سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :12

ڳاچ جو اهو ئي ڍلڙو پلڙو ڍانچو ۽ سادو سودو سانچو، اسان جي ابتدائي شاعريءَ جو بنيادي خاڪو آهي. انهيءَ ۾ نه ته ڪو خيال جو منظم ربط هوندو آهي ۽ نه ئي وري ڪو بياني سلسلو آهي. هي محض معصوم زماني جا معصوم جذبا ۽ امنگ آهن، جيڪي آريه لوڪن جي هتي اچڻ کان اڳ ۾ ئي انساني آسن ۽ اميدن جي اظهار، ڪن سادن ۽ سريلن سر پيارن لفظن ۾ ڪيل هوندو آهي. اها ئي ابدي لات ۽ سريلي تنوار، انسان ذات جي فطري ۽ بنيادي (پراڪرتي) شاعري آهي.

                انهيءَ سريلي شاعريءَ (Lyric Poetry) جي ’ٻئي مک مرحلي‘ ۾، جيتوڻيڪ بياني قسم جي هڪڙي غِنا (ڳاهه) چالو ٿي چڪي آهي، مگر ائين نه سمجهڻ کپي ته ڪنهن به نئين جنس جاري ٿيڻ سان ئي ڪو پراڻي شاعري بلڪل بند ٿي ويئي هوندي. هيءَ سدا حيات صنف ته اڄ تائين به خضري حياتي ماڻي رهي آهي. ويندي ويهين صديءَ تائين به ڪن سگهڙ ماين ۽ ملوڪن انهيءَ قديم فن ۾ طبع آزمائي پئي ڪئي آهي، جنهن جا ڪئين مثال موجود آهن[1]. پر هيءَ سدا بهار صنف، جيئن ته هڪڙي دائمي درياء وانگي وهندي ۽ موسيقيءَ جي مهراڻ جون موجون ماڻيندي پئي آئي آهي، انهيءَ ڪري وقت جي وهڪرن سان، ان جا ڪي الفاظ ۽ خيال، نت نت نئون وڳو اوڍيندا پئي آيا آهن. تاهم هر دور جي ڳيچن جو ڳاراچو توڙي سانچو ساڳيو ئي رهندو پئي آيو آهي. اهي ڳيچ ڪالهه ڪالهوڻيءَ تائين به قلم ۽ ڪاغذ جي قيد کان برتر ۽ بالا رهندا پئي آيا آهن. ڇو نه لکڻ کان گهڻو ڪي وڌيڪ اهي ڳائڻ لاءِ آهن ۽ ڳائڻ مان ئي سرجيا آهن.

                ويدڪ زماني[2] ڌاري انهيءَ روايتي شاعريءَ (Traditional Poetry) جو ’ٻيو دؤر‘ وري ڳاهه سان چالو ٿيو آهي. اها به ڳيچ وانگر ئي غنائي نوعيت واري آهي. مگر ان جي ڀيٽ ۾ هيءَ وري واقعاتي ۽ بياني يا تفصيلي شاعري آهي. يعني ته ڳائڻ کان اڳ توڙي پوءِ ان جي وضاحت ڪرڻي آهي، نه ته ڳاهه جو منجهه معلوم ئي نه ٿيندو. ڳاهن جو بنياد به ڪي قديم ڪهاڻيون، ڪهنا قصا، فرضي واقعا ۽ تفريحي توڙي عوامي آکاڻيون آهن. اوائلي آکاڻيون ته بلڪل ئي ساديون آهن ۽ انهن جا ڪردار پڻ پکي پکڻ، جن ڀوت ۽ ديوَ پريون وغيره آهن. تن ۾ ساڳي ئي سادي ڳاله چپي چپي تي تنواربي آهي.

                هڪڙي ڪنگ پکيءَ جي آکاڻي عام آهي،  جيڪو مڇي ماري اچڻ لاءِ نيرانو ئي نڪري پيو هو ۽ سندس نانيءَ ته انهيءَ آسري تي ڪو ديڳڙو به ڌوئي رکيو هو. ڪنگ کي ته ڪنهن ڪُهي، کائي کپائي ڇڏيو. هاڻي ناني وري ڳولا تي نڪتي آهي.

ڪو مُچ موڙيندو ڏٺئه،

ڪو چُنج چوريندو ڏٺئه،

منهنجو نيرانو ڪنگ.

                اها ڳاهه ڳائيندي، ڏس پتا پڇائيندي، خود راجا کي وڃي سڳ سان پڪڙيائين. تنهن پنهنجو ڏوهه باسيو، ۽ ملڪ جون مڙيئي ڍونڍون ڪنگ جي نانيءَ کي ڏيئي، پنهنجي جند ڇڏايائين. هتي انهيءَ اشاري ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ته هيءَ آکاڻي ڪنهن قديم زماني کان ئي منڇر (يا ماڃر) جي مهاڻن جي ايجاد ڪيل آهي ۽ قديم ماهي گيريءَ واري دؤر جو يادگار آهي.

