حميده قاضي
سنڌي ساهت جي سڄاڻ ساهتڪار سرتي
سلطانه وقاصي
جهر جهنگ جهاڳي هلندو هلُ
ڪير آ پنهنجو ڪير آ پرايو
سڀني کي پرکيندو هلُ ڏيئي مان ڏيئو ٻاريندو هلندو هلُ هلندو
هلُ. ڏيئي مان ڏيئو ٻاري اڳتي وڌڻ جي چاهنا ساڻ
ڪري، عمل لاءِ همٿائڻ جو اتساهه پيدا ڪرڻ واري،
شيخ اياز کي مرشد مڃيندڙ سڄاڻ سرتي سائيڻ سلطانه
وقاصي، جنهن جو اصل نالو اڪرام سلطانه آهي، 20 مئي
1951ع تي سنڌي ساهت سان سينگاريل شهر لاڙڪاڻي
ساهه سيباڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٽنڊو آدم
مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد
مان بي اي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ سنڌ
مان ٽين پوزيشن کڻي ايم اي پاس ڪيائين.
سلطانه وقاصيء 77ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس نثري نظمن جو
ڳٽڪو ”دونهاٽيل درشن“ آگم پبليڪشن ايجنسيءَ پاران
پڌرو ٿيل آهي. ان کانسواءِ 5-6 ڪهاڻيون ۽ ٻيا
بيشمار ليک / تحقيقي مقالا لکي ساهتي سنسار ۾
چوڦير سڳنڌ ڦهلائي آهي. هن وقت روزانو عوامي آواز
ڪراچي جي ڀينرن واري ڀاڱي ”سورمي“ جي انچارج سان
گڏ ڪراچي جي هڪ ڪاليج ۾ ٻاجهاري ٻوليءَ جي استاد
به پڻ آهي.
سلطانه جي شاعري عورت جي مسئلن، انهن جي خوشين، ڏکن پيڙائن سان
سٿي پئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اسانکي پنهنجون پاڻ
ملي ٿو. پنهنجو عڪس پسي سگهجي ٿو، پنهنجو خوشيون،
پنهنجون پيڙائون ملن ٿيون. هن جي ڪوتائن ۾ اسان
کي سنڌي سماج ۾ گهُٽ ۽ ٻوساٽ واري ماحول ۾ ساهه
کڻندڙ، ذهني طور مفلوج ۽ قيدي عورت به ملي ٿي ته
سماج جي سختين آڏو بهادر ٿي بيهندڙ عورت جو روپ به
ملي ٿو. هن اهڙي عورت کي به بحث هيٺ آندو آهي جيڪا
پڙهيل هجڻ جي باوجود به ٻٽي غلاميءَ جو شڪار آهي.
پڙهيل ۽ باشعور عورت لاءِ سختيون ڏسي هڪ اهڙي عورت
سان ريس ٿا ڪرڻ لڳنس سندس جذبا. جيڪا عقل کان خالي
۽ سوچ ۽ ساڃاهه کان سُڃي هجي، اهڙين حالتن تي هن
جو قلم ڪهڙي تڙپي اٿي ٿو:
”ان عورت جي نالي
جنهن جي سوچ ڏاڍي محدود آ
هن گهر جي چؤديواري کانسواءِ
نه ڪجهه ڏٺو آ ٻيو جڳ ۾
ڪجهه نه سوچيندي آ اها
ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪُٽبي آ
پئسن تي ڳنهل هوندي آ
يا وري بَدي تي ڏنل هوندي آ
رات جو جڏهن مڙس سان سمهندي آ
ته کيس اهو ياد نه هوندو آ ته
انهن پيار ڪندڙ هٿن
کيس سڄو ڏينهن ڪٽيو آ
ڏاڍي سک محسوسو ڪندي آ
مڙس جي هنج ۾
ان عظيم عورت کي منهنجو سلام،
جيڪا ڪجهه به نه ٿي سوچي،
رات جا چار پهر
سُک جون ننڊون ٿي ڪري.“
سلطانه پنهنجي ڪوتائن ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ سنڌ جي
سماجي قدرن سان بغاوت ڪري ٿي، پنهنجي اصولن تي
قائم رهڻ جو عزم سلطانه جي شاعريءَ ۾ جهجهو
ملندو. ورائي ورائي چوي ٿي:
”ڏنگيو منهنجي ڏات کي،
ڇليو منهنجو ماههُ
پر اٿم جيستائين
نڙيءَ منجهه ساههُ
نه مڃينديس اوهان جي ڳالهه.“
هن پنهنجي سوچ نگر ۾ عورت کي اها آزادي ڏئي ڇڏي آهي ته هوءَ
جيئن محسوس ڪري تيئن چئي سگهڻ جي صلاحيت به
ڌاري...!! پنهنجي هر جذبي، هر اُڌمي ۾ احساس جو
اظهار ڪري ڇڏي ڀلي پوءِ اهڙي جرئت ڀري اظهار سماج
جي روائتي ٺيڪيدارن کي برو محسوس ٿئي چوي ٿي:
ڪوريئڙي جي ڄار سان
ڀريل هن بي رنگ
پراڻي در کي
هڪ ڌڪ سان کولڻ چاهين ٿو.
