مذڪوره گياني شاعر دوسين جو منطق تي لکيل ڪتاب، ’نيايه چڪر‘
(933ع) اپڀرنش جو معياري ڪتاب آهي. اهو اصل ۾
سڄوئي دوها ڇند ۾ لکيل هو. پر هڪڙي پنڊت چاڻڪ
هڻندي چيو ته ’ههڙي ڳوڙهي علم لاءِ به ڪو دوهي
جهڙو ٺوس ڇند ڪم آڻجي!‘ يڪدم سڄو ڪتاب ڦيرائي
’گاٿا‘ جي صورت ۾ آندائين، جيڪو مائل ڌوَل (ديول؟)
نالي ڀڪشوءَ نئين سر ويهي نقل ڪيو. انهيءَ مان
هيءَ ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته عيسوي ڏهين صديءَ سوڌو
به برهمڻن مان وڏا ودوان ۽ پنڊت پڻ دوهي ڇند سان
اڃا مانوس نه ٿي سگهيا هئا. مگر الهندي هندستان جي
مڙني ڏيهي ٻولين ۾ ساڌن ۽ سنتن اها صنف عام ڪري
ڇڏي هئي[1].
مٿئين چونڊ مثال کان سواءِ اپڀرنش جون نظمي
آکاڻيون يا ڳاهن سان ڳالهيون (چاريؤ) پڻ انهيءَ
زماني ۾ عام ٿيون، جن ۾ جئرام جو ’ڌرم پرڪش‘
(نائين صدي)، پدم ڪيرتيءَ جو ’پاسناهه چاريو‘
(942ع)، پشپ دنت جو ’جَسهَــــــر چاريو‘ ۽
’نايڪمار چاريو‘ (965 ۽ 972ع)، هري سين جو ’ڌرم
پرس‘ (987ع)، ڪنڪامر جو ’ڪرڪند چاريو‘ توڙي ’پرتيڪ
ٻڌ‘، ڌنپال جي ’ڀؤسيت ڪها‘ (ماٽيجي ڀاءُ سان
ورتاءُ)، هري ڀدر سوريءَ جو ’سنڪمار چاريو‘ (هڪڙي
بادشاهه جي ڳالهه 1158ع) ڌاهل جي ’پوم سري‘ (بدچال
ديوداسيءَ جو حشر) ۽ وديا پتيءَ جو ’ڪيرتي سنها‘
وغيره، تمام مشهور آهن[2].
اپڀرنش جو سڀ کان مشهور علمي ڪتاب جيڪو نائين-
ڏهين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو، سو آهي آچاريه
سويمڀوءَ جو لکيل ’سويمڀو ڇندس.‘ انهيءَ ۾ پنهنجي
استاد کي ’چئو منهون‘ چئي ساراهيو اٿس ۽ سندس تال
سنگيت جي پڻ تعريف ڪئي اٿس[3].
اپڀرنش ۽ سنڌي ٻولي:
مٿين ڳالهين جي مدنظر، اپڀرنش جي اها ادبي
اوسر، عيسوي پنجين صديءَ کان پوءِ ساري سگهجي ٿي.
پر سندس ادب جو اوج انهيءَ کان ٻه هڪ ٻهه صدي اڳي
واسديو ڪُشن جي وقت (چوٿين صديءَ) ۾ معلوم ٿيو
آهي. باقي اپڀرنش جو علمي ادبي سلسلو ٻارهين
تيرهين صديءَ سوڌو هليو آهي. انهيءَ وچ ۾ ڪو ان جو
اسان جي ادب تي اثر ٿيو هجي، اهو به چئي نٿو
سگهجي. ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ سؤراشٽر سدائين سنڌ جي
حڪومت هيٺ رهيا آهن. جا ڳالهه اڳيئي مٿي ڏنل
تاريخي حقيقتن مان ثابت آهي. شايد انهن علائقن جو
اثر اڀرندي ۽ ڏکڻ سنڌ (لاڙ ۽ ٿر) تي پيو هجي، پر
اهڙو امڪان جو ذڪر به گهٽ ئي نظر اچي ٿو.
پرفيسر منوهرداس ڪؤڙومل کلناڻي، پنهنجي ڪتاب
”سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ عام جائزو“
(A General Survey of Sindhi Language and
Literature)
۾ لکي ٿو ته عيسوي اٺين صديءَ ۾ سنڌ جي ٻولي، سڄي
ڀارت جي ارڙهن مکيه ٻولين ۾ شمار ٿيل هئي ۽ سنڌي
ڪوتا کي مڌر ۽ مڌر آلاپ واري، ديش پريم سان ڀرپور
۽ شاندار سڏيو ويو آهي[4].
ديوان جيرامداس دولترام، مٿيون مختصر حوالو وڌيڪ
چٽو ڪري لکيو آهي: ’آچاريه اُدُيتون سُروي، عيسوي
اٺين صديءَ ۾ ’ڪُوِليه مالاڪٿا‘ نالي ڪتاب لکيو،
جنهن ۾ هن سنڌي شاعرن توڙي سندن ٻوليءَ جي وڏي
واکاڻ ڪئي آهي. چي، ’اسان اهي سنڌي ڏٺا، جيڪي
پنهنجو ديس چت ۾ رکندي، ڳائڻ سان پريت ڪندي، نزاڪت
سان، ميٺاج سان ۽ ڍلي پد يعني ڍار سان، نهايت ئي
سٺو ڳائيندا هئا.‘ انهيءَ مان ثابت آهي ته عيسوي
اٺين صديءَ ۾ سنڌين جي ٻوليءَ کي الڳ نالو، نيشان
۽ حيثيت هئي، ان ۾ اعليٰ قسم جي قومي شاعري ٿيندڙ
هئي ۽ پنهنجي اعليٰ ادب جي ڪري، انهيءَ زماني جي
برک ڀارتي ٻولين ۾ ان پنهنجو مثال قائم ڪيو هو[5].“
آچاريه اُديوتن
(Uddyotana)[6] سندس ڪتاب ’ڪُـــوَليه مالا ڪَها‘ سؤراشٽر جي راجا وتسراج
پرهياڙ جي ڪچهريءَ ۾ سن 778ع ۾ لکي پورو ڪيو.
انهيءَ وتسراج پرهياڙ جي پٽ (پوٽي؟) مهاراجا
مهرڀوڄ پرهياڙ (836- 885ع) جي درٻار ڀمل ۾، لاڙ جو
عظيم شاعر، ڪويراج سيکر رهندو هو، جيڪو وري ان جي
پٽ راجا مهيندر پال ۽ پوٽي مهيپال پرهياڙ (912-
931ع) جو سنڀاليندڙ ۽ راڄ گرو ٿي رهيو[7].
هونئن ته هن جا هڪ ڊزن کن ڪتاب، عروض ادب، تاريخ ۽
تنقيد وغيره تي مشهور آهن. پر هن جو ڪاويه
’ممانسه،‘ جنهن ۾ سنڌ جي راجا واسديو ڪوشان واريءَ
ڪوي سَـــنگ ۽ ان جي راوڻن (مشاعرن) جو تاريخي ذڪر
آندو اٿس. ان جي معيار لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته
اهو ليکڪن شاعرن جي عملي تربيت جو درسي ڪتاب
(Practical Hand Book of Poets)
مڃيو ويو آهي. خود سندس شخصيت جي باري ۾ ته يوراج
ثانيءَ جو بلهاريءَ وارو ڪتبو ’راج سيکر، دنيا جو
حيرت انگيز شاعر‘ وڏي سند آهي. البته مذهب جي
معاملي ۾ آزاد خيال سمجهيو ويندو هو. ڇو جو هن
ايڏا ته سير ۽ سفر ڪيا هئا، جو ڄڻ ته سارو جڳ ئي
اٿلائي چڪو هو. انهيءَ ڪري تاريخ توڙي
جاگرافيائيءَ تي کيس خاص طرح سان ملڪو حاصل هو.
جاگرافيءَ تي ’ڀووَن ڪوش‘ نالي ڪتاب لکيو اٿس.
