بس رحمت جي اها ڳالهه چوڻ ۽ سليمان وڌو ڏنڊي ۾ هٿ
۽ لڳو رحمت کي مارڻ ته تون ڪير ٿيندي آهين مون کي
”جوا“ جو مَهڻو ڏيڻ واري!
سليمان رحمت کي ايتري ته مار ڪڍي جو رحمت رڙيون
ڪري ڪري بيهوش ٿي وئي. رحمت جي رڙين تي گهر جي
ٻاهران ڪيترائي ماڻهو پاڙي وارا گڏ اچي ٿيا! ۽
سليمان جو در کڙڪائڻ لڳا! ته سليمان در کول؛
ايڏيون رڙيون ڇو آهن؟
جڏهن رحمت بيهوش ٿي وئي ته سليمان در ڏانهن وڌيو ۽
ٺڙاڪ سان در کولي هجوم مان نڪري ويو ۽ ماڻهو پڇڻ
لڳا ته! ميان روز روز ٿو زال کي مار ڪڍين، آخر ڇا
آهي؟ پر سليمان خاموشيءَ سان هليو ويو ۽ ڪنهن جي
ڳالهه تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو.
هجوم مان هڪ پوڙهي عورت اندر گهر ۾ داخل ٿي ۽ وڌي
رحمت جي ويجهو آئي، هن رحمت کي ٻانهن ۾ هٿ وڌو،
هوءَ بيهوش هئي ۽ مٿي مان ڪافي رت پئي وهيو! ان
پوڙهي عورت هڪدم انهن ماڻهن کي چيو ته وڃي ڪنهن
ڊاڪٽر کي وٺي اچو، رحمت بيهوش آهي. هجوم مان ٻه
ماڻهو هڪدم ڊاڪٽر کي وٺڻ لاءِ ويا. تيسين رحمت کي
پٽ تان کڻي کٽ تي ليٽايو ۽ سندس مٿي جو زخم پوڙهي
پنهنجي رئي جي پلاند سان اگهڻ شروع ڪيو ۽ ٽڪر رئي
مان ڦاڙي رحمت جي مٿي کي ٻڌو ۽ کيس پاڻيءَ جا ڇنڊا
هڻي هوش ۾ آڻن جي ڪوشش ڪئي. پوڙهيءَ جي ڪوشش رنگ
لاتو ۽ رحمت کي هوش آيو. پوڙهيءَ رحمت کان پڇيو
ته ”امان اڄ وري سليمان کي ڪهڙو جن پيو جو ٽاڪ
منجهند جو کڻي ڏيهه کي گڏ ڪيو اٿس!!!؟
تنهن تي رحمت چيو ته ”ماسي ڪهڙيون ٿي ڳالهيون
پڇينٰ اڄ به اهوئي مانيءَ سان ٻوڙ نه مليس ته
وڌئين ڏنڊي ۾ هٿ! ٻيو ڀلا ماسي، سليمان کان پڄي به
ڇا ٿو سگهي! ايتري ۾ جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر کي وٺڻ ويا
هئا اهي موٽي آيا ته ڊاڪٽر آهي ڪونه ويو آهي
منجهند جي مانيءَ تي، پوڙهيءَ چيو ته ”ابا خير
آهي، هاڻي ڊاڪٽر جي ضرورت نه آهي. رحمت هوش ۾ اچي
وئي آهي ۽ ٺيڪ آهي. هاڻي توهين به پنهنجن پنهنجن
گهرن ۾ وڃو. سڀ ماڻهو ويا هليا ۽ پوڙهي به پنهنجي
گهر هلي وئي.
اڄ ڪا اها نئين ڳالهه نه هئي! رحمت جي شادي کي 6
مهينا ٿيا هئا، ان دوران خبر نه آهي ته رحمت سان
اهڙيون عقوبتون گهڻائي دفعا ٿي چڪيون هيون. سليمان
هڪ جواري ماڻهو هو، جيڪو به ڪمائيندو هو سو سڀ جوا
۾ هارائي ايندو هو.
رحمت انهن ڇهن مهينن ۾ ڪڏهن به ڪو سَڀَهو ٽڪر پيٽ
۾ نه کاڌو هوندو! سليمان ڪجهه به گهر ۾ ڪونه
آڻيندو هو، رحمت کي ماڻس ڪجهه نه ڪجهه پئي
موڪليندي هئي، جنهن سان پيو گذر سفر ٿيندو هو.
رحمت، سليمان کي جوا کيڏڻ کان منع ڪندي هئي ته
سليمان کيس مار ڪڍي گهر مان نڪري ويندو هو ۽ پوءِ
پٺيان رحمت ڄاڻي يا کڻي رحمت جي ڪاري قيامت ڄاڻي!
رحمت جي پيءُ کي اهو رشتو بلڪل پسند ڪونه هو، جڏهن
به سليمان رشتو وٺڻ آيو هو ته رحمت جو پيءُ هميشه
انڪار ڪري ڇڏيندو هو، خدا جون قدرتون به نراليون
هونديون آهن. سليمان جي رشتي کانسواءِ رحمت لاءِ
ڪوبه رشتو نه ايندو هو. تڏهن رحمت جي ماءُ رحمت جي
پيءُ کي چيو ته قدرت اسان جي ڌيءُ ۾ شايد سليمان
جو ليکو لکيو آهي، ان ڪري هاڻي کڻي ها ڪجي، آخر به
ته اسان کي ڌيءَ کي ساري عمر گهر ۾ ته وهارڻو
ڪونهي، الله ڀاڳ موچارا ڪندس. تڏهن رحمت جي پيءُ
به ان ڳالهه تي سوچيو ۽ پنهنجي رضامندي ڏيکاري.
نيٺ سليمان جي رشتي لاءِ ”ها“ ٿي وئي. رحمت کي
سليمان جي ڪنوار بنايو ويو.
رحمت جو قد ڇوٽو، رنگ گلابي هو. سهاڳ جي لباس ۾
رحمت ڄڻ ڪا حور پئي لڳي حور، کيس جنهن به ڏٺو ٿي
ته الله جي ساراهه ٿي ڪئي ۽ سندس حسن جي هاڪ ٿي
ڪئي. جڏهن ته سليمان جو قد ڊگهو، جسم بي ڊولو هيس
۽ پير ڦڏا هوندا هئس رنگ اهڙو ته هيس جو ڄڻ ڪو
چنڊ کي گرهڻ لڳل هجي!
رحمت سليمان جي گهر پرڻجي وئي. پر ڄڻ ڪا جيئري
دوزخ ۾ وڃي پئي هجي. گهر ۾ ڪوبه سک سهنج نه هو.
سليمان صبح جو ڪانه ڪا مزوري ڪري ان مزوريءَ جي
مليل اجرت کڻي وڃي جوا جي اڏي تي جوا کيڏندو هو،
پوءِ ڪڏهن قسمت ساٿ ڏنس ته کٽي وٺندو هو نه ته
سدائين پئسا هارائي ايندو هو.
روز سليمان جي اهائي ڪرت هوندي هئي. پاڻ ته ٻاهر
پيو کائيندو هو پر رحمت کي ڪجهه به نه آڻي ڏيندو
هو ۽ ويچاري رحمت بکن جا ويلا ڪاٽي ڪاٽي ڏاڍي
ڪمزور ٿي وئي هئي، سندس ماس هڏن تان ڳرندو پئي ويو
۽ سندس سونهن، سوجهري کان اوندهه ڏانهن سفر شروع
ڪرڻ لڳي، صحتمند جسم ڪيترين ئي بيمارين ۾ گهرجن
لڳو.
اڄ جڏهن رحمت جي ماءُ رحمت کي پڇڻ ۽ ڏسڻ آئي ته
رحمت جي حالت اڳئين کان به بدتر هئي، هاڻي هوءَ
پوري طرح ٽي – بي جهڙي موذي مرض ۾ گرفتار ٿي چڪي
هئي ۽ علاج نه هئڻ ڪري بيماري حد ٽپي وئي هئي.
رحمت جي ماءُ وٽ ٻه چار پئسا گڏ ٿيندا هئا ته رحمت
کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويندي هئي. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته
رحمت کي آرام جي سخت ضرورت آهي ۽ مڪمل علاج جي
ضرورت آهي!
رحمت جو علاج نه ٿيڻ ڪري ٽي – بي جي اها حد اچي
وئي جو هڪ رات کيس رت جي الٽي آئي ۽ رحمت پنهنجي
عذاب جهڙيءَ زندگيءَ کان نجات حاصل ڪري ابدي دنيا
ڏانهن سفر کي ڇڪيو. سليمان رت جي الٽي ڏسي دهلجي
ويو ۽ ڊاڪٽر کي وٺي آيو. ڊاڪٽر تپاسڻ بعد ٻڌايو ته
مريضه جو جگر ڦاٽي پيو آهي جنهن ڪري رت جي الٽي
آئي آهي ۽ مريضه هاڻي هن دنيا ۾ موت جومزو چڱي
ورتو آهي.