پر اياڻا!
ڪجهه منهنجي به ٻُڌ،
مون هن در کي
ٻاهران نه پر
اندرئين پاسي کان بند ڪيو آهي.
سلطانه سنڌي ساهت کيتر ۾ ڪافي نوان رجحان متعارف ڪرايا آهن،
نيون روايتون قائم ڪيون آهن، رسمي ٺاهه جوڙ کان
پاسيري ٿي پنهنجين امنگن، پيار ۽ نفرت جي احساسن
کي اهڙن لفظن جو لباس پارايو آهي، جيڪو هر عام
ماڻهو سولائي سان استعمال ڪندو رهندو آهي.
ڪجهه روايت پسند برک دانشور، شاعرن ۽ نقادن آزاد نظم کي رد ڪري
توڙي جو ان کي شاعريءَ جي صنف مڃڻ کان ئي ماڳهين
انڪار ڪيو آهي پر سلطانه ڪنهن جي ڳالهه تي ڪَنُ
ڌرڻ بنان اڳتي وڌندي رهي آ، پنهنجن احساسن کي
اظهار جو روپ بخشيندي رهي آهي....
سلطانه وٽ حقيقتن کي نروار ڪرڻ لاءِ چند رٽيل نعري بازيءَ وارا
لفظ ڪونهن، هن جيئن ڏٺو آ، تئين لکيو آ، جيئن
محسوس ڪيو آ، تئين بيان ڪيو آ.
پر خلوص، پنهنجائپ واري، مشڪ ڀريل روشن چمڪندڙ اکين واري سنڌي
ساهت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هردم، هر پل ڪم لاءِ تيار
رهندڙ سلطانه وقاصيءَ وٽ احساسن جا انبار سٿيا پيا
آهن، جي هر گهڙيءَ اظهار بڻجڻ لاءِ اُتاولا آهن.
1975ع وارو سال سنڌي ساهت ۾ شاعريءَ جي حوالي سان گهڻو ترقي
ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي. ان عرصي ۾ ڪيتريون ئي
ڀينرون ادب جي ميدان ۾ لٿيون ۽ پنهنجي شاعراڻن
احساسن ۽ اُڌمن جي اظهار سان سنڌي ادب جي ڪوتا
کيتر ۾ نوان رنگ روپ ڀري ڇڏيا. انهن ۾ سحر امداد ۽
ج-ع منگهاڻي کي وڏي فخر سان شمار ڪري سگهجي ٿو، نه
رڳو ڪوتا کيتر، پر ڪهاڻيءَ واري حصي ۾ به ان دؤر ۾
خوب رونق نظر اچي ٿي، ان دؤر ۾ ئي ڀيڻ نورالهديٰ
شاهه ۽ خيرالنساءِ جعفريءَ جهڙيون بهادر ۽
ڇرڪائيندڙ خيال پيش ڪندڙ ڪهاڻيڪارائون ادبي ميدان
۾ ظاهر ٿيون.