مختلف ملڪن مگدهه، بنارس، ڪشمير، ڪرناٽڪ، گؤڙ،
دراوڙ، سنڌ ۽ سؤراشٽر وغيره جي ماڻهن جون حالتون ۽
عادتون ٻڌايون اٿس. خاص طرح سان سندن ٻوليءَ، ادب
۽ شاعريءَ جو خوب جائزو ورتو اٿس ۽ انهيءَ بابت
ڏاڍا دلچسپ احوال ڏنا اٿس.- ”پورب ڏي بنارس ۾
مگدهه جا ڪي ماڻهو سنسڪرت سٺي ڄاڻن، ڪڇ- گجرات ۾
سنسڪرت کان نفرت ڪن ٿا. سؤراشٽر وارا ته وري سمجهن
ٿا ته سنسڪرت کي به سڌارڻ لاءِ، ان ۾ اپڀرنش جي
ملاوت ضروري آهي. دراوڙ ماڻهو شاعريءَ کان علاوه
گفتگو به سريلي ڪن. ڪشميري چڱا شاعر آهن، پر شعر
ٻڌائڻ جو ڍنگ ڪونه اٿن. ڪرناٽڪي، وڏيءَ آڪڙ سان
شعر چالو ڪن ۽ هر فقري جي پڇاڙيءَ ۾ تنبوري واري
تڻڪار ڪن,
پوءِ اها ٺهي يا نه ٺهي.“ سنڌ جي باري ۾، لاڙ جو
ذڪر ته خاص وڌاءَ سان به ڪيو اٿس. ”هي مڙني ملڪن
جو ڇٽ آهي. هتي جا ماڻهو سنسڪرت کي ڌڪارين ٿا.
پنهنجي سوڀياوان ديسي ٻولي ڏاڍي ميٺاج ۽ نزاڪت سان
ڳالهائيندا آهن. هتي جون زالون به ڳالهائڻ جي
نزاڪت ۽ لطافت جي ڪري خاص تجهه جي لائق آهن[8].“
هتي جي انوکي ادبي خوبي ته لاڙ جي ئي شاعرن لاءِ
مخصوص آهي. سندس شاعريءَ جي پياري ۽ پسنديده طرز،
جنهن جي خصوصيت رنگيني ۽ ظرافت آهي، سان ’لاڙي
طرز‘ جي ئي نالي سان مشهور آهي[9].“
راج سيکر جو زمانو عيسوي نائين ڏهين صديءَ جي
درميان آهي. انهيءَ زماني ۾ به اپڀرنش کي سؤراشٽر
۽ مهاراشٽر تائين محدود ڄاڻايو اٿس. سنڌ جي جنهن
حصي تي اپڀرنش جو اطلاق ممڪن ٿي سگهي ٿو، سو لاڙ
آهي. مگر ان جي ادبي توڙي لساني ڪيفيت اپڀرنش کان
آزاد ۽ الڳ مڃي اٿس. راج سيکر کان هڪ صدي پوءِ،
ڏهين يارهين صدي عيسويءَ ۾، سنڌ (لاڙ) جو مشهور
شاعر سمنگ چارڻ ٿيو آهي. انهيءَ جون ڳاهون ۽ دوها
جيڪي مليا آهن، سي به صاف سنڌيءَ ۾ آهن ۽ منجهس
اپڀرنش جي بوءِ به ڪانهي.
مٿين حقيقتن مان معلوم ٿيندو ته اپڀرنش جي اسرڻ
کان اڳ، يعني عيسوي چوٿين پنجين صديءَ کان وٺي
ويندي عيسوي نائين ڏهين صديءَ سوڌو، سنڌي ٻولي
پنهنجي الڳ نالي سان، ادبي ميدان ۾ اوچي ڳاٽ رهي
آهي. مگر تاريخ جي اڻڄاڻائيءَ سبب، ڪي ته يارهين
صديءَ تائين به ان کي پنهنجي اصل نالي (سنڌيءَ)
کان محروم رکي، اپڀرنش جي اڌاري نالي سان سڏڻ صحيح
سمجهن ٿا. انهيءَ غلط فهميءَ جو هڪڙو ته سبب آهي
اڀير لوڪن جي حڪومت جو وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙجڻ ۽
انهن جو اقتدار عرصي دراز تائين قائم رهڻ. انهيءَ
کان وڌيڪ اڃا به ٻيو سبب، اپڀرنش جون آڳاٽيون علمي
سرگرميون ۽ انهن جو پيدا ڪيل ادبي سرمايو. پر انهن
ٻنهي کان وڌيڪ، ٽيون ۽ مکيه سبب هيءُ آهي ته جين ۽
ٻڌ پنٿ جي پوين پرچارين اپڀرنش کي ئي ايڏو عام
ڪيو. جين ڌرم وارا ته اڳي ئي ان کي دکن ۽ وچ
هندستان ۾ مقبول عام مڃي، پنهنجو ڪري چڪا هئا.
انهيءَ جي عوامي مقبوليت کان متاثر ٿي، ٻوڌين پڻ
پاليءَ جي بجاءِ ان کي اتر الهندي هندستان ۾ عوامي
تبليغ جو عام ذريعو بنايو. انهيءَ ڪري هن هيٺ
پوئين ٻڌ پنٿ جي تاريخ تي تبصرو ڪجي ٿو.
يوگ چارا:
مٿي بيان ٿي آيو آهي ته عيسوي پهرين صديءَ ۾
ناگرجن جيڪو مهاين فرقو جاري ڪيو، تنهن جو مرڪز
نالندا يونيورسٽي هئي. هن کان پوءِ آريه ديو ٻي
صديءَ ۾ اتي جو چانسلر بڻيو، جنهن جو شودر ٻالڪو
راهل ڀڌر ٽيون چانسلر ٿيو. ان کان پوءِ سندس چيلو
راهل متر ۽ ان جو چيلو ناگ متر وغيره هڪٻئي پٺيان
مقرر ٿيندا آيا. آخرڪار عيسوي ٽين صديءَ ڌاري،
مهاين پنٿ جي اندر ”يوگ چارا“ نالي سان هڪڙو نئون
فرقو سرجيو. هن فرقي جو هادي مئتريه ناٿ (270-
310ع) هو، جيڪو مڇندر ناٿ کان به اڳي ٿيو آهي.
هيءُ ائوڌ جو هڪڙو عالم هو، جنهن جوڳ جو روحاني
فلسفو پيش ڪيو. هن جي قابليت جي بناءَ تي ڪن کي
تٿاگت جي انهيءَ اڳڪٿيءَ گمراهه ڪيو ته ’مون کان
پوءِ مئتريه (مهدي) پئدا ٿيندو.‘ لاماتارا ناٿ ۽
بستون جي تاريخن مان اهڙا اشارا ملن ٿا. سندس
جائنشين آچاريه اسنگ (310- 390ع) پشاور کان يوگ جو
پرچار شروع ڪيو. اسنگ جو ننڍو ڀاءُ واسو ٻنڌو
منطقي (421- 500ع)، جيڪو نالندا جو چانسلر پڻ رهيو
هو، سو کانئس پوءِ يوگ چارا جو مبلغ بڻيو. مشهور
منطقي ڊيگانگ (پنجين- ڇهين صدي) هن جو شاگرد ۽
جاءِ نشين هو. انهيءَ جو طالب، ڌرمپال 635ع ۾
نالنندا جو چانسلر هو، جنهن جوڳ فلاسافيءَ تي
اعليٰ ڪتاب لکيا. پوءِ وري سندس ٻالڪو سلڀدر
انهيءَ جاءِ تي مقرر ٿيو. تنهن بعد، مشهور جوڳي
چندر گومن آيو. جنهن لغت، نحو، محاورات
(Dialects)،
عروض، ڇند ۽ طب تي ڪئين ڪتاب لکيا[10].
انهيءَ زماني ڌاري ڪٽر ٻانڀڻ، ڪمارل ڀٽ جو
ڀائٽيو ايترو ته علم پڙهيو، جو هن کي هندو ڌرم جون
مڙئي ڪوتاهيون معلوم ٿي ويون. هُن جڏهن برهمڻن کان
انهن جي سمجهاڻي گهري، تن جواب ۾ ماڳهين کيس ڏيهه
نيڪالي ڏيئي ڇڏي. هن کي ٻڌ مذهب ۾ ئي انهن جو جواب
نظر آيو ۽ ان جي سچائيءَ تي ويتر ويساهه ڄمي ويو.