سليمان رحمت جي موت جي خبر ٻڌي خوش ٿيو، کيس رحمت
جي موت جو ڪوبه ڏک نه ٿيس، چوڻ لڳو ته جند ڇٽي
منهنجي ٽي – بي جي مريضه مان. رحمت جي هوندي ڪنهن
به ڌيءُ نه ٿي ڏني، هاڻي ته مونکي سڀڪو پنهنجي
ڌيءُ ڏيندو ۽ سليمان جا دل ڏاريندڙ ٽهڪ خاموش فضا
جو سينو چيريندا آڪاش تي پکڙجي ويا. رحمت جي ماءُ
– پيءُ پنهنجي گلن جهڙي ڌيءُ جي موت جو صدمو
برداشت نه ڪري سگهيا ۽ سليمان کي بددعا ڏنائون ته
”خدا ڪندو، رلندو رهندين ۽ ڪڏهن به سک جو ساهه نه
کڻندين.“
سليمان ٻي شادي ڪري آيو، کيس ٻه پٽ هئا، پر اهي
جڏهن جوانيءَ جي حد تي پهتا ته انهن پيءُ جي رشتي
کي لت هڻي ڌڪاري ڇڏيو. مطلب ته انهن پنهنجي پيءُ
کان جاءِ لکرائي ورتي ۽ پنهنجي زورآوري ڏيکاري ۽
اڌو اڌ ڪري جاءِ ٻنهي پٽن کنئي ۽ شاديون به ڪري
آيا ۽ نوجوان پٽن ۽ نُهرن پيءُ ۽ سهري کي گهر ۾
ڪٿي به جاءِ نه ڏني ۽ گهر مان تڙي ڇڏيو.
ڪيڏانهن ويا سليمان جا ٽهڪ، ڪيڏانهن ويا جواري
دوست. بس هاڻي ته فقط زندگيءَ جا باقي ڏينهن فٽ
پاٿ تي گذارڻ وڃي بچيا آهنس ۽ کيس اهائي رحمت واري
بيماري ٿي پئي هئي، جنهن کان کيس سخت نفرت هوندي
هيس. سليمان ٽي – بي جو مريض ٿي چڪو آهي ۽ فٽ پاٿ
تي پيو هوندو آهي. جتان هر ايندڙ ويندڙ هن جي
اڳيان ڪجهه نه ڪجهه پئسا ڇڏي ويندو آهي. اڄ رحمت
جا ماءُ- پيءُ هن دنيا ۾ موجود نه آهن. پر سندن
زبان مان نڪتل جوشيلن جملن جي ڪهاڻي اڄ به دنيا
وارن جي سامهون آهي. هر ڪو سليمان کي ڏسي اهوئي
چوي ٿو ته ”ڪري ڪيئن نه ڀري!“
حميده قاضي
ورهاڱي کانپوءِ
سنڌي ساهت ۾ سرتين جو ساٿ
گهر سان دلچسپي عورت جي ازلي خصوصيت آهي. ان سبب
کي ساڻ ڪري مرد هن لاءِ صلاحيت کي ظاهر ڪرڻ جو هر
دروازو بند ڪري ڇڏيو، صدين کان بڻايل هن هٿ ٺوڪئي
نظام کان، ان رويي کان بغاوت ڪري ٻاهر نڪري آئي ته
مردن ڀريو سمورو معاشرو سندس وجود کي پاش پاش ڪرڻ
لاءِ کيس پوئتي ڌڪڻ لاءِ اڃان وڌيڪ قوت سان زور
آزمائي ڪرڻ لڳا. پر تاريخ جي هر دور ۾ هوءَ
بنديخانن ۾ بند هوندي به قيدين ڪوٽن ۾ قابو رهندي
به هو ثابت ڪندي رهي آهي ته هن ۾ انفرادي صلاحيتون
موجود آهن.
ورهاڱي کان اڳ وارو دور ذهني طور تي ايترو سجاڳ
ڪونه هو جو عورت جو ادب جي ميدان ۾ پير پائڻ پري
رهيو، ان طرف نهاري به سگهي!! پر آهستي آهستي
تعليم جي ترقي علم جي آگهيءَ جي نور ايترو شعور
ڏنو جو معاشري جي بيڪار ليکجڻ واري وجود جي تعليم
ڏانهن به ڌيان ڏنو ويو، ان کان اڳ نياڻيءَ جي هٿ ۾
قلم ڏيڻ اهڙو ته خطرناڪ سمجهيو ويندو هئو جهڙوڪ ڪر
ڪنهن چرئي يا ٻار جي هٿ ۾ بندوق...!! ورهاڱي
کانپوءِ جيئن جيئن تعليم جي رواج ڪري عام شعور
پئدا ٿيو، تيئن تيئن سنڌ ڌرتيءَ جي نياڻين نارين
۾ به سنڌي ساهت کي اڳتي وڌائڻ جي عمل ۾ مدد ڪرڻ جو
شوق بيدار ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ واري دور کي سنڌي
ساهت جي حوالي سان ڏسنداسين ۽ ان جو تجزيو ڪنداسين
ته ادب جي اُڀ تي ڪيترائي سج، چنڊ، تارا، ڪتيون
جرڪندا نظر ايندا، جن پنهنجن لطيف جذبن ۽ احساسن،
ڳوڙهن مشاهدن جو عڪس چٽي سنڌي ساهت جي سنسار کي
سونهن بخشي آهي، سچائي ارپي آهي.
ورهاڱي کانپوءِ لڏپلاڻ سببان سنڌي ساهت کي به
ڪاپاري ڌڪ رسيو. ستم ظريفي ٿي جو سنڌ جي ساهت،
سڀيتا ۽ ثقافت ۾ ڪافي ماٺار اچي وئي، پر اهو ماٺ
جو مانڊاڻ 1948ع ۾ ئي ماهوار نئين زندگيءَ جي جاري
ٿيڻ سان ٽٽي پيو ۽ ساهت جي سانت ڀرئي سمنڊ ۾ پٿر
اڇلائي لهرون پئدا ڪيون ۽ ان کي آهستي آهستي نئون
جيون بخشينديون رهيون. ماهوار نئين زندگي جڏهن
سنڌي ساهت جي سرير ۾ نئين سر سَتُ ساهه وڌو ته هر
جاءِ تي نون اچي وئي، هر جذبو جاڳي جَرڪي اُٿيو،
هر احساس ڪَرُ موڙي کڙو ٿيو....!! ان کانپوءِ
1953ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جهڙي سگهاري اداري جو پايو
وڌو ويو، جنهن کانپوءِ 1955ع ۾ ٽماهي مهراڻ نڪرڻ
شروع ٿيو، ڏيئي مان ئي ڏيئو ٻري لاٽ پئدا ڪندو
آهي، لاٽ مان لاٽ اُڀري جوت جرڪندي آهي ۽ چوڏس نور
پکڙجي ويندو آهي، اهڙي طرح نئين زندگيءَ جا ماٺ
ٽوڙي، ڄڻ ته سموري ماٺ جي مانڊاڻ ۾ ٽاڪوڙو مچي
ويو! ۽ 1957ع ۾ بيگم زينت عبدالله چنا جي ادارت
هيٺ مُرڪندڙ مٽيءَ مان مارئي جنم ورتو ۽ 1965ع ۾
جڏهن خديجه خانم دائود پوٽو ماهوار اديون شروع ڪيو
ته ادب جي گلشن جي آبياري ڪندڙ ادين لاءِ ڄڻ عيد
ٿي وئي.
سنڌي ساهت جي مرده جسم ۾ نئون رت ست وجهڻ لاءِ جتي
انفرادي ڪوششون ڪيون ويون، اتي ڪيتريون ئي
اجتماعي انجمنون قائم ڪيون ويون، ڪيتريون ئي
پبليڪيشنس قائم ڪيون ويون، رسالا نڪتا ۽ گهڻين ئي
اخبارن به ان سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڻ موکيو،
ان سلسلي ۾ 1960ع کان 1970ع واري عرصي ۾ روزانو
عبرت ۾ سرتين جو ساهتي صفحو رکيو ويو ۽ مانواري
زيڊ – اي- شيخ جي نگرانيءَ هيٺ ڪيترائي ٻوٽا اُسري
نسري وڌي وڻ ٿيا. 1972ع ۾ گل بانو سلطانه جي
نگرانيءَ هيٺ ماهوار سوجهرو به پنهنجو سوجهرو
ڦهلايو، ان سوجهري به سنڌي ساهتي سنسار کي نئين
سونهن ۽ سوڀيا بخشي، 1972ع ۾ ئي بيگم زينت
عبدالله چنا جي مارئي ٻيهر جنم ورتو. (57ع ۾ شروع
ٿيڻ کانپوءِ ”مارئي“ ڪن سببن ڪري وچ ۾ بند ٿي ويو
هئو.)
1973ع ۾ روزانو هلال پاڪستان ۾ سنڌي ساهت جي
اڻپوري سفر کي ڏسندي، ڀينرن جو ڀاڱو سُگهڙين سٿ جي
نالي سان فهميده حسين جي ادارت هيٺ شروع ٿيو، ان
سلسلي تحت سنڌ ڌرتيءَ تي ساهه کڻندڙ هر ناريءَ کي
موقعو ڏنو ويو ته پنهنجي اندر جي احساسن ۽ اڌمن جو
اظهار ڪري مَنَ جي مونجهه ماري سگهي، پوءِ چاهي ان
جو واسطو ۽ تعلق ڪکائين جهوپن سان هجي يا محل
ماڙين ۽ بنگلن جي ڪوٽن ۾ قيد عورتن سان.
ڏيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻاريم تائين ٻانگ
ڍَولو ڍَٽِ رَهائيو، ڪهه سٽائي سانگ
چانگي چڙهي آءُ تون، لال! ورائي لانگ
ڪوڙين ڀتين ڪانگ، اُڏايام اَچيج تون.