                عيسوي سن جي آسپاس، ڳاهن جي درمياني دور ۾ وري غير انساني ۽ قياسي ڪردارن جي بجاءِ، آکاڻين جا ڪردار سچاپچا انسان آهن. هڪ ننڍڙي نينگريءَ کي پوتيءَ وڃائڻ جي ڏوهه ۾، وڏو ڀاءُ ڪهي جهنگ ۾ پوري ٿو ڇڏي ۽ ننڍو ڀاءُ وري انهيءَ تي چشم پوشي ڪري وڃي ٿو. سانوڻ جي مينهن تي قبر جي مٿان ڪا ڪدوءَ جي ول پيدا ٿي. ڪنهن جوڳيءَ اتان پڪل ڪدو پٽي مرلي ٺاهيائين ۽ هو انهيءَ مرليءَ کي وڄائيندو، ڳوٺن ۾ بکيا تي پهري پيو. جهڙو ئي مرليءَ مان سُر ڪڍيائين، ته ان مان صدا آئي:

سامي ٿي مڱان، جوڳي ٿي مڱان،

ڪُٺيس ماريس وڏي ڀاءُ، ڪل نه لڌڙي ننڍي ڀاءُ،

ڏيندي ڪا باب بکيا؟

جوڳي مرليءَ کي کنيو هنڌين ماڳين وڄائيندو، هيءَ ڳاهه هونگاريندو رهيو. نيٺ اتي آيو، جتي ماءُ پنهنجي ڌيءَ جو آواز سڃاڻي، جوڳيءَ کي جهجهو ان ڏيئي، اها مرلي ڇڏائي، ۽ رات جو گُندي ۾ سانڀي رکي ڇڏي. صبح جو اٿي ڏسي، ته سندس نياڻي گنديءَ کان ٻاهر نڪري، گهر ۾ پيئي گهمي ڦري[3]. ٿورو غور ڪرڻ سان، هنن ڳاهن ۾ پڻ ٻوڌي زماني جا پڙلاءَ محسوس ٿين ٿا.

                عيسوي سن جي اوائلي صدين ۾، (62ع- 283ع) ڪُشن قوم جي ڪوششن سان، ٻڌ مذهب کي عالمي شهرت ملي. سنڌ ۾ به هن ئي زماني اندر جاتڪ ڪٿائون (مذهبي قصا) گونجڻ لڳا. هن ئي حڪومت جي زماني ۾، ٻڌ مٽ وارنَ جوڳ جو فلسفو پڻ ايجاد ڪيو، جنهن جي بناءَ تي جوڳي پنٿ وجود ۾ آيو. ڪُشن حڪومت هيٺ، عيسوي ٻي ٽي صديءَ کان ته اسين، گذريل زماني جون اڌ سچيون آکاڻيون ۽ نيم تاريخي ڳاهون (Proto Epic Poetry) توڙي قديم واقعاتي گيتن جو ڀرپور غوغاءُ، سنڌ جي راجائي رهاڻين ۾ به ٻڌون ٿا[4]. ڊاڪٽر ڊي. سي. سرڪار، جنهن جي کوجنا جو موضوع قوم ۽ ان جي تاريخ آهي، تنهن جي تازي تحقيق موجب: سنه 375- 400ع ڌاري سنڌ جو آخري ڪُشن راجا واسديو ’اٺون‘، جيڪو سنڌ جي سمورن ٻوڌي عالمن ۽ پڙهيل ماڻهن جي هڪ وڏيءَ جماعت جو پڻ باني هو، سو شاعرن جو ته خاص طرح سان وڏو قدردان هو ۽ انهن جي انجمن جو اعزازي صدر (سڀني) پڻ پاڻ ئي هو. هن جي رس راوڻن (مشاعرن) جو غوغاء، نه فقط ساري سنڌ ۾، پر پوريءَ هند ۾ پڻ پري پري تائين پهتو، هن کان پوءِ جي شاعرن به رفته رفته نيم تاريخي ڳالهين (جاتڪن) جي بجاءِ، خود تاريخي قصن کي ڳائڻ چالو ڪيو ۽ ڳاهه جو پئمانو پڻ (دوهي وانگر) پختو ٿيڻ لڳو. تنهنڪري چوٿين- پنجين صديءَ جي پخته ڳاهن ۽ انهن جي لڳو لڳ اسرندڙ اوائلي دوهن جي شڪل، هڪ ٻئي سان مخطوط هئڻ لازمي آهي.

