڌائي ڇڏي. ”ها مون کي ريحان وڻندو آهي.“ مان
هن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهڙيون ڪرڻ چاهيان ٿي. هن
سان ملڻ چاهيان ٿي پر.........“
پر هنن ٻنهي کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه هئي ٻنهي وٽ
ان ڳالهه جو ڪوبه جواب نه هو ته ريحان سان ڇو نه
ٿي ملي سگهي، ڇو ته هن سوال سان به هنن جو ڪو
واسطو نه هو.
ان ڏينهن جي واقعي کانپوءِ جڏهن به ريحان ايندو هو
ته گڏي يا پپو ٻنهي مان هڪڙو اچي هن کي ضرور
ٻڌائيندو هو،”ريشمان ريحان آيو آهي“ ۽ هاڻي ته هو
ٻئي هن جي انتظار کي به سمجهڻ لڳا هئا تڏهن ته
ريشمان جي هن سوال ڪرڻ تي ”ته اڄ برسات پوندي يا
نه پوندي “۾ لڪل انتظار کي گڏي سمجهي وئي هئي ۽
هڪدم، ريحان ايندو يا نه ايندو“ وارو جملو چيو
هيائين.
ريشمان پنهنجي پاڻ کان پڇيو ”اڄ ريحان ايندو يا نه
ايندو“ ڄڻ ريحان هن سان ملڻ اچڻو هو.
ٿوري دير ۾ برسات پوڻ شروع ٿي وئي، گڏي ڪنهن ڪم
سان اندر آئي ته فخريه انداز ۾ ريشمان کي چيائين:
”مون ڇا چيو هو ته برسات پوندي.“
ها! چڱو محڪمئه موسميات تو صرف امڪان ظاهر ڪيو هو
ته ”پئجي به سگهي ٿي.“ ريشمان گڏي جا لفظ دهرايا.
ريشمان ڪمري مان اٿي ٻاهر آئي، مٿي آسمان ۾ ڪارا
ڪڪر بيٺا هئا، ڪيڏو سٺو ٿئي اگر ڪاليج ۾ ريحان ۽
مان ائين ويهي سگهون جيئن تبسم ۽ زبير گڏ ويهندا
آهن ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهڙيون ڪندا آهن. زبير ۽
تبسم ٻئي هن جا ڪلاس فيلوز هيا. |