سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :9

چوٿين مجلس:

                ڪنشڪ (پالي: ڪنڪ) جي عالمگير عظمت، سندس حڪمرانيءَ جي پوئين اڌ (90- 102ع) ۾ عروج کي پهتي، جڏهن ڌرم سان گڏ، هن علمي دنيا کي به روشن ڪيو. هن جي ڌرم گروءَ، پارسو، چيو ته، ”تٿاگت جي تعليم کي ماڻهن منجهائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري وڙول وجهي، قديم قلمي نسخا ڪٺا ڪري، اهي پاڻ ۾ ڀيٽي ڏسڻ کپن.“ ڌرم جي کوجنا خاطر ڌن لٽائڻ جو ڀڪشوءَ اڳيان هن وچن ڪيو. سنگهه رڪشا، ڪنشڪ جو شخصي صلاحڪار هو، تنهن ۽ پارسو گڏجي، ڪاٽيايني پتر نالي هڪ بزرگ ڀڪشو کي داعي بڻايو، جنهن ڪنشڪ جي پاران هنڌين ماڳين ڪوٺ هلائي. سڄيءَ دنيا (يوروفريشيا) مان هزارين ٻڌمت جا عالم ۽ ڀڪشو، قديم ڪتاب کڻي اچي ڪشمير ۾ ’ڪُنڊل واڻ‘ وهار وٽ ڪٺا ٿيا. واسو مترا ڀڪشو کي سڀني صدر چونڊيو ۽ مشهور منصف اشوا گهوش وري مير منشي مقرر ٿيو. ڪتابن جي پيچيده حصن ۽ انهن ۾ آيل مشڪل مسئلن تي نهايت ئي باريڪيءَ سان بحث ٿيا. اشواگهوش اهي فيصلا ٽامي جي پترن تي لکي، ’وڀاشا‘ نالي شاستر تيار ڪيو، جنهن ۾ ٽي لک تُڪون ڪٺيون ڪيون ويئون ۽ سڄا سارا ٻارنهن سال انهيءَ ڪم ۾ لڳي ويا[1]. پوءِ ته سڄي ڪشمير کي مذهبي علائقو مڃي، ٻڌ مذهب لاءِ وقف ڪيو ويو. انهيءَ ڪائونسل ۾ ڪل ڪيترن ڀڪشوئن حصو ورتو، تنهن لاءِ تارا ناٿ لاما، ٿٻيٽ جي تاريخدان لکيو آهي ته ٽيهه هزار ڀڪشوئن کي ڪنشڪ پوريءَ طرح امداد ڏيندو رهيو[2].

                اهڙي امداد نه فقط مٿيئن مجلس جي ڪارڪنن تائين محدود رهي، پر هر هڪ عالم فاضل واسطي، شاهي خزاني جي ڪنجي هر وقت حاضر هئي. اڪابرن جي علمي فضيلتن جو بي ڌڙڪ اعتراف ڪرڻ، انهن کي هر ممڪن طرح خوش رکڻ، تن کي تعظيم ڏيڻ ۽ انهن جا ادبي، علمي شاهڪار دنيا اڳيان آڻڻ، هن جو عظيم ڪارنامو آهي. مٿي اهڙا پنج بزرگ: 1- پارسوا ڀڪشو.، 2- واسومتر، 3- سنگهه رڪشا، 4- ڪاتيا ديني پتر ۽ 5- اشو اگهوش، اڳيئي اچي چڪا آهن. ڇهون، ناگرجن نالي هڪ فلاسافر، جيڪو مهاين فرقي جو باني (امام) آهي، (نالندا يونيورسٽي هن ئي قائم ڪئي). ستون چرڪ نالي جڳ مشهور طبيب (سندس ڪتاب ئي آير ويدڪ جو بنياد آهن.) اٺون ماٿر نالي هڪڙو حيرت انگيز دماغ وارو نيتيوان ۽ قانوندان، (هيءُ ڪنشڪ جي راڄنيتي جو وزير هو.) ۽ نائون ايگسياوءس (Agesilaus) نالي هڪ رومي انجنيئر، جنهن جون اڏاوتون ڏسي اڄ به دنيا دنگ رهجيو وڃي[3]. اهي نوَ اڪابر، علم جا نوَ روشن تارا هئا، جن ڪنشڪ جي ڪچهريءَ کي چمڪايو. اهو نون جو تعداد (Quorum) نقل ڪرڻ، پوءِ جي درٻارن لاءِ دستور بڻجي پيو. (جيئن وڪرماجيت وارا نو رتن ۽ اڪبر بادشاهه جا نَــــوَ موتي وغيره).

                ڪنشڪ، علم ۽ مذهب جي خدمت خاطر، مڙني ملڪن مان ميڙيل خزانو کٽائڻ ۽ لٽائڻ جو عهد ڪري چڪو هو. شاهه جيءَ واري ڍيريءَ وٽ سندس عظيم الشان خانقاهه ۽ ان جو 638 فوٽ اوچو ٺل (جنهن لاءِ پڻ پيشنگوئي ٿيل هئي)، دنيا جي عظيم ترين اڏاوتن مان آهن. ايڏي بلند اڏاوت، انهيءَ ايگسيلوس انجنيئر جي تجويز سان تيار ٿي هئي، جا نه رڳو ٻوڌي دنيا ۾ مشهور هئي، پر صدين تائين سنڌ ۽ هند جي ثقافت ۽ ادب جو پڻ مک مرڪز رهي. هاڻي اهو ٺل پوءِ ڏهين صديءَ عيسويءَ جي زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو. انهيءَ مناري جي پيڙهه، جا هاڻي تازو دريافت ڪئي اٿن، تنهن جو رڳو قطر به 286 فوٽ آهي، اتان ڪنشڪ جي تبرڪات واري صندوقڙي به لڌي آهي، جنهن تي ڪنشڪ جي تصوير ۽ سندس نالو لکيل آهي. مٿرا مان پڻ هن جي مورتي ملي آهي، جنهن جي شايد اتي پوڄا ٿيندي هئي. انهيءَ ۾ افغاني سلوار پاتل اٿس.

                پڇاڙيءَ (102ع) ۾، مينادر ۽ اسٽريٽو وانگر هيءُ به جڳت جي جنجال کان جند ڇڏائڻ لاءِ، تخت کي ترڪ ڪري وڃي گوشه نشين ٿيو. سندس ننڍي ڀاءُ واسشڪ (Vasishka)، جيڪو عام طرح واجشڪ (جوشڪ) سڏجي ٿو، پوين ڏينهن ۾ هن جي ذميداري سنڀالي هئي. مٿرا ۽ سانچيءَ مان واجشڪ جا ڪتبا، سنه 102 ۽ 106ع جا مليا آهن. ڪنشڪ جي پوين سندس سنبت ڳڻڻ چالو ڪيو، جيڪو گجرات ۽ اجين جي جينن معرفت دکن پهتو.

ڪنشڪ جا پويان:

                ڪنشڪ جي پٽ هوشڪ (Huvishka) جي حڪومت، ڪابل (واردڪ) واري ڪتبي مان افغانستان ۽ وچ ايشيا تي به معلوم ٿئي ٿي. مٿرا جي هڪڙي ڪتبي ۾ هن پاڻ کي سچي ڌرم واري ڏاڏي (ڪادفيسس) جو اولاد چوايو آهي. اتي جي ٻئي ڪتبي ۾ سندس ڀڪشو لنگر (پڃيه شالا) جو ذڪر آهي، جنهن جي امداد لاءِ شاهي هوشڪ جو وچ ايشيا وارو وائيسراءِ، برابر يارنهن سوَ سڪا موڪليندو رهيو. مٿرا جي ٽئين ڪتبي ۾ هن جي وڏي وهار (هوشيارپور؟) ٺهرائن جو ذڪر آهي. ڪنشڪ وانگر هن جي سڪن تي به ڪئين نشان آهن، جن ۾ هڪڙو ايراني ديوتا شهريار به آهي. واسديو[4] جو به لقب شايد هن ئي اول اختيار ڪيو آهي، ڇو ته هن کان پوءِ واسديو ۽ ڪنشڪ جا نالا، توڙ تائين هڪٻئي پٺيان لاڳيتا ايندا رهن ٿا.

                هن وري واجشڪ (جوشڪ) جي پٽ ڪنشڪ ٻئي (119ع) کي حڪومت ۾ شامل ڪيو، جنهن آرا (Ara) جي ڪتبي ۾ پاڻ کي قيصر ڪوٺايو آهي ۽ 138ع کان 145ع تائين ڪيترا وهار ٺهرايا. ڪنشڪ ٻئي کان پوءِ وري به واسديو ٻئي (158- 176ع) جو وارو آيو، جنهن جا سڪا ۽ خروشتي عبارتون موئن جي دڙي واري مٿينءَ سطح تان مليا آهن. ڪوشان خاندان جي تاريخ هن کان پوءِ داڻا داڻا ملي ٿي آهي. تنهن ۾ به فقط نالا ۽ سن ملن ٿا ۽ اهي ايراني اقتدار هيٺ ايندي نظر اچن ٿا.

