ڪهڙي واه اٿم وڃڻ جي.......ڪوبه ته ڇوٽڪاري جو
رستو ڪونهي.
ان گهر ۾ ڪهڙو منهن وٺي وڃان. جن چند ٽڪن جي عيوض
مونکي بار سمجهي وڪڻي هن آڙاه ۾اڇلائي ڇڏيو ۽ وري
اچي حال نه پڇيو اٿن ته ڪهڙي حال ۾ آهيان، ڪيئن
پئي جوڀن جا ڏينهن گهاريان. - نه ......نه.
ننڍي هوندي ئي زينت جو پيءٌ بس جي حادثي ۾
ڊرائيونگ ڪندي فوت ٿي ويو هو. تڏهن کان زينت جي
ماءٌ اچي مامي وٽ ٿي هئي، ڀلا ٻيو سندن ڪير هو
جتي هو ٽئي ڄڻيون سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪندي ساڻيون
ٿي پونديون هيون تڏهن کين ماني ٽُڪر ملندو هُين،
مڙئي مامي جي رحم ڪرم تي پيون ڏينهن گهارينديون
هيون،
جڏهن هن جي وڏي ڀيڻ سامائي ته سندس مامي ان کي
پئسن جي لالچ تي هڪ بيمار پوڙهي جي حوالي ڪري
ڇڏيو. جيڪو جلدئي بيماريءَ جي سٽَ نه جهليندي سندس
ڀيڻ کي ظالم زماني جي ٺوڪرن کائڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي
پاڻ موڪلائي هليو ويو.
ساڳيءَ ريت زينت کي به جوان ٿيڻ بعد ٽڪن تي وڪڻي
سندس مامي اڪبر جي حوالي ڪري ڇڏيو، زينت ڏاڍي خوش
ٿي هئي ته هوءَ پنهنجي گهر وَرَ واري ٿي ويئي آهي،
پر کيس اها خبر ڪو نه هئي ته سندس جيون ساٿي هن جو
ٿي سگهندو، هي سوچيندي رهي ته”ڇا مان وري اهڙي گهر
واپس وڃان جتي ڪا عزت ڪونه هوندي هُئي جتي مان
ڪنهن جي نه هوندي هئس ۽ نه وري ڪوئي منهنجو هوندو
هو“ هن جو ٻيو وارث يا مٽ مائٽ ڪونه هُيو سواءِ
اُن ظالم ۽ لالچي مامي جي جنهن هن جي توڙي هن جي
وڏي ڀيڻ جي وجود کي وڪيو ۽ نيلام ڪري ڇڏيو هو .
نه نه ..... نه ... مان ائين هرگز نه ڪنديس، مان
هن گهر مان ڪو نه نڪرندس، هو اڪبر جي اچڻ جون
راهون نهاريندي رهي، راهن ۾ اکيون وجهندي وجهندي
ڪيترائي سج لهي ويا ۽ راتيون موڪلائي ويون، هر رات
کيس ڪاريهر جيان ڏنگيندي رهي هر سج باهه جيان سندس
وجود کي ساڙيندو رهيوپر ” اڪبر جيڪو پيءٌ جي ملڪيت
جو اڪيلو وارث هيو ۽ انکي لٽائڻ ۽ عياشي ۾ محو
هيو“ نه موٽيو، هن جي اندر ۾ انديشا وڌندا رهيا
وسوسا وڪوڙيندا رهيس، نيٺ هِڪ ڏينهن سندس لاءِ
فيصلي جو ڏينهن بڻجي آيو پني جو هڪ معمولي ٽڪرو
جيڪو هڪ عورت لاءِ موت ۽ زندگيءَ جو سوال هوندو
آهي.