(شاهه)
پاڻ م کڻج پاڻ سين، وسيلا وسار
تڙ لنگهائي، سوهڻي! پرت وجهنديءِ پار
سي ترت
لنگهنديون تار، اُڪنڍ آڳهُ جَن سين
(شاهه)
متفرقه ڪالم
تسليم منگي
ڊائريءَ جو ورق
ڪائنات جي ڪنواري رات، پنهنجي پرينءَ سان
ملڻ جي اوسيئڙي ۾؛ جڏهن اوندهه ۾ لڙڪَ لاڙيندي
آهي، تڏهن ڀني ويلَ، سندس وهيل لُڙڪ هن جو انتظار
جو انت بڻجي، ماڪ ڦڙا بڻجي ويندا آهن ۽ ڪائنات ۾
انڊلٺي رنگ پکيڙي ڇڏيندا آهن. پر! ان ديواني
رات کي ڪير سمجهائي ته وڇوڙو به هڪ جيون آ، جنهن ۾
ڪڏهن ته ڪنهن جي اوسئيڙي ۾ وهايل لڙڪ ماڪ ڦڙا
بڻجي ويندا آهن ۽ ڪڏهن صبوح جو پهريون ڪرڻو، ڪنهن
جي مَنَ کي نراس ڪري ڇڏيندو آهي. ڪڏهن، پل پل پيڙا
۾ گهايل واٽَ جي لاٽ بڻجي هڪ نئين ديس وٺي ويندو
آهي، جتي وڇوڙي جو جيون آخرين پساهه کڻي پنهنجي
پرينءَ کي پڪاريندو آ ۽ انت کانپوءِ به سندس آتما
ديواني هوا بڻجي، ديس ديس پنهنجي پرينءَ کي
ڳولهيندي آهي، واڪا ڪندي آهي. تون مان ۽ اسان
جهڙا سڀ ماڻهو جيڪي وڇوڙي جو جيون گهاري رهيا
آهيون، سڀ ڪائنات جي ان رات جو اوسيئڙو آهيون. هن
جيون جي انت تائين رهندڙ اوسئيڙو!! ڪڏهن نه ختم
ٿيندڙ اوسئيڙو!! ۽ جڏهن، هيءَ ڪائنات اسان جو وجود
ڳهي ويندي، تڏهن اسان جا به آخرين پساههَ واڪا
ڪندا ۽ هڪ ٻئي کي پُڪاريندا. ديواني هوا بڻجي!!!
محمد سليمان پٺاڻ ”پرڏيهي“
اي سليمان توکي خبر آهي ته ڪيتريون
زندگيون بي وس گذارين ٿيون؟ هڪ ننڍڙي ٿريءَ ڇوڪري
کي سندس پيءُ ڪيترو نه پيارو آهي. هن ڇوڪري جي دل
۾ پيءُ لاءِ محبت سمايل آهي، اُن ڇوڪريءَ جي دل
پنهنجي پي لاءِ، ڀائرن لاءِ قربان آهي.
هو ڪيتري نه ڏکي آهي، رَٻَ پيئندي آهي.
هو هڪ ڦنڊي اُٺڻي (ڏاچي) جيان آهي، جنهن ڏي ڪوبه
ڌيان نه ڏيندو آهي. هو جهر جهنگ ۾ رُلندي وتي، پيٽ
۾ اُڃ ۽ بک اٿس، هن ڏي ڪوبه توجه نه ڏيندو آهي ته
هو ويچاري اُڃي يا بکي آهي. هن ڀلا پاڻي پيتو آهي
يا نه؟ هن کي ڪنهن کارايو پياريو آهي يا نه، هن جي
دل جي احساسن جو ڪنهن کي به خيال نه آهي.
اهڙي طرح ڪيتريون ئي ٿر واسي، ڇوڪريون
هونديون آهن، جن جي لاءِ نه ماءُ، پيءُ کي ۽ نه
ڀائرن کي ڪو خيال هوندو آهي. هنن جي اُڃ، بک، امن
جي مرادن ۽ احساسن جو ڪنهن کي به ڪو فڪر نه هوندو
آهي. هنن نياڻين جي دل هميشه ڦٽيل هوندي آهي. هنن
جي دل ٿوري ڏک ۾ به جهري جهڄي ۽ روئي پوندي آهي.
جڏهن هنن کان ڪو عزيز وڇڙي ويندو آهي يا ظلم جو
شڪار ٿيندو آهي ته هنن ڪونجن جون دليون ڦارون
ڦارون ٿي پونديون آهن، ٽٽي پونديون آهن، ڏري
پونديون آهن. نياڻين جي دلين ۾ هميشه رحم ۽ درگذر
جو واسو هوندو آهي.
هنن جا ماءُ – پيءُ هنن کي ايترو پيار نه ڏيندا آهن، شايد انهي
جو هي سبب آهي ته هو خود ڦٽيل هوندا آهن. بيوس ۽
نماڻا هوندا آهن ڏک جا ڏکويل هوندا آهن، هنن کي
به ڪنهن پيار نه ڏنو هو. هنن جي احساسن- جذبن جو
ڪنهن به خيال نه رکيو هو. تنهن ڪري هو پنهنجي ٻچن
کي بي انتها محبت هوندي به محبت ڏيئي نٿا سگهن.
هنن جي دلين ۾ پيار جا انبار لڳيل هوندا اهن خود
خفا ۽ دُکي هئڻ ڪري پنهنجن ٻچن کي پيار ڪرڻ کان
رهجي ويندا آهن. انهن وٽ اهي ڌيئرون ويچاريون بي
آسريون هونديون آهن هنن جي گهرن ۾ ڌيئرون ڪوبه
آسرو اميد نه رکنديون آهن جو ڪم اچي جڏهن ڌيئر
جوان ٿيندي آهي. ته هنن کي پري ڏور پرڻائي ڇڏيندا
آهن ۽ وري پڇا به نه ڪندا آهن. باقي زندگي ۾ وري
انهي ٿري نينگري جي ملاقات پنهنجي ڀائرن سان ڀينرن
سان ۽ ٻين عزيزن سان شايد وري ڪڏهن ٿئي...!!
جاويد سوز هالائي
ڊيئر ڊائري!
شال آباد هجين...
شاد هجين...
هر دور ۾عورت جا حق کسيا ويا آهن... عورت
حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ۾ رُڌل آهي... آزاديءَ جي راهه
۾ نڪري پئي آهي.....
عورت ظلم جي ڪڙن ڪوٽن ۾ قيد آهي....
هوءَ دهشت جي ڪڙن ڪوٽن ۾ قيد آهي....
عورت کان آزاديءَ سان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي.
عورت.... کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي.... اجاين رسمن ۾ قيد ڪيو
ويو... هن کان آزادي کسي وئي.... پر.... هڪ ڏينهن
عورت ظلم جي زنجيرن کي چڪنا چور ڪندي... ظلم جي
ڪڙن ڪوٽن کي ڀورا ڀورا ڪندي....
آزاديءَ جي راهه ۾ نڪري پوندي.... پوءِ ڀلي سندس پير پٿون ٿي
پون.... عورت هڪ ڏينهن آزادي ماڻيندي.
هار نه اکين مان آب،
او! سنڌي ناري!
ايندو انقلاب.
ٻيوٽي باڪس از
رويندر- جهاءَ
ڪرسينگار سکي
حسن و آرائش عورت جي زندگيءَ جو اهم حصو آهي. صدين کان عورت ۽
سينگار مختلف تهذيبن ۾ فن هنر جي فروغ جو سبب رهيا
آهن. فنڪارن ۽ شاعرن، عاشقن ۽ سائلن حسن ۽ سينگار
جي شان ۾ جيڪي دفتر ڇڏيا آهن اهي هر تهذيب جو
قيمتي سرمايو سڏجن ٿا. ايتري قدر جو حسن ۽ سينگار
جي مسئلي تي عالمن ۽ دانشورن وٽ پڻ بحث هلي پيا.
قديم معاشري ۽ جديد مغربي تهذيب جي ٽڪراءَ ان کي
هڪ نازڪ اخلاقي بحث جو موضوع بڻائي ڇڏيو آهي.
حسن جا گهڻا درجا ۽ ڪيترا قسم آهن. هڪ حسن فطرت جي مظاهرن جو
آهي. ٻيو حسن فنون لطيف جو پيدا ڪيل آهي. ليڪن
انساني حسن ان لحاظ کان مختلف آهي، جو ان جا ڪي
پهلو حسني آهن ۽ ڪي ٻيا پهلو شعوري آهن. ان ۾ هڪ
سرو جسماني آهي ۽ ٻيو روحاني. حسن صرف چمڙيءَ جي
رنگ تي يا وري شڪل جي بناوت سان واسطو نٿو رکي،
بلڪه اهو پوريءَ شخصيت ۾ سمايل آهي.
اعليٰ ذهن، بهترين خواهشات، خوبيءَ گفتار، خنده پيشاني ۽ اهڙين
ئي ٻين خوبين کي جسم ۽ چهري جي حسن سان ملائجي ته
حسن مڪمل چئي سگهجي ٿو. نه ته بعضي سهڻن چهرن جي
اوٽ ۾ اهڙا خطرناڪ ڪردار ملندا جن کان ماڻهو ڪيئي
ڪوه پري ڀڄي ويندا آهن.