آخري ڪُشَـــــن ۽ ساساني:

                ڪنشڪ (ٽئين) کان پوءِ واسديو (ٽيون) وڏو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن جي ئي زماني ۾ اول ايران جو ساساني شهنشاهه ارد شير بابڪان (226- 241ع)، هو جنهن جا سڪا جهلم وٽ مليا آهن، سو خراسان، بلخ ۽ ڪابل فتح ڪندو، خيبر کان لنگهي، ستلج پار اچي سرهند وٽ پهتو. انهيءَ ڪري واسديو (ٽئين) سنه 230ع ۾ چين ڏي دوستانا سفارت موڪلي هئي. ڪنشڪ (چوٿون) (239ع) ۽ واسيو (چوٿون) (248ع) به پنهنجو وارو وڄائي ويا. ڪنشڪ (پنجون) ۽ (ڇهون) باترتيب 248ع ۽ 278ع ۾ تخت نشين ٿيا. ٻنهي مان ڪنهن هڪڙي ڪنشڪ جو باهمي ڪتبو، مٿرا مان مليو آهي، واسديو (ڇهون)، جنهن جي نياڻي ساساني شهنشاهه هرمز ٻيو (301- 310ع) پرڻيو، تنهن جي سڪن تي پهلويءَ ۾ شاهه ڪُشن ملڪ يا ملڪان ملڪ ڪُشن لکيل آهي. واسديو (ستين) جي حڪومت (346ع) تائين به مٿرا تي هئي. جنهن جي دوستيءَ جو دم هڻندي، راجا سمندر گپت (335ع- 375ع) اشوڪ واري الهه آباد جي ٿنڀي تي ’شاههِ شهنشاهيِ ڪوشان‘ لکرائي ڇڏيو[5]. شاپور (ٻئي) جي روم واريءَ جنگ (360ع) ۾، سنڌ جي هڪڙي بزرگ بادشاهه ڪوشان ملڪ (ڪنشڪ؟) جي آزمودي سبب، ايران کي اميڊا (Amida) واري سوڀ سَري هئي. ڪاويه ممانسه وارو واسديو اديب شايد واسديو (اٺون؟) آخري ڪوشان بادشاهه هو. مٿين حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي چوٿين صديءَ جي آخر ۾ هنن ايراني اقتدار کي قبول ڪيو آهي. پيڪلي (Paikuli) واري ڪتبي ۾ به سنڌ جا ڪُشن توڙي سوءراشٽر جا اڀير، ايران جي تابع ڏيکاريل آهن. پوين ڪوشاني سڪن تي پهلوي زبان ۽ ايراني نشان پڻ انهيءَ جو پختو دليل آهن[6]. پنجين صديءَ عيسويءَ ۾ ته هتي سنئين سڌي ساساني حڪومت ثابت آهي، جنهن سان راءِ گهراڻي وارن (450ع) سرڪشي ڪرڻ شروع ڪئي. راءِ گهراڻو ڇاڪاڻ ته هن مقالي جي حد کان ٻاهر آهي، تنهنڪري سندس تفصيل هتي اچي نه سگهندو[7].

                مٿي ٻوڌي زماني جي تاريخ جو فقط اختصار آيو آهي. مگر ڳالهه کي ڳنڍي لاڳيتي بيهارڻ ڪري اهو بيان به ايڏو ٿي ويو آهي، جو خود انهيءَ مذهب جي ارتقائي تاريخ ۽ ان جا علمي ادبي ڪارناما، (جن جو به ڊگهو تفصيل آهي) رڳو سرسريءَ طرح ڳڻي وڃڻ جي به گنجائش باقي نه رهي آهي. تنهنڪري هتي رڳو تاريخ کي ئي نڀائي وڃي ختم ڪجي ٿو.

                پڇاڙيءَ وارا ڪُشن جيڪي اڀرندي سنڌ ۾ ساسانين جي پاڇي هيٺ تڳي رهيا هئا، سي ٻڌمت جي خاموش زندگيءَ ۾ آخر گم ٿي ويا. ايرانين عوامي جذبات جي برخلاف هتي ٻڌ مذهب سان ڪا هٿ چراند ڪئي، يا ڪو مجوسي مذهب ماڻهن تي مڙهيو، اهڙو احوال به ڪونه ٿو ملي. سنڌ ۾ ته ستين صدي عيسويءَ جي راءِ گهراڻي تائين به ٻڌمت، پنهنجيءَ اصل حالت (هناين مت) ۾ مڪمل آزادي ماڻي، جيڪا برهمڻ حڪومت اچي ختم ڪئي.

برهمڻ ۽ ڀڪشو:

                برهمڻي راڄ نازل ٿيڻ ڪري، چچ جي زماني کان، ڪي راجا ڏاهر جي راڄ ۾: سنڌ جا ڪئين ڀڪشو گجرات ڏي هليا ويا. گجر حاڪمن هنن جي حوصلي ۽ ايمان جي عزت ڪئي، بلڪ همت افزائي ڪئي. شايد اهي به هناين فرقي جا حامي هوندا. سنڌ جا اهي سئنڌو ڀڪشو پوءِ پرچار ڪندا، پورب پار وڃي پهتا. اتان جي ڪيترن ئي ڀڪشوئن کي هنن مهاين مت مان موٽائي، هناين فرقي ۾ آندو، جيڪو سندن مڃتا موجب مهاتما وارو مول مذهب هو. هنن جي تبليغي ڪارواين اڀرندي ڏي ايڏو ته تحرڪ آندو، جو راجا ڌرمپال (770ع) کي بينگال جي مهاين ماحول ۾ وڳوڙ پوڻ جو انديشو محسوس ٿيو ۽ هنن کي هڪالي ڪڍڻ لاءِ تيار ٿيو. پر پنهنجي راڄ گرو ٻڌجن پاد جي ڏڍ ڏيڻ تي روڪجي ويو[8].

                هوڏانهن پوربي هندستان (ڀارت) ۾، جتي مهاتما خود پاڻ کي انسانذات جي بهبوديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي ڄمار ڏني، اتي جا برهمڻ پهريائين ته ’پشيه متر جي‘ اڳواڻيءَ ۾ وري به آدم ذات کان اتانهان ٿي، پاڻ کي اعليٰ مخلوق مڃائڻ ۾ لڳي ويا. پوءِ ته ساڳيا ڪوس، ساڳيا ڳگل وري چالو ڪيائون. ناگرجن نالي هڪ هوشيار برهمڻ، جنهن لاءِ مهاتما اڳيئي چالاڻي وقت چيو هو ته اهو برهمڻ پنج سوء سالن کان پوءِ پيدا ٿيندو[9]، سو برار مان ئي ٻوڌين جي گيڙو ڪفني ڪري، ڪنشڪ جو اچي نائون رتن ٿيو ۽ بيکو ڪائونسل ۾ ٻارهن سال ڪم ڪيائين. مگر ڪنشڪ کان پوءِ ساڳئي سنگهه سان اختلاف ڪندي، نالندا ۾ وڃي مهاين فرقو شروع ڪيائين. اتي ٻين استادن ( آشنگ، آريه ديو ۽ واسو بُندو وغيره) ان کان وڌيڪ پيچيده بنائي، يوگ چاريه مت کي ڦهلايو. اڳتي هلي، پوءِ ته ٻيا به ارڙهن فرقا: سرواستي واد ۽ سڪتي واد، ڪلاچڪريانه، سهجيانه، تنتر ۽ ناٿ پنٿ وغيره وجود ۾ آيا ۽ انهن وري الڳ فڪر پيدا ڪيا. ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو، تان جو ڪن مفافق برهمڻن به انهيءَ فرقيبازيءَ مان فائدو وٺي، واماچار ۽ وڀچار جهڙا بدنام فرقا پڻ انهن ۾ گڏي ڇڏيا.

                وري گذريل هزار سالن ۾، ٻڌ مذهب وارن جيڪو به علمي ۽ ادبي سرمايو سهيڙيو هو، سو انهيءَ طبقاتي ڇڪتاڻ هلندي ئي برهمڻن الٿو ڪري، پنهنجو ڪري ورتو. انهيءَ وچ ۾ سناتن ڌرم کي پڻ سڌاري، سنواري ۽ هموار ڪري، ٻڌ مذهب جي سطح تي آندائون. آخر، مهاتما ٻڌ کي به وشنو جو نائون اوتار مڃي، سندس مورتيءَ کي پڻ برهما، شوِ، ۽ وشنو وغيره سان گڏوگڏ پوڄيو ويو. اهڙي سوديبازي ڪندي، مهاين مت جا به ڪئين فرقا، برهمڻن پاڻ سان بت پرستيءَ ۾ ملائي وڌا. تنهن هوندي به هناين جهڙا ڪي قديم فرقا، جي انهيءَ فريب اندر ڦاسي نه سگهيا، تن سان هاڻي لڪي ڇپي منافقي ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت ئي ڪهڙي هئي. هاڻي ته گپتا راڄ چالو ٿي چڪو هو، سو برهمڻن جو وڏپڻو ڀانءِ ته ڪٿي نه چڙهي چڪو هوندو! اهو ئي شودر ڀڪشوئن کي ذليل ڪرڻ لاءِ بس هو. اهڙي ڪنهن شودر کي اڦٽ ماري وجهڻ بعد، برهمڻن کي ايترو پڇتاءُ ڪرڻو پوندو، جيترو ڪتي، ٻلي، ڪانءَ، ڪٻر، سانڊي يا ڏيڏر کي مارڻ تي ڪبو آهي[10].

                سمندر گپت جي واري ۾ ته راڄ رشيءَ، بادرايڻ، ڪميڻي ۽ اتم انسان جي وچ ۾ ويڇي وجهڻ لاءِ، علي الاعلان اپنشد ۽ ڌرم سوتر رچيا. ڪمارل ڀٽ ته هٿن جون صفايون به ڪري ڏيکاريون. پوءِ وري شنڪر آچاريه جو وارو آيو. سندس ويدانت جي به مک مراد فقط اها هئي ته گهٽ ذات وارا وديا نه وٺن. چي، شودرن کي پڙهڻ، پرجهڻ ۽ انهيءَ موجب هلڻ کان سمرتين منع ڪئي آهي. ڪو ويد ٻڌي ته ڪنن ۾ لاک ڀريوس، اهي ڪو اُچاري ته زبان ڪپي ڪڍوس، ۽ جي ڪوئي ياد ڪري وٺي ته اڦٽ ماري ڇڏيوس[11]. ٻلي شينهن پڙهايا، ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا! ڌرم رڪش ڀِڪشوئن وري حق جي حفاظت خاطر سچ کي ئي پنهنجو ڏيئو بڻايو ۽ باطل کي بي بنياد ثابت ڪندي ڌرمپال ديناگ (Dinnag) جهڙن عالمن نياءَ نالي اترممانسه (Logic) لکي، هتي منطق جو بنياد وڌو.