                پنجين صديءَ جي پڇاڙيءَ (450 يا 495ع ۾ راءِ گهراڻي جو راڄ چالو ٿيو، جڏهن ٻڌ مذهب پنهنجي آخري عروج تي هو. عين انهيءَ زماني کان ئي ’دوهي‘ جا اوائلي آثار پڻ ملڻ شروع ٿين ٿا. ناگپور يونيورسٽي جو ڊاڪٽر ايڇ. ايل. جئن، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ اڄڪلهه دوهي تي آخري سنَد سمجهيو ويندو آهي، تنهن جي تحقيقات موجب: ڏوهو (ڏوهڙو = ڏورڙو = ٻيڻو) به ڳاهه وانگر ئي اول ڪن اڪيلين سٽن ۾ چالو ٿيو آهي. عيسوي پنجين صدي ڌاري دوهي ۾ مختلف ماپ جي سٽن وارا ڪي جوڙا پڻ پاڻ ۾ جڙندا نظر اچن ٿا. انهن جي عنوان ۽ مضمون جو بنياد پڻ ڳاهه وانگر ئي، تاريخي قصن ۽ حقيقي واقعن تي رکيل آهي: جن کي چارڻن ۽ ڀٽن ڳائڻ چالو ڪيو. (وقت گذرندي، انهن کي وڌائي ويجهائي، فن جي قصا خواني لاءِ بيت جي معيار تي آندو) ٻوڌي ڀڪشوئن وري الهندي هندستان ۾، ان کي پنهنجي پرچار جو مستقل ذريعو بنايو ۽ دوهي کي انهيءَ ڪري هڪ مذهبي ۽ روحاني صنف بڻائي ڇڏيو ۽ جوڳ پنٿ وارن آخر تائين ان کي پنهنجي اصلوڪيءَ يعني اختصاري صورت ۾ ئي قائم رکيو[5].

                دوهي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ۽ مڃيل شاعر، جئندو نالي هڪڙو جوڳي هو، جيڪو عيسوي ڇهين صديءَ ڌاري ٿي گذريو آهي. هن جي پرچار جو سلسلو، ڏکڻ سنڌ کان وٺي، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين رهيو آهي. هن جا ’جوڳ سار‘ دوها ته تمام مشهور آهن، جيڪي اڃا تائين به ڪڇ ڪاٺياواڙ ۽ سؤراشٽر سوڌو ملن ٿا[6]. هن کان پوءِ ٻڌ پنٿ جي ٻين جوڳين جا به ڪيترائي دوها ملن ٿا. مگر سرَهو سنت (Saraho) سڀني ۾ سوايو آهي. هتي، هيءَ ڳالهه وري به ياد رکڻ گهرجي ته دوهي جي مقبوليت ڪري ڪو ڳاهه جي اهميت گهٽجي ڪانه ويئي ۽ برهمڻ گهراڻو چالو ٿيو. انهيءَ زماني جي برهمڻن، نه فقط سنڌ ۾ ڌرم جو بنيادي مقصد قرار ڏنو. ٻڌ مذهب جي مساوات، جنهن ۾ اتم جاتيءَ سان گڏ ٻين ماڻهن جو به انساني مرتبو مڃيل هو، تنهن جي وجود کي ئي مٽائڻ جو هنن قصد ڪيو. ٻانڀڻن، ٻڌ مت کي مٽائڻ ۽ هنن کي هيسائڻ لاءِ هر هنڌ غير انساني طريقا اختيار ڪيا ۽ ظلمي ڪاروايون شروع ڪيون. ستين صدي (619ع) ۾ هنن ٻوڌي وڻ به وڍائي ڦٽو ڪيو. سنڌ تي به ستين صدي (632) ۾ ئي هنن غاصبانه قبضو ڪيو هو. ساڌو سرهو (Saraho) به عين انهيءَ انڌڪار جي سمي يعني ستين صديءَ (690ع) ۾ ئي پيدا ٿيو آهي. سنه 750ع ۾ هو جوڳ جي تمام اعليٰ منزل کي پهچي چڪو هو ۽ انهيءَ زماني کان ئي هن پنهنجو انوکو مڪتب فڪر پڻ پيدا ڪيو، جنهن ۾ انهيءَ مظلوم فرقي جو ڪوبه فرد پوشيده رهي سگهيو ٿي. هن ظاهري (امتيازي) رسومات ۽ نمائشي عبادتن کي بلڪل رد ڪري، پنهنجي اندر اجارڻ تي زور ڏنو ۽ نفس جي اصلاح جي ترغيب ڏني. انهيءَ ڪري هو پنهنجي نئين ڪوفي جو ناٿ، باني ۽ رهبر مڃيو ويو.

