هاڻي هڪ دفعو جي اهڙي ڪا انوکي ايجاد ٿيو وڃي ٿي، ته ٻين لاءِ
اها پوءِ هڪڙي رواجي ڳالهه بڻجيو پوي. جيئن ته، هن
کي ايندڙ صديءَ ۾ اسين ڏسون ٿا ته ’پير پٺو‘ ديبلي
پڻ سمنگ واري ساڳئي گهڙيل گس تي ئي گامزن آهي.
جڏهن غوث الحق حضرت بهاؤالدين ذڪريا (1170- 1267ع)
جو مريد صادق، شيخ جيئو (مڪليءَ جو ڏيئو،) لاکاٽيا
۽ نورسيا سم وارن شهيد ڪري وڌو، تڏهن پير پٺو
پڪاري اٿيو ته:
نورسيا نه رسيا، لٿو ليکو لاکاٽين،
مدي رکي من، جيئو ڪٺو جن،
توڙئون لڳو تن، بجو بهاؤالدين جو[1].
هيءُ سومرن جي درمياني دور (ٻارهين- تيرهين
صدي) جو واقعو آهي، جنهن ۾ اهو ٽن مصرائن وارو
پختو شعر ڳايو ويو آهي.
دودي چنيسر واري جنگ ته هن کان به هڪ صدي پوءِ،
چوڏهين صديءَ جي اوائل (1313ع) ۾ ٿي آهي، جنهن کي
ڀاڳو ڀان ڳائي وڄائي مشهور ڪيو. انهيءَ ۾ به بيتن
وانگر ئي ڪي وڏيون ’وير ڳاهون‘ ڳايل آهن[2].
باقي بيت لفظ جي معنيٰ جي عربيءَ ۾ ’چؤديواري‘
آهي، ته اهو چئن مصرائن وارو مڪمل ’بيت‘ به سومرن
جي پڄاڻيءَ (پندرهين صدي) ۾ ئي پيدا ٿي چڪو هو.
ميون علي ٺٽوي (1486- 1573ع)، جيڪو علم ۽ زهد
کان علاوه، ’سماع‘ ۾ پڻ مشهور هو، هڪڙي موقعي تي
فرمائي ٿو:
سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،
آءٌ ٿي هلان هوت ڏي، تان هو واريو وهارين،
وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
پنڌان ٿيون کارين، ڪانه هلائي ڪيچ ڏي[3].
تاريخ سنڌ جي اَمر ويِرَ ڪَٿا
”داستانُ دودو چَنيسر“
دودي چنيسر جو داستان، سنڌ جو هڪ عظيم ۽ مقبول
عام جنگي داستان آهي. جيڪو اسان جي عوامي ۽ قديم
شعر گوئيءَ جو ڪهنو يادگار ۽ سنڌ جي رزميه شاعريءَ
جو هڪڙو منفرد مثال آهي. سنڌ جو هيءُ عظيم جنگ
نامون، گذريل پنجن ستن صدين کان وٺي، سنڌ جا سڄاڻ
راوي پنهنجي سيني ۾ سانڍيندا پئي آيا آهن. پر علمي
دنيا ۾ ته اڄ تائين به هن جي ڪا اپٽار نه ٿي آهي ۽
نه ئي وري ڪا هن جي ادبي ڇنڊڇاڻ به ٿي آهي. سنڌ جو
هيءُ مشهور واقعو تاريخ جي هڪ عظيم حادثي جو
يادگار آهي. اهو المناڪ واقعو جيئن ته سومرن جي ئي
راڄ ۾ رونما ٿيو هو، تنهن ڪري قصي جي تفصيل ۾ وڃڻ
کان اڳ ۾، اول ته سومرن جي سياسي تاريخ جو پس منظر
ڏسڻ ضروري آهي.
سومرا قوم جو اوائلي احوال: ٿانيسر جي راجا هرش
(647ع) کان پوءِ، ريگستان ۾ هڪڙي نئين قوم وجود ۾
آئي، جنهن کي راجپوت چئجي ٿو. سومرا به اصل ۾
راجسٿان جا رهاڪو هندو راجپوت آهن، جيڪي پرمار قوم
جي هڪڙو مک پاڙو مڃيا ويا آهن. سندن اوائلي راڄ
مالوا، گجرات، بيڪانير، اَبو، لُڊاڻي ۽ ڍَٽ ۾ هئا.