                راجا وڪرماجيت جي واري جو هڪڙو واقعو آهي. جڏهن پنڊتن جو پوريءَ طرح پيٽ ڀريل هجي. ايوڌيا ۾ انهن، ويدانت جي وسيلي ٻڌ مذهب کي مات ڪرڻ جو منصوبو سٽيو. سانڪيه مت جي ماهر، وارشنگنيه برهمڻن کي ڀڙڪائي ڪٺو ڪيو. اتان ويدانت مت جو وڏو ودوان، ونڌياواس، وڪرماجيت وٽ وڃي سهڙيو. مهاراجا انهيءَ مذهبي ملاکڙي جو نه فقط سرڪاري طرح اعلان ڪيو، پر ان جو افتتاح پڻ پاڻ سر ڪيائين. مگر انهيءَ موقعي تي منورٿ ڀڪشو، ديناگ ۽ واسو ٻنڌو جهڙا پڙهيل پينار ته پرڏيهن ۾ پرچار پٺيان نڪري ويا هئا. باقي ٻڌ متر نالي هڪڙي پيرسن ڳوڀ کي ڪچهريءَ ۾ گهلي آيا. تنهن کي ڀريءَ دربار ۾ ڀون ڀون ڪري چنبڙي ويا، ۽ پير مرد پينوءَ تي چٿرون ڪري، خوب کڳيون هنيائون. پوءِ وري وڏي فخر سان انهيءَ کيپ کٽڻ جو پڙهو گهمائڻ لڳا. اهي پچارون آخرڪار ڊيناگ، ڌرم ڪيرتي، سنگهه رڪشا ۽ ٻڌ پالت پارن تائين به وڃي پهتيون. واسو ٻنڌو ته اتفاق سان ڪو انهيءَ پير مرد وٽ پڙهيو به هجي، تنهن برهمڻن جي سانڪيه مت (ويدانت) جا سڀيئي ور وڪڙ سڌا ڪندي، هڪڙو رسالو ”پرمارٿ سپتتي“ نالي سان جوڙي، راجا ڏانهن روانو ڪيو، ( جيڪو جپان ۽ چين ۾ اڃا به پڙهايو پيو وڃي) وڪرماجيت برهمڻن کي دربار ۾ گهرائي، رسالو سندن اڳيان رکيو ته سڀئي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا. اتي بيکاريءَ جي علمي فضيلت خود بادشاهه جي به دل ۽ دماغ مٿان وسي ويئي ۽ يڪدم پٽ جي تعليم خاطر کيس وزيريءَ جو عهدو ۽ ان سان گڏ وڏن وظيفن جي آڇ پڻ موڪليائين. برهمڻن جي برتري اهڙيءَ طرح هڪڙي پينوءَ اڳيان ڪافور ٿي ويئي.[12] انهيءَ ڪري وڏيءَ ذات وارن جون اهي وڏيون دعوائون، علمي دنيا مان ته اڏامي ويون: مگر انهن جي سربراهيءَ ۾ سرڪار جو فوجي ڏنڊو سو اڃا موجود هو.

                وڪرماجيت جي ئي وقت (400ع) ۾ فاهين سياح به هتي آيو هو. هن هندن جي ٻڌ مذهب سان ديناداستي دشمني بيان ڪئي آهي. برهمڻن هڪڙي وهار کي ڊاهڻ لاءِ کليو کلايو حملو ڪيو، مگر ڪنهن غيبي ڪرامت جي ڪري هو هارائي موٽيا. گپتا راڄ ۾ ٻڌ گيا ۽ ڪپل وستوءَ جي تباهيءَ جو ته هن اکئين ڏٺو احوال ڏنو آهي[13]. هيون ٽسانگ پڻ هندن جي ٻڌ مذهب سان ڇتي دشمني بيان ڪئي آهي. اڀرندي ڏي سسانڪ (Sasanka 619- 637 A.D) نالي گپتائن جو گورنر، جيڪو ٻڌ مذهب کي ڌڪاريندو هو، تنهن ته پورب کي پاڪ رکڻ لاءِ گهٽايوئي ڪين. هن ٻڌ گيان مان ٻوڌي گيا وارو وڻ ئي وڍائي ڦٽو ڪيو[14].

                گپتائن کان پوءِ ورمن گهراڻي جي ايندي ئي ٻوڌين لاءِ قيامت اچي ويئي[15]. ڪٽر برهمڻ جو بغض هاڻي چوٽ چڙهي چڪو هو. مگر ٻڌمت ۾ به سهڻ جي طاقت ڪا ڪمال درجي تي پهتل هئي. اهي ايذاءَ ۽ عقوبتون ته ڄڻ ڪو سندن ئي ورثو هو. سندن اهڙي صبر مان ڪڪ ٿي، نيٺ سينا گهرائي، ورمنَ، ڀڪشوئن جي برخلاف جلاوطنيءَ جا فرمان ڪڍي، وهارن تي ڏياري موڪليا. هن گهراڻي جو راجا ولال سين هڪڙو ڇتو برهمڻ هو، جنهن ٻڌ مذهب جو مڪمل خاتمو ڪري، ڏاڍن ۽ هيڻن کي درجيوار ورهائي، مڙني ماڻهن جا ساڳيا چار طبقا مقرر ڪري ڇڏيا[16]. ٻوڌي وهار هن ئي گهراڻي وارن خالي ڪرائي، انهن کي هندو ٽڪاڻن ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ جو هڪڙو مثال گوڪل ميڌ وارو ٽڪاڻو به آهي، جنهن مان ٻڌ مذهب جا مڙيئي پاڪ اهڃاڻ مٽائي، انهن جي عيوض شِوَ جو لُنگ رکيو ويو[17]. اهڙا ڪئين ٻيا وهار به ويران ۽ اجڙ ڪيا ويا. تان جو جڏهن اختيارالدين محمد بن بختيارالدين (خلجي) اتي پهتو، تڏهن سڀ وهار ويران ۽ سڃا وڃي ڏٺائين، جن ۾ ڪوئي ڀڪشو ڪونه هو.

                برهمڻن ته ڀلا کڻي پنهنجا اهي لائق به ڪيا، مگر ٻڌمت کي حقيقت ۾ هن کان پوءِ جيئڻ جو (ڄڻ ته) حڪم ئي نه هو. پنجن صدين کان پوءِ ان ۾ فتور اچڻو هو ۽ هڪ هزار سالن تي ان جي حد ٿيڻي هئي. اهي ڳالهيون آنند جي اڳيان، مهاتما ٻڌ خود پنهنجيءَ ماتا کي به ٻڌايون هيون. ”هن کان پوءِ اڃا به ٻيو ڪو وڏو ٻڌ اچڻو آهي، سڀني جو عزيز (متر)، جيڪو ساري انسانذات جي يڪي برادري قائم ڪري، سلامتيءَ جو دؤر شروع ڪندو. اهو مستقبل وارو ٻڌ، ڪو هندستان جو ڪونه هوندو، اهو ته الهندي مان ئي اٿندو[18].*“ ”هيءَ جدا ڳالهه آهي ته ٻڌ مذهب، جو مدي خارج ٿيڻ کان پوءِ به جپان ۽ جاوا تائين اڃا جيئرو آهي، پر اهو ائين آهي جو نانگ وڃي نڪري ته ليڪو پيو ڪٽجي. خير، ٻڌ مذهب کي اتي ڇڏي، هاڻي انهيءَ زماني جي شاعري تي اچون ٿا.

(ب) پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات:

                هن سلسلي جي گذريل ٻنهي مضمونن ۾[19]، علمي دليلن ۽ ثابتين، حوالن ۽ حجتن سان ڳائڻ کي شاعريءَ جو اصلي سرچشمو ثابت ڪندي، انهيءَ جو آغاز بلڪل ئي اوائلي انسانن جي شروعاتي آواز سان ڪيو ويو.

                انهيءَ متعلق آلفريڊ آئن اسٽائن (Alfred Einstein) جي به اها ساڳي دعوا آهي ته تاريخ جي تمام ڪنهن اوائلي قدامت ۾ ڳائڻ جي جيڪا پهرين شروعات ٿي آهي، اها ٻوليءَ جي شروعات کان به تمام گهڻو اڳي چالو ٿي چڪي هئي. انساني زندگيءَ جي ابتدا ۾ اهو ڳائڻ توڙي ڳالهائڻ ٻيئي ڪافي عرصي تائين بلڪل ئي ساڳي ڳالهه رهندا پئي آيا. اوائلي انسانن گهڻو وقت پوءِ پڻ، سواءِ ڪنهن امتياز جي، انهن ٻنهي کي هڪٻئي ۾ منڌل ئي پئي رکيو آهي[20]. قديم قومن کي اگرچ آوازن ۽ اچارن جي هڪٻئي سان نسبت ۽ انهن جي پاڻ ۾ توازن بابت توڙي ڪا به تميز ڪانه هئي، تڏهن به هو هيٺ يا مٿي جي ڪنهن به سر سان، ڪونه ڪو اکر چنبڙائي، ان کي آلاپيندا ۽ هلندا رهندا هئا. اهوئي سندن اوائلي ڳيو (ڳيچ) هو، ۽ شروعاتي شاعري به[21].

                انهيءَ حال ۾ اهي ڇڙها آواز ڄڻ ته ڀت ۾ لڳل ڪي ڪليون هيون، جن جي مٿان اهي اکر اٽڪائيندا، جڙيندا ۽ مڙهيندا پئي آيا. اهڙيءَ طرح اهي اکر ۽ اچار، آوازن ۾ آڻيندي ۽ مڙهيندي، ڪن ڪسابن کان پوءِ وڃي ڪو اوائلي ’هڪ- لفظو ڳيچ‘ (گيت) بڻيو. پوءِ ايامن تائين اهڙا اڪيلا ۽ انفرادي الفاظ ڳائيندي ۽ ورجائيندي، اهي پاڻ ۾ ملائيندي ۽ مٽائيندي، آخرڪار پوري ڪَلي يا تُڪ بڻجي، تيار ٿي ۽ ڳائجڻ لڳي. مطلب ته انهيءَ ڊگهي عرصي اندر، اهڙن طويل تجربن مان ترتيب وٺي، آخر ڪي سريلا ۽ ڇوٽڙا فقرا وجود ۾ آيا، جن کي قديم شاعريءَ جي شروعاتي شڪل سمجهڻ کپي.

