نظم
ڪي ڪي موتين داڻا ماڻهو
مکڻ جا ڄڻ چاڻا ماڻهو
پائي هانو هندوري لوڏيان
اهڙا ساهه سيباڻا ماڻهو
جاڳرتا جي جوت جلائين
ٽهڪن. جا ٽانڊاڻا ماڻهو
قرب وارن سان ڪاوڙجي ڪي
ڏاڍا ڪن ٿا ماڻا ماڻهو
پيڙا جي پولارن ۾ پڻ
هليا وتن ويڳاڻا ماڻهو
ڏک انهن کي ڏاج ٿي مليو
سورن ۾ ساماڻا ماڻهو.
غزل
منزل تي مونکي منهنجي رسائي ته کڻي ڪو
ڪيئن عمر گذاريان هي ٻڌائي ته کڻي ڪو
دنيا ۾ جيئڻ وارو مون کي ڍنگ سيکاري
همت به اها منهنجي وڌائي ته کڻي ڪو
کلندن سان کلڻ منجهه ته شامل ٿو ٿئي جڳ
روئندن کي ڪڏهن ڪاش کلائي ته کڻي ڪو
دل منهنجي ڏنو آهي هي پيغام محبت
هٿ پيار ڀريو مو ڏي وڌائي ته کڻي ڪو
مون ڇيڙي چڏيا گيت محبت جا سڀئي
آواز سان آواز، ملائي ته کڻي ڪو
طوفان هزارين ٿا اچن راهه وفا ۾
الفت جو اتي ديپ جلائي ته کڻي ڪو
تقدير لکيو جيڪو اهو مٽڻو ته ناهي
تنهن هوندي مگر حيلا هلائي ته کڻي ڪو
نظم
منهنجا مٺا اباڻا آهن
جهوپا جنهين پراڻا آهن
پٽڪو اجرڪ سنڌي ٽوپي
منهنجي ساهه سيباڻا آهن
هوشو هيمون دولهه دودا
هر گهر منجهه ساماڻا آهن
لک لهي ٿي لوڏ انهن جي
جهڙا موتيءَ داڻا آهن
ناموس مٿان ڪنڌ ڪپائين
ناڻي تي نه وڪاڻا آهن
ڀاڳ ڀلاري منهنجي ڌرتي
جت ڀٽ ڌڻيءَ جا ڀاڻا آهن
گيت
پنهنجا سور سلڻ ٿي چاهيان
تو لئه گيت لکڻ ٿي چاهيان
من مندر ۾ توکي وهاري
تنهنجي پوڄا ڪرڻ ٿي چاهيان
دل جي آئيني ۾ وهاري
توکي ئي ته ڏسڻ ٿي چاهيان
پيار جي سندر مورت ۾ مان
پنهنجا رنگ ڀرڻ ٿي چاهيان
توسان نينهن نڀائڻ خاطر
سڀ الزام کڻڻ ٿي چاهيان
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن
ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن
ساهڙ سندو تن، گها گهائي گهڙن جي
(شاهه)
مـــضــمـــون
انٽرويو: وٺندڙ: گل بدن آصف مصراڻي
تنوير جوڻيجو
س : اوهانکي پنهنجي خانداني ورثي ۾ علم دوستي ۽ ادب پروري ملي
ٻدايو ته، اوهانجي ليکڪا ٿيڻ ۾ خاندان جي اهڙي اثر
جو ڪيترو عمل دخل آهي؟
ج: سڀ کان پهرين ته تنهنجي مهرباني جو تو مونکي اهو موقعو ڏنو.
اها هڪڙي حقيقت آهي گلبدن، ته خاندان جو اثر، انسان جي شخصيت تي
ڪافي قدر پوي ٿو.خاص طرح سان ڇوڪريون، جن جي
ٻاهرين دنيا سان گهٽ ٿو واهپو ٿئي ۽ ساڳئي وقت
هڪڙي ڇوڪري خانداني دٻاءُ هيٺ پڻ وڌيڪ هجي ٿي،
بنسبت هڪڙي ڇوڪري جي ۽ جيڪڏهن مائٽ ڪنهن ڳالهه
تان ناراض ٿا ٿين ته ڇوڪري ان طرف جو رخ به نه ٿي
ڪري.