اهو پوءِ ’ڌرم ڪيرتيءَ‘ جي لقب سان مشهور ٿيو ۽
جوڳ چارا ۾ لاجواب علمي خدمتون انجام ڏنائين.
انهيءَ وچ ۾ وري ٻيو هڪڙو مخفي ’تانترڪ‘ طريقو
وجود ۾ اچي چڪو هو.
تنتر:
عام عقيدو آهي ته جوڳ وارو عمل، جيڪو مئتريه
ناٿ ۽ اسنگ جاري ڪيو هو، سو وڌندي وڌندي تمام
اعليٰ روحاني منزل کي وڃي پهتو ۽ وقت گذرندي اهو
تانترڪ طريقو بڻجي پيو[11].
تنتر لفظ جو اشتقاق، هڪ پراڻي فرهنگ ’ڪاسيڪا ورتي‘
(650ع) ۾ تان= ڇڪڻ، ستر=ملائڻ
يعني ’مفهوم کي ڇڪي تاڻي ملائڻ‘ لکيل آهي. مذهبي
فلاسافرن انهيءَ جو اشتقاق يعني ڌاتو ’تنتري‘
(ابدي علم) سمجهايو آهي. هاڻي اڪثريت ۾ انهيءَ جو
مڃيل مفهوم ’اهو ادب آهي، جيڪو اندروني علم کي
پکيڙي يا کولي.‘ خاص طرح سان اهو علم، جيڪو اعليٰ
حقيقت متعلق هجي ۽ جيڪو جنتر (روحاني تصورات) ۽
منتر (مخفي مفهوم) جي ذريعي وڃي معرفت کي پهچي.
اهڙيءَ طرح انهيءَ اصطلاح جي ڇٽيهن مختلف شرحن
مان، آخر عيسوي پنجين صديءَ وارو خاص مذهبي
فلسفيانه مفهوم قائم رهيو[12].
تانترڪ ادب جي بنيادي ڪتاب ’گُهيه سماج‘ (ڳجهو
طبقو) ۽ ’منجسري مول ڪلپ‘ آهن، جيڪي عيسوي پنجين
ڇهين صديءَ جا آهن. مگر ٻنهي جا عنوان الڳ ۽ مضمون
مختلف آهن. گُهيه ’سماج يوگ‘ ڏانهن راغب آهي ۽
منجسري وجرياني جنتر منتر ڏانهن[13].
اڳتي هلي، تنترن جا ٻه مختلف مڪتب فڪر مقرر ٿيا.
ٿٻيٽي روايتن موجب، هڪڙي جي نسبت سراهاپا
(Srahapa 690 A.D.)
سان ۽ ٻئي جي پدم وجر سان ڪيل آهي. وجر (حق) جو
تصور، گهيه سماج ۾ اهو ئي اننگ وجر، اندرڀوتي ۽
ناگرچن وارو ساڳيو آدويه واد (وحدانيت) آهي، مگر
سراپا، لئي پا، ڪانهوُپا ۽ ڀڪشوپا جي دوهن ۾ وري
واسوبندو ۽ اسنگ وارو عميق نظريو (فنائيت) سمايل
آهي[14].
تنترن واري ٻولي اڪثر اشارن واري ۽ اهڙي ته پيچيده
آهي ۽ انهيءَ جي معنيٰ به ايتري ته گهري آهي، جو
ڪنهن قابل ۽ ڪامل واسطيدار ۽ ڄاڻو استاد جي
رهبريءَ کان سواءِ، انهن جو مقصد معلوم ٿيڻ ممڪن
ئي نه آهي[15].
تانترڪ آچارين کي عام طرح سان ’سِڌا‘ سڏيو
ويندو هو. انهن مان هڪڙو لليتا وجر، جيڪو اصل ۾
الهندي جي ڪنهن راجا نرورمن 404ع جو ليکڪ هو، سو
نالندا جو چانسلر بڻيو. انهيءَ وري اندر ڀوتيءَ کي
پنهنجي گودڙي پارائي. اندر ڀوتي اصل ۾ آسام-
اوڙيسا جو راجا هو، جنهن لليتا وجر جو ٻالڪو بڻجي،
هن کان تنترن جي تعليم ورتي. پوءِ تخت کي ترڪ ڪري،
تنترن جي تبليغ ۾ محو ٿي ويو.
گُر جا ڏني گودڙي، سا ٿئي لاهيندي لڄ،
سَـــندا تِنهن سهڄ، چيلو چوندو ڪيترا.
(شاهه- رامڪلي)
سندس سڄو زور هڪڙي ئي نڪتي تي هوندو هو؛ ”مرشد جي مهر کان
سواءِ، ٻي سڄي بندگي بيفائدي ٿيو پوي ٿي.“ سندس
تصنيفن مان ’سَهج سِـــــڌي‘ مشهور آهي، جنهن جي
بنياد تي هن سهجيانه فرقو جاري ڪيو هو. انهيءَ
فرقي کي سُک واد (قلبي سرور) پڻ چئبو آهي[16].
آچاريه اندر ڀوتيءَ کان پوءِ سُک واد قائم رکڻ
لاءِ سندس ڀيڻ، شهزادي لڪشمينڪرا، پنهنجي پاڻ کي
سهجيانه فرقي جي پرچار لاءِ وقف ڪري، ڀڪشڻي بڻجي
وئي. هن جي مشهور تصنيف ’ادويه سڌي‘ جو اصلي نسخو
اڃا موجود آهي. هن ساري ڄمار مهاسک واد (قلبي
سڪون) جو پرچار ڪيو. ليلا وجر هن جو جاءِ نشين
ٿيو، جنهن تقريرن توڙي تحريرن سان سهجيانه فڪر کي
پختو بڻايو[17].
انهن چئني مڪتبن جي انتهائي منزل انتريوگ (اندروني
حقيقت) آهي، جنهن ۾ سموري ئي راز جو ڄڻ راز آهي.
انهيءَ جو علم عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري هجڻ
ڪري، انهيءَ جي اشاعت کي ڪڏهن به عوام لاءِ عام نه
ڪيو ويو. مگر مخفيءَ طرح به اها تعليم فقط ڪن ڪامل
جوڳين کي ئي نصيب ٿيندي هئي.
ڪريه گيت ۽ وجو گيت:
لفظ ڪريه
(Karya)
”ڪرڻ“ مصدر مان آهي، جنهن جو مطلب عمل، فعل يا
عبادت آهي. ٻڌ مذهب جون پاڪدامن ۽ زاهد سنياسڻيون
(Nuns)
توڙي تارڪ درويش (يوگ چارا ۽ سڌا)، پنهنجي نفس جي
اصطلاح ۽ روحاني ترقيءَ خاطر ڪريه ۽ وجر گيت (گيت)
جوڙيندا ۽ گڏجي ڳائيندا هئا. انهن کي گاٿائون
چوندا هئا. گاٿائون ته جيئن اسان کي اڳيئي معلوم
آهي ته اهي ٻڌ مذهب جي منڍ کان ئي موجود هيون،
جيڪي ويدڪ زماني ۾ به لاڳيتيون ڳائبيون آيون آهن،
ڪريه ۽ وجر ڳاهون وري مختلف نوعيت وارين ڪن خاص
عبادتن ۾ ڳايون وينديون هيون. اهي ڳاهون خاص طرح
سان ٻڌ مذهب جي وجريانه (بجرياتي) فرقي وارا سنت
فقير، تانترڪ منڊل (مجلس) ۾ ويهي ڳائيندا هئا.
بجرياتي منڊل چڪر (دائري يا حلقي) ۾ ڳايل ڪريه ۽
وجر گيتن مان وجر ڌارڪ (پوڄاري يا عابد) کي سندس
توجهه ۾ تڪسين ٿيندي هئي. ٻوڌي منڊل چڪر جي نموني
تي پوءِ وارو هندو برهمڻي واماچار (ويچار) منڊل
چڪر بنيو. جنهن ۾ مڇي، ماس، شراب هٿناٽ (مدرا) ۽
زناڪاري نه فقط جائز هيون، بلڪ اهي پنجئي ڳالهيون
پوءِ ماڳهين لازمي ۽ مستقل بڻجي پيئون[18].