طلاق نامو ڏسي زينت پنهنجي پيرن هيٺان ڌرتي
نڪريندي محسوس ڪئي مٿي کي چڪر اچڻ لڳس اکيون ڳوڙهن
سان ٽمٽار ٿي ويس سندس لاءِ ڄڻ پوري ڪائنات ساڪت
ٿي وئي هجي. ڳچ پل گذرڻ کانپوءِ هن پنهنجا ڳوڙها
اُگهندي ۽ پنهنجي پير ڌرتيءَ تي ڄمائي آسمان ڏانهن
اکيون ڪري هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو ڄڻ کيس عورت جي قسمت
تي کِل آئي هجي“ ۽ انهيءَ ساعت هن فيصلو ڪري ورتو
هيو مرد کان بدلو وٺڻ جو.
هن پاڻ ۾ پهاڙ جيڏو حوصلو محسوس ڪيو هڪ ڊگهي عرصي
کانپوءِ اڪبر جي اکين تان اَنڌ جون پٽيون به لٿيون
۽ دنيا جي حقيقت کان آگاهي ٿيس تڏهن هن پنهنجي
ماڳ ڏانهن موٽڻ جي ڪئي.
هو پنهنجي خيالن ۾ گم فوٽ پاٿ تان رستي ۾ ٽڪ
ماريون قدم قدم ۾ وجهندو پئي آيو، شايد ڪي پڇتاءَ
۽ ڪجهه يادن کي ذهن ۾ ولوڙيندو اڳتي وڌندو ٿي آيو،
ڪنهن جي هلڪن هلڪن ٽهڪڙن تي سندس خيالن جو سلسلو
ٽٽي پيو هن ڪنڌ ورائي ڏٺو روڊ تي ايندڙ ڪار ۾ هڪ
جوڙو ويٺل نظر آيس هي ته انور ئي آهي جنهن جو گهر
منهنجي گهر جي بلڪل سامهون هيو”هن چپن ۾ ڀڻڪيو.“
پر ساڻس گڏ عورت ڪهڙي ويٺل آهي ڇو ته کيس زينت جو
شڪ پئي ٿيو نه-نه ... ائين نه ٿو ٿي سگهي. اهو
منهنجي اکين جو دوکو آهي هن پنهنجن اکين کي
مهٽيندي چيو. پر سندس شڪ تڏهن يقين۾ بدلجي ويو
جڏهن ساڳي ڪار سندس بلڪل برسان اچي لنگهي وئي ۽
پوءِ هو اتي ئي پٿر جو بُت بڻجي بيهي رهيو ڄڻ سندس
منزل اتي ئي ختم ٿي وئي هجي پيرن ۾ زنجير پئجي ويا
هجن ۽ زمين تنگ ٿي وئي هجي سندس اکيون انهيءِ ڪار
۾ کپيون رهيون پر هوءَ دور تمام دور وڃي چڪي هئي
سندس پهچ کان پري اُفق جي هُن پار.
ڪامياب شاديءَ جو
راز
هڪڙي وڏي عمر وارا زال مڙس پنهنجي شاديءَ جي گولڊن
جوبلي ملهائي رهيا هئا، اخبار جي رپورٽن اڇن وارن
واري معتبر مڙس کان
هن جي ڪامياب گهريلو زندگي جو راز پڇو.
”ڳالهه هيئن آهي“ بزرگ سمجهائڻ لڳو،
”جڏهن اسين ٻئي زال مڙس شادي ڪري گهر
آياسين ته اوائلي دور ۾ اسان جا به چڱا خاصا جهيڙا
جهٽا ٿيندا هئا جيئن ٻين جا ٿيندا آهن.
پر نيٺ اسان ٻنهين محسوس ڪيو ته مان
غلط هوس.
چونڊ:- عربيه نور
ممتاز عباسي
موٽ
گهر جي ڪال بيل لاڳيتو ٽي ڀيرا وڳي. عينيءَ پاڻ کي جهلي رکيو
هو. هوءَ در تائين آئي پر در کولڻ جي همت نه ٿيس!