                اسين اڄڪلهه ادبي ڪتابن اندر، ڪبير شاهه جا ڪوهن ۾ پکڙيل ڊگها بيت، محمود فقير کٽياڻ واريون ساوڻي درياء جيان ڌڌڪا ڏيندڙ ۽ سامونڊي وير وانگيان اُٿلي وهندڙ وسيع ڪافيون، توڙي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جون طويل ۽ اڻ کٽندڙ مداحون پڙهي، اڪثر ايئن ڀائيندا آهيون ته اصلي شاعري ڪا آهي ئي اِها، جيڪا هن کوٽي زماني ۾ پاڻَ کُٽندي ۽ مختصر ٿيندي پيئي وڃي. جيئن يونيورسٽي ماڊل اسڪول جا ٻار سمجهندا آهن ته ’هيءُ تنبوءَ جهڙو بڙ جو وڻ، جيڪو يونيورسٽيءَ جو سارو اڱڻ ڍڪيو بيٺو آهي، اهو اول کان ئي ڪو ايڏو هوندو، ۽ هاڻي ته پاڻ ويچارو پن ڇاڻيندو، هلڪو ٿيندو ۽ سُسندو پيو وڃي.‘ پر جيئن اسين سڀئي ڄاڻون ٿا ته انهيءَ جي اصلي حقيقت ته ماڳهين ٻيءَ طرح آهي. نباتات جو طالب (Botanist) ته انهيءَ جي ارتقائي تاريخ هيئن ٻڌائيندو: هاڻي ڪو هيڏو سارو بڙ، پهريائين ته سڄو ئي هڪڙي اڻ لکي داڻي (ٻج) اندر بند ٿيل هو. انهيءَ مان اول وار وانگر تند جهڙو سنهڙو سَلو ڦٽي نڪتو. جيڪو واڌ کائيندو، پريندي هڪ پنو، ٻه پنو، پوءِ ننڍڙو ٻوٽو.....، آخرڪار ڪن ايامن کان پوءِ وڃي اهو شاهي درخت بڻيو آهي. بلڪل انهيءَ ساڳيءَ تمثيل مان ئي شاعريءَ جي شروعات ۽ ان جي ارتقائي تاريخ کي سمجهي سگهجي ٿو.

                ننڍي کنڊ جي پراچين اتهاس (تاريخ) ۾، هند- سنڌ جي سڀني آڳاٽين قومن مان، دکن ديس جي دراوڙ لوڪن کي ئي هتي جي قديم ترين قوم قرار ڏنو ويو آهي. اهي اڃا تائين به پنهنجين پراچين (پراڻين) پوڄائن ۾، پهريائين ته رڳو ڊگها آواز آلاپيندا ۽ سکڻا سُر ئي ڳائيندا رهندا آهن. تمام گهڻي دير کان پوءِ وڃي ڪو انهيءَ سان گڏ ڪي اکر به اچارڻ چالو ڪندا آهن[22]. اهي اوائل ۾ جيڪي ڊگها سر ڪڍن يعني ڳيچ جي اَستائي شروع ڪن، ان کي ’پَلوي‘ ڪوٺين، ۽ انهن سان گڏ جڏهن ڪي اکر اچارڻ ۽ جهونگارڻ چالو ڪن، ته ان کي وري ’اَنوُ پلوي‘ چون. سندن ٻوليءَ ۾ پلوي لفظ جي معنيٰ ئي تخم يا ٻج آهي ۽ انو پلويءَ جو مطلب وري انهيءَ ٻج مان ڦٽي نڪتل سلو يا انگور آهي. اها تحقيقات ڊاڪٽر فاڪس اسٽرانگويز (Dr. Fox Strongways) ڪئي آهي. پاڻ به پلويءَ کي تخم (Grem) مڃيو اٿس ۽ انوپلويءَ کي ان جو سلو (Stem or Sprout) سڏيو اٿس[23].

                اهي انوپلويءَ يا پلويءَ (هڪ پني ۽ ٻه پِنيءَ) جهڙا ڪي تز مثال ته سنڌيءَ ۾ شايد ئي باقي رهيا هجن، اسان وٽ پراڻي کان پراڻا هلندڙ گيت يا ڳائڻ (Singings) اهي ئي آهن، جيڪي شاديءَ وهانءُ تي مايون ڳائينديون اچن ٿيون. انهيءَ ڳائڻ ۾ به ابتدائي آستائي کان پوءِ اول جيڪا اوچي تُڪ کڻن، تنهن کي ’ڪَليِ‘ ڪوٺين، ۽ انهيءَ ڪليءَ جي معنيٰ پڻ ساڳي (مٿينءَ وانگر) مکڙي يا گـؤنچ (Bud or Sprout) آهي. هتي اهڙيءَ شاعريءَ کي ئي ’پراڪرتي‘ (اصلي، فطري ۽ بنيادي) شاعري سڏيو ويو آهي، جنهن جي شروعات هن سلسلي جي پهرينءَ قسط ۾ پراڻي پٿر واري دور کان ڪئي وئي آهي.

                اڳوڻين ٻنهي قسطن جو غور سان مطالعو ڪرڻ مان هيءُ امڪان واجبي نظر ايندو ته پٿر واري زماني جي پراڪرتي (فطري) شجر مان شجرو ڇڪي، بنيادي شاعريءَ کي روايتي شاعريءَ سان آڻي ملائڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه نه ٿيندي: پر جيڪڏهن رڳو مروج شاعريءَ جي شاهي شجر کي انهيءَ قديم ڪليءَ مان ڪڍڻ، يا اڃا به ان کان اڳ جي ڪنهن انفرادي ۽ بي معنيٰ لفظ (انوپلويءَ) کي ئي ان جو اصلي انگور يا مکڙي مڃڻ، شايد اسان کان فقط برداشت به ٿي سگهي.

                پٿر ۽ ان جي اوزارن کي اڃا سوڌو استعمال ڪرڻ به ته ڪو اسين قطعي طور تي قطع به ڪونه ڪري چڪا آهيون. جنڊ، روهيون، کرل، برنيون، ڪرنڊ، ڪونڊا، اُکريون، عقيق، ٻيا مڻيا اڄ به عام جام ورتا پيا وڃن! انهيءَ ساڳئي ابدي پٿر جهڙائي ڪي ڪهنا ۽ بيجان الفاظ پڻ اڃا تائين ڳائبا پيا اچن، انهيءَ جو هڪڙو مثال ’تيِروَت‘ (Tirvat) به آهي. هيءُ تمام قديم زماني وارين انهن ابتدائي لاتين جو هڪڙو يادگار رهجي ويو آهي، جن ۾ ڪوئي بامعنيٰ لفظ اڃا داخل ئي نه ٿي سگهيو هو، تنهنڪري رڳو سريلا اکر ئي آلاپيندا هئا. اها ريت چالو رکندي، اڄ تائين به انهيءَ ۾ فقط بي معنيٰ ڇڙها الفاظ ڳائبا پيا اچن. جيئن ته ”جهُم، تم، ڌِن، ڌيِ، ڌَن......، تي، ڪي “ وغيره. اهي رڳو علتي اُچار آهن، انهيءَ ڪري پوءِ جي زماني ۾ مُني ڀَرتَ انهيءَ جو نالو نرگيتا سنگيت (بي مقصد غنانُ) تجويز ڪيو آهي[24].

                تروٽ جهڙو ٻيو به هڪڙو پراڻو پراڪرتي گيت ’پرٻند‘ پڻ آهي، جيڪو جاتي ڳيچن مان جڙيو يا انهن سان گڏ اسريو، مگر هيءُ هڪڙو ڪهنو ڳيو هوندو هو. اڳئين ڀيري به ان جو فقط نالو ڳڻايو ويو آهي. انهيءَ جي پوري پچار ۽ ان تي آچار ويچار ته اڃا به اڳي ايندو، پر هتي موقعي جي مناسبت سان انهيءَ جي ابتدا ڏي اشارو ڪرڻو پوي ٿو. پرٻنڌ جي پيدا ٿيڻ، سرجڻ ۽ ان جي انگورجڻ جو احوال هيئن آهي. ننڍي کنڊ جا ’ڳيا‘ (Singings) بلڪل ئي اوائلي تنوارن ۽ جهونگارن مان اسري ڪري، ترقيءَ جي مختلف مرحلن ۽ منزلن مان گذرندو آيو آهي. جدا جدا حالتن مان لنگهندي، مختلف صورتون مٽائيندي، آخرڪار اچي پرٻنڌ جي شڪل ۾ پڌرو ٿيو[25]. پرٻنڌ گيت جو پراڻي ۾ پراڻو نمونو سرتيه يا سورٿ (Swarath) سڏبو هو. ان جي اصلي خاڪي ۾ الفاظ هوندائي ڪين هئا. تنهنڪري خالي آواز هيٺ مٿي ڪري آلاپيا ويندا هئا. (جيئن هاڻوڪي سرگم جي آلاپ ۾ ڪندا آهن.) پوءِ ان جي ارتقائي دؤر اندر، منجهس ڪي فالتو اُچار به آندا ويا[26]. اچارن جي وستار يعني اکرن کي جزياتي تفصيل سان تنوارڻ ۽ جهونگارڻ مان اول آزاد نموني جو آلاپ بنيو. انهيءَ مان استايه (Sthaya) يعني سُرائتا الفاظ ۽ غنائي ٻول ٻجهندا ويا، تان جو آخر ۾ ازخود پرٻنڌ جي پوريءَ تڪ جي تربيب ٿي ويئي[27]. انهيءَ اوائلي تڪ کي اسٿايه يا ٿايه (Sthaya or Thaya) چيو ويو. اسٿايه، اصل ۾ پرٻنڌ جو هڪڙو بنيادي ٻول يا غنائي فقرو هو. اسان جي گيت جي اوائلي شڪل اهائي هئي[28]. اهي پرٻنڌ اسلامي حڪومتن جي اچڻ وقت عام هئا. پرٻنڌ کي پوءِ سازيندي جي محاوري ۾ گَت چيو ويو، جيڪو گيت مان گسي وڃي گت بيٺو آهي ۽ هاڻي انهيءَ جي معنيٰ سرود، لئي يا ترنم (Rhythm) آهي[29]. اهي ڳالهيون اڳ ۾ به گهڻي تفصيل سان اچي چڪيون آهن، تنهنڪري تاريخ کي اتان اڳڀرو ڌڪيندي، پوين پراڪرتي ڳيچن جي پچار ڪجي ٿي.