انهن جو هتي تفصيل ڏيڻ تهذيب جي خلاف آهي.
ڪريه ڳاهون، مضمون توڙي ترتيب ۾ وجر گيتن کان
ڪجهه قدر مختلف هونديون هيون. ڪريه گيت ۾ ٽي يا
بعضي پورا چار پد (انگ) به هوندا هئا. انهيءَ حالت
۾ ٽئين يا چوٿين (تڪ) کي ڌروپد يا مستقل فقرو چئبو
هو، جيڪو وري وري ڳائبو رهبو هو. جي فقط ٻه تڪون
هونديون هيون ته وري ٻئي پد کي به ڌروپد چئبو هو[19].
وجر ڳاهن جي ترتيب ۾ وري ٻه يا ٽي (مشڪل سان چار)
تڪون ڪم آندل آهن، جن جي جوڙجڪ مختلف سٽن جي
مقابلي مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. ساهتيه ۽ سنگيت جي
سلسلي ۾ انهن گيتن کي ’نبد پرٻنڌ‘ گيت شمار ڪيو
ويو آهي. اهي گيت بغير تال جي ڳائبا هئا. انهن جي
ٻيءَ ۽ چوٿينءَ تڪ سان ڀَنِتا (قافيو) ٺهيو آهي.
مگر اڪثر ڪري ڪريه ڳاهن ۾ ٽي تڪون ئي هونديون
هيون، جيڪي: ادگرهه، ڌرُوَ ۽ اڀوڳ سڏبيون هيون.
مطلب ته هنن گيتن ۾ ميلاپڪ (ملائيندڙ) تڪ نه هوندي
آهي[20].
ڪريه ۽ وجر ڳاهن جي ڳائڻ جو خاص مقصد، سهج واري ڪيفيت ۾ تسڪين
قلب ۽ ان جو انتهائي سرور (مها سک) حاصل ڪرڻ هو.
مُني دت ادويه وجر جي روشنيءَ ۾ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي
ڪندي لکيو آهي ته ”ڪريه ۽ وجر گيتن جي مضمون جي
معنيٰ مخفي ۽ سندن ٻوليءَ جو ٻٽو مطلب هوندو هو.
انهيءَ ڪري انهن کي سَـــنڌيه ڀاشا، سنديه واڪم يا
سنڌيا سنگيت چئبو هو. حقيقت ۾ اها جوڳين جي راز
واري گفتگو ۽ سندن اندروني ٻولي
(Code Language)
هئي، جنهن کي پنهنجو پاڻ ۾ ئي پروڙي ۽ سمجهي
سگهندا هئا[21].
اهي ڪريه پد، ڪن وجرياتي آچارين، سڌ آچارين ۽
سهجيه آچارين جا جوڙيل ۽ جمع ڪيل آهن. انهن ۾
ڪريني پا، ڪانهو پا، ويرو پا، لئي پا، هادي پا،
سوري پا، ۽ سرها پا (750ع) وغيره جا نالا مشهور
آهن، جيڪي جملي چوراسي چيا وڃن ٿا. انهن جو زمانو
الڳ الڳ آهي[22].
ٻوڌي سنياسين (سڌ آچارين) ڪيتريون ئي ڳاهون
جوڙيون. ٻوليءَ جي اعتبار کان انهن کي گاٿا ڀاشا
چيو ويندو هو. ڪي ماڻهو ايئن ڀانئيندا هئا ته ڪريه
۽ وجر ڳاهن جي ٻولي شايد کريل سنسڪرت هوندي! پر
پوءِ جي ڪيترن ئي عالمن، انهيءَ کي اڳوڻيءَ راءِ
جي ابتڙ ثابت ڪيو آهي.
ٻولي ٻُجهارت، جوڳيان سنديءَ ذات جي (شاهه- رامڪلي)
انهن چوراسي سِــــڌ آچارين مان، ڇاهتر سڌن جا
نالا ’ڊَڪارِنــــوَ‘
(Dakarnava)
۾ لکيل مليا آهن. هي جيڪي سڌ آچاريه سڏيا ويا آهن،
سي حقيقت ۾ ساهجيه فرقي جا سنياسي هئا. انهن وٽ
قوم ۽ قبيلو، رنگ ۽ روپ، يا نسل ۽ بڻ ته بلڪل ئي
بي معنيٰ لفظ هئا، پر ڪنهن به ديس يا ٻوليءَ سان
پڻ اهي ڪائي نسبت نه رکندا هئا.
نڪو نسل تن جو، نڪو تن حسب (شاهه)
اصل ۾ هي ديس ديسانتر جي مختلف مخلوقات هئي.
اهي پورب، پڇم ۽ هند- سنڌ جي نامعلوم ملڪن ۽
ڏورانهن ڏيهن جا ئي معلوم ٿيندا هئا، جن ۾ ڪو به
قومي، لساني يا نسلي امتياز نه هوندو هو. اهو ئي
ٻڌ مذهب جو نچوڙ يعني ناٿ پنٿ هو[23].
مطلب ته دنيا جي ڪنهن به ديس کي مليڇ ملڪ مڃڻ جي
خلاف، اهي ساڌو، ساري جڳ کي ئي پنهنجو گهر تصور
ڪندا هئا. ”هر مُلڪ ملڪ ماست ڪ ملڪ، خداي ماست“ ۽
پنهنجو پاڻ کي انسانذات جي عالمي برادري جو ڀاءُ
(پا=
پاءُ=
پاؤ= پاد) سمجهندا هئا!
ڏيهي گيتن جا پرڏيهين ۾ پڙلاءَ:
ٻڌ مذهب جي انهن مبلغ آچارين جي معرفت، ڪريه ۽
وجر گيت، ڪشمير ۽ ٿٻيٽ کان ٿيندا، ڀوٽان، ڪوچي،
ڪاشغر، ختن، چين، منگوليا، ڪوريا ۽ جپان تائين به
اهي وڃي پهتا[24].
خود چيني تاريخن ۾ پڻ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي
ڳالهيون قبول ڪيل آهن. ويندي جپان ۾ به اهڙيون ڪي
قديم روايتون هلندڙ آهن. ڪوشان حاڪم هُـــــوِشڪ
(واسديو ’اول‘) جي زماني، ’سنه 120ع، ۾ انڊو-
پاڪستاني گيتن جا استاد ڳائڻا، سرڪاري طرح چين
پهتا.‘ اهو اشارو اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي. ”انڊو-
پاڪستان مان ڳياڪارن جو ٻيو هڪڙو وڏو ٽولو ڳائيندو
گهمندو، سپ چين وڃي پهتو. تنهن کان اڳي، چينائي
شهنشاهه ڪؤتسو
(Kaotsu 581- 595 A.D)
پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به پرڏيهي عنصر جي داخلا تي
سرڪاريءَ طرح بندش وجهي ويو هو. مگر هن جو حڪمنامو
به سگهوئي بي اثر ثابت ٿيو. جيئن ته هن جي جاءِ
نشين اولاد کي، اهڙن آچارين جي آجيان ئي ڪرڻي پيئي
۽ ڪيترائي نئين نموني جا گيت چين ۾ رائج ڪيا
ويا.... وري جپان جي قديم روايتن ۾ پڻ، ٽانگ
(Tang)
حڪومت جي زماني ۾، هڪڙو هندو آچاريه، جنهن جو نالو
’ٻوڌي ڀڪشو‘ هو، تنهن چين مان مذهبي گيتن جا ٻه
مکيه قسم ’ٻوڌيستو‘ ۽ ’ڀئرو‘ نيئي جپان ۾ وڃي جاري
ڪيا هئا[25].
اهڙيءَ طرح- سنه 802ع ۾ راجڪمار سندن نالي، ڪنهن
بادشاهه جو وليعهد، چين ۾ هڪڙي سياسي سفارت وٺي
ويو. انهيءَ ۾، انڊو- پاڪستان مان ڪيترائي سريلا
گيت چوندڙ، تحفي طور شهنشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيا
ويا، جيڪي وڏي احترام سان قبول ڪيا ويا[26].