ڇو؟ خبر نه هئي ته ڇو. سڄو بت ڪنبي رهيو هوس. کيس
گهرايو به پاڻ هئائين. اڻ سڌيءَ طرح نه. ته به
محبت جي هلڪي اشاري تي. هو سندس درتي اچي ٻاهران
بيٺو ۽ اندران بند در جي وچ ۾ بند بنيل بيٺي هئي.
(ڪال بيل ٻيهر وڳي) هوءَ ڀنڀرڪي پيئي.سندس شعور ۽
لاشعور پاڻ ۾ ٽڪرائجي ڌار ٿيندا رهيا. هوءَ فيصلو
نه ڪري سگهي ته ڇا ڪري؟ هوءَ ان مرد کي اندر اچڻ
ڏي.....يا.......نه! اڃا ڪو فيصلو نه ڪري سگهي.
گهر ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪونه هو. اڪيلي
هئي. ٻاهر اوپرو هوندي به ڄاڻ وارو، مرد سندس ملڻ
لاءِ آتو هو ۽ اندر هوءَ تيز هلندڙ دل جي آواز سان
هيڻي ٿي پيئي. عينيءَ جي ايتري خاموشي ٻاهرين لاءِ
پڪ سان نااميدي ثابت ٿي هوندي، پنج ڏهه منٽ انتظار
ڪري هليو ويندو. دل کي آٿت ڏيندي سوچيائين. صرف ٻن
هفتن ۾ حد اورانگهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته ٻن
هفتن ۾ نالا به ياد ڪري نه سگهبا آهن. پگهر محسوس
ڪيائين. در کان هٽي، دريءَ تائين آئي. گلن واري
پردي کي هلڪو هٽايائين، ته چورس شيشي مان هو کيس
نظر اچي ويو. ڏاڍو اتاولو محسوس ٿيس. سندس ڪارين ۽
گهاٽين مڇن هيٺان ٻه اڇا ڏند نظر آيس، ڄڻ کلندو
هجي.... اکين تي اُس جي عينڪ هيس. هن چوڌاري ڏسي
وري ڪال بيل وڄائي ۽ ڪيتري دير تائين وڄندي رهي.
جڏهن آواز اچڻ بند ٿي ويو ته کيس ساه پيو. نڙي سڪي
ويئي هيس ۽ من اندر جي آنڌ مانڌ کي لڪائڻ لاءِ
ڪيترا انيڪ خيال ايندا ۽ ويندا رهيا ۽ هوءَ انهن
خيالن جي وچ ۾ پيڙهجي رهي هئي. پاڻيءَ جو ڀريل
گلاس هڪ ساهيءَ ۾ پي وئي. ڪجهه سڪون محسوس ٿيس، پر
ٻاهر مرد جي خيال کي ذهن مان ڪڍي نه سگهي. عيني
ڪمري جي وچ ۾ ٿي بيٺي. پڇتاءَ جي بڻڇي سندس وجود
۾کپي ويئي. پنهنجي ڪيل غلط فيصلي تي مٺيان ٿيس.
پاڻ مان ڌپ ايندي محسوس ڪيائين. هن اهڙي اوپري مرد
کي اچڻ لاءِ چيو. هن ائين ڇو ڪيو. اکيون بند
ڪيائين ته شرم جي احساس کان اکيون به بند نه ٿيس.
بيقررايءَ جي هر وار کان هيڻي ٿيندي ويئي. ڄڻ سندس
ساه نڪرڻ وارو هو. صوفي تي پاڻ کي اڇلايائين مٿو
ٽيڪي اکيون ڇت ۾ کپائي ڇڏيائين. ساعتن تائين ائين
خالي نظرن سان تڪيندي رهي. ان مهل ذهن جي الائي
ڪهڙي ڪنڊ مان سندس مڙس جو چهرو ظاهر ٿي پيو. سندس
چهري تي ماتا جا هلڪا داغ وڏين اکين ۾ ڪشش، رنگ
کليل ۽ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي زندگيءَ سان
ڀرپورٽهڪ ڏيندڙ سندس دک ۽ سک جو ساٿي. هوءَ اٿي
بيٺي. ڪال بيل وري وڄڻ لڳي. هن نراسائي مان بند
ٿيل در ڏانهن ڏٺو.