                ننڍي کنڊ واري گيتن جي تاريخ، قديم زماني کان وٺي ويندي ڪنهن قريبي زماني تائين به، ’پراڪرتي (Indigenous) سنگيت ۽ عوامي روايتن جي گڏيل اوسر‘ پئي رهندي آئي آهي. انهن جي مسلسل تعمير ۾ قديم رهاڪن توڙي پوءِ جي ٻاهران آيل ڪيترن ئي مخلتف قومن جي ڀانت ڀانت جي نغمن جي آميزش ٿيل آهي[30]. ڌرمي پوڄائن توڙي سڪشائن جي ڌيان سان چڪاس ڪندي ئي، اڻپڇيو انهيءَ نتيجي تي اچڻو پوي ٿو ته ننڍي کنڊ واري گيتن جي پيڙهه، انهن جي اوسر ۽ ارتقا، اصل ۾ ڪن ريتن رسمن جي دائگيءَ مان ٿي آهي. مثلن هيءَ هڪڙي عام حقيقت آهي ته سانوڻ جي مند کي، آبادگار لوڪن جي جياپي خاطر ۽ مال وارن جي گذران سبب، تمام اعليٰ اهيمت حاصل آهي. مينهن جي آجيان ۽ استقبال ۾ جشن ملهائڻ جو رواج بلڪل ئي پراڻو ۽ عام آهي. اڄ تائين به ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن ۾ مڙني مالوند ماڻهن ۽ هارين جون زالون، ڄيٺ آکاڙ ۾، مينهن وسائڻ متعلق مخصوص نموني جا لوڪ ڳيچ ڳائينديون رهنديون آهن[31]. ڊاڪٽر بيرائيڊيل ڪيٿ، سنسڪرت سانگ جي سمجهاڻي ڏيندي لکيو آهي: مهاوت ۾، سندن مال جي چاري ۽ پوکن جي سڌاري لاءِ ڪي ڪماريون، (جوان ڇوڪريون) مينهن جو ساٺ (حيلو) ڪندي، باهه جي چوڌاري نچنديون ۽ ڳائينديون رهنديون هيون[32]. اهو ناچ نه فقط ڪي ڪنواريون ناريون ڌرمي پوڄائن ۾ ڪنديون هيون پر سماجي رسمن ۾ ته سهاڳڻيون ۽ ڪي اڌڙوٽ ڪراڙيون به ڪنهن جي جهلڻ جون ئي ڪين هيون. شاديءَ وهانءَ جهڙن موقعن تي سڀني ساٺن سوڻن ۾ سهاڳڻين جو ناچ هلندو ئي رهندو هو. تنهن سان گڏ وري تاڙيءَ جي وڄت سان ڳائڻ به لاڳيتو لڳو ايندو هو. اهي احوال سانکيه گرهيه سوترن مان ملن ٿا[33]. اهڙي طرح ڌرمي يگيه ۾ جڏهن پروهت ۽ سندن پوئلڳ، ڳاهن ڳائڻ لاءِ، هڪٻئي کان وارو وٺندا ۽ ڏيندا رهندا هئا، تڏهن سندن زالون وري وڄت واري ناچ ۾ مست هونديون هيون. يگيه ختم ٿيندو ڏسي، پوءِ ته سڀيئي انهيءَ جهمر ۾ ڪاهي پوندا هئا ۽ پَــنبيون هڻندي يگيه ختم ٿيندو هو[34].

                اهڙي نموني جا ناچ گيت (Ballads) بيان ڪندي، اڳئين ڀيري به انهيءَ ڳالهه ڏي خاص طرح توجهه ڇڪايو ويو آهي ته اها جهمر، قديم شاعريءَ (پراچين ڳيچن) جو نه فقط لازمي جز هئي، پر اصل ۾ ته ان جي ڄڻيندڙ ۽ نپائيندڙ ئي اها جهمر (ڇيڄ) آهي. قديم رقص جي بنياد تي، اوائلي گيت جو ڍانچو ڪهڙيءَ طرح بيهاريو ويو، اها ڳالهه اڳ ۾ ئي سمجهائي آيا آهيون. ان تي وڌيڪ ويچار ڪنهن مناسب موقعي سارو اڳتي ايندو. انهيءَ پراڻي ناچ جي پڙناني بهرحال اها پُتلي (Dancer) سمجهڻ گهرجي، جيڪا موئن جي دڙي مان ملي آهي.

سنسڪرت جو تعلق:

                قديم ڳيچن جا اهي آڳاٽا آثار ۽ اهڃاڻ جيئن ته (سنسڪرت وارن) ويد گرنٿن مان به ورتل آهن، تنهن مان اها غلط فهمي نه ڦهلجڻ کپي ته ڪو آريه لوڪ به اصلي رهاڪن جي ڀيٽ ۾ سندن سنسڪرت ڪاويه کي ساڳيءَ سطح تي آڻڻ ۾ سوڀارا ٿيا هوندا.

                ”آريائي گيتن جي ادبي ۽ تهذيبي اوسر ۾ جيڪي به نيون ڳالهيون پيدا ٿينديون پئي رهيون، اهي ڪي آرين جون پنهنجيون ايجادون ڪين هيون. انهن ۾ به اڻ آرين جو هٿ هميشه ئي رهندو پئي آيو. آريه لوڪ، انهيءَ ڪري اڻ آرين جي ڪمالات حاصل ڪرڻ لاءِ سدائين سندن محتاج رهندا پئي آيا[35].“ آڳاٽن ويد شاسترن جيڪا تهذيب ۽ تمدن جي عاليشان تصوير پيش ڪئي آهي، سا غيرآريائي قومن جي ئي علوم ۽ فنون، توڙي تمدن ۽ ثقافت جو عڪس آهي، جيڪي هن ملڪ جا اصلي رهاڪو هئا. آريه لوڪن کي ساڻن اهڙي ثقافتي ۽ تهذيبي ڳنڍجوڙ ڪرڻ ۾ به تمام ڪافي عرصو لڳي ويو. اهڙو سلسلو ويدڪ لٽريچر جي توڙ تائين هلندو آيو. جنهن ۾ اها اصلوڪي اتم سڀيتا (پراڪرتي) وري وري پئي اُٿل پٿل هيٺ آئي آهي، ۽ اُن ۾ اها ڊهندي ۽ ٺهندي، نئين سر اسرندي ۽ اڀرندي پئي رهي آهي[36]. اهڙي اٿل پٿل ۽ ڊاهه ٺاهه مان هٿئون هڪڙو اهڙو اگرو نتيجو نڪرڻ لڳو، جو ويد گرنٿ جيڪي عيسوي سن کان پنج ڇهه صديون[37] اڳيئي لکجڻ چالو ٿيا هئا، سي انهيءَ جي ردعمل ۾ پوءِ سُٽ جي منڌل ڦوري وانگر اهڙيءَ طرح ته ڳانڍوڙجي وچڙجي ويا، جو آخرڪار اهي گمراهيءَ جو هڪڙو گورک ڌنڌو بڻجي پيا. خود هندو ڌرم اندر به، انهيءَ زماني ۾ ئي چارواڪ (Charvak) جهڙا ڪي سياڻا ۽ سنجيدا ماڻهو اکيون پٽي اٿيا. چي، ويدن جي ٻولي سنسڪرت (Gibberish) ۽ انهن جو مضمون سواءِ بڪواس جي ٻيو ڪجهه به نه آهي[38].

                ”ويدن جو بنيادي مواد توڙي مضمون، اوائل ۾ ته رڳو انهيءَ ڪري اٿلائي پٿلائي اونڌو ابتو ڪري بيهاريو ويندو هو، جو انهن جي اصلي متن ۽ محاوري ۾ موسيقيءَ جي مزاج توڙي ڳيچ جي انداز جي ڪا به مناسبت ڪانه هوندي هئي. پر پوءِ جي پنڊتن جي اها ماڳهين عادت بڻجي پيئي[39].“ انهيءَ عادت سبب، ويدي سنسڪرت جي اهڙي آپگهات واري (خودڪار) نيتيءَ، نيٺ سندس انت ئي آندو ۽ پوءِ اها رڳو ڌرمي پروهتن جي هڪڙي مخصوص ۽ تنگ دائري اندر محدود رهندي، آخرڪار ٻوساٽجي ۽ گهٽجي مري ويئي[40]. جيتوڻيڪ انهيءَ کي پوءِ فرعون جي مڙهه (Mummy) وانگر سانڍڻ ۽ سانڀڻ ۾ پنڊت پڇاڙيءَ تائين به لڳائي رهيا آهن. جيئن اڳتي نظر ايندو.

                اڳيون مقالو، جيڪو سڄوئي آريائي شاعريءَ [41] (سنسڪرت ساهتيه) لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو، تنهن جي شروعات ويدن جي منڍ کان ئي مهند ڪيل آهي. انهيءَ مضمون کي ڌڪيندي ڇڪيندي، عيسوي اٺين نائين صديءَ سوڌو به آندو ويو آهي. پر پوءِ معلوم ٿيو ته خود ويدن جا جي اٺاويهه وڏا وياس (مُرتب) ٻڌجن پيا، تن سان ساينه جو نالو به آيو آهي، تنهن پڻ ويدن کي ترتيب ڏني آهي. انگريز لوڪن اڪثر انهيءَ جا ئي ويد مڪمل مڃي ترجمي لاءِ چونڊيا آهن. رگ ويد ۾ هن تي هڪڙو نوٽ لکيل آهي. ساينه، سنه 1331ع کان وٺي، سندس مرتيو 1386ع تائين، شرنگريءَ جي مڙهيءَ ۾ مک برهمڻ هوندو هو. برنيل صاحب هن ساڳئي ساينه جو ٻيو نالو ماڌو برهمڻ به معلوم ڪيو آهي[42]. انهيءَ اشاري مان اهو انومان ٿو نڪري ته عيسوي چوڏهين صديءَ تائين به ويدن جي آخري سٽاءَ ٿيل ڪانه هئي!