ٻي طرف سانورن چهرن جي اوٽ ۾ اهڙا ملڪوتي چهرا ٿيندا آهن. جن
تان هزار جان قربان ڪرڻ تي دل چاهيندي آهي ان ڪري
چهري جو حسن انساني حسن جو صرف هڪ جزو آهي جيترو
هي اهم آهي ايتري ئي بلڪه ان کان وڌيڪ ٻين جزن کي
اهميت حاصل آهي.
انساني حسن ۾ زياده تر پهلو اهڙا آهن جن
جو سنوارڻ بگاڙڻ انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي ۽ هو
ڪهڙي به وڏي ڪميءَ کي پنهنجي ڪوشس سان پر ڪري سگهي
ٿو. ياد رکڻ گهرجي ته انسانيت خود هڪ وڏو حسن آهي
۽ وري مرداني نظر ۾ نسائيت جي نفس مظهر حسن آهي.
هاڻي جيڪڏهن انساني حسن ۾ ظاهري طرح ڪا ڪمي هجي ته
ذهني ۽ اخلاقي حسن ۾ اضافو ڪري ان ڪميءَ کي پورو
ڪري سگهجي ٿو.
شخصيت جي حسن جو هڪ پهلو حسن خيال آهي
يعني سٺن مقصدن جي لاءِ سٺيون ڳالهيون سوچڻ ۽
خصوصاً پنهنجي رفيق حيات متعلق هميشه حسن ظن کان
ڪم وٺڻ، سٺي راءِ رکڻ، پر اعتماد رهڻ. اهڙي طرح
حسن جو هڪ پهلو گفتار آهي.
بهترين انداز ۾ ڳالهائڻ دل تي قبضو ڪرڻ لاءِ وڏي اثر خوش
مزاجي، خندهه روئي، مذاق ۽ چرچو وغيره نسائي حسن
جو هڪ اهم عنصر آهن.
ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪا عورت چيڙاڪ ۽ بخيل طبيعت جي آهي يا هن جي
خوداريءَ کي مجروح ڪرڻ واري حالت ۾ رکيو وڃي ته ان
طرح حقيقي جوهر مارجيو وڃن ٿا ۽ ظاهري حسن کي گرهڻ
لڳي وڃي ٿي.
نسانيت جو سڀ کانوڏو حسن خود محبت آهي، جنهن سان هن جي فطرت کي
خاص طور تي آراستو ڪيو ويو آهي.
هر انسان لاءِ ۽ خاص طور تي مرد لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوشي
نه آهي ته هو ڪنهن کي چاهي يا ڪو هن کي چاهي. جنهن
مرد کي اهڙي رفيق حيات ملي، جنهن جي متعلق هو يقين
رکندو هجي ته هوءَ کيس پسند ڪري ٿي ته پوءِ هن جي
خوش نصيبيءَ ۾ ڪهڙو شڪ! عورت جي محبت جڏهن ڪامل
ٿيندي آهي ته هوءَ مرد جي تمنائن کي چپن تائين اچڻ
کان اڳ پروڙي وٺندي آهي. اهڙي محبت جو حسن شايد
نسائيت جي لاءِ عظيم ترين حسن آهي. هي روح لطيف
غمزن، اشارن، حرڪتن، ڳالهه ٻولهه، ڳوڙهن ۽
مسڪراهٽ، هر شيءَ مان ظاهر ٿيندي آهي، مگر اهڙي
محبت صرف جسماني بنياد تي قائم نٿي ٿي سگهي ۽ هجي
به ته گهڻو وقت قائم نٿي رهي سگهي. ان لاءِ روحاني
هم آهنگي ضروري آهي. جيڪا ڪنهن نصب العين جي
اشتراڪ سان پيدا ٿيل هجي.
ڪنهن سياڻي سچ لکيو آهي ته حسن تي ڪيترا
حيران، هن پويان ڪيترا پريشان مگر هن جو هٿ اچڻ
ڏاڍو ڏکيو. هن لاءِ قداور ۽ قد جا ننڍا، شاهوڪار ۽
شان شوڪت دار، غريب ۽ غني، امير خواه، فقير حسن
جي حد ۽ قد کان غير واقف مگر پنهنجي دولت جي دور ۾
شاغل ائين تي خوديءَ جي خمار هيٺ سمجهندا رهيا آهن
ته حسن سندن تاج ٿي سگهندو.
حسن تي حڪومت اُهو پائي سگهي ٿو، جو پنهنجو پاڻ ان جي حوالي ٿو
ڪري حسن کي ورڻ جو ورثو ايامن کان عطا ٿيل ئي
انهن کي آهي، جي پاڻ حسين هوندي به پنهنجي
تاجداري، تعبيداري سان مٽائي بيداري برهه مان حاصل
ٿا ڪن، جت حسن ڌاران اَک کي لک ۾ اچيئي ڪي ڪين ٿو.
عربيه نور
ادبي، سماجي سماچار
آل سنڌ ويمن ايسوسي ايشن جي صدر ڊاڪٽر درشهوار سيد جنرل
سيڪريٽري مسز حفيظ ڀرڳڙي، جوائنٽ سيڪريٽري نسرين
ٽالپر، پريس سيڪريٽري ثمينه ڀٽو، ڪلثوم شاهه،
نسرين هميراڻي.
ميرپور خاص ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ”اسوا“ طرفان 2 لک
روپين جي ماليت جو امدادي سامان جن ۾ ”اٽو، گيهه،
دال، چانور، دوائون وغيره ٿر جي ڏڪاريل علاقي جي
300 ڪٽنبن ۾ ورهايو ويندو.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي تنظيم جو پروگرام آهي ته ٿر جي ماڻهن
لاءِ پيئڻ جي پاڻي جا نلڪا لڳرايا ويندا هنن چيو
ته اسان جي تنظيم خالصتاً عورتن جي فلاح و بهبود
لاءِ ڪم ڪري رهي آهي اسين ٿر جي عورتن ۽ ٻارن کي
تعليم يافته ڏسڻ ٿيون چاهيون، ان ڪري اسين ٿر جي
علاقي جو سروي ڪرڻ آيون آهيون. پهرين مرحلي ۾ اسين
ڇاڇري وينديون سين، اتي جي عورتن کي اسان ڀرت ڀرڻ
جو سامان وٺي ڏينديون سين ۽ هنن جو هنر ڀريل شيون
وٺي شهرن ۾ وڌ کان وڌ قيمت تي وڪرو ڪري ٿر جي
عورتن کي روزگار جو ذريعو مهيا ڪري ڏينديون سين
غريب ٻار جن کي ڪتاب ۽ يونيفارم ناهن تن کي ڪتاب ۽
يونيفارم وٺي ڏينديون سين.
ڪراچيءَ ۾ لوڪ فنڪاره شازيه خشڪ کي تاج پارايو ويو
ڪراچي يونيورسٽي جي يوٿ سوشل ورڪرس فورم
طرفان ڪوٺايل سُر سنگيت محل ۾ شازيه خشڪ جي لوڪ
موسيقي ۾ ڳائڻ جي انداز کي ساراهيندي تاڙين جي
گونج ۾ کيس لوڪ گيتن جي راڻي جي خطاب سان ايوارڊ
ڏنو ويو ۽ پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ سندس لوڪ گيتن
جي مقبوليت جي مڃتا طور سندس تاج پوشي ڪئي وئي
محفل جي مهمان خاص ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين
ڊاڪٽر آفتاب احمد قريشي خطاب ڪيو ۽ صدارت سگا جي
مرڪزي اڳواڻ اشفاق احمد ميمڻ ڪئي. بهترين ڪارڪردگي
جو ايوارڊ ٽي وي جي سينئر پروڊيوسر اعجاز عليم
عقيلي کي ڏنو ويو ۽ پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي شيلڊون
ڏنيون ويون. لڙي اڌ رات تائين سُر سنگيت جي اها
سنڌي محفل جاري رهي جنهن ۾ ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو ۽
سوها شاگردن ۽ شاگردياڻين مقبول لوڪ فنڪاره شازيه
خشڪ کان آٽو گراف ورتا.
فسادن ۾ متاثر ٿيل نياڻين جون شاديون
آسوا حيدرآباد شاخ جي پڌرائي موجب
حيدرآباد جي وڳوڙن م متاثر ٿي ڪيمپن ۾ رهندڙ مظلوم
نياڻين جي شادين جي سلسلي ۾ هڪ شادي 13 جنوري
المصطفيٰ ٽائون فيز ٽو ۽ ساڳي رات جو ٻه شاديون
سيڊ ڪارپوريشن ڪالوني ۾ ٿيون ان موقعي تي آسوا
پاران ڪنوار لاءِ هڪ جهڙا ريشمي وڳا گرم شالون،
چاندي جي زيورن جا سيٽ ۽ ٻيو گهريلو سامان تحفي ۾
ڏنو ويو. شادي ۾ مسز نجمه بروهي، مسز ريحانه مجيب،
نذير ناز، فهميده قريشي ۽ ٻيون شريڪ ٿيون.
مارئي فورم طرفان وڳا ورهايا ويا
مارئي فورم جي چيئرمين محترمه ارشاد قمر
حيدرآباد شاخ کي 40 وڳا موڪليا جيڪي حيدرآباد شاخ
جي صدر محترمه ممتاز ڀٽو ۽ جنزل سيڪريٽري محترمه
نذير ناز حيدرآباد جي مختلف علائقن جي غريب بيواهه
عورتن ۾ تقسيم ڪيا.