سائيڊ بورڊ جي آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺائين. ولايتي ڪپڙي جي هٿرادو
رنگ جي ڪري کلي پيئي هئي. خشڪ وار ڪلهن کان هيٺ
لڙڪي پياهيس. وچ واري سينڌ.........سنڌ جي نقشي جي
اندرين ليڪ وانگر مٿي وڃي گم ٿي وئي هيس. مُنهن
ڳاڙهو ٿي ويو هوس. اکين ۾ ٿر جهڙي سڃ واڪا ڪري رهي
هيس. اندرين ڪشمڪش سبب خراب کير جيان ڦٽي پيئي
هئي. سندس سرخي هنڌان هنڌان اکڙجي ويئي هئي. ڪا
دير ائين پاڻ کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ پنهنجو مُنهن
هٿن ۾ ڏيئي مڙي پيئي.
کيس ائين نه ڪرڻ کپي ها. ان کان بهتر هو ته، اُن سان فون تي
ڳالهيون ڪندي رهي ها. هاڻ جي هو اندر ٿو اچي ته به
خواري پر جي اندران ٻاهر ٿو نڪرندي ڪو ڏسيس ته
ڪيڏي نه بدنامي. سندس مڙس ته جيڪر
مر......نه......نه. ائين هرگز نه ٿيندو اندر جو
پڇتاءُ اکين مان لڙڪ بنجي وهي پيس.
عيني اولهه منهن ڪري بيٺي جتي ڀت تي ”الله“ پاڪ جو مقدس اسم
فريم ٿيل هو. ڏڪندڙ آواز ۾ چوڻ لڳي:
”اڄ جي شام منهنجي حفاظت ڪر. اڄ شام منهنجي مٿي تي هٿ رک اڄ جي
شام مون کي معاف ڪر.“
ڪجهه سڪون آيس. دل جو غم هلڪو ٿي ويو ۽ من اندر جي اٿندڙ واچوڙي
جي تيزيءَ کي ڍرو محسوس ڪيائين. وقت جي اڳيان ثابت
قدم بيٺي رهي. ٻاهر بيٺل مرد جي وجود مان ککي ڌپ
محسوس ٿيڻ لڳس. دل جي هڪ ٻئي فيصلي کي قبول ڪرڻ
لاءِ هن ٻاهرين عينيءَ جي وجود کي فنا ڪرڻ لاءِ
اندر جي نئين عيني کي ٺاهڻ لاءِ هڪ مضبوط فيصلو
ڪرڻ لاءِ سندس شعور هن جو ساٿ ڏيندو رهيو.
هوءَ هلندي ٻيهر دري وٽ آئي ۽ پردو هٽائي. چورس شيشي مان ٻاهر
ڏٺائين، هو اتي ئي بيٺو هو. ويا ڪل ۽ نااُميد.
اکين تان عينڪ لاهي هٿ ۾ڪئي هئائين. سندس اکيون در
۾ کتل هيون. هو اندر وڃڻ لاءِ آتو هو پر اندر
واريءَ ته هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ در کي
هرگز نه کوليندي. هوءَ پاڻ کي،پنهنجي گهر ۽ مڙس
جي اعتماد کي ساعتن جي آسيس تي قربان نه ڪندي . هن
سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو ۽ دريءَ تان هٽي ويئي ۽ بند
ٿيل در جي اندران خاموش بيٺي رهي.
چپ ۽ ماٺ!