چين جپان کان به وڌيڪ وچ ايشيا، چيني ترڪستان ۽
ٿٻيٽ ۾ اهڙن گيتن ۽ ڳاهن جو عام غلبو رهيو آهي.
”سهجيانه عقيدي جا جيڪي چوراسي آچاريه مشهور آهن،
تن مان ٽيونجاهه ڄڻن جون تصنيفون ته ٿٻيٽ ۾ ئي
معلوم ٿيون آهن. جن ۾ سرهاپاءُ، ڪهنو پاءُ،
تلوپاءُ، ناروپاءُ، لئي پاءُ، ڪريني پاءُ ۽ ڀڪشو
پاءُ وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. سها پاؤ (690-
750ع) ۽ ڪهنو پاؤ (900ع) جا ته هٿ اکر لکيل، ڪي
قلمي نسخا، اصلي حالت ۾ به مليا آهن. انهن ئي قلمي
ڪتابن تان، پروفيسر شهيدالله خان، ٿٻيٽي ترجمن جي
آڌار تي پنهنجو شاهڪار تيار ڪيو[27].
آچاريه سراها جو ’دوها ڪوش‘ ته تمام مشهور آهي.
انهيءَ جا جدا جدا ٽي مڪمل ۽ قديم قلمي نسخا، هن
وقت به محفوظ آهن[28].“
هن ان اڳ، اپڀرنش جي اوائلي دوهن جو ذڪر آيو
آهي. انهن ڏوهيڙن کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم به سِڌ
آچارين ڪيو آهي. ڊاڪٽر جين، انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ
لکيو آهي ته ”پوئين سِڌ آچارين مان جن دوها جوڙيا،
تن ۾ تلوپاد، سِرههَ پاد، ڪاهنا پاد ۽ ڪريني پاد
وغيره مشهور آهن. سندن ڪلام جا مجموعات ’دوها ڪوش‘
نالي سان ڪٺا ڪيل آهن. اهو ڪلام اول ڊاڪٽر شهيد
الله ”ٻڌ- دوها- او- گانا“ جي نالي سان، ڪلڪتي
يونيورسٽيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن کان علاوه
ڊاڪٽر پي سي باگچي ۽ هرپرساڌ شاستريءَ پڻ انهن کي
الڳ الڳ ترتيب ڏني آهي. انهن کان وڌيڪ پراڻا ٻيا
به ڪيترائي ٻوڌي ڏوهيڙا، راهل سمڪرتياين، تازو
ڳولي ڦولي ڪٺا ڪيا ويا آهن. انهن مڙني جي مضمونن ۾
عميق روحانيت رچيل آهي. انهن جي ٻوليءَ جو روايتي
نالو سنڌيا ڀاشا
(Twillight Tongue or Symbolical Speech)
آهي. انهن ٻوڏي ڏوهيڙن جو زمانو عيسوي ڇهين صديءَ
کان، ٻارهين صديءَ جي اندر مقرر ڪري سگهجي ٿو[29].
مگر دوهي واري شاعريءَ کي منظر عام تي آڻڻ، انهيءَ
کي انڊو- پاڪستان ۾ پري پري تائين پهچائڻ ۽ دوهي
کي مقبول عام صنف بڻائڻ جو سهرو صرف ناٿ جوڳين جي
ئي سر تي آهي.
ناٿ پنٿ:Nathism
هي فرقو حقيقت ۾ ٻڌ مذهب جو نچوڙ ۽ ان جي آخري
شڪل آهي. جنهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل مڙيئي ارڙهن عقيدا
اچي وڃن ٿا. ناٿ پنٿ جو پايو بابا مڇندر ناٿ نالي
هڪڙي جهوني جوڳيءَ وڌو، جيڪو اصل آسام جو رهاڪو
هو. سندس زمانو اندازن ستين اٺين صدي عيسويءَ جو
آهي. جوڳي پنٿ دراصل هن کان اڳ ۾ ئي هلندڙ هو،
جيڪو مئتريه ناٿ جاري ڪيو هو. هن وري انهيءَ کي
ناٿ ڌرم جي نئين نالي سان دهرايو. ڪن جي خيال ۾ ته
ڪريني پاءَ کان اهو پنٿ مڇندر ناٿ کي مليو ۽ مڇندر
ناٿ وري ڪورنگي ناٿ (چورنگي ناٿ) ۽ گورک ناٿ کي
پنهنجو چيلو بڻايو. بهرحال، اهي ٽيئي ناٿ، هڪڙي
طرف ته بجرياتي فرقي وارن چوراسي سِـــڌَن جي آخر
۾ اچن ٿا، ته ٻئي طرف وري ناٿ پنٿ جي اوائلي نون
(9) ڄڻن ۾، پهرين ٽن طور ڳڻيل آهن. انهن چوراسي
سڌن جي سلسلي سان گورک ناٿ جو زمانو[30]
اندازن اٺين صدي عيسوي آهي[31].
گورک ناٿ جا دوها، ’گورک ٻڌ‘ نالي ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيل
آهن، جن ۾ پنهنجي گروءَ مڇندر ناٿ جي منزل ۽ مرتبو
ڳايو اٿس.
مٿين هر پراسد شاستريءَ، مڇندرناٿ واري مارڳ جو
ذڪر ڪندي، گورک ناٿ لاءِ لکيو آهي ته ”هن جو اصلي
نالو راون وجر (رامڻ وجر) هو ۽ ٻڌ مذهب جي بجرياتي
فرقي جو يوگ آچاري هو. پوءِ جڏهن مڇندر ناٿ واري
مت ۾ آيو، تڏهن گورکناٿ جي لقب سان مشهور ٿيو....
مطلب ته مڇندرناٿ وارو نئون پنٿ پڻ اصل ۾ ٻڌ مذهب
اندر ئي سمايل هو. هن مان ثابت آهي ته ناٿ جوڳين
جا دوها ۽ گيت پڻ بجرياتي ٻوڌين جي ڳين ۽ ڳاهن کان
الڳ ڪا ٻي شئي نه آهن. جيتوڻيڪ ناٿ جوڳين جي
روحاني عمل ۽ بجرياتي سڌن جي عبادتن ۾ ڪنهن حد
تائين فرق هو[32].
هنن ۾ چوٿون نمبر جالندر ناٿ جوڳي ٿيو آهي، جنهن
جو نالو چوراسي سڌ آچارين ۾ نٿو ڳڻجي. ڇاڪاڻ ته هن
بجرياتي سلسلو بند ڪري، اڀرندي پنجاب ۾ وڃي ناٿ
پنٿ کي پکيڙيو. اوڀر پنجاب وارو جلندر جو شهر هن
جي ئي نالي پٺيان سڏجي ٿو. هن جو چيلو چوُڙڪرناٿ ۽
ان بعد چرٻٽ ناٿ، ٻئي مشهور ٿيا. ٻال ناٿ
(بالاناٿ) وري اتر- الهندي ڏي، لوڻ جي ٽڪرين وارا
ويرانا وڃي وسايا. اهو ناٿ جوڳين جو آخري آستانو
هو. ديول ناٿ ۽ مِنا ناٿ اتي جا مشهور جوڳي ٿيا.
اهي ئي ذڪر ڪيل نو ناٿ بلڪل اوائلي ۽ اهم آهن.
مٿين مڙني جوڳين مڇندر ناٿ، گورک ناٿ، چورنگي
(ڪورنگي) ناٿ، جلندر ناٿ ۽ ٻين جا ڪيترائي دوها
چيل آهن، جي گهڻو ڪري ستين اٺين صديءَ عيسويءَ کان
قلمبند ڪيا ويا. اهي اڪثر ’اوهٽ دوها‘ جي نالي سان
سڏيا ويا آهن[33].
اوهٽ ٻولي اصل ۾ هڪڙي قسم جو مرڪب هو، جنهن ۾
اپڀرنش، سنسڪرت، پالي، پراڪرت..... ماڳڌي، بينگالي
وغيره وغيره، سڀيئي گڏوچڙ ٿيل هيون[34].