سنڌو ماٿر جي مٺڙي ٻاجهاري ٻوليءَ جي سٻاجهي ساهت کي نئون سَتُ
پيئاريندڙن ۾ سانئڻ نذير ناز به اهم ڪردار ادا
ڪيو. پاڻ هڪ طرف ته پنهنجي ڪهاڻين ۽ ڪوتائن جي
وسيلي سنڌي ساهت کيتر کي نوان رنگ روپ بخشي اضافو
آڻيندي رهي آهي ته ٻئي طرف وري انهن سنڌي سرتين کي
ادب جي ميدان ۾ آڻي سندن رهبري ڪندي رهي، جن ۾ ڪي
نه ڪي ڏات جا ڪڻا موجود هجن، ڀيڻ نذير ناز انهن
ڪوششن کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ناري پبليڪيشن جي پليٽ
فارم ذريعي انهن ڏات جي ڪڻن کي چمڪائي، پالش ڪري
سدا جرڪندڙ روپ ڏيئي ساهتي سٿ کي سونهن ۽ سندرتا
بخشيندي رهي آهي.
70ع کان 80ع وارو دؤر سنڌي ساهت ۾ سرتين جي ساٿ جي حوالي سان
سوچ، شعور ۽ جاڳرتا جي اوسر جو دؤر چيو وڃي ٿو،
وقتي تبديلين، معاشرتي جهالت وارين رسمن جو خاتمو
آڻي ڇڏيو ۽ تعليم جي زيور سان سينگارجڻ سان گڏوگڏ
ساهتي سوچ ۾ به نوان لاڙا پيدا ٿيا. سنڌي رسالن،
مخزنن، اخباري پرچن سرتين ۾ لکڻ لاءِ نئون اُتساهه
پئدا ڪيو، هن دؤر ۾ ڪيتريون ئي ساهتڪار سرتيون
پنهنجين قلمي ڪاوشن سان سنڌي ادب جي خزاني کي
مالا مال ڪنديون رهيون، هن دؤر ۾ ڀيڻ ماهتاب
محبوب، مهتاب راشدي، نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءِ
جعفري، ادي نذير ناز، فهميده حُسين، جيجي زرينا
بلوچ، ڀيڻ مريم مجيدي، تنوير جوڻيجو، ثريا سوز
ڏيپلائي، نعيمه جمع تيجاڻي، ليليٰ بانا، رضيه
کوکر، نور شاهين، سوسن مرزا، سحر امداد، سلطانه
وقاضي ، رعنا شفيق وغيره وڌيڪ نمايان ٿي اُڀريون
انهن سان گڏوگڏ نين سرتين ۾ ساهتي سُونهن پکيڙي.
1980ع کانپوءِ واري دؤر ۾ ماهوار نئين زندگي، ٽماهي مهراڻ، نئون
نياپو، اديون ٽماهي سنڌ، ماهوار لطيف (ڪراچي)، سنڌ
سجاڳ (جيڪب آباد) پارس، برسات، پيغام، عبرت
مئگزين، هلال مئگزين، پرهه ڦٽي (سکر) پروڙ، ماهوار
چانڊڪا (لاڙڪاڻو) ۽ سُگهڙين سٿ کانسواءِ مختلف
پبليڪيشن جهڙوڪر، ناري پبليڪيشن، کاهوڙي پبليڪيشن،
وينگس پبليڪيشن، ناٽڪ پبليڪيشن، ڪنول پبليڪيشن،
رابيل پبليڪيشن (مورو) ۽ هفتيوار سنڌ وغيره سنڌي
ساهتڪار سرتين جي ساهتي سفر کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن سجاڳيءَ واري انقلابي دؤر
۾ ڪٿي به ڀينرن کي اهو احساس نه ڏياريو ويو آهي ته
هو ڪو پنهنجن ڀائرن ليکڪن کان انفرادي صلاحيت يا
خوبي نٿيون رکن! ان سماجي وهنوار ۽ سهڪار سبب ئي
سرتين جي ساهتي ساٿ جو ساهه ڪٿي به اڌ ۾ ٽٽي ڇڄي
ڌار نه ٿيو آهي پر هلندو رهيو آهي، هلندو رهي ٿو.