ڪال بيل وڄڻ: عينيءَ اکيون بندر ڪري آواز کي ٻڌندي رهي ۽ آواز
بند ٿي ويو ته هن به اکيون کولي ڇڏيون ڄڻ ڪرنٽ لڳو
هجيس. فيصلي جي آخري ڇيڙي تي پهچندي ئي عينيءَ اڌ
در کولي ڇڏيو. دير تائين ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽
پوءِ عيني خشڪ لهجي ۾ چيس:
”ادا! هتان هليو وڃ. هت ڪير به نه ٿو رهي. هليو وڃ.“
در زور سان بند ٿي ويو.
ٻاهر ان بيٺل مرد کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اندران ڪنهن سندس مٿان
تيزاب اڇليو هجي. موٽ ۾ جسم جو گوشت ڳرندي محسوس
ٿيس.
طلاق
تنهنجي مڙس توکي طلاق ڇو ڏئي ڇڏي؟“ ”غيرت ۾“
”ڇو تو مڙس جي اعتماد کي دوکو ڏنو؟“
”نه!“
”ته پوءِ؟“
”روز پنهنجي عشق جو هڪ نه ٻيو داستان ٻڌائيندو هو.
هزارين قصا ٻڌم، هڪ ڏينهن چرچي خاطر چيومانس
ته مون به ڪنهن سان پيار ڪيو هو“
” ته انهيءَ ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟“
”اهائي ته وڏي ڳالهه آهي. پنهنجا سورهيائي
سان ٻڌائڻ واري مڙس منهنجي چرچي کي
منهنجي بي غيرتي، بي حيائي، دوکو، فريب،
رياڪاري چيو ۽ نيٺ طلاق ڏئي ڇڏيائين.
تبسم مهتاب
عزيز ڪنگراڻي
گڏي
باهه لڳيس سر کي....اسان ته هن جزا مان اچي اڙيا آهيون! جنهن
مهل ڏس ته رڳو زيان.....ڄڻ وٺي نقصان لاءِ آيا
آهيونس..... ڏائڻ ڌوتي“ ٻه ڏوڪڙ وري به ڀريون....
مٽ به سنڀاليو نه ٿو پڄيس!.....نپٽي“ ساجده تي سس
جا اهي جملا نه پر ڄڻ وڄ ڪري پئي هجي. هوءَ ڏڪندڙ
هٿن سان ڀڳل مٽ جون ٺڪريون ميڙڻ لڳي. مٽ جي ڳچي
مٿي کنيائين ٿي ته هٿ مان چڏائجي ويس.. فرش تي
ڪرڻ سان ٻيهر آواز ٿيو. هن کي محسوس ٿيو ڄڻ وري
ڪونقصا ٿي ويو... چوندا آهن جيڪو ڊڄي سو گهڄي وٺجي
ڦاهي! گا گهه جو زور سان ڪرڻ ۽ سندس ڏينڀُوءَ جهڙي
سس جو ڀون ڀُون ڪري کيس چنبڙي وڃڻ! ”وري ڇا ٿيو
نڀاڳي نه ٿي مري نڪي ٿي جان ڇٽي الائي ڪٿان جي بري
بلا اچي اسان جي مرڳن ۾ لڳي ڄور رت چوسي ڇڏيو اٿس“
ساجده کي ڄڻ ڪن ئي ڪين هئا..سس ڄڻ هن کي نه پر گهر جي ديوارن کي
چئي رهي هئي. خاموشي سان ٺڪريون ڪٺي ڪرڻ ۾ رڌل
ساجده، لفظ ڪڇڻ ته ٿيو پري، سس ڏانهن ڪنڌ مٿي ڪري
به نه ڏنائين.