ٻولي ٻُجهارت، جوڳيان سنديءَ ذات جي. (شاهه- رامڪلي)
پوءِ وري پرٿوي ناٿ پنهنجي پرچار لاءِ پري پري
جا پنڌ اختيار ڪيا. پرٿوي ناٿ جا دوها، جيڪي ’جوڳ
پرڪاش‘ نالي ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيل آهن. تن ۾ جوڳ جي عميق
نظريي، ان جي انوکن اصولن، باريڪ مسئلن ۽ نفيس
نڪتن تي تمام تحسين جوڳي روشني وڌي اٿس. انهيءَ
زماني ڌاري ڀڳتيءَ جون تحريڪون به اسري رهيون
هيون.
پوئين ناٿ پنٿ ۾ وري سَڌنا ناٿ ۽ غريب ناٿ
ناليرا ٿي گذيا آهن. غريب ناٿ جي دوهن ۾ جوڳ جي
منزل ’فنائيت‘ آهي. سڌنو سالڪ واري سنڌ ۾ (سيوهڻ
طرف) ڄائو هو. هيءُ اصل ۾ مسلمان هو ۽ اباڻي ڪرت ۾
ڪاسائي هو، پوءِ ناٿ پنٿ ۾ اچڻ ڪري دنيا ترڪ ڪري
وڃي جوڳين سان گڏيو. ناٿ پنٿ يوگي ساڌنا، (برهمڻن
جي) بت پرستيءَ، شرڪ، جپ تپ ۽ ظاهر پرستيءَ جي ٻين
مڙني ڳالهين، توڙي نمائشي عبادتن جي برخلاف وڏي
بغاوت اٿاري. هن خدا جي وحدانيت ۽ خالص توحيد جي
تبليغ ڪئي. هن جا دوها، اڪثر نفس جي معرفت متعلق
آهن ۽ انهيءَ ڳالهه تي ئي سڄو زور ڏنو اٿس[35].
سامي ٿين ته سڌناٿ ٿي، نه ته ڏور مَ هونهين ڏيهه،
اونهون ملڪ ”عنات“ چئي، ڪنهن ڇُلي نه لڌو ڇيهه،
حرص هڪلي پانهنجو، تون وهم وساري ويهه،
مڙهيءَ ماٺ جي بيهه، ته ويٺي ئي وير ٿئين.
ساڌنا ناٿ، گرونانڪ (1469- 1538ع) کان به اڳي
هو[36].
ڇاڪاڻ ته هن پندرهين صدي عيسوي جي شروع ۾ شهرت
حاصل ڪئي. سندس دوها به سکن جي آدي گرنٿ ۾ موجود
آهن[37].
سڌني جوڳيءَ، سورهين صدي عيسويءَ کان به ڪجهه اڳي
وفات ڪئي، سندس دوهن ۾ فنائيت يا جوڳ جوئي نُڪتو
نمايان آهي. گرونانڪ کان اڳي، سورهين صديءَ ۾ ئي
ٻيو به هڪڙو مسلمان بزرگ ڀڳت ڪبير ڪوري (1398-
1518ع) پورب ڏي پيدا ٿيو، مگر هيءُ ڀارت (بنارس) ۾
ئي رهيو. سندن فلسفي ۽ فڪر جو اثر سنڌي صوفي شاعري
تي پيو، جيئن هيٺ نظر ايندو.
تصوف ۽ جوڳ جو سنگم:
انهيءَ سورهين صديءَ ۾ ئي سنڌ جو پهريون سالڪ ۽
صوفي شاعر، جنهن جوڳيءَ جو لفظ، جاڳائڻ واري يا
جاڳائيندڙ (خواب غفلت مان بيدار ڪندڙ) لاءِ ڪم
آندو آهي، سو قاضي قاضن (1551ع) آهي. انهيءَ کان
پوءِ لاڳيتو ايندڙ، سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن، ويندي
سچل، روحل، بيدل، نانڪ يوسف ۽ خود شاهه ڀٽائيءَ به
’جوڳين سنديءَ ذات‘ کي ڳايو وڄايو آهي. رسالي شريف
جي سر کاهوڙي، پورب ۽ يمن ڪلياڻ وغيره ۾، اهڙا بيت
عام موجود آهن. شاهه جي سر رامڪليءَ ۾ ته خاص طرح
بکياري پينار، نانگ ۽ ناٿ، جوڳي ۽ ويراڳي، رمتا ۽
سيلاني، سير ۽ سفر، گودڙي ۽ مالها، توڙي جوڳ ۽
تپسيا جو ئي بيان آيو آهي. (بلڪ بلها شاهه ته
جوڳين جون رمزون ۽ راز، ڪرامتون ۽ ڪشالا، توڙي
منزلون ۽ مرتبا پڻ ڳايا ۽ سمجهايا آهن.) ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، پنهنجي محققانه مقالي ”هندي ۽ سنڌي
شاعريءَ جو لاڳاپو“ ۾ مٿين مڙني بزرگن جي ڪلام جا
مثال ڏيئي، انهن تي عالمانه بحث ڪندي، هن نتيجي تي
آيو آهي ته صوفين ۽ يوگين ۾ ترڪ ۽ تجريد جا اصول
مشترڪ هئا.- ”صوفين وانگر يوگين وٽ به گرو ۽ چيلي
جو تعلق ۽ آداب جو اوترو ئي قدر ۽ قيمت هئي، جيترو
مرشد ۽ مريد جي، ساڳيءَ طرح گروءَ جي چيلي کي
تلقين ۽ هدايت جي به وڏي اهميت هئي. انهيءَ حقيقت
تي ڪتاب ’گورک ٻڌ‘ شاهد آهي، جنهن ۾ گرو چيلي جي
گفتگو قلمبند ٿيل آهي: چيلو گورک ناٿ سوال ڪري ٿو،
جنهن جا جواب ڏيندي گرو مڇندرناٿ اپديش ڪري ٿو....
سنڌ ۾ هنن سيلاني فقيرن جي آمدورفت ۽ سنڌ جي سالڪن
سان سندن ملاقاتن تي سنڌي ٻوليءَ جا ڪي قديم
اصطلاح شاهد آهن، جي سندن تحريڪ، عقيدي ۽ عملن جي
نالن يا معنائن پويان رائج ٿيا.... مٿينءَ مختصر
وضاحت مان معلوم ٿيندو ته هن يوگي پنٿ جي اعتقادن
۽ اصولن، جي سندن تبليغ ۽ ڪلام ذريعي پکڙيا، سنڌي
صوفيانه شاعريءَ جي الفاظ، اصطلاحات ۽ فڪر تي
ڪيتريقدر اثر وڌو آهي[38].“
ڪن جي خيال ۾ ته خود صوفين جو ’زهد‘، سو به اصل ۾
جوڳين جو ئي ’جهُد‘ آهي[39].
عالم اسلام جا علماءَ ۽ مفتي سڳورا، شرع شريف جي
احترام ۽ حفاظت خاطر، انهن تي تمام ڪڙي نظر رکندا
۽ تعزيرون ڏيندا رهيا آهن. الجاحظ (نائين صدي)
انهن کي ’زنديق‘ جي نالي سان سڏيو آهي، سي اسلام
جي ڪنهن به فرقي سان تعلق نٿا رکن[40].
اهي ته ائين آهن، جيئن لطيف سائين فرمايو:
’سامي ڇڏي سانگ، وڃي گڏيا گورک ناٿ کي.‘
اميد آهي ته انهن اپٽاريل نقطن مان سنڌ جي
آڳاٽي شاعريءَ بابت ودوانن کي وڌيڪ تحقيق جا گس
ملندا.
(ث)مقالي ۾ آيل واقعا ۽ سن
CHRONOLOGY
810- 805 ق.م. سيميراميس جي سنڌ تي ڪاهه.
(800-؟) ق.م
==
مهاڀارت واري جنگ.
ستين صدي ق.م
==
هرشنگ ايرانيءَ جو سنڌ تي حملو.
558- 530 ق.م
==
سائرس اعظم جي حڪومت.
558 ق.م
==
مهاتما ٻڌ جي ولادت.
530- 522 ق.م
==
ڪئمبس جي حڪومت.
522- 486 ق.م
==
دارا اعظم جي حڪومت.
522. ق.م
==
ڌرم چڪرورتڻ، (دين جو چرخو چالو ٿيڻ)
486- 465 ق.م==
زرڪير جي حڪومت.