سال 1982ع سنڌي قوم جي جاڳرتا جو دؤر ليکيو وڃي ٿو. سنڌ جي ارڏي
قوم، تاريخ جي ڪنهن به موقعي تي، ڪنهن به جبر ۽
ڏاڍ جي آڏو سِرُ نه نوايو آهي، پهنجي عظيم روايت
کي برقرار رکندي سنڌي قوم پنهنجي سياسي ۽ علمي
شعور جو عملي ثبوت ڏيندي رهي. ذهني سجاڳيءَ جي اِن
دؤر ۾ جتي پراڻا رسالا، مخزنون ۽ اخبارون پنهنجو
سفر جاري رکنديون آيون، اتي ڪجهه ٻيا به نوان
سلسلا ڳنڍجي ويا ته جيئن ذهني جاڳرتا جي عمل کي
گهڻي کان گهڻا وسيلا هجن ۽ اهڙا پيغام گهڻن ماڻهن
تائين پهچن، انهن نون سلسلن ۾ جتي سنڌي ساهت جي
سدا جرڪندڙ روشن سج جهڙن قلمڪارن کي جڳهه ملڻ سان
گڏوگڏ نون ٽمڪندڙ تارن کي به روشن رکڻ لاءِ همٿايو
ويو.
سلطانه وقاصي، فهميده حسين، سحر امداد، زبيده ميتلو، عطيه
دائود، نذير ناز پشپا ولڀ، سلميٰ سومرو، بلقيس
عارباڻي، گوري ولڀ، تانيا ٿيٻو، ارم محبوب، سلميٰ
پنهور، نجمه نور ڦلپوٽو، فرزانا شاهين مڱڻيجو
وغيره هن دؤر جا اهم نالا آهن جن پنهنجي قلم جي
پورهئي سان سنڌي ادب کي نئون روپ بخشيو.
سال 80ع کانپوءِ واري دؤر کان وٺي اڄ تائين واري عرصي ۾ قلمڪار
ڀينرن جي قلمي ڪاوشن / ادبي خدمتن تي نظر وجهڻ سان
خبر پوي ٿي ته هن دؤر ۾ وقت بوقت ساهتڪار سرتين
وِکَ، وِکَ سان ملائي ساهت جو سُندر مَنَ موهڻو ۽
زور وارو اهڙو زنجير اڏيو آهي، جنهن کي ڪابه وقتي
طوفان جي ڪا تيزي ٽوڙي نه ٿي سگهي.
سنڌي ساهتڪار سرتين پنهنجي سفر جي دوران جيترو به قدم کنيو آهي،
جا به وک وڌائي آهي، ان وک وک تي هن سنڌ ڌرتيءَ جي
خوددار ذهين عورت کي ئي موضوع بڻايو آهي، ان عورت
جوئي ذڪر ڪيو آهي، جيڪا صدين کان معاشرتي ڏاڍ جي
گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي آهي، انهن ساهتي ساٿارين جي
ڏنل عقل، سوچ، شعور ۽ ساڃاهه جي ڪري ئي هوءَ سطحي
ڳالهين تي ڌيان نٿي ڌري، هر چمڪندڙ چيز کي ئي سون
نٿي سمجهي.
موجوده دؤر ۾ اسان جون سڄاڻ سرتيون جيڪو به ڪجهه لکن ٿيون، اهو
اسان جي عورت جو بدلجندڙ ذهن ۽ مزاج آهي، اسانجي
پوري قوم جي ذهني سجاڳيءَ جو نشان آهي. اهڃاڻ آهي
هڪ نئين، روشن ۽ اميدن ڀرئي انقلاب جو! ساهت جي
ساٿياڻين جهڙي طرح پنهنجي سوچ، مشاهدي ۽ تجربن کي
کولي نروار ڪيو آهي، اهو ردعمل آهي ان نظام جو، ان
رويي جو، ان تلخ ۽ گهٽيل ماحول جو، جيڪا هوءَ صدين
کان ڏسندي / سهندي آئي آهي، سرتيون وقت جي رفتار
سان گڏوگڏ هلندي پنهنجي ڌرتيءَ جي ادبي خزاني کي
پنهنجن سوچن / صلاحيتن ۽ لکڻين سان مالا مال
ڪنديون رهن ٿيون.