”ٺڪريون چڱي طرح سان ٻهاري ڇڏ.... فرش جو منهن ڪارو ڪري
ڇڏيائين...هڏ ڀڳو هجيس ته ڪهڪاءُ به اچيس پرائي
شيءَ تي جيءُ کي ڪهڙي جهٻي اينديس.... ٻئي جي
ڪمائي تي ڪهڙوهڏ ڪرندس موت به نه ٿواچي چهڙيءَ کي“
آخري جملو ٻڌندي ساجده چپن ۾ ڀڻڪي موت اچي ها ته
هنن عذابن کان آجي ٿي پوان ها..... پر ........
موت به ته مون کان رسي ويو آهي“ اکين مان لڙڪ
سياري جي گونگي مينهن وانگي فرش تي ڪرڻ لڳس.. لڙڪ
فرش تي ڪرندا ڏسي گهٻرائجي وئي ته متان فرش خراب
ٿئي وري نه ڪا آفت اچي وڃي!
ساجده اڃا ابهم هئي ته ملڪ ۾ ماتا جي وبا پکڙجي وئي هئي. ماتا
ڪيئي حياتيون موت جي گڏ ۾ اڇلي ڇڏيون ته ڪي
زندگيون کاري به ڇڏيون! ساجده کي به ماتا نڪتي
هئي. چهرو چچرجي چگهه چگهه ٿي ويس ماتا جي هڪ داڻي
ساڄي اک جي ماڻڪي تي اڇوتهه چاڙهي ڇڏيو هوس. هڪ
رنگ اڳيئي سانورو مٿان وري هي قدرت جي جوڙ. هونئن
به اسان جي سماج ۾ ماڻهو جي ظاهري بدصورتي ۽ ڪاراڻ
ته نظر ايندي آهي پر من جي کير جهڙي اڇاڻ ۽
اُجرائپ قطعي نظر نه ايندي آهي جذبن جي پوترتا
محسوس ڪرڻ وقت اسانجي اکين تي مفاد ۽ منافقي جا
ڌُنڌ چڙهي ويندا آهن.
ساجده ساماڻي ته سندس رشتي ڪرڻ لاءِ ڪو تيار نه هو. سندس ڀيڻ
عابده جا رشتا ته کٽائي نه ٿي جڏهن هن جي ڳالهه
ڇڙندي هئي ته هر ڪو وون پيو ويندو هو پڻس وٽ عابده
لاءِ ڪوبه رشتو ايندو هو ته هن جو شرط ضرور رکندو
هو. چوندو هو ”ساجده به شينهن ڪلهي چاڙهڻي اٿم....
ساجده جي ڪري ته ٻئي نياڻيون مفت ۾ ٿو ڏيان ڪو
عيوضو ڪونه ٿو گهران“ سندس ڀيڻ عابده عمر ۾ کانئس
گهڻي ننڍي هئي، عابده کي قدرت سڄي سنسار جي سونهن
عطا ڪئي هئي. حسين ته ساجده به هُئي پر قدرت ئي
کانئس واپس کسي روتي هئي!!
هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ٻنهي ڀيڻين جو رشتو هڪ ئي گهراڻي ۾ ٿي
ويو. انڌي گُهري هڪ اک پر جي ٻئي ملنس ته خدا کان
ڇا گُهري؟ ساجده جي پيءُ جون ڄڻ ڏهه ئي آڱريون
گيهه ۾ ٻڏي ويون. دير ئي نه ڪيائين ٿت ٻڌڻ ۾!
سوچيائين ته متان ڦري وڃن ۽ پوءِ ٻئي رهجي وڃن،
ستت ٻئي نياڻيون اُٿاري ڇڏيائين جنهن گهراڻي ۾
سندن رشتو ٿيوسي پري جا به نه هئا.... ويجها عزيز
ئي هئا.... ساڳي اڏ جا ڪانا! جيڪي گهڻي عرصي کان
ڳوٺ ڇڏي وڃي سوين ميل ڏور سمنڊ ڪناري روشنين جي
شهر ۾ آباد ٿيا هئا.