                سرهي سيلانيءَ جي تبليغ جو سلسلو وري اتر- اڀرندي سنڌ کان وٺي، ويندي پنجاب ۽ ڪشمير تائين عام رهيو آهي. ڪن تاريخن مطابق ته هو ٿٻيٽ کان ٿيندو، وچ ايشيا يعني چيني ترڪستان تائين به ويو آهي. هن جا جملي چوراسي چيلا چيا وڃن ٿا، جيڪي سندس سهجيانه فرقي ۾ ’سڌا‘ سڏبا هئا. هن جا دوها، جن ۾ عميق روحانيت رچيل آهي، سي ’دوها ڪوش‘ نالي ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيل آهن. انهيءَ ڪتاب جا ٽي مڪمل قديم قلمي نسخا: ڪشمير، ٿٻيٽ ۽ چين مان، اصلي حالت ۾ مليا آهن. (جن ۾ سندس هٿ اکرن سان لکيل ڪي دوها پڻ چيا وڃن ٿا!) ننڍي کنڊ جو هيءُ قديم ادبي تحفو (دوها ڪوش)، ڊاڪٽر پي. سي. باگچي، راهل سمڪرتياين ۽ هرپرساڌ شاستريءَ جي ڪشالن جو ڦل آهي. ڊاڪٽر شهيد الله خان، انهن کي ٿٻيٽي ترجمن جي آڌار تي ڀيٽي، پنهنجو ادبي شاهڪار ’ٻوڌي دوها اور گانا‘ جي نالي سان ڪلڪتي يونيورسٽيءَ کي پيش ڪري، سند حاصل ڪئي آهي. اهڙا ڪي دوها ڪوش، بعد جي ٻين ڀڪشوئن جا پڻ آهن، جيئن ته ’جوڳ پرڪاش‘ ۽ ’گورک ٻڌ‘ وغيره. مگر ’سرهاناٿ‘ جي ’دوها ڪوش‘ ۾ جوڳ جي انتهائي منزل فنايت آهي. هن جي وفات اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ۾ (760ع) ڌاري يعني عرب جي اوائلي زماني ۾ ٿي آهي[7].

                عرب فاتحن اٺين صديءَ جي ابتدا (712ع) ۾ اچي سنڌ کي برهمڻن جي چنبي مان ڇڏايو. اسلامي اخوت ۽ رواداريءَ جي ڪري سنڌين کي وري به سماجي توڙي شخصي آزاديءَ جي نعمت نصيب ٿي. پر عرب حڪومت جي ڪمزور هئڻ سبب، راجپوت سومرن به عرب حڪومت جي هلندي ئي، 729ع کان اروڙ ۾ پنهنجي راڄ جو پايو وڌو ۽ وقت گذرندي، سڄيءَ سنڌ تي به غلبو حاصل ڪيائون.

                سومرن جي سياسي طاقت جو ظهور پهريون ڀيرو سال 829ع ۾ دلوراءِ جي نالي سان شروع ٿئي ٿو. جڏهن خليفي هشام بن عبدالملڪ (سن 105 هه- 125 هه/ 723- 742ع) جي دؤر ۾ الرور (اروڙ) جي ڇاوڻيءَ ۾ يمني عربن سان نزارين جا فساد شروع ٿيا، نزاري قرمطين جي حمايت سان سومرا نروار ٿيا، سنڌ جو اموي گورنر عمرو بن محمد بن القاسم اروڙ کي ڇڏي وڃي منصوره وسايو، جتي پڻ يزيد بن عرار سندس گهيرو ڪيو، پر عراق جي حاڪم يوسف هن جي فوجي مدد ڪري کيس بچايو. انهيءَ گهرو اختلافن ۽ جهيڙن جي ڪري عربن جو اقتدار ڏکڻ سنڌ جي ڪجهه شهرن تائين محدود ٿي ويو. ان ريت سومرن جو اقتدار ٻن اڍائي صدين تائين رڳو اروڙ جي شهر تائين محدود رهيو.

                الور (اروڙ) شهر جو بنياد ڪُشن دؤر حڪومت (62- 283ع) کان پوءِ چوٿين صدي عيسوي جي آخر يا پنجين صدي عيسويءَ جي شروعات ڌاري چندرونسي کترين مان راجا سموترا (سيومترا) جي اولاد مان راجا بليڪار (راجا بلند) سنڌ جي تخت گاهه جي زوال بعد اروڙ کي پنهنجو مرڪز ۽ مسڪن بڻايو. بعد ۾ سندس اولاد 495ع کان اتان سنڌ تي حڪومت جي شروعات ڪئي. انهن کي چندرونسي گهراڻي (راءِ گهراڻي) جي نالي سان تاريخ ۾ ڄاتو ويو. هنن مان هاڪارا حاڪم راءِ ديو جي، راءِ سهيرس، راءِ سهاسي پهريون ۽ ٻيو ڪل پنج حاڪم گذريا آهن. جديد تحقيق موجب راءِ گهراڻي جا اهي حاڪم سمن حاڪمن جا وڏا هئا ۽ هنن جي وڏي جو نالو سوم راءِ هو. جيڪو سومرن ۽ سمن جو وڏو ڏاڏو هو.