شرف النساءِ ابڙو
ٿوهر
توبن جيون ڄڻ ٿوهر جو وڻ!
ڇا ڪندس هي جيون؟ سڪل ٿوهر.....
توبن مان ڄڻ رستي جو پٿر،
تنهنجي پيار بنا زندگي به....؟!
تون منهنجو آدرش – مان تولاءِ
ٿر جو ٿوهر!
مسز ممتاز ڀٽو
سنڌ جو راءِ گهراڻو
سنڌ جي سرزمين کي اوائلي دور کان وٺي هڪ امتيازي شان حاصل آهي.
هن پرڳڻي جون حدون وقت جي انقلابن ۽ ستم ظريفي سبب
سوڙهيون ٿينديون رهيون آهن. سنڌ جا نقشا سن 340هه
۽ سن 343هه / 942ع ۾ اسحاق ابراهيم بن محمد اصطخري
(صرف سنڌ جو) ۽ ابن حوقل بغدادي (سنڌ ۽ گجرات)
تيار ڪيا. پر انهن نقشن ۾ هڪ نقشو توجهه جي قابل
آهي جيڪو سن 250هه (900ع) ۾ ابن خودازيه، بطليموس
جي نقشي جي مدد سان ۽ ڪجهه پنهنجي ذاتي تجربي جي
بنياد سان بلوچستان کان وٺي گجرات تائين تيار ڪيو
جنهن ۾ شهرن جا به نالا ڏنل هئا جيڪي هيٺيان آهن:
قيقان، بنه، ميد، قنڌار، قصدار (خضدار)، بوقان
(مڪران)، قندابيل، قنز پور (پنجگور)، ارمابيل (لس
ٻيلو)، ديبل ، قنبلي، کنباياد، کمڀايت (کنڀات)،
سهبان، سدوسان، راسڪ، رور (زالور)، ساوندي،
ملتان، منڊل، بيلمات، سرشت، ڪيرج، مرمد، ڪالي،
دهنج ۽ بروص (ڀڙوچ).
مٿين نالن مان ڪجهه شهرن کانسواءِ، ٻين شهرن جي ڪاخبر نه آهي
ته اُهي زماني جي انقلابن سبب هنن جا نالا مٽجي
ويا يا زمين دوز ٿي ويا.
راءِ گهراڻي جو تخت گاهه الور:
تخت گاهه الور جي نالي تي جيڪڏهن نظر رکبي ته مختلف وقتن ۾
مختلف سياحن ۽ جاگرافي دانن هن کي پنهنجي پنهنجي
لهجي ۾ سڏيو آهي، جنهن ڪري هن کي ڪڏهن ”الروم“
ڪڏهن ”رور“ جو نالو ڏنو ويو. جنرل اليگزينڊر
کننگهام، ”رور پورا“، (روانگر) جي نالي سان سڏيو
آهي، مرحوم رحيم داد خان مولائي شيدائي ”جنت
السنڌ“ ۾ لکيو آهي ته ”هن شهر جو هندي نالو ”اروڙ“
آهي ڇاڪاڻ جو هتي جا راجائون اروڙنسي خاندان مان
هئا.
روهڙي کان ستن ميلن جي مفاصلي تي مهراڻ جي الهندي ڪپ تي ڪنهن
زماني ۾ هن وسندڙ ۽ وسيع شهر جي تعريف؛ تاريخ
معصومي ۾ هن ريت ڪئي ويئي آهي.“ الور مهراڻ ندي جي
ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند
عمارتون، مضبوط محلاتون، ميوه دار وڻن سان ڀريل
باغ ۽ تمدن ۽ شهريت جو اهو سڀ سامان موجود هو،
جنهن ۾ مقيم خواه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي.“
هن شهر کي چؤطرف عالم پناهه ڏنل هئي. سندس ڀر وارين ٽڪرين ۾ سون
۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. شهر جي وچ ۾ ٻڌ جو
مشهور مندر هو.
راءِ گهراڻو:
ايوڌيا جي سورج ونسي خاندان جي راجائن يارهن سؤ ورهيه ق. م.