483 ق.م
==
کان برهمي لپيءَ جون ابتدائي تجرباتي ڪوششون.
(؟)
== ويد لکجڻ لڳا.
478 ق.م
==
مهاتما ٻڌ جو چالاڻو.
384- 354 ق.م
==
ڪالاسُڪ (ڪاڪورڻي)
378 ق.م
==
ٻي ٻوڌي مجلس.
325- 324 ق.م
==
سڪندر جو سنڌ تي قبضو.
321 ق.م
==
پاتال بندر مان يونانين جي خلاف بغاوت اٿي.
316 ق.م
==
سنڌ تان يوناني قبضو ختم ٿيو.
306 ق.م
==
چندر گپت موريا ۽ سئليوڪس نڪئٽر جي مائٽي.
300- 273 ق.م
==
بندوسار موريا جو راڄ.
273- 236 ق.م
==
اشوڪ جو راڄ.
254 ق.م
==
ٽيون ٻوڌي ميڙ.
217 ق.م چين ڏي تبليغي انجمنون.
200 ق.م راجا ساليسڪ موريا.
187 ق.م
==
موريا حڪومت جو خاتمو.
186- 165 ق.م
==
ڊيميٽيريس بختيءَ جي سنڌ تي حڪومت.
165- 160 ق.م
==
ملڪه ائگاٿو ڪليئا جي سنڌ تي حڪومت.
160 ق.م
==
ائگاٿو ڪليئا جي مينادر سان شادي.
151 ق.م
==
مينادر جو پاٽنا تي حملو ۽ پُشيه متر جو موت.
150 ق.م
==
’ملنڊا پنهو‘ جو لکجڻ.
ٻي صدي ق.م
==
سر سنگيت (ڇند) جي شروعات.
150 ق.م
==
ايرين جو ’انڊيڪا‘ لکڻ.
137 ق.م
==
يوناني ڀڪشو سنگهه جو پاتال بندر کان سلون ڏي وڃڻ.
130 ق.م
==
مينادر اعظم جي وفات.
121 ق.م
==
مهاتما ٻڌ جو سونو پتلو چين پهتو.
110 ق.م
==
انٽيالسيڊس جو سنڌ تي حملو.
100 ق.م
==
اسٽريٽو اول (مينادر جو پٽ) ڀڪشو بڻيو.
90 ق.م
==
اپولوڊوٽس جي وفات.
80 ق.م
==
اسٽريٽو ثانيءَ جي تخت نشيني.
پهرين صدي ق.م
==
ملنڊا پنهو مصر پهتو.
70 ق.م
==
اسٽريٽو اول جي وفات.
58 ق.م
==
شهنشاهه ونون جي تخت نشيني ۽ ڀارت جو سنبت.
پهرين صدي
==
پراڪرت ڇند ’ورڻ سنگيت‘ جو لکجڻ.
30 ق.م
==
باختري حڪومت جو زوال.
20 ق.م
==
اڀير ۽ سٿيا لوڪن جو سنڌ فتح ڪرڻ.
20 ق.م
==
کان شاهه موئيس (سٿين) جي سنڌ تي حڪومت.
عيسوي سن جو چالو ٿيڻ
پهرين صدي رشي پنگل جي ’سوتر ڇندس‘ جو لکجڻ.
20ع شاهه موئيس جي وفات.
20- 29ع ايزس جي سنڌ تي حڪومت.
29ع گنڊوفر (پارٿين) جو خيبر دري تي قبضو ڪرڻ.
29ع يا 33ع ۾ سينٽ ٿامس جو سنڌ اچڻ.
29- 40ع ايلش جي سنڌ تي حڪومت.
37ع سينٽ ٿامس سنڌ مان روانو.
40- 50ع يزلس ٻئي جي حڪومت.
44- 45ع گنڊوفر جو تخت باهيءَ وارو ڪتبو.
45ع بحر عرب جي تجارتي هوائن جي تحقيقات.
50ع يوچي (ڪوشان) قوم جو سنڌ ۾ اچڻ.
50ع سٿين حڪومت جي پڄاڻي.
50ع گنڊوفر جي وفات
50- 65ع ڪُجلا ڪادفيسس (ڪوشان) جي سنڌ تي حڪومت.
65- 78ع ويما ڪادفيسس ٻيو.
70- 80ع ’پيري پلس‘ جو لکجڻ.
78ع ڪنشڪ اعظم جي تخت نشيني ۽ سندس سنبت چالو ٿيڻ.
87- 89ع ڪنشڪ جون چين تي ڪاهون.
89- 105ع چين جو شهنشاهه هوتي.
90ع ڪنشڪ اعظم، چوٿين مجلس ڪوٺائي.
102ع ڪنشڪ حڪومت کي ترڪ ڪيو.
ٻي صدي- مهاين فرقو شروع ٿيو ۽ نالندا يونيورسٽي قائم ٿي.
102- 106ع واجشڪ (جوشڪ) جي حڪمت.
ٻي صدي اسواگهوش، اڀيرڀاش جو ويا ڪرڻ ’ساريپترا‘ لکيو.
106- 138ع هوشڪ (واسديو اول) جي حڪومت.
ٻي صدي- ڀڪشو آريه ديو، نالندا جو چانسلر بڻايو ويو.
120ع سنڌ جي سريلن سگهڙن جو وڏو وفد سرڪاريءَ طرح چين ڏي ويو.
138- 145ع ڪنشڪ ٻئي جي حڪومت.
140ع ٽالميءَ جو جاگرافي لکڻ.
145- 176ع واسديو ٻئي جي حڪومت.
150- 151ع راجا ردردامن اڀير جو جهونا ڳڙهه وارو ڪتبو.
181ع اڀير جنرل (باپڪ جي پٽ) رُدرڀوتيءَ جو ڪاٺياواڙ ۾ ڪتبو.
188- 190ع اسوردت اڀير، پنهنجا سڪا جاري ڪيا.
ٽين صدي- جئه ديو جو ڇندس شاستر.
225- 241ع اردشير بابگان.
230ع واسديو ٽئين جي چين ۾ سفارت موڪلڻ.
239ع ڪنشڪ چوٿون.
248ع ڪنشڪ پنجين جي تخت نشيني.
248ع سودت جي پٽ، راجا ماٿري پترا اڀير، ڪلاچاري (چيدي) سنبت
جاري ڪيو.
ٽين صدي- يوگ چارا فرقو شروع ٿيو.
270- 310ع مئتريا ناٿ، جوڳ جو روحاني فلسفو پيش ڪيو.
278ع ڪنشڪ ڇهين جي تخت نشيني.
ٽين صدي- ڀرت منيءَ جو نٽيه شاستر.
301- 310ع ساساني شهنشاهه هرمزد، (واسديو ڇهين جي نياڻي پرڻيو.
301- 390ع آچاريه اسنگ، نالندا جو چانسلر (جنهن جوڳ جو پرچار
ڪيو.)
315ع راجا سوامي داس اڀير.
346ع تائين واسديو ستين جي حڪومت.
چوٿين صدي- ’ديپ ونش‘ پراڻ جو لکجڻ.
355ع راجا ڀُلند، اڀير.
360ع ڪنشڪ ستين، شاپور ٻئي کي روم واري جنگ ۾ مدد ڏني.
365ع راجا ردر داس، اڀير.
378-400ع واسديو ’اٺون‘-اديب، ’ڪَوِي سَنگ سنڌ‘ جو باني.
چوٿين صدي - سنڌ تي ساساني حڪومت
400- 411ع فاهين جو دؤرو ڪرڻ.
پنجين صدي- تِرئيڪوُتڪ اڀيرن جي ڪونڪن تي حڪومت.
404ع راجا نرو ورمن، اڀير.
پنجين صدي- لليتا وجر، نالندا جو چانسلر بڻايو ويو.
421- 500ع واسو ٻنڌو- منطقي، چانسلر.
450ع کان راءِ گهراڻي وارن جون حڪومت لاءِ اوائلي ڪوششون.
پنجين صدي- گُهيه سماج (ڳجهو فرقو) قائم ٿيو.
پنجين صدي- مهاونش پراڻ جو لکجڻ.
453ع هوڻ سردار اٽيلا قتل ٿيو.