گورنمنٽ گرلس ڪاليج ۾ محفل ميلاد
گذريل ڏينهن سردار بهادر گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ هڪ
محفل ميلاد منعقد ڪئي وئي، جنهن جي خاص مهمان
ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد محترمه آپا مريم نوحاڻي
هئي. ان موقعي تي تقرير ڪندي هن چيو ته جنهن هنڌ
تي نبي ڪريم صلعم جي محفل ٿئي ٿي، اتي برڪتون ۽
رحمتون نازل ٿين ٿيون ۽ اسان کي گهرجي ته اسان سڀ
رسول پاڪ صه جي اصول حسنه کي پنهنجي علمي زندگي ۾
شامل ڪريون جيڪو اسان لاءِ نجات جو واحد رستو آهن.
آپا مريم نوحاڻي چيو ته مون کي خوشي ٿي آهي ته هن
ڪاليج ۾ ميلاد منعقد ڪئي وئي جيڪو اسان جي پياري
رسول صلعم سان محبت جي اظهار جو سٺو طريقو آهي ان
کان اڳ آپا نذير ناز بحضور سرور ڪائنات نعت پيش
ڪئي ۽ ڪاليج جي پرنسپال محترمه دل افروز نظاماڻي
مهمانن کي خوش آمديد چوندي چيو ته نه صرف منهنجي
بلڪه اسان جي عملي جي عقيدت ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي
جو اڄ هن پروقار محفل جو اهتمام ڪيو ويو. محفل
ميلاد ۾ ڪاليج جي عملي کانسواءِ معزز عورتن ۽
شاگردياڻين شرڪت ڪئي.
مسز ارشاد قمر سان سهائي سانجهه
طرفان: ناري پبليڪيشن
سنڌي عورت، سنڌ جي ثقافت جي محافظه صبر ۽ شڪر جي علامت آهي ۽
تاريخ ۾ سنڌي عورت جو ڪردار مٿانهون رهيو آهي.
اهڙو اظهار نامياري دانشور، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر
غلام علي الانا تازو هتي ناري ادبي سنگت ۽ ناري
پبليڪيشن پاران سنڌ جي برک ليکڪا ۽ مارئي فورم جي
صدر محترمه ارشاد قمر سان ملهايل سهائي سانجهه ۾
صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي ڌرتي سدا
سهاڳڻ رهي آهي، جنهن ڪئين اهڙا سورما ۽ سورميون
پيدا ڪيون آهن، جن تي بجا طور فخر ڪري سگهجي ٿو.
هن ٻاگهل بختاور، مارئي مرکان ۽ ٻين عورتن جو ذڪر
ڪندي چيو ته سنڌ جي قومي جاڳرتا واري ڪردار ۾
عورتن جو وڏو هٿ آهي. الانا چيو ته سنڌ جو لوڪ ادب
عوام جي تهذيب ۽ تمدن جو علمبردار رهيو آهي. هن
چيو ته موجوده زمماني ۾ سماجي قدر بدلجڻ ۽ بين
الاقوامي تقاضائن کي آڏو رکندي اسان کي نوان ڪردار
۽ نوان روپ ڳولڻا پوندا. سنڌي عورتن کي بهترين
سائنسدان، رياضي دان، ماهر ٿيڻ گهرجي ۽ ضرورت ان
ڳالهه جي آهي ته اسان جون اهڙيون بهترين اديب،
شاعر ۽ مفڪر عورتون پيدا ٿين، جن جو نالو عالمي
ادارن ۾ شامل ٿئي، سنڌي عورتون تعليم جي شعبي ۾
اڳڀريون رهيون آهن ۽ عورتن سياسي توڙي سماجي ميدان
۾ به وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي نياڻين
کي تعليم ۽ هنر جي شعبي ۾ اڳڀرو ڪرڻ لاءِ اسان
سڀني کي گڏجي سوچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ سماجي ٻنڌڻ
ٽوڙڻا پوندا. هن محترمه ارشاد قمر کي ساراهيندي
چيو ته موجوده حالتن سنڌي عورتن ۾ وڏي سجاڳي آندي
آهي ۽ اهي پنهنجا ڏک سور ۽ مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي
سگهه رکن ٿيون. هن زور ڀريو ته ”تعليم سڀني لاءِ،“
وارو نعرو سنڌ جي جهر جهنگ ۾ پهچايو وڃي، الانا
ناري ادبي سنگت کي عورتن لاءِ هڪ تحريڪ سڏيندي چيو
ته عورتن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اهڙيون تنظيمون
ٺاهيون وڃڻ جيڪي ڳوٺ ڳوٺ وڃي والدين کي سمجهائين
۽ نياڻين کي علم جي روشني سان منور ڪن. هن اميد
ڏياري ته سجاڳ ٿيل عورتن جي جذبي آڏو جهالت جا ڪوٽ
وڌيڪ سٽ سهي نه سگهندا. ان کان اڳ نامياري سماجي
شخصيت ۽ تعليمي ماهر آپا مريم سلطانه نوحاڻي خاص
مهمان طور پنهنجي تقرير ۾ قلم جي نب جو مثال ڏيندي
چيو ته جنهن اديب جي دل ۾ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ
لاءِ درد هوندو، تنهن جون لکڻيون تير ۽ تلوار کان
وڌيڪ تکيون ۽ تيز هونديون ۽ ارشاد قمر منجهه اهو
درد موجود آهي. هن چيو ته اهي اديب ۽ شاعر عظيم
آهن. جيڪي گلن جهڙن ٻارڙن لاءِ لکڻين سان پنهنجي
قلم جو استعمال شروع ڪن ٿا. هن ناري ادبي سنگت جي
روح روان نذير ناز کي ساراهيندي چيو ته قلم جي
ڪاهلن کي به لکڻ تي مجبور ڪرڻ سندن وڏي خوبي آهي،
جنهن منهنجي به رهبري ڪئي. هن ٻڌي جي ضرورت تي زور
ڏيندي چيو ته خلق جي خدمت وڏي عبادت آهي. محفل جي
مور محترمه ارشاد قمر خطاب ڪندي چيو ته سنڌي
عورتون قومي بقا جي جنگ ۾ اڳڀريون رهيون آهن. سنڌي
عورت قابليت ۾ ڪنهن به قوم جي عورتن کان گهٽ ناهي،
جنهن محدود وسيلن جي باوجود هر دور ۾ پاڻ موکيو
آهي. سماجي ناانصافي، اڻ برابري ۽ جاگيردارانه
نظام جو شڪار سنڌي عورتون سماجي ٻنڌڻ ٽوڙڻ لاءِ
جاکوڙ ڪري رهيون آهن. سنڌي عورتون شاهه جون
سورميون، لوئي جي لڄ ۽ ڌرتي جي ڌڄ آهن. هن قومي
جدوجهد جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ جون ٻاگهلون ۽
بختاورون قومي تحريڪ ۾ سرن جا سودا ڪندڙ سوڍن سان
ساٿ ڏينديون. هن چيو ته سنڌ جي خدمت اسان جو مقصد
آهي ۽ سمورين عورتن کي مختلف شعبن ۾ ڌرتي ۽ قوم
لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي. هن ناري سنگت جي واکاڻ ڪندي
اعلان ڪيو ته مارئي فورم پاران مختلف شعبن ۾ پاڻ
موکيندڙ عورتن کي ميڊل ڏنا ويندا. هن حيدرآباد ۾
فورم جي شاخ کولڻ جو اعلان ڪيو. ناري ۽ ادبي سنگت
جي سرواڻ محترمه نذير ناز چيو ته سنڌي عورتن تاريخ
۾ يادگار ڪردار ڇڏيا آهن ۽ اڄ به علم، ادب، فن،
هنر ۽ ٻين شعبن ۾ عورتون پاڻ ملهائي رهيون آهن.
ناري ادبي سنگت ليکڪائن جي همت افزائي لاءِ پاڻ
پتوڙيندي رهندي. ان کان اڳ قمر شهباز، خيرالنساءَ
جعفري، ممتاز ڀٽو، نسيم شيخ ۽ زينت محبوب تقريرون
ڪيون. آخر ۾ ڳائڻ جو پروگرام به ٿيو.
اها شام
شام، شام ۽ صبح، صبح هوندو آهي. منهنجي
زندگيءَ جي اها پهرين شام هئي، جا مونکي هر صبح
کان وڌيڪ روشن ۽ حسين لڳي هئي. اها شام جڏهن صدين
جي غلاميءَ کان پوءِ چنڊ پهريون دفعو منهنجي آزاد
وطن مٿان کڙيو هو.-
تاجل بيوس
رپورٽ- عربيه نور
1991 جون ادبي رهاڻيون
مارئي فورم طرفان ٿيل سيمينار ڳوٺاڻين عورتن جا مسئلا
مارئي فورم هڪ سماجي تنظيم آهي جيڪا عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم
ڪري رهي آهي. مارئي فورم جي پليٽ فارم تان
هيلتائين ڪيترين سنڌي عورتن جي مسئلن کي نبيريو
ويو آهي.
14 نومبر 1991ع تي هوٽل هاليڊي ان ۾ مارئي فورم پاران ”ڳوٺاڻي
عورت جا مسئلا“ جي عنوان سان هڪ سيمينار جو اهتمام
ڪيو ويو.