سو اها بهرحال حقيقت آهي ته جيڪڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته غياث
جوڻيجو جي ڪري. ۽ خود منهنجي پيءُ صدرالدين جي
ڪري.
ڪجهه دلچسپ واقعا پيا ياد اچنم. اسڪول ۾ پڙهندي هيس دوستيءَ جي
حلقي ۾، اهي نينگريون هونديون هيم، جن جي گهر وارا
کين ناول کي ڇهڻ جي به اجازت نه ڏيندا هئا،۽
اهوئي خيال منهنجي به ذهن ۾ هوندو هئو ته شايد
ناول ڪا ايڏي ئي خراب ڳالهه آهي! هڪڙي ڀيري، بابا
نسيم حجازيءَ جو ناول ، ”انسان ۽ ديوتا“ پئي پڙهيو
۽ پڙهڻ کانپوءِ ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيو. ۽ مون اهو ڪتاب
ڏٺو اٿلائي پٿلائي ڏٺم ته آهي ڇا دلچسپ لڳو دل ٿي
ته پڙهان پر ساڳي وقت ڇوڪرين جو ويهاريل خوف ته
”پڙهان ته متان بابا ناراض ٿئي.“ سو خوف ۾ ڪوٺيءَ
۾ وڃي اهو ڪتان پڙهڻ شروع ڪيم. هڪ وار اوچتو بابا
اچي مٿان ڪڙڪيو.“ ”هي ڇا آهي؟“بابا پڇيو.
”ناول آهي بابا“. ڊپ ۾ وارڻيم.
”پوءِ هتي گرميءَ ۾ ڇو پئي پڙهين. ٻاهرهلي وائک ۾ پڙهه!“.
رد عمل مون واري سوچ کان بلڪل ئي مختلف، بلڪل ئي عجيب هئو.
ساڳئي وقت شاباسي به مليم ته ”بابا پڙهڻ جي عادت
سٺي آهي . جيڪو به ڪتاب ملي ماڻهوءَ کي پڙهڻ کپي“.
اهڙي طرح پهرين ڪهاڻي لکيم !”ت سحر “ جي نالي سان ڀائوءَ (غياث)
ڏنو ”ت سحر“ ڇو تنوير جوڻيجو ڇو نه؟.
ماما غفور، هميشه خوش ٿيندو هئو ڪهاڻي ڏسي.
سو هن قسم جي سخت هاڪاري موٽ ملي مائٽن کان ۽ پوءِ انهن حالتن
۾ مان ڇو نه لکان ها!
س:”ڇا اهو ضروري آهي ته ادبي دنيا ۾ اديب جو اولاد اديب ٿئي ۽
شاعر جو اولاد شاعر ٿئي جيڪڏهن اهو ضروري نه هجي
ها ته پوءِ سنڌ ۾ اهڙا مثال ڇوٿا ملن جهڙوڪ مخدوم،
قادري ۽ مرزا.؟
ج: جيئن ته گل، مون اڳ ۾ به چيو ته انساني شخصيت تي گهرو ماحول
۽ گهر وارن جو گهڻو اثر ٿو پوي. اديب گهراڻو آهي
ته ڪتاب رسالا اديب پرور دوست هڪڙي ٻارکي ورثي ۾
ملن ٿا ۽ هو ننڍپڻ کان ئي انهن سان مانوس ٿي ٿو
وڃي.
نه رڳو ادب، پر ڪنهن به فيلڊ ۾ وڃو گائڪ جو اولاد گائڪي جي فن
کان اشنا ٿئي ٿو. ڊراما آرٽسٽ يا فلمي اداڪارن جو
اولاد ايڪيٽنگ جي الف بي فيلڊ ۾ اوهانکي ائين ئي
نظر ايندو.
سروري شيخ عرف ڪشمير خان خان جو پٽ غلام رسول شيخ ڌاڙن جي ميدان
۾ اڳڀرو آهي.
س: ”اوهان استاد به آهيو ۽ اديب به اوهانجي خيال ۾ اهي ٻئي روپ
هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن يا دنيا جا مختلف ڇيڙا؟
ج: استاد جو ڪم آهي علم ڏيڻ، سمجهه عطا ڪرڻ، ٻار جي تربيت ڪرڻ،
غلط ۽ صحيح کان شاگرد کي آشنا ڪرڻ.