455ع راجا ڏاهر سين ترئيڪو تڪ (اڀير) جو امرڪ ننگر وارو ڪتبو.
489ع راجا وياگهرسين ترئيڪوتڪ.
495ع کان سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت.
پنجين صدي عيسوي- دوهي جو پهريون مڃيل شاعر جئندُ، ’جوڳ سار‘
دوها.
پنجين صدي عيسوي- ديناگ، منطقي- فلاسافر.
پنجين صدي عيسوي- منجسري مول ڪلپ (تنتر) جو لکجڻ.
502- 515ع هوڻن جو سردار تورماڻ ڪشمير ۾.
515- 530ع مهرگل هوڻ پنجاب ۾.
557- 567ع ولڀيءَ جو راجا گُهه سين.
563- 567ع هوڻن جو خاتمو.
581ع ڳائڻن جي وڏي ٽولي چين ۾ پهتي.
581- 595ع چين جو شهنشاهه ڪؤتسو.
618- 907ع چين ۾ ٽانگ حڪومت.
619ع سسانڪ گپتا، مهاٻوڌي وڻ وڍرايو.
630- 644ع چينائي مسافر هيون- ٽسانگ.
632ع کان سنڌ ۾ برهمڻ حڪومت.
635ع ڌرمپال، نالندا جي چانسلر جوڳ فلاسافيءَ تي ڪتاب لکيا.
ستين صدي- مڇندر ناٿ جو ناٿ پنٿ.
643- 714ع نيپال جو لِڇوي راجا، نريندر ديو، مڇندر ناٿ جو معتقد
بڻيو.
690ع سرهاپا جي ولادت.
700ع ڀامهه جو ڪاويه لنڪار (اپڀرنش)
750ع کان سرهاپا، سندس نئين ’تنتر- طريقي‘ جو هادي (امام) مڃيو
ويو.
760ع ۾ سرهاپا جي وفات.
770ع سنڌ جا ڀڪشو بينگال ۾ (راجا ڌرمپال وٽ) وڃي پهتا.
778ع ۾ آچاريه آديوتن سوري، ’ڪوليه مالاڪها‘ لکيو.
788- 820ع شنڪر آچاريه، هندو ڌرم کي نئون روپ ڏنو.
802ع راڄڪمار سندن، سياسي سفارت سان گڏ، سريلا گيت چوندڙ،
چينائي درٻار ۾ تحفي طور پيش ڪيا.
836- 885ع راجا مهرڀوڄ (پرهياڙ)
893ع کان مهيندر پال اول (پرهياڙ)
نائين صدي- جئرام جو ’ڌرم پرڪش‘ (اپڀرنش)
نائين صدي- سويمڀو ڇندس.
900ع ڪهنو پاؤ، (آچاريه)
900- 1000ع ڪويراج سيکر.
ڏهين صدي- ديوسين جا ’ساويه ڌرم‘ دوها.
912- 931ع راجا مهيپال پرهياڙ.
933ع ديوسين منطق تي چو نيايه چڪر (اپڀرنش).
942ع ۾ پدم ڪيترتيءَ جو پاسناهه چاريو (اپڀرنش).
942- 995ع مولراج سولنگي.
ڏهين صدي- لاکو ڦلاڻي مارجي ويو.
948- 949ع راجا ديوپال (پرهياڙ).
955ع مهيپال ٻيو (پرهياڙ).
ڏهين صدي- خوفناڪ زلزلو.
965ع پشپ دنت جو جسهر چاريو (اپڀرنش).
972ع پشپ دنت جو نايڪمار چاريو (اپڀرنش).
987ع هري سين جو ڌرم پرکا (اپڀرنش).
ڏهين صدي عيسوي- سوراشٽر ۾ اڀرين جو اوج.
ڏهين- يارهين صدي عيسوي سُمنگ چارڻ، سنڌي ۾ دوهي جو پهريون مڃيل
شاعر.
1024ع محمود غزنويءَ سومناٿ مندر فتح ڪيو.
1148ع ڪلهڻ جي راڄ ترنگڻي.
1158ع هري ڀدر سوريءَ جو سنڪمار چاريو (اپڀرنش).
ٻارهين صدي- پير پٺو ديبلي.
1331- 1368ع ساينه ماڌو، ويد وياس.
چوڏهين صدي- شيخ حماد.
1398- 1518ع ڀڳت ڪبير.
پندرهين صدي- جوڳي ساڌنا (سيوهاڻي).
1469- 1538ع گرونانڪ.
1551ع قاضي قاضن جي وفات.
سورهين صدي عيسوي- الوپنشد (اپنشد).
1930ع ۾ جيمس پرنسيپ پراڻي برهمي لپيءَ کي پهريون دفعو پڙهيو.
سنڌ جي اوائلي شاعري
دنيا جي هر ديس ۽ هر ٻوليءَ ۾، ادب جي ابتدا
شاعريءَ سان ٿي آهي، ۽ شاعريءَ جو سلو وري سنگيت
جي ٻج مان ئي انگوريو آهي. اسان جي سنڌي شاعري به
ساڳيءَ طرح سان، تمام ڪنهن قديم جڳ ۾، ڳائڻ مان ئي
سرجي آهي، جنهن جو بنيادي روپ، اوائلي آلاپ توڙي
تنوارون، يا جهيلون ۽ جهونگارون آهن. انهيءَ
بنيادي روپ جو بنيادي نالو ’ڳاءُ‘ رکيو ويو، جنهن
جي قدامت ڪٿڻ ته تاريخ جي پهچ کان ئي پري آهي. مگر
اهو ڳاءُ لفظ اڃا تائين به زناني عالم جو عام لفظ
آهي. (الهندي- ڏکڻ) ڪوهستان ۾ خاص طرح سان اهو لفظ
”ڳاءُ“ عام طرح سان ڪتب ايندو آهي.
گهريلو ڪم ڪار ڪندي ڪي زالون، پنهنجيءَ ذاتي
ورونهه خاطر، هلڪيءَ هونگ ۾ ’ڪي ڪجهه‘
هونگارينديون رهنديون آهن. انهيءَ کي ’ڳاءُ‘ چون.
اهو نالو هڪڙي پراڻي ڳاچ ۾ به ڪم آيو آهي:
ٿيا مڱڻي جا سانباها، ابل ڙي،
تنهنجيءَ امڙ هينئڙي هُري ڳاءُ[41].
اهو ساڳيو ئي بنيادي لفظ ڳاءُ آهي. جنهن کي
پوءِ ڳاج، ڳاڄ ۽ ڳاچ ڪوٺيو ويو. هاڻي، اهو نالو
نيٺ وڃي ڳيچ بڻيو آهي، جيڪو شايد گيت لفظ جي ئي
بيهڪ تي بڻيل آهي. خود انهيءَ ڳيچ يا گيت جي به
لفظي منعيٰ اهائي آهي ته: اهو ‘ڪي‘، جيڪو ڳائجي.
محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ، ڳيچن جي وصف بيان
ڪندي فرمائي ٿو ته[42]:
ڳائڻ جون اهي صنفون، انسان ذات جي ابتدائي شاعريءَ
جا اوائلي اهڃاڻ ۽ ڪهنا يادگار آهن. اصلي ۽ آڳاٽا
ڳيچ نهايت ئي عام فهم ۽ ساديءَ سٽا وارا آهن. انهن
جي ڳائڻ جي شروعات، وراڻيءَ يا ٿلهه سان ٿئي ٿي،
جو فقط هڪڙو سادو ۽ مختصر جملو هوندو آهي. مگر
حقيقت ۾ ته سارو ئي ڳيچ انهيءَ ۾ اچي وڃي ٿو. باقي
وڌاءُ خاطر جو ان جي وچ ۾ ڪي ڪليون وجهبيون آهن،
سي به فقط ڪنهن هڪڙي اڌ اسم جي مٽاسٽا پڄاڻا،
حقيقت ۾ اهائي ساڳي بنيادي سٽ هوندي آهي، جيڪا
ورائي ورائي ڳائبي رهبي آهي، ۽ اهو محض ڳائڻ جو
سلسلو جاري رکڻ لاءِ، هڪڙي قسم جو ڀراءُ هوندو
آهي.
|