سيمينار جي صدارت بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ڪئي جڏهن ته مهمان خاص
محترمه زاهده شيخ صاحبه هئي. تقريب جي شروعات ۾
مارئي فورم جي صدر محترمه ارشاد قمر آجياڻي واري
تقرير ڪندي چيو ته مان سمورن آيل مهمانن جي
ٿورائتي آهيان. هن چيو ته سنڌ جون ڳوٺاڻيون عورتون
تمام ڏکويل ۽ بيوس زندگي گذارين پيون. جديد دنيا
جي منهن تي ڳوٺاڻي عورت چماٽ آهي. سنڌ جي عورت درد
۽ پيڙا جي علامت آهي. کانئس احتجاج جو به حق کسيو
ويو آهي.
ناري پبليڪيشن جي سرواڻ نذير ناز ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه سماجي
تنظيمون غريبن جي نالي تي رقم وٺي ڳڙڪائي وڃن
ٿيون، پر ان جي ڀيٽ ۾ ”مارئي فورم“ سچائي سان ڪم
ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڳوٺاڻي عورت جو سڀ کان اهم
مسئلو غريبي آهي، جنهن مان ٻيا مسئلا جنم وٺن ٿا.
ٻهراڙي واري عورت لاءِ غربت ۽ بيروزگاري وڏا مسئلا
آهن. پر هن وقت اهم مسئلو ڌاڙيل به آهن جن جي هٿان
سندن عزت محفوظ نه آهي.
سلطانه وقاصي مقالو پڙهندي چيو ته سنڌ ۾ جتي ونين ۽ ڄاين جي
مٿان سر قربان ڪيا آهن، اتي انهن جو ڪاروبار به
ٿيندو آهي. هن ترقي يافته ۽ پڙهيل لکيل دور ۾ به
اڄ اهڙا ڪيترائي گهر آهن، جتي نياڻيءَ جي ڄمڻ تي
ناراضگي جو اظهار ڪيو ويندو آهي.
حسين شاهه راشدي طنزيه انداز ۾ لکيل مقالو پڙهندي چيو ته سنڌ ۾
ڪئين سماجي تنظيمون آهن. انهيءَ ۾ ”اپوا“ سڀني
تنظيمن جي ڏاڏي حوا هئي. انهيءَ جي سربراهه رعنا
لياقت علي خان هئي. جيئن ”اپوا“ سرڪاري سرپرستي ۾
پروان چڙهي آهي. جيئن ته مارئي به غريب هئي انهي
ڪري مارئي فورم غريب جي مدد ڪاڻ وجود ۾ آئي آهي
پوءِ ڀلي اهي مسئلا شهر جي وڏي ۾ وڏي هوٽل ۾ ويهي
حل ڪيا ٿا وڃن. راشدي صاحب سيمينار ڪوٺائڻ تي
تنقيد ڪندي چيو ته اهو سيمينار اسان شايد ان ڪري
ئي ڪنهن ڳوٺ ۾ نه رکيو جو سٺا ڪپڙا پاتل عورتن
کي اتي ڌوڙ مٽي ٿيڻو پوي ها.
هن عورت کي سڏ ڏيندي چيو ته اچو ته گڏجي ڳوٺن ۾ هلون ۽ اتان جي
مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ سيمينار جي خاص مهمان محترمه زاهده
شيخ ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺاڻي عورت علاج کان
محروم آهي. سندس مرد به سندس مسئلا نه سمجهي ٿو
نه ٻڌي ٿو. جڏهن هوءَ بيمار ٿئي ٿي ته کيس چيو وڃي
ٿو ته هوءَ هوٽل جي چانهه ۽ بسڪوٽن لاءِ اسپتال ۾
داخل ٿيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته ڳوٺاڻي عورت کي ڪاري
ڪري ماريو وڃي ٿو. ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ٿاڻن تي گهليو
وڃي ٿو. ڳوٺاڻي عورت صرف مرد جي غلام نه آهي. پر
اُهو گڏهه جنهن تي هو بار کنيون اچي ٿو ان جي به
غلام آهي ڇاڪاڻ ته ڪم تان موٽڻ بعد کيس گڏهه جي به
سارسنڀال لهڻي پوي ٿي.
”سڪ پريت“ جي ڪارڪن تسنيم چانڊيو رضاڪار تنظيم جي ”پنهنجي مدد
پاڻ“ واري اصول کي اپنائڻ تي زور ڏنو.
محترمه نصرت ڀٽو صاحبه صدارتي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڳوٺاڻي
عورت تمام گهڻي مظلوم آهي. عورتون کيتي جو ڪم به
ڪن ٿيون ۽ مردن جو ظلم به برداشت ڪن ٿيون. هن چيو
ته ڳوٺاڻيون عورتون سخت پورهيو ڪن ٿيون. انهيءَ جي
باوجود سندن مرد ساڻن خراب رويو رکن ٿا ۽ ڳوٺاڻين
عورتن جي گهٽ عمر ۾ شادي ڪرائي وڃي ٿي. ڳوٺاڻي
عورت زندگي جي مڙني سهوليتن کان محروم آهي.
ڳوٺاڻي عورت بهادر آهي جيڪا نه صرف ٻار ۽ ڪٽنب جي
چڱي پرگهور لهي ٿي. پر اها عورت قومي ترقي لاءِ به
فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن هن کي موقعو ڏنو
وڃي. سيمينار رات تائين جاري رهيو.
ناري پبليڪيشن ۽ ناري ادبي سنگت پاران ليکڪا خيرالنساءَ جعفري سان ملهايل
رهاڻ
16 مئي 1991ع تي سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس جي سينيٽ هال ۾
خيرالنساءَ جعفري سان سهائي سانجهه رچائي وئي. شام
جو پنجين وڳي سڄو هال اديبن ۽ ادب دوستن سان ڀرجي
چڪو هو. ڊاڪٽر رميش ڪمار اسٽيج تي اچي ڪمپيئرنگ جا
فرائض انجام ڏنا. سڀ کان پهرين رهاڻ جي مک
خيرالنساءَ جعفري ۽ محفل جو صدر ع. ق. شيخ، اعزازي
مهمان ميڊم ممتاز ڀٽو ۽ هن شام کي رچائڻ واري
نذير ناز کي اسٽيج تي گهرائي مان ڏنو ويو. بيج جي
رسم کان پوءِ مهمانن کي اجرڪ پارايا ويا.
پروگرام جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي وائي سان ڪريم
ڏني ڪئي. تاج جويو، ذوالفقار سيال، ظفر ڪاظمي
پنهنجن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. ڪنهن سنڌ جا
سور سڻايا ته ڪنهن خيرالنساءَ جعفري جي ادبي ۽
نجي زندگي جو احوال ڏنو. ڪنهن خيرالنساءَ جعفري
کي ”گڏي“ ٿي سڏيو ته ڪنهن ”خيرو“. ڪنهن معاشري جي
چٽي عڪاسي ڪندڙ ليکڪا ته ڪنهن منهن تي هر وقت مرڪ
سڃائيندڙ ساٿي ٿي سڏيو.
ميڊم ممتاز ڀٽو ناري ادبي سنگت ۽ ناري پبليڪيشن جي پروگرامن جي
واکاڻ ڪندي خيرالنساءَ جي باري ۾ ٻڌايو.
مهان ليکڪ ۽ چترڪار ع. ق. شيخ نذير ناز جي تعريف ڪندي نذير ناز
کي مبارڪ باد ڏني ۽ چيائين ته جس هجي نذير ناز
کي، جيڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت اهڙا پروگرام ترتيب
ڏئي اديبن کي گڏ ڪري ذهني طور ادبي مانڊاڻ مچائي
ٿي ۽ سنڌي ادب کي اهڙا بهترين ڪتاب ناري پبليڪيشن
ڏنا آهن ۽ اهڙيون رنگين شامون رچائي سرهاڻ
پکيڙيندي رهي ٿي. محترم ع. ق. شيخ ڏات جي ڏيهه
واسين تي زور ڀريو ته ادبي رهاڻيون ٿيڻ گهرجن.
شامون ملهائڻ گهرجن. اهي ئي اديب جي ادب جو جياپو
آهن.
ناري پبليڪيشن جي سرواڻ نذير ناز آيل مهمانن جا ٿورا ادا ڪندي
چيو ته مان اوهان سڀني جي ٿورائتي آهيان، اوهان
سڀني جي ساٿ جي ڪري منهنجا پروگرام ڪامياب ٿين
ٿا.
خيرالنساءَ جعفري بابت چيائين ته، خيرو منهنجي دوست آهي. مونکي
ڪابه پريشاني ٿيندي آهي ته مان دل جو حال خيرو کي
ٻڌائيندي آهيان خيرو دوست جي به دوست آهي هڪ سچار
ليکڪا آهي. سنڌيءَ جي پهرين ليکڪا آهي جنهن وڏي
جرئت سان سنڌ جي نازڪ موضوعن کي پنهنجي قلم هيٺ
آندو آهي اسان کي خيرالنساءَ جي ذات تي فخر ڪرڻ
گهرجي.
آخر ۾ هن ”سهائي سانجهه“ جي مکيه شخصيت خيرالنساءَ جعفري پنهنجي
خيالن جو اظهار ڪندي پنهنجي نجي زندگي تي لکيل هڪ
صفحو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ سندس رهڻي ڪهڻي جو عڪس
چٽيل هو هن پنهنجي سڀني لکڻين کي اسٽور روم سڏيو ۽
چيائين اُهو اسٽوروم جلدي پڌرو ٿيڻ وارو آهي.