سر هينري ايلئٽ ته پنهنجي تحقيقي ڪتاب هندستان جي
تاريخ جلد 1،
(History of India Vol-1)
۾، تاريخ طاهريءَ جي تائيد سان، الور (اروڙ) جي
شاهي خاندان کي به سومرا ثابت ڪيو آهي. عربي دور
خلافت ۾، سنڌ اندر به سومرن جي اسرڻ لاءِ ڪي سياسي
سبب پيدا ٿيا. دمشق ۽ بغداد جي مرڪزي خلافتن کي
ڊاهڻ لاءِ جيڪي مخفي منصوبا سٽجڻ لڳا، انهن جو اثر
سنڌ ۾ به ظاهر ٿيو. هتي جا اسماعيلي ۽ قرمطي اهڙين
ڪوششن ۾ سدائين رڌل رهندا هئا. هنن هتي جي سومرن
کي همٿائيندي سنڌ ۾ هڪڙو سياسي هنگامن جو ماحول
پيدا ڪري وڌو. جنهن جي ڪري خليفي هشام جي زماني ۾،
جڏهن تميم بن زيد عتبي، سنڌ جو ناظم اعليٰ هو، ته
اروڙ (الور) ۾ نزارين بغاوت کڙي ڪئي. انهيءَ
افراتفريءَ ۽ بدنظميءَ جي ماحول کان، تميم عتبي
شهر خالي ڪري ٻاهر نڪري ويو. هن خالي ٿيل شهر ۾،
سومرن جو مکي دلوراءِ پهريون مکي مقرر ڪيو ويو.
هيءُ واقعو اندازن 733ع جو آهي. انهيءَ وقت سنڌ ۾
عربي حڪومت جا به عليحدا مرڪز، ملتان ۽ منصوره ۾
قائم ٿيا. هنن ٻنهين رياستن جي دنگ تي الور جو شهر
وري نيم آزاد حيثيت ۾ رهيو.
سلطان محمود عزنويءَ جي زماني (997- 1030ع) ۾،
ملتان جو آخري والي (دائود بن نصر بن حميد شيخ) ته
اسماعيلي قرمطين مان هو، ۽ منصوره ۾ وري عمر بن
عبدالعزيز هباريءَ جي خاندان مان، شايد ڪو آخري
عرب امير اڃا تائين به تڳي رهيو هو. ملتان جي
واليءَ کي ته ملحد ڄاڻي، محمود مارائي ڇڏيو. مگر
سنڌ ۾ جڏهن سومناٿ کان موٽندي هو منصوره ۾ پهتو.
تڏهن (1025ع) اتي جو حاڪم خفيف سومرو هن کان پاڻ
بچائي ڪنهن پاسي ٽري ويو.
سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت: سومرن جي سنڌ تي حڪومت،
حقيقي معنيٰ ۾ ته محمود غزنويءَ کان به گهڻو پوءِ
شروع ٿي آهي. جڏهن غزنوي سلطنت جو نائون نمبر
شهنشاهه، سلطان عبدالرشيد (1051- 1053ع) سنڌ جي
انتظام کان لاپرواهه ٿي ويو[4].
تڏهن دلوراءِ ٻئي جو پٽ همير (متوفي 1055ع)، پاڻ
کي سنڌ جو خودمختيار حاڪم سڏائڻ لڳو. انهيءَ زماني
تائين به سومرن پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ سبب ۽
وقت جي مصلحت خاطر، اڃا فقط اسماعيلي متي جا ڪي
اصول ئي پنهنجي سياسي مذهب جي طور تي اختيار ڪيا
هئا. مگر بعد ۾ ملتان واري غوث بهاؤالدين ذڪريا
(1170- 1267ع) جي فيض ۽ برڪت سان، هن شرع اسلاميءَ
جو مرڪزي عقيدو قبول ڪيو ۽ حڪمران قوم جي ڪيترن ئي
قبيلن جي دل تي اسلام جي حقيقت ۽ سچائيءَ جو پختو
يقين ويهي ويو. انهيءَ سلسلي ۾ سومرن جي ڀٽڪيل
قافلي (ڄڃ) کي ’رڻ پٽ ۾ پاڻي پيارڻ‘ واري غوث پاڪ
جي ڪرامت پڻ مشهور آهي. تنهنڪري هاڻي هر مشڪل
مرحلي ۽ محاذن تي ۽ بقول ڀاڳو ڀانَ جي ته:
غوث بهاؤالحق جو، ٿا نر هڻن نعرو،
رات وهامي ڏينهن ٿيو، ۽ اڀريو تارو.