                سومرن جي حڪومت جي اوائل کان وٺي، سنڌ جا تاريخي قصا توڙي تاريخ جا ٻيا وڏا واقعا، جن کي ڀٽن ۽ ڀانن لاڳيتو پئي ڳايو آهي، سي ڳاهن جي صورت ۾، لاڳيتو ملندا رهيا آهن. اهڙا ڪيترائي قصا (ڇُٽو هميراڻي، ڏومڻ سونارو، سيف الملوڪ، مورڙو ملاح وغيره وغيره). لکيل توڙي زباني صورت ۾ اڃا سلامت آهن، جن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”ڳاهن سان ڳالهيون“ ۽ ”سنڌ جا مشهور قصا“ جي نالن سان ڪتابي صورت ۾ آندو آهي. انهن مان، هر هڪ آکاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ دل وندرائيندڙ ۽ دلچسپ ڪهاڻيون ڳايل آهن: جن مان گهڻو ڪري ڏوهيڙن جي شڪل ۾ آهن.

                مگر ياد رهي ته اها شاعري پراڻن پيشيور ڳائڻن ۽ سنگيت ڪارن جي پيداوار آهي. تن پنهنجي ڳائڻ جي پوري لئي ۽ ڍار بيهارڻ لاءِ، ڪن ڳاهن جي پڇاڙيءَ ۾، وراڻيءَ طور هڪڙي لُنڊي تڪ بيهاري آهي، جنهن کي ’ٽيڪ‘ چئبو آهي. انهيءَ ڪري هتي ٻه- ٺپي ڳاهه جي لکيل صورت ۾ اڍائي ٻول پيا معلوم ٿين. ڏومڻ سوناري جي ڳالهه مان، هتي فقط هڪڙو مثال پيش ڪجي ٿو: دلو راءِ جي ڌيءَ سُهائي، جنهن جي ڏومڻ جي پٽ سان پريت هئي، سا، سانجهيءَ جو وسندي مينهن ۾، ڏومڻ جي در تي آئي آهي، چي:

سَهرا سُتو ننڊون ڪري، نُنهن کي ناهه قرار،

ڦُڙ ڦڙ وسن مينهڙا، ٿو سُهائي جو پُسي هار،

مون من موهيو سونارن.

                هتي ’مون من موهيو سونارن‘ هڪڙي ٽيڪ آهي، اهائي ٽيڪ آهستي آهستي ڳاهه کي ويجهائي وڌائڻ جو وسيلو بڻي آهي. هيءَ آکاڻي اٺين صدي يعني دلوراءِ جي زماني (729ع) جي آهي. انهيءَ مثال مان ثابت آهي ته اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي موسيقار شاعرن جون اهي غنائي مجلسون اوج تي پهتل هيون.

                افسوس آهي، جو اسين تاريخ جي تازين کوجنائن کان بي خبر ۽ اپڀرنش[8] واري فرضي نظريي ۾ مبتلا، اڃا انهيءَ پاروٿي ڳالهه کي ڳنڍ ٻڌيو پيا هلون ته: اٺين- نائين صديءَ تائين به سنڌي شاعريءَ ته ڇا، پر سنڌي ٻوليءَ جي به ڪا ڳالهه ڪرڻ ئي ’بي مقصد‘ آهي. انهيءَ لاءِ هتي اٺين صديءَ جي ئي هڪڙي سياح عالم، آچاريه اُديوتن جو اکئين ڏٺو احوال پيش ڪجي ٿو، جيڪو سؤراشٽر جي دربار ڀمل يعني گهمل مان هتي سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جي چڪاس ڪرڻ آيو هو. واپس وڃي 778ع ۾ جيڪو نتيجو ظاهر ڪيائين، سو سندس ڪتاب ’ڪوليه مالا ڪها‘ ۾ اڄ به موجود آهي. پنهنجا تاثرات ڏيندي، سنڌي ٻوليءَ جي ڪوتا کي ’مڌر ۽ مڌر آلاپ واري‘ ۽ شاندار سڏيو اٿس. چي: اسان اهي سنڌي شاعر ڏٺا، جن کي پنهنجي ملڪ تي ناز ۽ سُريلي نغمي جو ذوق آهي. سي پنهنجي نغمي کي نزاڪت ۽ ميٺاج سان، ڍلي پد ۽ ڍار سان نهايت ئي سريلو ڳائيندا هئا[9]. ڊاڪٽر جيرامداس وري اُديوتن واري انهيءَ نتيجي تي پنهنجو فيصلو ڏنو آهي: ”هن مان ثابت آهي ته عيسوي اٺين صديءَ ۾ سنڌين جي ٻوليءَ کي الڳ نالو نشان ۽ امتيازي حيثيت هئي، ان ۾ اعليٰ ادب جي ڪري، انهيءَ زماني ۾ ننڍي کنڊ جي مڙني مک ٻولين ۾ ان پنهنجو اعليٰ معيار قائم ڪيو هو[10].“