جنهن ڏينهن ساجده جي شادي ٿي هئي تنهن ڏينهن هن انيڪ خواب اکڙين
۾ سجايا هئا تصورن جي اوٽ ۾ هن ننڍڙي جنت پسي هئي
جنهن ۾ پنهنجي ڇپر ڇانو جيون ساٿي سان گڏ گذارڻ جا
پور پچايا هئا. خوشين کي پنهنجي ارد گرد ناچ ڪندي
ڏٺو هئائين.
ڪائنات کي جهومندي محسوس ڪيو هئائين.
ساهُرن پهتي. هفتو ڏيڍ به مس گذريو ته گهر وارن جي رَوَيي ۾
ڦيرو اچڻ لڳو..... سڀ ڪنهن جي منهن پوندي وئي....
مڙس ته کنگهندو به نه هوس.... سس جو ته ڄڻ ازلي
وير هوس.... ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي ڀيڻ کي به پري
ٿيندي ڀانيائين! چوندي هئس ته ”تنهنجي ڪري آئون
پنهنجي عمر ته ڪانه وڃائينديس..... چئو پنهنجن
ڀاڳن کي“! عابده کي الڳ ڪمرو مليل هو. ڪمرو هر
آسائش سان سينگاريل هو. ٽي- وي، ريفريجريٽر ۽
گهڻو ڪجهه! ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندي هئي. ڀلا ڪري به
ڇو؟ مڙس ڪسٽم کاتي ۾ آفيسر جو هوس. ساجده جو
مڙس..... خصيص ڪلارڪ! پر هن ڪجهه گُهريو به ڪونه
هو. هن ڪجهه گهريو ته محبت ۽ عزت!! مڙس کي پنهنجو
بڻائڻ ۾ هٿان وسان نه گهٽايو هئائين. نوڪرياڻي ٿي
گهر ۾ لوڙيائين! سڀ وس حيلا بيڪار! مڙس هفتي ۾ هڪ
ڀيرو گهر ۾ مس ايندو هو نه ته سدائين ٻاهر! ڪمرو
ڇا مليل هئس جيئري قبر ۾ هئي..... جيل جي کولي
جيترو ڪمرو! تتي توڙي ٿڌي انهيءَ ڪمري ۾ ڇڳل کٽ تي
ٻانهن سيراندي ڪيو پئي حياتي جا ڏينهن ڪٽيندي
هئي، پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ ٺڪر جو مٽ سو به ٻاهر
پيل..... ڪمري ۾ به رکڻ نه ڏيندا هئس. هڪ گلاس ۽
هڪڙي ٿالهي نالي ٿيل هئس ٻين ٿانون ۾ هٿ لائيندي
هئي ته سس کپر جيان ڏنگي وٺندي هئس! فرج جو ته
سوچي به نه ٿي سگهي!
مٽ نلڪي مان ڀري گهڙامجي تي رکيائين ٿي ته هٿن مان نڪري ويس.
فرش تي ڪري ڀور ڀور ٿي ويو. مٽ سان گڏ پاڻ کي به
ڇيهون ڇيهون ٿيندي محسوس ڪيو هئائين! سورن سان ته
ڪاشيءَ ملندي هئس! جولاءِ جو مهينو، سج جا ڪرڻا
نه ڄڻ ٽانڊا وسي رهيا هئا. هڪ شديد گرمي ٻيو سس جي
تلوار جهڙي تيز وهندڙ زبان..... اندر ۾ درد جو
کورو ٻرڻ لڳس..... پگهر ۾ شَلُ ٿي وئي.... چپن تي
خشڪي وڌڻ لڳس. اڃ خطا ڪري ڇڏيس..... چؤطرف ڦير
لوڻو ڦيريائين ڪجهه به نظر نه آيس..... وري ڀورا
ڀورا ٿيل پنهنجي مٽ جي ٺڪرين ڏانهن
نهاريائين...... ٿڌو شُوڪارو ڀري اُٿي. هوريان
هوريان رڙهي اچي عابده جي ڪمري جي دروازي وٽ بيهي
ٿي.... خوف کان هيڏانهن هوڏانهن جائزو وٺي دروازو
کولي ٿي. عابده سامهون کٽ تي اُگهور ننڊ ۾ سُتل
هئي..... ڇت ۾ لڳل پکي جي هلڻ ڪري ڪپڙا لُڏيس ٿي.