الور تي حڪومت قائم ڪئي، تنهن کانپوءِ چندر ونسي
راجائن دکن کانوٺي گجرات، سنڌ، بلوچستان، زابلستان
۽ ڪابل تائين حڪومتون قائم ڪيون. هستنا پور (هي
شهر دهلي کان اتر اولهه طرف جمنا ڪناري کان سٺ
ميلن جي مفاصلي تي هو) کان وٺي اُلهندي هندستان
تائين جن راجائن حڪومتون ڪيون، انهن ۾ ”يادو“
خاندان سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن جو لقب ”راءِ“ هو. هن
حڪومت جو پايو وجهندڙ ”سمابا“ هو، جيڪو دوارڪا جي
راجا ڪرشن جي ستين راڻي ”جام بوتي“ جو وڏو پٽ هو.
هي سلطنت ”سنڌ سمه“ نالي سڏي ويندي هئي. جنهن جون
حدون زابلستان کان هيملند تائين هيون. هي خاندان
حڪمراني ڪرڻ کانسواءِ مذهبي پيشوا به هئا. راءِ
گهراڻي جي ڪل پنجن گهراڻن حڪومت ڪئي، سندن عرصه
حڪمراني سن 450ع کان سن 662ع تائين هو. راجائن جا
نالا هيٺيان هئا:
(1) راءِ ديواجي، (2) راءِ سهارس پهريون (3) راءِ سهاسي پهريون
(4) راءِ سهارس ثاني (5) راءِ سهاسي ثاني.
هي راجائون ٻڌ ڌرم جا پوڄاري هئا. سندن
حڪومت جون حدون، اتر ۾ ڪشمير، قنڌار، هيلمند
تائين، اُلهندي ۾ ڪرمان جي وادي نور منشور تائين.
ڏکڻ ۾ سورت ۽ اوڀر چتوڙ ڳڙهه تائين پکڙيل هئي. هن
حڪومت اندر اُچ، ماٿيلو، سواراءِ، مائو، سيوستان،
نيرون ڪوٽ، الور، برهمڻ آباد مشهور قلعا هئا.
راءِ سهارس ثاني پنهنجي حڪمراني جي دور ۾ پنهنجي ملڪ کي چئن حصن
۾ ورهائي هر هڪ حصو هڪ حاڪم جي سنڀال هيٺ رکيو،
جنهن کي ”ملڪ“ جو لقب ڏنل هو. الور کي پنهنجو تخت
گاهه بڻائي نيڪو ڪاري ۽ انصاف سان حڪومت هلائي.
هن گهراڻي جي ايران جي ساساني ڪسرائن سان
سياسي ڇڪتاڻ هئي. راءِ سهارس ثاني جي ڏينهن ۾
”نيمروز“ (جيڪو سيستان جو علائقو هو) جي ايران جي
عامل مڪران تي ڪاهه ڪري اتان جي ماڻهن کي ڦري لٽي
موٽي ويو.ر اءِ سهارس هي خبر ٻڌي وڏو لشڪر تيار
ڪري ڪيچ ۽ مڪران جي حد وٽ پهتو ۽ نيمروز جي
بادشاهه کي للڪاريائين، جيڪو پڻ وڏو لشڪر تيار ڪري
پهتو. ٻنهي وچ ۾ دوبدو لڙائي ٿي. راءِ سهارس
وڙهندي مارجي ويو، سندس سپاهي ٽڙي پکڙي ويا.
نيمروز جو بادشاهه ڦرلٽ ڪري موٽي ويو.
سنڌ جا اهي ٽڙيل پکڙيل سپاهي آخر الور پهتا ۽ متفق ٿي راءِ
سهاسي ثاني کي تخت تي ويهاريائون.
راءِ سهاسي انهن قاعدن جو خيال رکيو جيڪي سندس پيءُ مقرر ڪيا
هئا، يعني عدل، انصاف، احسان، بردباري، نهٺائي،
سياست ۽ زبردستي دستور العمل بنائي انهن مان هر هڪ
وصف کي پنهنجي جاءِ تي عمل ۾ آڻيندو رهيو. هن جي
دور ۾ ٻڌ ڌرم جيڪو هن حڪومت جو مذهب هو، ڪجهه
ڪمزور پوڻ لڳو ۽ ان جا پوئلڳ فرقن ۾ ورهائجي ويا
هئا. هوڏانهن برهمڻ پنهنجي مذهب کي وڌائڻ ۽ ٻڌ
وارن جي مخالفت ۾ سڄي هندستان ۾ رڌل هئا. سنڌ جي
حڪومت جي گهڻن ئي کاتن تي برهمڻ مامور ٿيل هئا.