اهوئي ساڳيو ڪم اديب جو به آهي. معاشري جي براين جي نشاندهي
ڪرڻ، پڙهندڙن کي شعور بخشڻ. سٺي ۽ بري جي تميز
ڏيڻ.
استاد محدود آهي هڪڙي ڪمري اندر، آواز جي حد تائين.
اديب لامحدود آهي.... معاشري جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين، قلم ذريعي رسائي
حاصل ڪري ٿو. بنيادي مقصد، بهرحال ٻنهي جو
ساڳيوآهي.
س: تعليمي پستيءَ جي ذميواريءَ لاءِ استاد کي ديانتداريءَ سان
پنهنجو ڪيترو ۽ ڪهڙو ڏوهه قبول ڪرڻ گهرجي؟
ج: حقيقت هيءَ آهي ته اڄ جي دور ۾، اسان سڀ ايڏا باشعور ٿي ويا
آهيون جو هر ڳالهه لاءِ جواز ۽
Justifications
منٽ ۾ گهڙي تي بار لاهي معاشري تي ٿا رکون. معاشرو
ڇا آهي؟ حڪومت ڪهڙي بلا آهي. اهو ته ٿا ويچاريون،
معاشرو يا حڪومت آسماني بلائون نه، پر اسانجو گڏيل
وجود يا گڏيل نانءَ آهن.
سو هن وقت اياز واري سِٽَ پئي هانَوَ تي هريم مان ڏوهي آن.
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن“.
سو ڏوهه آهن. سنڌ جي نالي ۾ هر ناجائز کي جائز قرار ڏيڻ.
معاشري کي قصور وار چئي
پاڻ کي بري الف ۾ قرار ڏيڻ. ڪلاس نه وٺي ٻارن کي خوش ڪرڻ لاءِ
مارڪن جا سِڪا ڏيڻ!
س: ڇا اهو صحيح آهي ته سنڌ ۾ متضاد نظر ين جي کچڙي سنڌ جي اديب
۽ دانشور جي پيدا ڪيل آهي؟
ج: گل جيستائين ليکڪ يا لِکارين جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ انهن جي
ڪمي ڪانهي. ها، البت دانشور يا اديب محض آڱرين جي
ڳڻڻ جهڙا آهن. ۽ ٻي ڳالهه ته ڪجهه دانشور جن اسان
کي نظريا ۽ تصور ڏنا آهن انهن کي اسان سياستدان جو
درجو ڏئي ويٺا آهيون ۽ انهن مان سياست جي توقع پيا
ڪريو .
ساڳئي وقت هر ٻيو ماڻهو اسان وٽ ليڊر آهي. ڪوبه فرد پوئلڳ يا
ورڪر ٿيڻ پسند نه ٿو ڪري ۽ ظاهر آ، سڀ ته نمبر
وَنَ نه ٿي سگهندا. ڪوٻيو به ٿيندو ٽيون به ٿيندو.
چوٿون به ٿيندو ۽ مان سمجهان ٿي اها سڄي گڙٻڙ ليڊر
ٿيڻ جي شوق سببان پيدا ٿي آهي.
س: هڪ اديب کي اسان جي معاشري ڪهڙو مقام ڏنو آهي ؟ جيڪڏهن کيس
جوڳو مقام نه مليو آهي ته ان لاءِ خود اديب ڪيتري
قدر ذميوار آهي؟
ج: جيستائين معاشري جو تعلق آهي. اسانجي سماج، اديب کي باقائده
مڃتا ڏني آهي قبوليو آهي. عوامي طرح سان به سرڪاري
طرح سان به، باقي اها به هڪڙي حقيقت آهي ته هر فرد
۾پنهنجا به ڪڻا هوندا آهن/ ۽ ڪجهه عمل، تقدير جو
به هوندو آهي. بهرحال معاشري اديب کي گهڻو ڪجهه
ڏنو آهي عزت، آبرو، نوڪري چاڪري /تنوير جوڻيجو کي
جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي ته سندس ٻن
چئن ابتين سبتين لکڻين جي ڪري، نه ته سوشالاجيءَ ۾
گهڻائي قابل ڊگر يون کنيو هلندا پيا وتن!