سنڌ ۾ سومرن جا تختگاهه: سومرن جا ڪي اوائلي
ماڳ مڪان ته اڳيئي مٿي بيان ٿي چڪا آهن. سندن
پوريءَ تاريخ تي ظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ
۾ به هنن جا تخت گاهه هميشه ڦرندا گهرندا ئي رهيا
آهن. انهن جو ڪوبه هڪڙو ۽ مستقل تخت گاهه ڪڏهن به
قائم نه رهيو آهي. الور ۽ ان بعد برهمڻ آباد ڇڏڻ
کان پوءِ ٺريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا. محمد سومري (1251-
1256ع) پنهنجو تخت گاهه وري مهاتم تور (محمد طور)
۾ قائم ڪيو. تيرهين صديءَ ۾ وري سومرن جي طاقت جو
خاص مرڪز ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحدن تي ’وڳهه ڪوٽ‘ واري
مشهور قلعي ۾ قائم ٿيو. انهيءَ جي قريب ئي ’ڪؤنر
سَــــرَ‘ جي قديم ڳوٺ ۾، جيڪا اڳي گجرن جي هڪ
ننڍي بستي هوندي هئي، هنن اتي پنهنجا محل ماڙيون
تعمير ڪرايا ۽ اها ’روپاهه ماڙي‘ جي نالي سان
مشهور ٿي. اتي سندن عيال رهندا هئا. هن ئي
دارالحڪومت جي حفاظت ڪندي، دودو راءِ دلاور، سنه
1300ع (۽ ڪن جي اندازي مطابق وري 1313ع) ڌاري
علاؤالدين ترم شيرين جي افغان لشڪر هٿان شهيد ٿيو
هو.
مگر ڪو اتي ئي معاملو ختم ڪونه ٿي ويو. هن
لڙائيءَ کان سگهو ئي پوءِ (چوڏهين صدي عيسوي ۾)
سومرن وري عمرڪوٽ کي ٻيهر آبادي ڪيو، جتي عمر
سومري، جنهن ماروي قيد ڪئي هئي، تنهن سنه 1355ع
کان وٺي 1390ع تائين حڪومت ڪئي. هن بعد ڀونگر
’ٽيون‘ (سن 1390- 1400ع) ۽ همير، جيڪو مومل واري
’مينڌري‘ جو ڀيڻويو هو، تنهن سن 1400ع کان 1440ع
تائين حڪومت ڪئي. عمرڪوٽ جو ته هيءُ آخري بادشاهه
هو. پر ڍٽ جي مرتد سومرن سان ته محمود ٻيگڙي جون،
سنه 1471ع تائين به تاريخي لڙايون ثابت آهن.
اهڙيءَ طرح سندن ٻيا به ڪي خاندان ۽ انهن جا تخت
گاهه تاريخن ۾ ملن ٿا. تنهن ڪري هن ساري جائزي وٺڻ
کان پوءِ به هيءُ محسوس ٿئي ٿو ته سومرا حڪومت جو
مڪمل سلسلو جوڙي بيهارڻ قدري ڏکيو ڪم آهي. انهيءَ
جو غالبن هڪڙو ئي سبب هي آهي ته هن حڪمران قوم جي
متعدد خاندانن، مختلف وقتن ۾، ۽ جدا جدا جاين تي
پنهنجون پنهنجون الڳ حڪومتون پئي قائم ڪيون ۽
بدلايون آهن. هيئن به اهي ته ساڳئي وقت ۾ ئي، هڪ
کان وڌيڪ سومرا حڪمران، هڪ ٻئي جا دنگئي يا
پاڙيسري حاڪم پڻ رهيا هجن!