                ويدن جي پويان وري برهمڻ گرنٿ ملايل آهن، انهن ۾ آرڻيڪ ۽ اُپنشد آندل آهن، سي ڪهڙي سبب ملايا ويا؟ چارواڪ جهڙا حريف ته منڍ کان ئي موجود هئا، تن چئي ڏنو ته ويدن جا رچيندڙ چالباز، ڀنڊ ۽ حرام کائڪ (Hypocrites, Cheats and Flesheaters) آهن، جن جو مقصد هو ڍور ڍڳا ۽ گهوڙا وغيره ڪهي کائڻ[43]. تنهن بعد ڪيسڪمبل جي هيءَ ڏيڍ تڪ به پڙهي ڏسو: ”اگنشوم! يگيه ۾ ڪٺل ڍور، جي سرڳ (بهشت) ۾ وڃي سگهي ٿو ته پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ڇو نٿو يگيه ۾ ڪهي موڪلين[44]؟ مطلب ته هندو سماج ۾ ئي ايڏي هلچل هلي ويئي، جو سمجهو ماڻهن ويدن جي کٽراڳ کي ئي ختم ڪرڻ چاهيو. ڪارڪا سانڪيه فلاسافيءَ موجب پڻ ٻين ڏٺل وائٺل اُپاون (اٽڪلن) وانگر ئي ويدن جو اُپاءُ به فضول آهي، ڇو ته اهي آشڌي، تباهيءَ ۽ وڌاءَ سان ڀريا پيا آهن[45]. اهڙن فيلسوف شاعرن جي جواب ۾ ئي برهمڻن جا اپنشد ۽ ويدانت وجود ۾ آيا. برهمڻ شاسترن جو زمانو به عيسويءَ سورهين صديءَ سوڌو معلوم ٿئي ٿو. پو ته اڪبر بادشاهه جي زماني جو لکيل الوپنشد سو به اپنشد ۾ شامل آهي[46]. پر پنڊتن جون پوءِ به اهڙيون ڪئين ڪوششون مٿي ٻڌايل گُٿيءَ کي سلجهائڻ ۾ ئي صرف ٿينديون آيون. مهاتما ٻڌ اهڙن ئي سببن ڪري، سنسڪرت جي جهنجهٽ کان پريندي ئي پري رهيو.

ٻڌ پرچار جي نوعيت:

                عام خلق جي ڀلائيءَ خاطر، ڀاڳونت ٻڌ پنهنجو پرٻوڌ ۽ پرچار به پراڪرت يعني فطري محاوري ۽ عوامي زبان (لوڪ ڀاشا) ۾ چالو ڪيو. انهيءَ لاءِ ته عوام ان کي آسانيءَ سان سمجهي سگهن ۽ ساري انسانذات جو ڇيهو- کٽيو به سندن سمجهه ۾ سولائيءَ سان اچي سگهي. مهاتما جي زماني ۾ لکت جو ابتدائي هنر اڃا فقط چند برهمڻن جي ئي چنبي هيٺ سوگهو هو، جيڪي ان کي اباڻو ورثو بنائڻ لاءِ مٿس نانگ وارو پهرو ڏيئي رهيا هئا. راجا هجي توڙي راجڪمار، پر لکڻ پڙهڻ کي رڳو هٿ لائي ڏسي! عوام جي ته اتي مجال ئي ڇا هئي! مهاتما ٻڌ پاڻ به جيئن ته انهن کتري ڪمارن مان هو، جن جي نصاب ۾ فقط خونريزيءَ جي تعليم ئي لازمي ڪيل هئي، سو ويچارو انهيءَ وديا چڪر کان ته ڪورو ئي ڪورو هو. پڙهيل پنڊتن مان به پوءِ مها ڪيشپ، مها ڪچيان، ڪوءنڊنيه ۽ ساريپت جهڙا ڪي ٿورا سڄاڻ برهمڻ خدائي نسل کي ڇڏي اچي عام انساني برادريءَ ۾ داخل ٿيا هئا. باقي ڀڪشوئن مان به گهڻو ڪري سڀني جو ساڳيو مهاتما وارو ئي حال هو. تنهنڪري پاڻ تبليغ ۽ تعليم به زباني طور چالو ڪيائين، جنهن کي سندس ئي جيئري ’واڪ ميه‘ يعني بر زبان يا ’ڪنٺ ڪيل واڪ‘ چئبو هو[47].

                سندس چالاڻي بعد اهي واڪ (وچن) لکجي ويا، تڏهن به ساڳئي نالي سان سڏبا هئا، ڇو ته اهي وچن بر زبان ياد ڪرڻ هر ڪنهن لاءِ لازمي هئا. اشوڪ جي پٽ مهيندر ڪمار، پڙهيل هوندي به ساندهه ٽي سال ويهي، اهي وچن (سُت) ياد ڪيا هئا. ياد ڪرائڻ واريءَ انهي مٿينءَ ضرورت جي مدنظر، مهاتما اهي مکيه متا ۽ اهم اصول ننڍڙن ستن (سوتن يا سوترن) جي ئي صورت ۾ سيکاريندو هو. سندس پوئلڳ پاڻ به اهڙا ڪي اهم نڪتا ورجائيندي ۽ دهرائيندي، انهن کي هر وقت پنهنجيءَ لئي ۾ لَـــــوَندا ۽ جهيل سان جهونگاريندا رهندا هئا، انهيءَ لاءِ ته اهي آسانيءَ سان ذهن نشين ٿي وڃن. اهڙين ئي تنوارن مان ترتيب وٺندي، سريلا ست ۽ ڳيا اسرندا آيا، جيڪي ڀانت ڀانت جي ڀڪشوئن جو ورد بڻيا. (جيئن کُدڪ نڪايه جي ’وِماڻ وٿــــوُ‘ ۾ آهي). اڳئين جڳ ۾ جيئن ته تعليم ڏيڻ جو اهو ئي زباني ياد ڪرائڻ وارو طريقو عام هو. تنهنڪري ”اوائل ۾ رڳو اهي ست ۽ ڳيا هوندا هئا، جن ۾ ئي سندس سڄي سکيا سمايل هئي. مهاتما جيئن هڪ دفعي چيو به هو: اي آنند! اهي ست ۽ ڳيا سڀ گهڻو ڪري تنهنجا سئل ٻڌل آهن ۽ تون انهن مان پورو واقف آهين، تنهنڪري تنهنجو انهيءَ مطلب سان منهنجي پٺيان لڳڻ ڪو ضروري نه آهي...، مطلب ته ستن ۽ ڳين ۾ ئي پوئلڳن لاءِ ٻڌ جو اپديش هو[48].“

                اشوڪ جي زماني تائين به ڌرم جا جيڪي نوَ مکيه انگ مڃيا ويندا هئا، تن ۾ ست (غنا)، ڳيچ (ڳيا)، ڳاهون (مني گاٿا ۽ ٿيري گاٿا)..... ۽ انهن جي وياکيا (وياڪرڻ) وغيره، بنيادي ڳالهيون سمجهيون وينديون هيون[49]. ست نپات (کدڪ نڪايه) ۾ مهاتما ٻڌ پاڻ ’گايتري‘ نالي ڇند کي واکاڻيو آهي ۽ مني باردواج نالي هڪڙي برهمڻ جي پڇڻ تي به انهيءَ ڇند جي ساراهه ڪئي اٿس. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته شاڪيامنيءَ کي پراڻي سنگيت ۾ ’گايتري ڇند‘ ٺيڪ نظر آيو.: تنهنڪري سندس رچيل ’سُت‘ ۽ ’ڳيا‘ سڀ گهڻو ڪري انهيءَ ڇند ۾ ئي ڳارايا ويا هوندا.

ترپٽڪ تي هڪ نظر:

                مٿي ٽن ڪتابن (ترپٽڪ) جو احوال اشارتاً آيو آهي، جيڪي پهريون چوماهي بيٺڪ ۾ جمع ڪيا ويا هئا. انهن ٽنهي کي الڳ الڳ ٻولڻ لاءِ، ٽي سڄاڻ راوي چونڊي مقرر ڪيا ويا هئا. سندس ست ۽ گيت قلمبند ڪرڻ لاءِ، مها ڪيشپ سان گڏ ٻيو مشهور ليکڪ ساريپت برهمڻ به شامل ڪيو ويو هو، جنهن پويون پٽڪ (اڀدم) سڄوئي اڪيلي سر لکيو[50]. ديودت جي دست اندازي ڪرڻ ۽ دخل ڏيڻ ڪري، اگرچ انهيءَ ڪم ۾ ڪي رنڊڪون به پيئون، پر سڀڪو پنهنجي پنهنجي ڪم کي نڀائي وڃي پار پيو. مگر اهڙيءَ حالت ۾ وري ٽنهي ٽوڪرين کي پاڻ ۾ بروقت ڀيٽي ڏسڻ جي وڌيڪ مهلت ملي نه سگهي ۽ ڪي ساڳيون ساڳيون ڳالهيون به ٽنهي ڪتابن اندر اچي ويون. پوءِ وارا ٻوڌي ته وري اهڙي تڪرار کي به مشق لاءِ پاڻ ضروري مڃڻ لڳا. ٻي مشهور گڏجاڻي، جيڪا مهاتما جي سو ساله ورسيءَ (378 ق.م) تي وئشالي ۾ ڪوٺائي ويئي، تنهن بعد ٽنهي ڪتابن کي ننڍن ننڍن نڪايه يعني ڀاڱن (Chapters) ۾ ورڇي رکيو ويو. جيتوڻيڪ انهن جي مواد ۽ مضمون ۾ ته ڪوئي سڌارو ڪونه آيو، پر ڪي ڀاڳ ۽ باب (نڪايه) هڪڙي ٽوڪريءَ مان ڪڍي، ٻيءَ ۾ وڌا ويا. ڪن جو چوڻ آهي ته کدڪ نڪايه وارو فصل اصل ۾ اڀدم پٽڪ اندر پيل هو، پر ٻين جي چوڻ موجب اهو اول ست پٽڪ ۾ ئي سمايل هو. الگد ست جي اٺڪٿا ۾ چيو ويو آهي ته ’ڳائڻ جي گڏيل سُوتن کي ”ڳيا“ ڪوٺيندا هئا.‘ سُنيت نڪايه جو پهريون ڀاڳ ان جي مثال طور ڏنو ويو آهي.... انهيءَ ڪري ائين چوڻ ڏکيو آهي ته گاٿا نالي ڀاڳ (Chapter) ڇو ڌار ڪيو ويو. ٿي سگهي ٿو ته ڳيا اندر ڪن خاص پرڪارن جي ’ڳاهن‘ جو سمائڻ ٺيڪ نه سمجهيو ويو[51]. ٻڌ گهوش آچاريه جو چوڻ آهي ته: گاٿا ڀاڳ ۾ ٿير گاٿا، مني گاٿا، ٿيري گاٿا (ڀڪشڻي گاٿا)، يا ڪي ٻيون گاٿائون به اچي ويون ٿي[52].