س: اوهان ادب ۾ داخليت کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿيون يا آبجيڪٽوِٽيءَ
کي؟
ج: جيستائين، داخليت جي ڳالهه آهي ته داخليت، حقيقت جو هڪ رخ
آهي. جيستائين ماڻهو پنهنجا خيال، پنهنجا ويچار
پاڻ نه سمجهندو ته اهي ٻين جا ڪيئن سمجهندو؟ ادب ۾
داخليت ان حد تائين ضروري سمجهان ٿي جيتري ان مان
آبجيڪٽوٽي حاصل ٿئي. ڪو مقصد ڪا حاصلات عوام اڳيان
اچي. جنهن مان ٻئي کي ڪا روشني، ڪو رستو ملي.
س: ادب براءِ زندگي ۽ ادب براءِ ادب جي نظرين کي اوهان ڪيتري
قدر قبول ٿيون ڪيو ۽ اوهان ڪهڙي مڪتب فڪر جون قائل
آهيون؟
ج: مون هميشه، ادب براءِ زندگي کي قبوليو آهي. ادب زندگي آهي،
سماجي تاريخ آهي. صبحاڻي انهن ڪهاڻين، شاعري ۽
مضمونن جي آڌار تي ئي تاريخ مرتب ٿيندي، تحقيق
سمجهان ٿي. محض دل وندرائڻ وارو رانديڪو نه.
س: اوهان ادب ۾ تخليق سان گڏ تحيقيق مان ڪنهن کي وڌيڪ اهميت ڏيو
ٿيون؟
ج: جيئن ته گل، مون اڳ به وضاحت ڪئي ته ٺوس ادب اهو آهي، جنهن
مان حقيقتون ڪٺيون ڪري نتيجا ۽ تاريخ مرتب ڪري
سگهجي. سو اها تخليق نه هوندي ته تحقيق نه ٿي
سگهندي ۽ جي تحقيق نه هوندي ته تخليق جي اهميت نه
ٿيندي. سو ٻئي هڪ لاءِ اهم آهن ۽ مان ٻنهي کي
ساڳئي وقت اوتروئي اهم سمجهان ٿي.
س: ادب ۾، اوهانجو پسنديده موضوع ڪهڙو رهيو آهي اوهان عورت جي
حوالي سان سماج جو مطالعو پيش ڪيو آهي يا عورت جي
ڌر وٺي سماج جي خيالي تصوير ٽوڙي موڙي پيش ڪئي
آهي؟ پنهنجين لکڻين مان مثال ڏئي سمجهايو؟.
ج: ”دراصل جڏهن مون لکيو. ان وقت ته ايڏي سمجهه يا شعور ڪونه
هئو (عمر جي حوالي سان نه، پر مطالعي جي حوالي سان
ٿي ڳالهه ڪيان) ته عورت جي حوالي سان لکجي يا عورت
جي ڌر وٺي لکجي. بس ڪجهه واقعا هئا جن کان متاثر
ٿي ڪهاڻيون لکيم، جهڙا پوءِ انهن ۾ ڪي واقعا اهڙا
هئا جن جو شڪار ٻار هئا، ڪي اهڙا جن جو شڪار
عورتون هيون ۽ ڪي وري اهڙا جن جو شڪار مڙد هئا.
مثال ”ڇو ٿي ڄڻيه“ هي ڪهاڻي هڪڙي اهڙي نينگر جي
هئي جنهن جو پيءُ فوت تي ويو هئو ۽ ماڻس ٻي شادي
ڪري هلي وئي هئي. اها نينگر اسانجي گهر ۾ ڪم ڪندي
هئي.
اهي اميد الله ۾.“ هي ڪردار پڻ منهنجي اڳيان هئو/ هيءُ وڏي عمر
جي خاتون هئي جنهن جو پٽ ولايت هليو ويو هئو، پر
هيءَ عورت انهيءَ ڪامپليڪس ۾ هئي ته سندس پٽ کي
سندس ساهرن ڪوٽ ۾ بند ڪيو آهي ته جيئن هن سان ملي
نه سگهي.
جڏهن ته ”گهاٽ پراڻي“ انهيءَ نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو پڙهڻ
سانگي يونيورسٽيءَ ۾ اچي ٿو. خوابن جا محل سندس دل
۽ ذهن ۾ آهن کيس سندس آئيڊل، هن ئي ڌرتيءَ تي نظر
اچي ٿي / پر هو حالتن جي ورن وڪڙن ۽ رواجن جي
زنجيرن سببان مائٽن جي فيصلي تي سر جهڪائي ٿو. پر
پوءِ حالتن سان سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ٻي شادي
لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿو ٿئي!