                آچاريه اُديوتن کان پوءِ، نائين صديءَ جو ناميارو عالم، محقق ۽ سياح، ڪويراج سيڪر اچي ٿو. هيءَ گجرات جي راجا مهر ڀوڄ پرهياڙ اندازن (836- 885ع) کان وٺي سندس پوٽي مهيپال پرهياڙ (912- 931ع) تائين، راجائن جو راڄ گرو ۽ دربار جو ’ديوتا‘ شاعر (ڪتبي ۾: دنيا جو حيرت انگيز شاعر) مڃيل هو. قديم هندستان جي ادبي ۽ لساني پڙتال ڪندي، هيءَ مڙيئي ملڪ ڀيٽي چڪو. مختلف ملڪن جي ماڻهن جون مذهبي ۽ سماجي حالتون، خاص طرح سان سندن ٻوليءَ، ادب ۽ شاعريءَ جو خوب جائزو وٺي، ڏاڍا دلچسپ احوال ڏنا اٿس. چي ته: ”ڪشميري چڱا شاعر آهن، پر شعر آلاپڻ جو ڍنگ ڪونه ڄاڻن..... ڪرناٽڪي وڏيءَ آڪڙ سان ڪلام چالو ڪن ۽ سڀ ڪنهن تڪ ۾ تنبوري واري تڻڪار ڪن، پوءِ اها ٺهي يا نه ٺهي... دکن ديس جا دراوڙ ته وري شاعريءَ کان علاوه گفتگو به سريلي ڪن......“ سنڌ جي باري ۾ خاص طرح ڏاکڻي حصي جي شاعري ۽ ادب لاءِ هن ايترو ته ڪجهه لکيو آهي، جو اهو پڙهندڙن کي مبالغي کان به ڪجهه مٿڀرو محسوس ٿيندو. ”هيءَ مڙني ملڪن جو ڇٽ آهي. هتي جا ماڻهو سنسڪرت جي ته نالي کان ئي پري آهن. باقي سندن سوڀياوان ڏيهي ٻولي ڏاڍي ميٺاج سان ڳالهائيندا آهن. هتي جي انوکي ادبي خوبي ته لاڙ جي ئي شاعرن لاءِ مخصوص آهي. سندن شاعريءَ جي پياري ۽ پسنديده طرز، جنهن جي امتيازي خصوصيت رنگيني ۽ لطافت آهي، سان ’لاڙي طرز‘ جي نالي سان ئي مشهور آهي[11].“

                اهڙن غيرجانبدار ۽ غير سنڌي عالمن جي بي رياءَ تحقيق مان صاف ظاهر آهي: ته سومرن جي اوائلي دور حڪومت (نائين- ڏهين صديءَ) جي سنڌي شاعري، انهيءَ زماني جي هند سنڌ ۾ پنهنجو مثال پاڻ هئي، ۽ ننڍي کنڊ جي ٻي ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ان جو ڪو جواب ئي ڪو نه هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ”ڳاهن سان ڳالهيون“ وارو ذڪر ڪيل ڪتاب پڻ اهڙي ئي دعويٰ جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. سنڌ جي هيءَ قديم شاعري اسان جو بنيادي ادب آهي. انهيءَ کي پوئتي اڇلي، اسين اڳتي وڌي نٿا سگهون. اسين پنهنجي ادبي تاريخ جي اڌ مان کڻي،ا ن کي اڳتي ڌڪي به وڃون، ته به ان جي پاڙ ٺڪريءَ تي هوندي ۽ اها بي بنياد ۽ لُنڊي ليکبي.

                هيءُ اسان جي شاعريءَ جو روايتي دور آهي. ڇاڪاڻ ته هن حد تائين ڪنهن به ڳيچ، ڳاهه يا دوهي تي، ڪنهن جو به ڪو شخصي ٺپو لڳل نظر نٿو اچي. مگر هن ئي زماني ۾ سنڌي شاعريءَ جي ’تاريخي دؤر‘ جو پڻ آغاز ٿي رهيو آهي. سمنگ چارڻ، هن زماني جي عظيم تاريخي شخصيت ۽ سومرن جي اوائلي عهد حڪومت (ڏهين- يارهين صدي) جو وڏي ۾ وڏو مڃيل شاعر آهي، جنهن جو ڪيتروئي ڪلام موجود آهي[12].