                پهرئين ڪتاب، ’ونيه پٽڪ‘ ۾ جيئن ته رڳو جماعت (سنگهه) جي انتظام ۽ ضابطي جي ترغيب (ونيه) ڏنل آهي ۽ پوئين پٽڪ يا ٽئين ڪتاب (اڀدم) اندر وري وڏيءَ ذات وارن جي وڏائي يا اوچي نسل واريءَ آڪڙ جي خلاف، توڙي گگدامن جي بچاءَ ۾ مهاتما جا برهمڻن سا ڪيل بحث مباحثا، جيڪي ساريپت کي موقعي بموقعي معلوم هئا، سي آندل آهن، باقي رهيو نمبر ٻيو يعني وچون ڪتاب (سُت پٽڪ) سو ته خالص مذهبي عقائد جو ڪتاب آهي، تنهن ۾ ئي تٿاگت جي سڄي تعليم ۽ تلقين سمايل آهي. انهيءَ ۾ جيڪي به ڳيچ، ڳيا، ڳاهون ۽ ست سمايل آهن، سي سڀ اوچي ادبي معيار جا آهن ۽ اسان جي هن مضمون جو مک مواد آهن، تنهنڪري هتي رڳو ست پٽڪ تي تبصرو ڪبو.

        سُتڪ پِٽڪ جو ادبي جائزو: انهيءَ جا جملي پنج باب آهن. تن مان فقط ٽيون نمبر ’سنيت نڪايه‘ ۽ آخري باب، ’کُدڪ نڪايه‘ هتي هٿ ۾ کڻجن ٿا. سنيت نڪايه جو ڪجهه ذڪر ته اڳ ۾ ئي مٿي اچي چڪو آهي، ٿورو وڌيڪ احوال هتي به ڏجي ٿو. سنيت نڪايه ۾ ته ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون به آهن، جيڪي خالص ادبي اعتبار کان به خاص توجهه جي لائق آهن، هن جي منڍ وارن حصن ۾ ته بلڪل ئي حقيقي شاعري ملي ٿي. جنهن ۾ مهاتما ڪنهن يُڪشا سان عقلي دليلبازي ڪندي، ڪيترائي باريڪ نڪتا ۽ منڌل مسئلا حل ڪري ويو آهي. شيطان يعني مار سان سندس مباحثو (جيڪو اڳتي ايندو)، توڙي ڀڳتياڻين کي سندس شفقت ڀري ۽ پدرانه فهمائشن ۾ ته تمام وڏيون شاعراڻيون لياقتون موجود آهن. ونٽرنٽز (Winternitz) صاحب ان کي ننڍي کنڊ جي روايتي شاعريءَ جو اصل يعني روح تسليم ڪري ٿو ۽ مذهبي نقطي نگاهه کان به ان کي مقدس غنا ڪري مڃيو اٿس. سنيت نڪايه ۾ جيڪي به لوڪ چوڻيون توڙي روايتي حڪايتن مان تلميحون آندل آهن، تن مان مهاتما جو عظيم فڪر، سندس قوي تصور، دليري ۽ عظمت، مختلف طبيعتن جي ذهني ضرورتن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هن جو هڪيو تيار هئڻ، برهمڻن تي سندس چست مزاح ۽ ظريفانه طنز، توڙي سڀني ساهه وارن لاءِ سندس حقيقي همدردي ۽ دلي محبت، اهي سڀ ڳالهيون اسان تي هڪ ٻئي پٺيان لاڳيتو ۽ گهرو اثر وجهنديون رهن ٿيون[53]. مٿئين مبصر جي عالماڻي جائزي مان ڪو به نتيجو ڪڍجي، تنهن کان اڳ ۾ ڪن ڳاهن جو ترجمو نموني لاءِ نثر ۾ پيش ڪجي ٿو، جن ۾ مهاتما ۽ مار (ابليس) جو پاڻ ۾ مناظرو ٿيو هو.

                مهاتما جو پويون چلو، جنهن ۾ کيس بشارت ملڻي هئي، انهيءَ جي آخري اڌ رات ۾ ابليس به پنهنجو آخري زور لڳائڻ آيو. 1- شيطان اچي ڏکندي آواز ۾ چوڻ لڳو ته ”تون ڳري سڙي ويو آهين، چهري جو رنگ به لهي چڪو اٿيئي. هزار ڀاڱي ته تون مري چڪو آهين. باقي هڪ ڀاڱي ڪو جيئرو آهين. موت اچي در تي بيٺو اٿيئي. ڀلارا! تون سدا جيئرو رهه.... جيئڻ ڀلو اٿيئي. جيئرو هوندين ته ڀلي جا ڪم به ڪري سگهندين ۽ وڏو جس کٽندين. مگر نرواڻ لاءِ هيڏا ڪشالا ڇو ڪڍي رهيو آهين! نرواڻ جو مارڳ نهايت ئي ڪٺن آهي، اڻانگو آهي.“ ائين چوندي، ابليس اچي ڀر ۾ بيٺو، (ڳاهه نمبر 1 کان 5 تائين). تڏهن تٿاگت چيو ته ”اي پاپي! غافلن جا يار! آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون هت ڇو آيو آهين. (ڳاهه 6). تو واري انهيءَ جس کٽڻ جي مون کي ڪابه گهرج ڪانهي، جنهن کي هجي، تنهن جي اڳيان وڃي اهي مرليون وڄاءِ. (ڳاهه 7) مون ۾ سمجهه آهي، سچائي ۽ همت آهي. آءٌ جڏهن پنهنجي ارادي تي پڪو بيٺو آهيان، تڏهن تون ڇو مون کي جيئڻ لاءِ ريهي ريبي رهيو آهين؟ (ڳاهه 8) هيءَ هوا نديءَ جو پاڻي سڪائي سگهي ٿي، پر جنهن پنهنجي مقصد تي چِت چنبڙايو آهي، تنهن جو رت سڪائي نه سگهندي. (ڳاهه 9) پر منهنجن ڪشالن ڪري ئي جي منهنجو رت سڪي ويو ته منهنجا چت چور وڪار به سڪي ٺوٺ ٿي ويندا. (ڳاهه 10) پر توسان ته جنگ جوٽڻ لاءِ آءٌ اڳتي وڌان ٿو. انهيءَ جنگ ۾ هارائي پوءِ جيئڻ، تنهن کان ته مرڻ ئي منهنجي لاءِ ڀلو آهي. (ڳاهه 16- 18)“ سنيت نڪايه ۾ ٻئي هنڌ چيل آهي ته ٻڌ کي ڦاسائڻ لاءِ مار پنهنجيون مڪار ڌيئرون به وڻ ڏي موڪليون هيون. انهن جو حملو به جڏهن ناڪام ويو، تڏهن ٻڌ کي چيائين ته ”هيءُ آستان منهنجو آهي، تون هتان هليو وڃ!“ مهاتما پنهنجو ساڄو هٿ هيٺ ڪري چيو ته ”هيءَ ڌيرج واري گنڀير ڌرتي به شاهدي ڏيندي ته هتي منهنجو پڻ ايترو ئي حق آهي.“ اتي شيطان ڏاڍي ڏک ۾ چيو ته ”آءٌ ساندهه ست سال سڌارٿ جي پٺيان پيس. ’هت ڪا ڪونئري شئي هوندي، ڪا مٺي شئي ملندي.‘ انهيءَ آس ۾ رهندي، ڪانو آخر وڃي ڪوڙي ۽ سخت پهڻ تي ئي ٺونگو هنيو.“ ائين ارمان ڪندي سندس ڪک مان ڪاني ڪري پيئي ۽ هو اسُر کان اڳ ۾ عائب ٿي ويو. (ڳاهه 32- 33- ۽ 34)[54]. سنيت نڪايه جي انهيءَ سرسري جائزي کان پوءِ، هاڻي کُدڪ نڪايه (آخري باب) تي مٿاڇري نگاهه ڪجي ٿي.

                هن ۾ هيٺيان فصل آهن: ٿيري گاٿا، مُني گاٿا، اِتيوتڪ، سُت نپات، آپ دان، نَديِس ۽ جاتڪ وغيره. کدڪ نڪايه جو خاص طرح اٺون ۽ نائون فصل ’ٿير گاٿا ۽ ٿيري گاٿا‘ (ڀڪشوئن ۽ ڀڳتياڻين جون ڳاهون) قابل ذڪر آهن. انهن ٻنهي جي لهجي ۽ محاوري توڙي تاثرات ۾ فرق نمايان آهي. مني گاٿا ۾ دلي ڪيفيت کي وڏو دخل آهي ۽ ڀڪشڻي گاٿا ۾ وري زماني جي سورن جي پچار گهڻي آهي: ”دنيا جي شروعات کان وٺي، ساريءَ انسانذات سورن ۾ جيڪي ڳوڙها ڳاڙيا آهن، اهي جي هڪ هنڌ ڪٺا ڪري سگهجن ها، ته انهن جو گڏ ٿيل پاڻي، هوند سڀني سمنڊن کان به سوايو ٿي وڃي ها. پوءِ دنياوي زندگيءَ کي ڪيئن نعمت ڪوٺي سگهبو.!“ بيان جي زور ۽ سهڻائيءَ جي بناء تي ڊاڪٽر ونٽرنٽز ڳاهن جو شاعراڻو ڪمال تسليم ڪندي، انهن کي رگ ويد کان وٺي ڪاليداس واري زماني تائين جي سڄي دور ۾، ننڍي کنڊ جي غنائي شاعريءَ جي عظيم ترين تخليق مڃڻ ۾ حق بجانب آهي.