عابده جي مٿان اچي رڪجي وڃي ٿي. اندر مان سٽ اُڀري
ويس. عابده جو مهڪندڙ چهرو ڏسي اُڃ ئي وسري ويس.
دل گُهريس ته سندس معصوم چهري تي پاٻوهه منجهان
هٿڙا ڦيرائي. سندس خوش نصيبي ڀري جرڪندڙ پيشاني تي
پيار ڀري چُمي ڏئي. ٻئي لمحي اهو سوچي پاڻ کي روڪي
ڇڏيائين ته متان جاڳي پوي.... ڇڙٻ نه ڏئي وٺي.....
نه.....نه..... منهنجي پنهنجي ته آهي..... ڇڙٻ ڇو
ڏيندي؟ متان ننڊ نه ڦٽي پويس! ٿڌو ساهه ڀري سوچي
ٿي. عابده کي ڪڇ تي کڻي ته ڪُڏايو هئائين......
پيار مان سڏيندي ئي ”گڏي“ هئس. سمورو ماضي اکين
آڏو اچي بيٺس. يادگيرين جي پڙدي تي! گُڏيءَ جا
انگل ۽ آرا..... ٻاتا ٻاتا ٻول.... رسڻ ۽
پرچڻ......تيل ڦليل ڪرائي زوري اسڪول موڪلڻ....!!
اکين مان ڳوڙها ڄڻ سانوڻ ۾ وڏ ڦُڙو!! من ۾ اجهل
پيار سمنڊ وانگي ٻُنڀ ڏئي اٿلڻ لڳس.... پاڻ کي
روڪي نه سگهي.. بي اختيار ٿيندي..... ڪنڌ جهڪائي
عابده جي پيشاني تي چُمي ڏيندي چيائين ”منهنجي
مٺڙي گُڏي.“
هڪ ئي کل
منهنجي محبوبا: ڇا اُهو ممڪن ناهي ته اسين بادام جي ٻن گورن
وانگر هڪ ئي کل ۾ رهون؟
تاجل بيوس
پرڪاش پنڊت
(ڀارتي ڪهاڻي)
ا-ن-ش
ڀاڄوڪَڙِ
ڳالهه بلڪل معمولي هئي، ۽ ان کان به معمولي بلڪ تمام معمولي هئي
اُها عورت، جنهن جو نالو ست ونتي هو ۽ جيڪا معمول
مطابق شاديءَ کان ٽئين مهيني تي، گهر کان ڀڄندي
پڪڙي وئي.
لفظ شاديءَ جو استعمال ته رڳو اخلاقاً ڪري رهيو آهيان، جي نه ته
مون وانگر پاڙي جي هر هڪ ماڻهو جو خيال هو، ته اها
شادي اصل ۾ ميلا رام پان فوش جي بربادي هئي. ڇو
ته باقاعدي شاديءَ جي بدران، اهو هڪ طرح جو معاهدو
هئو، جيڪو ميلا رام ”پان فروش“ ۽ ست ونتيءَ جي
”ماڻهو فروش“ پيءُ جي وچ ۾، ٽن سون رپين ۾ طئي ٿيو
هو ۽ پوءِ هلندي هلندي انهيءَ ڳالهه جا به ڪيترا
اکين ڏٺا شاهد پيدا ٿي پيا، ته ميلا رام وٽ وڪجڻ
کان اڳ، ست ونتي گهٽ ۾ گهٽ ڇهن گهرن ۾ ٻُهاري
ڦيرائي چُڪي آهي. |