                هيءُ ناميارو چارڻ، هڪ طرف ته سومرن جي دربار، اروڙ يا برهمڻ آباد ۾ معلوم ٿيو آهي (جتي همير سومري سان سندس پاند اٽڪيو هو)، ته ٻئي پاسي وري ڪڇ جي راءَ، وڪئي ڄام وٽ ڏسجي ٿو. اهو رمتو چارڻ جيتوڻيڪ، اتر سنڌ (اروڙ) کان وٺي، ڪڇ جي ڪناري تائين ڪچهريون ڪندي نظر اچي ٿو، پر اصل ۾ هيءُ ٻنهين حڪمتن جي وچ تي، لاکي ڦلاڻيءَ جي راڄ، ڪيراڪوٽ جو رهاڪو ۽ ڄام لاکي ڳوراهي جو درٻاري شاعر هو. لاکي ڄام جي ئي چوڻ تي هن وڪئي ڏاتار وٽ وڃي، اڻ مندائتا پيرون گهريا هئا. چي:

آءٌ آيس توڏي، ٿر ڏونگر جهاڳي،

جي وڪيو ڄام اپرادي، ته ڪُمندا پيرون ڏي[13].

                هن جي ڪلام تي ته اڳيئي تمام تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي[14]، پر سندس زمانو اڃا تائين مبهم رهندو پئي آيو آهي. تنهن ڪري هتي ان تي ڪجهه روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

                سمنگ جي زندگيءَ جو دؤر تعين ڪرڻ کان اڳ ۾، انهن ٽنهي بادشاهن جو زمانو معلوم ڪرڻ تمام ضروري آهي، جن سان هن جو واسطو رهيو آهي. تن ۾ به وڪيو ڄام، جنهن جو ڪڇ سان تعلق آهي، تنهن جو في الحال ته ڪو به سن سال ملڻ مشڪل آهي. باقي همير سومرو ۽ لاکو ڦلاڻي ته سنڌ ۾ ئي، سري ۽ لاڙ جا حاڪم هئا. تن ۾ لاکو ڄام، ڄمار ۾ مڙني کان وڏو معلوم ٿئي ٿو. لاکي ڄام لاءِ ڪتاب ’نسب نامه جاڙيجه‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: سن 866ع ۾ ڄائو ۽ 955ع ۾ وفات ڪيائين[15]. وري ڪڇ جي گجراتي اتهاس موجب: سنه 919ع ۾ ڄائو ۽ 978ع ۾ لڙائي ڪندي مارجي ويو[16]. ٻنهي حالتن ۾ سمنگ جو ڪڇ ڏانهن وڃڻ، لاکي ڄام جي جيئري ئي يعني سن 955ع کان 978ع واري عرصي ۾ ٿيو آهي، جڏهن چارڻ اڃا نوجوان هوندو. هن زماني تائين به همير سومري جو اڃا ڪو نالو نشان ڪونه ٿو ملي. انهيءَ مان اندازو آهي ته هيءُ چارڻ کان به گهٽ عمر جو هوندو.

                همير سومري جو نالو پهريون ئي ڀيرو تاريخ ۾ تڏهن ٿو ملي، جڏهن جاسل ڪماريءَ کي وڃي زوريءَ کنيائين، جنهن تي راءِ نوگهن جي ساڻس جنگ ٿي. اهو واقعو ڄام لاکي جي مرڻ کان اڌ صدي پوءِ، سن 1020ع ۾ ٿيو آهي[17]. راءِ همير سومري جي تخت نشيني هن کان ڪجهه اڳ (1010ع) ۾ ٿي هوندي. پر سمنگ سان سندس جهڳڙو گهڻو پوءِ، شايد حڪومت جي پوئين عرصي ۾ ٿيو آهي. مگر همير سومري جي وفات جو به صحيح سال اڃا معلوم نه ٿي سگهيو آهي. سندس پوئين ۾ پويون سن، 1055ع معلوم ٿيو آهي، جڏهن ڪيرتي ڳڙهه جي راءِ، ڪيسر ماڪواڻي (يا سندس پٽ) تي هن حملو ڪيو هو[18]. قياس آهي ته چارڻ انهيءَ کان گهڻو اڳي گذاري ويو هوندو.

                هاڻي ڄام لاکي جي ولادت وارو پهريون سن 866ع ليکي ۾ آڻجي، (جيڪو تمام آڳاٽو معلوم ٿئي ٿو)، ۽ همير سومري جي وفات جو سن 1055ع وٺجي، ته وچ ۾ 189 سالن جو عرصو ٿي وڃي ٿو. سمنگ کڻي سؤ سالن کان به مٿي حياتي ماڻي هجي، پر مٿيون عرصو ته تمام ڊگهو آهي. وري جي ڄام لاکي جو جنم 919ع قبول ڪجي (جيڪو صحيح معلوم ٿئي ٿو)، ۽ همير سومري جي وفات جو سن ساڳيو ئي رکجي ته به 126 سال ٿين ٿا. سمنگ جو صحيح سن ته اڃا به وڪئي ڏاتار جي حڪومتي دؤر معلوم ٿيڻ تي ئي مقرر ڪري سگهبو. پر في الحال ادبي تاريخ جي سلسلي کي سمجهڻ لاءِ، جيڪڏهن چارڻ جو زمانو اٽڪل نموني 950ع کان 1050ع جي وچ ۾ رکجي، ته اهو حقيقت جي گهڻو قريب هوندو. انهيءَ حساب سان به هيءَ چارڻ، قاضي قاضن (متوفي 1551ع) کان ڀريون پنج صديون اڳي ٿي گذريو آهي!