س: اوهانکي سنڌي ادب ۾ عورت جو ڪهڙو آئيندو نظر اچي ٿو؟
ج: سنڌي ادب ۾ عورتن لاءِ وڏي گنجائش آهي.......
جنهن به نينگريءَ ۾ ٿورا گهڻا ڪڻا هجن ٿا اها اڀري ٿي
اچي.......پر هڪڙي ڳالهه البت حيران ڪن آهي ته ستر
واري ڏهاڪي ۾ جيتريون خواتين ليکڪائون اڀريون،
اوترو انگ وري سنڌي ادب ۾ خواتين جي حوالي سان نه
آيو. جيتوڻيڪ تعليم اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ عام ٿي
آهي. آزادي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملي آهي!
س: اوهان ڀيٽ ڪري ٻڌايو ته جڏهن اوهان علم ادب ۽ عملي زندگيءَ ۾
قدم رکيو ته ان وقت سنڌي عورت اڳيان وڌيڪ مسئلا ۽
مونجهارا موجود هئا يا هن وقت؟
ج: مسئلا ان وقت به هئا ته هاڻي به، پر هڪڙي ڳالهه جا مان محسوس
ڪيان ٿي. ممڪن آهي منهنجي ذاتي سوچ هجي، ان وقت
ليکڪائن لاءِ هڪڙو سنجيدهAttitude
يا رويو هوندو هئو، عزت به سنجيد گيءَ سان ملندي
هئي، ته پٽڪي به سنجيدگيءَ سان لهندي هئي، پر هاڻي
ليکڪائن لاءِ رومينٽڪ ايٽيٽيوڊ يا رومانوي رويو
آهي ۽ نسبتاً غير سنجيدگي وڌيڪ ٿي نظر اچيم.
س: اوهان معاشري ۽ عورت کي ڪهڙي حيثيت ڏيڻ چاهيوٿيون؟ (پڙدي جي
حوالي سان، ازدواجي زندگيءَ جي حوالي سان، ملازمت
جي حوالي سان).
ج: پڙدي جو جيستائين سوال آ، ته اهو هونئن ئي مڊل ڪلاس وارن جي
نشاني آهي پڙدي جي به آءُ قائل آهيان پر اهو پڙدو،
پنهنجي جسم جو پڙدو! ڇاڪاڻ ته قدرتي طور عورت جي
جسم ۾، مرد لاءِ ڪشش آهي ۽ ان حقيقت کان ڪوبه، مان
سمجهان ٿي ته انڪار ڪونه ڪندو. رستي پنڌ ٻئي کي
تڪليف ڏئي، ٻئي (مڙد) مان اها توقع، ته هو نهاري
به نه ته غلط آهي.
پنهنجي جسم جو بچاءُ ته اسانجو فرض به آهي باقي برقعي يا نقابن
جي آءُ قائل نه آهيان.
ازدواجي زندگي جي حوالي سان، عورت ۽ مرد ۾ برابري هجي، زال مڙس
هڪ ٻئي جا شريڪ سفر هجن، ساٿي هجن دوست هجن، پر
اتي به آءُ اهو چونديس ته ڪي ڪم قدرتي طور عورتن
جي ڏانون جا هوندا آهن، ڪي مرد جي ڏانو جا، ٻنهي
کي پنهنجا فرض ادا ڪرڻ گهرجن، سهڪار جي بنياد تي،
نه ڪي ڏاڍ ۽ زبردستيءَ جي بنياد تي.
ملازمت جي سلسلي ۾ به اهو چوندس، عورت جو ذهن مرد کان گهٽ ناهي،
ذهانت جاڪم هو مڙد جي برابريءَ سان ڪري سگهي ٿي.
ان ڪري عورت کي برابريءَ جو موقعو هئڻ گهرجي.
س: عورت مرد جي ساٿي آهي يا ملازمت يا ما تحت؟
ج: منهنجي خيال ۾، سوال جو جواب، مون اڳواٽ ئي ڏئي
ڇڏيو. ته ٻئي هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، شريڪ سفر آهن.
|