راءِ سهاسي کي هڪ وزير ”رام“ تي ڏاڍو اعتماد هو، جنهن حڪومت جو
هر ڪم اهڙي ته ڏاهپ سان هلايو هو، جو راءِ سهاسي
دلجاءِ سان پنهنجي حرمسراءِ ۾ رهيو پيو هوندو هو.
حڪومت جو جيڪڏهن ڪوبه ضروري ڪم هوندو هو يا سرحد
جي اميرن طرفان ڪي ضروري خط ايندا هئا ته رام وزير
حرمسراءِ ۾ وڃي کيس پهچائيندو هو.
تاريخ معصومي مطابق ته هڪ ڏينهن رام وزير مجلس ۾ ويٺو هو جتي
برهمڻ ۽ هوشيار ماڻهو ويٺا هئا ته ”چچ“ نالي هڪ
خوبصورت ۽ نهايت فصيح ۽ بليغ نوجوان اچي حاضر ٿيو.
مجلس ۾ موجود ماڻهو هنجي زبان جي رواني ۽ فصاحت
کان متاثر ٿيا. هن کان سندس نالو پڇيائون، هن
پنهنجو نالو ”چچ“ ٻڌايو، جيڪو برهمڻ سيلاج جو پٽ
هو.
چچ رام جي صحبت ۾ رهڻ لڳو، جنهن کيس مالي
ڪمن ۾ دخلڪار ڪري پنهنجو نائب بڻايو. هي حساب جو
علم، سنڌي ۽ هندي ٻوليون ۽ اکر چڱيءَ طرح ڄاڻندو
هو. هن کي چار ملڪي ئي ويد بر زبان ياد هوندا هئا
۽ مالي ڪم صحيح طريقي تي هلائڻ لڳو، سندس بخت زور
هو. رام وزير جو وڃي رڳو نالو بچيو. حڪومت جو سڄو
ڪاروبار چچ هلائڻ لڳو. ان وچ ۾ رام بيماري سبب وڃي
بستري تي پهتو. هڪ ڏينهن راءِ سهاسي پنهنجي
حرمسرام ۾ هڪ جشن ۾ مشغول هو. ان وقت ديبل جي
سرحد کان ڪي ضروري خط پهتا، جن جو جواب موڪلڻ
ضروري هو. دربان اهي خط محل اندر پهچايا. بادشاهه
جشن جي خوشي ۽ عيش ۾ مشغول هو ۽ ان مجلس مان نڪرڻ
کيس ڏکيو لڳو. جنهن ڪري هن حڪم ڪيو ته تخت جي آڏو
پردو ڏئي چچ کي اندر موڪليو وڃي. سندس راڻي شوڀا
ديوي (سوهن ديوي) چيو ته هو برهمڻ آهي سو کانئس
ايترو پردو ڇا جو هن کي اندر سڏڻ گهرجي.
چچ تخت جي سامهون حاضر ٿي سلام ۽ تعريف ڪري جيڪي خط هئا سي پڙهي
ان جي جواب جو مضمون لکي اهڙي سهڻي انداز سان
پيش ڪيو جو راءِ سهاسي خوش ٿي هن کي هڪ قيمتي
سروپاءِ انعام طور ڏني. راڻي سوهن ديوي هن برهمڻ
منشي جي حسن ۽ جمال ۽ جادو بياني کي ڏسي مٿس موهت
ٿي پئي. راز و نياز جون ڳالهيون وڃي، شادي ڪرڻ جي
وعدي تائين پهتيون. هي راز عام ماڻهن جي زبان
تائين به پهتو. ڪن ماڻهن هي حقيقت راءِ سهاسي
تائين به پهچائي. جنهن چيو ته چچ ايماندار ۽ برهمڻ
ماڻهو آهي. هن کان اهڙو ڪم نه ٿيندو. |