                ”هنن ڳاهن ۾ ڪيترا مقبول عام محاورا، انوکا اصطلاح ۽ سريلا فقرا اچن ٿا، جن کي لُنڊيءَ تُڪ يعني وراڻيءَ يا ’ٽيڪ‘ وانگي ورائي ورائي ڳائجي ٿو. اهي ئي هنن ڳاهن جو امتيازي حسن آهن. ٿير گاٿا (مني ڳاهون) فطرت جي حسين عڪاسيءَ سبب، قديم انڊو- پاڪستان جي سريلي ۽ غنائي شاعريءَ جا املهه جواهر آهن. ڪيترين ئي دلڪش تمثيلن ۾ عام مخلوقات سان محبت جو اظهار ڪيل آهي. مهاتما لاءِ کڻي مڃجي به ته فطري نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ جي هو بلڪل ئي برخلاف هو، تڏهن به سانوڻ جي سونهن جي ڀڀڪيدار بيان ڪرڻ کان هتي رهي نه سگهيو آهي[55].“

                ٿيري گاٿا ۾ وري ڀڳتياڻين ۽ سنياسڻين جي ويراڳ جا ورلاپ ۽ اوسارا آهن. ”مٿين ڳاهن جي برعڪس هنن ۾ وري ذاتي تلخين جو احساس زياده آهي. مني گاٿا ۾ ته قدرت جي ساراهه جو عنصر غالب آهي، پر هنن گيتن ۾ وري انساني حياتيءَ جو حقيقي ۽ صحيح عڪس آندل آهي. (دنيا جي شروعات کان...) ٿيري گاٿا مان ثابت آهي ته اهي بيواهيون، جن جو خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوئي به نه رهيو هجي، يا اهڙيون ڏکايل مائرون، جن جي جهولي لُٽجي ويئي هجي ۽ سندن گود سڃي ٿي چڪي هجي، سي انهيءَ صدمي کي ڀلائڻ لاءِ ڀڪشڻي سنگهه جي اچي سرن وٺنديون هيون ۽ عورت ذات جي ڀلائيءَ خاطر خدمتون ڪنديون رهنديون هيون. تان جو ڪن طوائفن جو به توبهه تائب ٿي ڪري ڀڪشڻي سنگهه جي اجهي هيٺ اچڻ جون حڪايتون پڻ اچن ٿيون، جن ۾ سندن اڳوڻي تباهيءَ ۽ هاڻوڪيءَ سلامتيءَ جي چٽي تصوير چٽيل آهي. هنن ڳاهن ۾ بي بقا زندگيءَ جي باطل ۽ ڪوڙي عياشيءَ توڙي دنيا جي بي ثباتيءَ جي ڀيٽ، نجات جي سچي سک ۽ حقيقي سڪون سان تمام اثرائتي نموني ۾ ڪيل آهي. اهي ڳيچ اعليٰ قسم جي تمثيلن سان سينگاريل آهن، جن ۾ بعضي ته لفظن جي بلاغت به تمام تحسين جي لائق آهي. ٿيري گاٿائون انهيءَ ڪري به اهم آهن، جو انهن ۾ جيڪا روزانه زندگيءَ جي تصوير چٽيل آهي، تنهن مان انهيءَ زماني جي معاشي حالتن جو صحيح نظارو ڏسي سگهجي ٿو. خاص طرح سان عورتن جي سماجي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ ته اهي ڳاهون تمام قيمتي آهن[56].“


)[1]( Dr. Nalinaksha Dutt: Age of Imperial Unity: p. 384.

)[2]( G.W. lock: Greeks in India: p.168.

)[3]( Dr. D.C Sircar: Imperial Unity. P.147.

[4] اصل ۾ اهو نالو، موئن جي دڙي واري ’ديوڪيءَ پتر ديوتا‘ جو آهي، جنهن آريه اڳواڻ اندر جي اچڻ تي هن جو مقابلو ڪيو هو. ڏسو ’آريائي شاعري جي شروعات؛“ مهراڻ 1967ع جو ٻيو نمبر ص 98.

[5] وساکدت جي تاريخي ڊرامي ”ديوي چندر گپتا“ موجب: سمندر گپت جي پٽ رام گپت (375ع- 380ع)، پنهنجي پٽ راڻيءَ ڌروا ديوي، سنڌ جي ساڪا (؟) بادشاهه جي حوالي ڪري، ساڻس صلح ڪيو هو. (ڪلاسيڪل ص 17)

)[6]( Dr. D.C Sircar: Imperial Unity. PP. 151-152 (Later Kushons)

[7] راءِ گهراڻي وارن کي جو ڪن ليکڪن، ٻڌ مذهب جي مخالف ’هوڻ‘ لوڪن سان وڃي ڳنڍيو آهي، سا قوم ئي پوءِ جي آهي. ’هوڻن‘ جو مهندار ’تورماڻ‘(502ع- 520ع) پهريون ئي شخص آهي، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيو. سندس پٽ مهرگل جي مرڻ (542ع) بعد، ساسانين سندن صفائي ڪري ڇڏي ۽ رهيا کهيا وري راجپوتن ۾ گم ٿي ويا. راءِ گهراڻي جي حڪومت هن کان هڪ صدي اڳي سنه 450ع ۾ چالو ٿي چڪي هئي. سنه 495ع کان ته راءِ گهراڻي جي تاريخ لاڳيتي هلي ٿي. اهي پاڻ ٻڌ مذهب جا پڪا پابند هئا.

)[8]( Dr. Nalinaksha DuttL History and Culture of Indiah People. Vol. 1V. “The Age of Imperial Kanauj” (Edited by Dr. R.C. Majumdar. Bombay. 1955) P.272.

)[9]( Dr. R.K. Mookerji: Imperial Unity. P.544.

([10]) Dr. R.K. Mookerji: Imperial Unity. P.544.

(2) ڌرمانند ڪوءسجي: ”ٻڌ ڀڳوان.“ ص. 90، 92 ۽ 93.

)[12]( Dr. Nalinaksha Dutt: History and Culture of Indian People. Vol: 111. “The Classical Age”: (Edited by Dr. R. C. Majumdar. Bombay 1954, P. 379.

([13]) Buddhism in Pakistan: “Pakistan publication” Karachi 1963. P. 29

([14]) Ibid: P. 22

([15]) Ibid: P. 59

([16]) Ibid: P. 59

([17]) Ibid: P. 72

([18]) G.W. Cock: Greeks in India: P 57.

”ان پيشنگوئيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، اڳتي هلي، سڀني مذهب وارن ”وڏو ٻڌ“ مقرر ڪيو آهي. ’سلامتي وارو متر‘ ۽ ’وڏو ٻڌ‘ جي رعايت سان، ٿياسوفيڪل تحريڪ وارن ۽ ٻين مسلمان عالمن، ’سلامتي وارو متر،‘ ”پيغمبر اسلام“ مقرر ڪيو. اسلام جي معنيٰ ۾ ئي آهي سلامتي! ان طرح متر جو ترجمو عزيز آهي، جو قرآن شريف ۾ رسول ڪريم صلي الله عله وآله وسلم کي عزيز چيو ويو آهي. ان طرح وڏو ٻڌ مان مطلب سيدالمرسلين (پيغمبرن، يعني ٻڌ جو سردار) ورتو ويو آهي، جو پيشنگوئي موجب ڀارت جي اولهه ۾ مبعوث ٿيو. ان سلسلي تي عيسائين، حضرت عيسيٰ عليه السلام کي پيش ڪندي، حجت اٿاري هئي، جا سڀني مذهبي عالمن جي تحقيق ۽ باهمي اتفاق جي سامهون سٽ جهلي نه سگهي. چنانچه ٻڌ جي مشهور سوانح نگارن وڏو ٻڌ ۽ متر نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کي تسليم ڪيو آهي. (غلام محمد گرامي)

[19] سه ماهي مهراڻ 1967ع، جو نمبر 1 ۽ 2.

)[20]( Swami Prajmananand: Historical Development of Indian Music. (1960) Pooran Press Culcutta 4. P. 42.

)[21](  Ibid: P. 44.

)[22]( Prajna: Historical: P. 385.

)[23](  Ibid: P. 176.

)[24]( Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music: (1961) Asia Publishing House, Bombay-1, P. 137.

([25]) Ibid: P. 122.

([26]) Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music: (1961) Asia Publishing House, Bombay-1, P. 114.

([27]) Prajmananand: Historical Development of Indian Music. (Preface) P. X1.

([28]) Praj (Preface) PP. X1 & X11.

([29]) Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music: P. 113.

)[30]( Ibid: P. 69

([31]) Gosvami: The Story: P. 83.

([32]) Prajna: Hist: Develop: P. 372

([33]) Ibid.

([34]) Ibid

)[35]( Gosvami: Story: P. 11

)[36]( Ibid: P. 12

 ([37]) تلڪ مهراج: اتي فقط هڪ ٽٻڪو وڌائي انهيءَ کي پنج ڇهه هزار سال بڻايو ويو آهي.

)[38]( Prof Bhatacharjee: The Age of Imperial Unity: p. 478

)[39]( Gosvami: Story: P. 17

([40]) سڄي ننڍي کنڊ مان سنسڪرت جا فقط هڪ ڊزن ڪتبا به ملي نه سگهيا آهن، پر، پراڪت جا پورا پندرهن سوء ڪتبا ته هاڻي تائين ملي چڪا آهن.(امپيريل يونٽي 284)

([41]) ڏسو مهراڻ رسالو 1967ع جو نمبر 2.

)[42]( “Rig ved”: Translated  by Dr: Arrow Smith (Mote: 27. P. 106.

)[43]( Prof Bhatacharjee: The Age of Imperial Unity: p. 478.

 ([44]) ڌرمانند ڪوسجي: ”ٻڌ ڀڳوان“: ص 287.

 ([45]) ايضن: ص 254.

 ([46]) ايضن: ص 43.

 ([47]) ڌرمانند ڪوسجي: ”ٻڌ ڀڳوان“: ص 21.

 ([48]) ايضن: ص 29.

 ([49]) ايضن: ص 21.

 ([50]) ڌرمانند ڪوسجي: ”ٻڌ ڀڳوان“: ص 25.

 ([51]) ايضن: 26.

 ([52]) ايضن: 27.

)[53]( Dr: Pusalker: Imperial Unity: P. 399- 400.

([54]) ڌرمانند ڪوسجي: ”ٻڌ ڀڳوان“: ص 156- 161.

)[55]( Dr: PusalkerL Imperial Unity: P. 403.

)[56]( Dr: Pusalker: Imperial Unity: P. 404.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org