دوداڻي خاندان: هنن مان وڳهه ڪوٽ واري گهراڻي
جي ڪڇ ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن حڪمت قائم ٿي آهي. تنهن لاءِ
پڻ تاريخن ۾ مختلف رايا ۽ روايتون آهن. ڪن هندو
تاريخ نويسن ته لکيو آهي ته سومرن ۾ روپو ۽ وڳهو
ٻئي ڀائر هئا، جن روپاهه ماڙي ۽ وڳهه ڪوٽ قائم ڪيا
هئا. پر هيءَ ڳالهه فرضي نظر اچي ٿي. ڇو ته ڀونگر
راوَ جي راڻيءَ جو نالو، مشهور عام روايتن توڙي
تاريخن ۾، ’روپا‘ اچي ٿو. جنهن لاءِ مشهور آهي ته
هن جي محلات ’روپاهه ماڙيءَ‘ جي ڪري ئي سڄي شهر تي
به اهو نالو پئجي ويو.
هن گهراڻي کي ڀاڳو ڀان ته پنهنجي رزميه داستان ۾ بار بار
دوداڻي سڏيو آهي.
والي وڳهه ڪوٽ جا، دوداڻي دونڪن،
جي ڪنين ٻڌا هئا سومرا، تن ڏيل کئين ڏسجن.
ممڪن آهي ته اها نسبت دودي ’پهرئين‘ سان هجي، جيڪو هڪ
مشهور ۽ مڃيل ڏاڍو مڙس ٿي گذريو آهي. دودو ’ٻيو‘
توڙي’ٽيون‘ ته يقينن هن ئي خاندان ۾ ٿيا آهن. ائين
ٿو لڳي ته هن کان پوءِ سومرا قوم جي ساري شجاعت ۽
دليري ڄڻ ته سميٽجي اچي هن ئي گهراڻي ۾ پنهنجو
واسو ڪيو هو.
عام طرح سان هن خاندان جو ذڪر ڀونگر راءِ سان
شروع ٿئي ٿو. دودو ٻيو، جيڪو عام روايتن ۾ ’نَهري‘
دودي جي لقب سان مشهور آهي، سو هن ڀونگر راءِ جو
اڪيلو ئي پٽ هو. هن ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين
لوهڻ ڳوٺ جي گجرن مان، جيڪي لوهارڪو ڌنڌو ڪندا
هئا. انهيءَ مان اول ٻاگهي ۽ پوءِ چنيسر ڄائو. ٻي
راڻي وري سندس ئي خاندان مان، ڏاڏي پوٽي پرڻيو،
انهيءَ ڏاڏي پوٽيءَ کي ته اڃا فقط اميدواري ئي
هئي، ته نهري دودو پنهجي پيءُ ڀونگر جي جيئري ئي
گجر ۽ تومار (تنور) قبيلن سان وڙهندي مارجي ويو.
ستت ئي ڏاڏي پوٽيءَ به ٻار ڄڻيو. ڀونگر راءِ
پنهنجي هن پياري پٽ (دودي) جو نالو قائم رکڻ لاءِ،
پنهنجي پوٽي جو نالو پڻ دودو رکيو، جيڪو دودو
’ٽيون‘ سڏجي ٿو ۽ هن داستان جو مرڪزي مانجهي آهي[5].
هيءَ انوکي حقيقت ڀاڳو ڀان به پنهنجي بيتن ۾ بيان
ڪئي آهي.
دودو چنيسر پاڻ ۾، ٻئي پٽ دودي سڏجن،
سي پَڙپوٽا ڀونگر جا، ٿا رونشي راند رهن.
ڀونگر راءِ تمام وڏي ڄمار ماڻي ۽ پنهنجا اهي ڀڙ
بهادر پوٽا پالي پرڻائي، انهن جو اولاد به اکين
سان ڏٺائين. مگر جيئن ئي ڀونگر راءِ اک پوري، ته
سندس خاندان تي به ڪو بدبختيءَ جو ستارو،
علاؤالدين خلجيءَ جي صورت ۾ اچي نازل ٿيو.
جنگ جا اسباب: ڀونگر کان پوءِ، سندس ٽي حقي
وارث هئا. سڀني کان وڏي ٻاگهي ۽ ان کان پوءِ هن جو
ڀاءُ چنيسر هو. دودو سڀني ۾ ننڍو هو. ڀونگر جي
وفات کي اڃا ٻه ٽي ڏينهن گذريا ئي هئا، ته مردن
اچي پڳ تي معاملو ٻڌو. دودي راءِ، دستاربنديءَ جي
رسم ادائيءَ لاءِ دعوت ناما جاري ڪيا.