پهريون مرحلو ختم ٿيو. تقريرن کان پوءِ هلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ ٿي
انهيءَ کان پوءِ موسيقي جي محفل شروع ٿي.
موسيقي جي شروعات نذير ناز ڪئي ۽ چيائين ته محفل ۾ اڄ مان
پهريون ڀيرو ڳائي رهي آهيان جو هي اسان جي پنهنجي
محفل آهي بيدل ڪونه آيو آهي، بيدل جي ڪمي مان ڳائي
پوري ڪري رهي آهيان، انهيءَ تي محفل ۾ زور دار
تاڙيون ٿي ويون نذير ناز پنهنجو گيت ٻڌايو. آيو
آهه بهار، تون به ته موٽي آ
نذير ناز کان پوءِ نسيم شيخ ڪريم ڏنو، جاويد، آغا ثناءَ الله ۽
ذوالفقار علي گيت ٻڌايا ۽ داد ورتو تقريباً انهيءَ
شام جي پڄاڻي رات جو يارهين وڳي ٿي.
جيجي زينت چنا جي ورسي جو احوال
15 آگسٽ 1991ع تي نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ناري ادبي سنگت، مارئي
فورم جي سهڪار سان مرحوم جيجي زينت چنا جي ورسي
ملهائي وئي.
مشهور ڪهاڻيڪار، تعليمي ماهر حميد سنڌي صاحب هن پروگرام جي
صدارت ڪئي ۽ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جيجي زينت چنا
جهڙيون عورتون اسان جي ماضي جو ورثو آهن ۽ اسان جو
فرض آهي ته اسان پنهنجي ماضيءَ کي محفوظ رکون ته
جيئن اسان جو ايندڙ نسل پنهنجي ماضيءَ مان سبق
حاصل ڪري سگهي. اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجي حال
جي ورثن، شخصيتن ۽ ماڳن کي آڊيو وڊيو ڪيسٽن ذريعي
محفوظ ڪريون. ان سلسلي ۾ سنڌالاجي به ڪم ڪري رهي
آهي پر اسان کي ذاتي طور تي گهرجي ته اسين اهڙي ڪم
۾ اهڙن ادارن جو هٿ ونڊايون.
هن چيو ته جيجي زينت چنا جهڙيون بهادر عورتون ڪڏهن ڪڏهن جنم
وٺنديون آهن ۽ زينت چنا جو ”مارئي“ رسالو جيڪو ان
دور جي عورتن جو مقبول ترين رسالو هو.
آخر ۾ حميد صاحب ناري پبليڪيشن جي سرواڻ نذير ناز کي جس ڏيندي
چيو ته ناريءَ جو ادارو تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي
۽ ڪتابن سان گڏوگڏ زينت چنا جي ورسي ملهائي اسان
کي احساس ڏياريو آهي ته اسين جلدي پنهنجي ماضي
وساري نه ڇڏيون پر اسان کي پنهنجي عظيم شخصيتن کي
به هميشه ياد رکڻ گهرجي.
هن ورسي جي خاص مهمان ماهر تعليم دادي ليلان هرچنداڻي هئي. دادي
ليلان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته نذير ناز اڄ هت هيترن
اديبن، ليکڪائن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو آهي. زينت چنا
به سڀني اديبن ۽ ليکڪائن کي به هڪ هنڌ ڪٺو ڪندي
هئي. مرحوم زينت چنا کي موسيقي جو ڏاڍو شوق هو. هن
کي شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ سان تمام گهڻو چاهه
هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي جيڪو مرحوم زينت چنا
سمجهيو اوترو ٻئي ڪنهن نه سمجهيو. هوءَ شاهه جو
ڪلام مون کان فرمائش ڪري چورائيندي هئي. اهڙن
ليکڪن ۽ ليکڪائن جون يادون ملهائڻ سٺي ڳالهه آهي.
ماضي ۾ مرحوم جون ڪيل ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون
نه آهن.
لاهور کان آيل اعزازي مهمان ”ادب لطيف“ جي ايڊيٽر صديقه بيگم
تقرير ڪندي چيو ته ناري ادبي سنگت جي محفل ۾ شريڪ
ٿي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ سنڌي
خواتين تمام گهڻو حصو وٺي رهيو آهن. هن چيو ته
منهنجي مادري ٻولي پنجابي آهي مگر وڏن جي فيصلي
مطابق مان اردو رسالي جي ايڊيٽر آهيان. منهنجو
رسالو ”ادب لطيف“ اردو ۾ شايع ٿيندو آهي. هن چيو
ته سنڌي عورتون خاص طور تي ناري پبليڪيشن جي سرواڻ
محترمه نذير ناز سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت
ڪري رهي آهي. هن چيو ته مون کي مرحوم زينت چنا جي
ڪيل ادبي خدمتن جو ٻڌي حيرت ٿي آهي ته مرحوم ڪيڏي
نه بلند پايه جي اديبه هئي ۽ منهنجي معلومات ۾
تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي.
نذير ناز ميزبان جي حيثيت سان آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو.
جيجي زينت چنا، سنڌ جي اها مهان ليکڪا آهي جنهن
اسان کي واٽ ڏيکاري آهي. هن سنڌي ادب جي ذريعي
سنڌي عورتن ۾ سجاڳي جي لاٽ ٻاري انهيءَ وقت جڏهن
سنڌ جون عورتون تعليم جي ميدان ۾ پير ڄمائڻ جي
ڪوشش ۾ رڌل هيون. تڏهن جيجي هنن جي همت وڌائي.
عورتن کي بيدار ڪيو. پر افسوس اهڙي مهان شخصيت
جي ورسي تي ڪنهن به اخبار ۾ ڪوبه ليک ناهي ڇپيو.
ڪنهن به سرڪاري اداري طرفان ورسي جي موقعي تي جيجي
کي ياد نه ڪيو ويو آهي.
نذير ناز کان پوءِ ميڊم ممتاز ڀٽو، لاڪاليج جو پرنسپل قاضي احمد
محمد، نورالهديٰ شاهه، عبادالله شاهه راشدي، ناز
سنائي تقريرون ڪيون، جڏهن ته شبنم گل ڪمپيئرنگ
ڪئي.
نسرين نوري
(تبصرو)
اچو ته هي ڪتاب پڙهون
ڪتاب: ديوان مير
مصنف: مير غلام الله خان ٽالپر
قيمت : 40.00 روپيا
صفحا: 188
ايڊريس: ناري پبليڪيشن 3/43 صدر حيدرآباد
هن ڪتاب جو سرجڻهار مير غلام الله خان ٽالپر، شير سنڌ ستاره
هند ميرپور خاص جي آخري ٽالپر حڪمران مير شير محمد
خان ٽالپر جي خاندان جو چشم و چراغ آهي. هي نه صرف
ٽالپر خاندان جو پهريون صاحب ديوان شاعر آهي پر
ٿاپارڪر جو به پهريون صاحب ديوان شاعر آهي.
ميرپور خاص جي رائل فيملي ۾ هن نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آهي.
جنهن ۾ هن جون 1923 کان 1990ع تائين جون تخليقون
شامل آهن. سنڌي شاعري ۾ جتي صاحب ديوان شاعر اٽي ۾
لوڻ برابر آهن، اتي مير غلام الله خان ٽالپر جي
غزلن جو پهريون مجموعو ”ديوان مير“ سنڌي شاعري ۾
هڪ قابل قدر اضافو آهي.
مير غلام الله خان ٽالپر هڪ اسرندڙ، زنده دل ۽ سجاڳ ذهن شاعر
آهي، قدرت کيس شاعري جهڙي لاقاني ڏات سان نوازيو
آهي.
سندس شاعري ۾ هن جون سٻاجهيون ۽ معصوم خواهشون پيار جي ڏوري ۾
پوتل آهن. جنهن ۾ لڙڪن ۽ مرڪن جا اولڙا نظر اچن
ٿا ته دک درد جا پاڇولا به پسجن ٿا.
هن جي شاعري ذاتي جذبن ۽ اجتماعي احساسن جو سنگم آهي، تنهن ڪري
انهن ۾ سونهن جي سچائيءَ ۽ سچائيءَ جي سونهن هڪ
ٻئي ۾ سمائجي ويل آهن. خدا سندس قلم کي اڃا به
وڌيڪ سگهه بخشيندو ۽ هو پنهنجي خوبصورت ۽ ڪومل
ڪوتائن سان سنڌ جي ڌرتي تي چوڏس سرهائيون پکيڙيندو
رهندو.
وندر ۾ ورلاپ
ڪتاب: وندر ۾ ورلاپ
شاعر: محمد جمن هالو
مرتب: اصغر هالو
صفحا: 125
قيمت: 60.00 روپيه
وندر ۾ ورلاپ، سنڌ جي مقبول ۽ عوامي شاعر محمد جمن هالو (مرحوم)
جو چوٿون مجموعو ڪلام آهي. جنهن ۾ هن جي شاعري جي
مختلف صنفن صوفي ڪلام، حمد، نعت ۽ ڪافيون وغيره تي
ڀرپور انداز ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ موضوع ۽
انداز جي گونا گوني ۽ انفراديت موجود آهي.
محمد جمن هالو صاحب جي شاعري ۾ سادگي، بي ساختگي، دلڪشي ۽ نکار
آهي، هن ٻوليءَ کي خوبصورت لفظن جو ويس ڍڪائي،
سنواري، سينگاري اهڙي ته سادي ۽ سهڻي انداز ۾ پيش
ڪيو آهي جنهن کي هرڪو ماڻهو بنا دقت جي سولائيءَ
سان سمجهي سگهي ٿو.
هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي حمد ۽ نعت ۾ الله ۽ ان جي رسول سان بي
پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي، اتي پنهنجي
قوم ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار به تمام وڏي اڪير ۽
عقيدت سان ڪيو آهي. هي پنهنجي قوم سان ڳنڍير جي
ڳنڍين جيان ڳنڍيل نظر اچي ٿو.
لوهه جي لکئي ليڪ مٽائي، بخت بنائي
وينداسين.
محشر ۾ جي ذات پڇيائون، سنڌي سڏائي
وينداسين.
هن ڀلاري ڀونءَ جي شاعر جمن هالو جي شاعري، چيٽ جي چانڊوڪي جهڙي
چٽي آهي، جنهن جي سهڻي ٻولي، سادو انداز، اعليٰ
تخليقي اُڏام ۽ مڌرتا متاثر ڪندڙ آهي. هن جي شاعري
۾ ميٺ محبت، مذهب سان قرب ۽ الفت جو آواز آلاپيل
آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اهڙو هڳاءُ ڀريل آهي جيڪو
سڄي سنسار ۾ سچائيءَ جي سونهن ۽ سدا بهار سرهاڻ
پکيڙي ٿو.
اصغر هالو صاحب پنهنجي والد مرحوم محمد جمن هالو جي شاعريءَ ۾
مجموعو ”وندر ۾ ورلاپ“ ڇپرائي، سنڌي ادب ۾ اضافو
ڪيو آهي ۽ ايندڙ نسل ڏانهن ڏياٽيءَ مان ڏياٽي ٻاري
منتقل ڪيو آهي.
ڪتاب: مون ۾ آهين تون
شاعر: اڪبر ساگر
قيمت 50.00 روپيه
صفحا: 184
اڪبر ساگر نئين ٽهي جو اسرندڙ ۽ سڄاڻ شاعر آهي، ”مون ۾ آهين
تون“ سندس پهريون شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ ساگر
پنهنجي سوچ جي اونهائين مان لفظن جا ماڻڪ ميڙي، سڪ
جي سڳي ۾ پوئي، اسان جي آڏو پيش ڪيا آهن.
سدا سهاڳڻ سنڌ جي هن سڄاڻ شاعر جي شاعري تمام مٺي ۽ من موهيندڙ
آهي. سندس ٻولي سادي، سٻاجهي ۽ سڀ ڪنهن کي سمجهه ۾
اچڻ واري آهي. جنهن ۾ سونهن سادگي، سڳنڌ ۽ سچائي ۽
اصليت آهي. هي فطري طور معصوم جذبن جو ڌڻي آهي،
سندس ڪوتائن ۾ گلن جهڙي ڪوملتا، خوشبو ۽ نفاست
آهي، ائين ٿو لڳي ته لفظ چشمي وانگر هن جي دل ۽
ذهن مان بي اختيار ڦٽي نڪتا آهن. هن جي شخصيت هر
صنف مان ليئا پائيندي پسجي ٿي.
اڪبر ساگر جي شاعري صرف سندس ذاتي پيڙائن جو پڙاڏو ناهي پر هن ۾
ديس واسين جي دردن جون دانهون به آهن. هن جي
شاعريءَ ۾ جتي پيار ۽ پيڙابکي رهي آهي. اتي انهن ۾
سماجي سرت جا اولڙا ۽ عڪس به موجود آهن.
ساگر هن دور جو خوبصورت خيالن، نازڪ جذبن ۽ لطيف احساسن وارو،
ڳوڙهو اڀياس رکندڙ، سماجي ناانصافين ۽ اڻ برابرين
جي گهاڻي ۾ پيڙيل حساس شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ
۾ سچ جو سونهن ڀريو سوجهرو چوڏهين جي چنڊ وانگر
ٻهڪندو نظر اچي ٿو. شل سندس ڏات جي ڏيئن سان سنڌ ۾
سدائين سوجهرو رهي.
هي شعر وڻي ٿو
نذير ناز- حيدرآباد
سپرين! توکي سڪ مان، سڏيان ۽ سارريان
ويٺو تنهنجو واٽڙيون، نرمل نهاريان
پرين تنهنجي پرت کي پل پل پڪاريان
هاريو ٿو هاريان، هنجون تولاءِ هجر ۾
(مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ)
*
فرزانه سحر- زبيده ڪاليج
ڪنهن کي ڳچي جو هار ڪر ۽ ڪنهن جو هار ٿي
هن زندگي جو سارو سفر رائگان نه ڪر
(مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ)
*
نسرين نوري- وحدت ڪالوني حيدرآباد
محبت ۾ جيڪو گرفتار ڪونهي
سو آزادي جو يار! حقدار ڪونهي
جميل الزمان! توتي ڪهڙيون ميارون
”زماني ۾ ڪوئي وفادار ڪونهي.“
(مخدوم جميل الزمان)
خديجه جوکيو- مسو ڀرڳڙي
پل نه جنهن کي مون وساريو، ياد آهي جو سڄڻ
جنهن وڌايو، پيار جو هٿ آيو هو پنهنجو ڪرڻ
پريت پارڻ سو تو ايندو ٻهڪندو منهنجو اڱڻ
اهڙي سهڻل جو ڪريان ٿي ناز ويٺي انتظار
(نذير ناز)
*
عربيه نور- حيدرآباد
اسان وقت جا وير منصور ميان،
ڪيئي بار مرندا ۽ جيئندا پيتو،
رڳو هڪ پيالو هو سقراط رهون ٿا،
اسان جام تي جام پيئندا رهون ٿا.
(تاجل بيوس)
*
فرحانه پٺاڻ حيدرآباد
لڪائي لڙڪ اينداسين، سجائي مرڪ اينداسين
ڏئي نيڻن کي نئين سر نينهن جي نرواڻ، ملنداسين
الاجي ڇو نٿيون دل کي وڻن چانڊوڪيون راتيون،
اسين تارن جي ڇڻيل ڇاٽ ۾ توساڻ ملنداسين
(سوز
هالائي)
شبانه ڀٽي- مٽياري
پائي ڪانَ ڪمان ۾، ميان مار نه مون
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
ثمينا ميمڻ- سنڌ يونيورسٽي
مان چاهيان ٿو ٻيهار ڏسان،
مان توکي دل جي دَرَپن ۾،
اڄ رات سويري پئج سمهي،
مان ايندس تو وٽ سپني ۾،
(شيخ اياز)
*
جينوما سحر- مبارڪ ڪالوني حيدرآباد
پرين! اچ مرڪون
بادل بڻجي اڀ تي
سڪ منجهان سرڪون
(اڪبر ساگر)
*
رشيده لغاري- ٽنڊو ڄام
سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ،
چاندني تو سوا نه ٿيندي،
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ،
هاڻ رات ٻي ڪانه ٿيندي.
(شيخ اياز)
*
شازيه شيخ- حيدرآباد
اُهي جذبا به همدردي ٿا لهڻن
نه پهتا حلق کان اظهار تائين
(ولي سروري)
*
مهرالنساءَ مهر- ميرپور خاص
حال جنهن آ ڪيو ديوانن جيئن،
سو ڪڏهن به ملڻ نه ايندو آ،
جنهن جي يادن اندر رهان ٿو مان،
سو ته ڪڏهن پُڇڻ نه ايندو آ
(مير غلام الله خان ٽالپر”مير“)
*
سنڌو پنهور سنڌ يونيورسٽي
تنهنجي ياد ۾ گم ٿي ڳايان،
تنهنجون يادون سوچون سپنا،
جيون کان وڌ مان توکي چاهيان،
مان ته پاڻ به پنهنجو ناهيان.
(اياز گل)
سعيده ميتلو- مارئي هاسٽل
زندگي تلخ آ هجي ته هجي،
روح ۾ سو ملاحتون رهنديون،
سرحِد غم قريب آ اي دوست،
ساٿ ڪيسين مجتون رهنديون.
(شيخ اياز)
عربيه نور
رڌ پچاءُ
رڌڻي جي راڻي
کاڄن- مٽرن جي چٽڻي
گهربل شيون: اڌ ڪلو چانور، اڍائي سو گرامر مٽر، 100 گرام کاڄا،
ڏيڍ سو گرام گيهه، ساوا ڌاڻا، ڪڙهي پتو، 25-30
گرام بوهي چڻن جا داڻا، گرم مصالح، لوڻ ۽ هنڊ.
ٺاهڻ جو طريقو: چانور ڌوئي پهرين اڌ ڪلاڪ تائين رکو. گيهه ۾
جيري جي رائي ڏيئي مٽر ڀڃو. کاڄن ۽ بوهي چڻن جا
سنها ٽڪرا ڪريو. پسيل چانورن جو پاڻي ڪڍو. پوءِ
گيهه، اهر، ڪڙهي پتو وجهي چانورن کي ڀڃو. ڀڳل
چانورن ۾ سڀ شيون ملائي چڱيءَ طرح گهمايو. گرم
پاڻي مٿان ايترو وجهو جو چانور رڌجڻ تائين پاڻي
سڪي وڃي. پوءِ چار چمچا گيهه وجهي انهن کي ڍڪيو.
جڏهن رڌجي وڃن ته انهن مٿان ساوا ڌاڻا ڇٽڪاري
ڇڏيو. |