”خوني خط خلل جا، ويهي لکيا دودي راءِ.“
تن ۾ ٻاهڙ مير جا سومرا، اجمير مان چوهاڻ،
جيسلمير کان ڀٽي، ماتليءَ مان راڄڙ، ڍٽ کان سوڍا،
ڪڇ ڀڄ کان سما ۽ جاڙيجا، ۽ ڪاڇي مان چنا وغيره،
سڀئي هن ڪاڄ کي نڀائڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا. اول ته
سڀني گڏجي، يڪراءِ ٿي ٻاگهيءَ جو حق تسليم ڪيو، پر
ٻاگهي وري چنيسر جي حق ۾ دستبردار ٿي ويئي. ڀاڳو
ڀان پاڻ به انهيءَ فيصلي سان متفق ٿيو.
دودو اگرچ مڙني ۾ ننڍو هو، مگر ڏاڏي پوٽيءَ جي
پيٽان هئڻ سبب، گهڻن وري سندس فائدي ۾ راءِ ڏني.
راڄ جي سڀاءُ جو رخ ڦريل ڏسي، چنيسر شڪار جي بهاني
سان في الحال ’بڪار‘ ڏي ٽري وڃڻ مناسب سمجهيو.
ٻاگهيءَ جي پڪار تي دودي راءِ، هن کي حيدر
هالاڻيءَ جي هٿان پڳ آڇي، پوئتي موٽڻ لاءِ مجبور
ڪيو. چنيسر موٽيو ته سهي، پر ڪچهريءَ ۾ هن جو
پوريءَ طرح سان استقبال نه ٿيو. چنيسر اتي ٻڏتر ۾
پئجي ويو ته ’جڏهن سڀئي راڄ اتفاق راءِ نٿا رکن،
ته پوءِ اڪيلو دودو ڪيئن ٿو مون کي پڳ ڏيئي سگهي!
هاڻي ڪنهن هڏڏوکيءَ کان صلاح پڇان، اها همدرد ته
جيجل ماءُ آهي، جنهن ڄڻي هيءُ ڏيهه ڏيکاريو اٿم.
انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو حال ڀائي ڪير ٿي سگهي ٿو؟‘.-
چنيسر اڃا حويليءَ ڏي روانو ٿيو ئي هو، جو پٺيان
دودي کي مَنجيءَ تي ويهاري، پڳ ٻڌائي ڇڏيائون.
اڳيان وري امڙ جيڪو جواب ڏنس، ته:
هاڻي ڊڊا ڊاکر وڪڻي، وڃي ڌڻ رڍن جو ڌار،
رڍون چرن تُنهنجيون، ريڻ تي، تون گهڏيو گهيٽا وار،
ڳاڙهو لڪڻ هٿ ۾، پُٽ ڍليو ڍيري ڍار،
پوءِ ماڻهين ماهياڙو ڪندي، وڃي دودي جي دربار.
”اَبا! اهي خچر گهوڙا ته هاڻي خالي خرچ بيٺا
کائيندا، تن کي ته کپائي ڇڏ. باقي پنهنجي پيٽ گذر
لاءِ هاڻي رڍون ٻڪريون کڻي ڌار، اهو ڌنڌو تنهنجي
طبيعت وٽان به آهي. دودي راءِ سان تٿ ٻڌي
ڇڏينداسون. تنهنجي ماءُ پاڻهي ماٽيون کڻي محلات ۾
پڄائي ايندي. کير ڦيڻ تي پيو گذر ٿيندو. بک ڪونه
مري وينداسون.“ هيءُ ته چنيسر جي زخمن تي لوڻ وجهڻ
جي برابر هو. هاڻي بدحواسيءَ جي عالم ۾ هو دهليءَ
ڏي دانهين بڻجي نڪتو. اهو ته سڀ ڪجهه وڳهه ڪوٽ ۾
ئي وهيو واپريو. تنهنڪري هن حد تائين ته حقيقتون
بلڪل برابر آيل آهن.
|