                سمنگ جو نالو جو اسان جي ادب ۽ تاريخ ۾ ڪن جڳن کان جيئرو رهندو پئي آيو آهي ۽ صدين جون صديون اورانگهي اچي ويهين صديءَ ۾ منهن ڪڍيو اٿس. تنهن جو سبب سندس لافاني ۽ لاثاني شعر آهي، جنهن جو پڙاڏو فضا کي گونجائيندو اچي اسان تائين پهتو آهي. اهو ڪن اڄوڪن ڪتابن ۾ به[19]، مگر عام طرح سان سگهڙن جي سيني ۾[20]، سربستو سانڍيل آهي. جنهن ۾ ڀانت ڀانت جا ٻول ٻڌايا اٿس. انهيءَ ۾ قديم سُرائتي ۽ روايتي شاعريءَ جون گڏيل صنفون يڪجاءِ ملن ٿيون، جن کي جديد سنڌي شاعريءَ جي قدرن ۽ معيارن مطابق پرکڻ نامناسب ۽ ناممڪن آهي. مگر انهن مختلف صنفن جي تميز: ڪجهه سنگيت جي پراڻين صنفن سان، ڪجهه ڪلام جي پس منظر ۽ مضمونن جي مناسبت مان، ۽ ڪجهه ڪلام جي گهاڙيٽي يا بناوت جي اعتبار کان ڪري سگهبي. موسيقيءَ جي نسبت سان: ڳيچ، ڳاهه، دوهو، سورٺو، (دوهو- سورٺو ميل) ۽ ويندي بيت! وغيره، مڙيئي موجود آهن. اهي سڀئي ڳائڻ واريون شعري صنفون آهن، تنهن مجموعي طور سڄي ڪلام کان ’ڳاهه‘ جي مروج عام ۽ جامع نالي سان سڏيو ويو آهي. مضمون جي لحاظ کان: ڪيرتيون ۽ ڪُوار (هِجو ۽ ثنا)، ۽ پٽون ۽ دعائون، اميدون ۽ تمنائون، وير گيت ۽ وير ڳاهون وغيره، اهي مڙيئي موضوع اچي وڃن ٿا. هن ۾ جيڪڏهن ڪا کوٽ آهي، ته فقط سينگار رس ۽ يعني عشقيه ڪلام جي.

                هتي (آچاريه اُديوتن واري)، انهيءَ چوڻ جي ڪا ضرورت ئي نه آهي، ته سندس سڄي شاعري غنائي ۽ سُريلي آهي. انهيءَ تي وڌيڪ بحث ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻو آهي. باقي موضوع، يعني هر ڪنهن ٻول جي ڳائجڻ جو سبب ۽ ان جو پسمنظر ڏيڻ هڪ تمام طويل ڳالهه ٿي ويندي. مثال طور: سندس هڪڙي ئي ڳاچ ڏيڻ لاءِ به هيترو ته ٻڌائڻو پوندو ته: ڄام لاکي پڄاڻا (978ع)، سندس جائنشين پُنرو ڄام، هيڻو ٿي همير سومري کي ڌيءَ پرڻائي ٿو ڏئي. مگر، هيءُ مجبوريءَ جو وهانءُ هو، خوشيءَ جو نه هو. تنهن ۾ چارڻ به پنهنجي پراڻي خار پلڻ لاءِ، شادي جي خوشيءَ جو وجهه وٺي، همير کي هڪڙي چرچي طور چانڪ هڻي ٿو وٺي. (تنهن ۾ همير جي ڀڳل ڏند هجڻ جو ڏوراپو ڏيئي ڪڍيائين.) ڳيچ جي اصطلاح ۾ هن کي هٻيرو چئبو آهي. اهو هٻيرو هن طرح ڳايائين ته:

جهــــــــــــــڙو آڻ هـــــــر ڦُــــــٽرو، تهــــــــــــڙو جـــــــــي وَر هــــــــوءِ،

ته سَڀ ڀلين سينگار ڪري ۽ ڪچو نه ڪري ڪوءِ[21]

                (يعني جهڙي ڪنوار ڦوهه جوانيءَ ۾ آهي، جي اهڙو ئي ڪو وَر (ڏند ڏاٺ وارو) ملي ها ته سس به جيڪر سنيگار ڪري ها ۽ ڪو ٻيو به هوند ڪچائي نه ڪڍي ها.)

                هن جون ڳاهون به اڪثر همير سومري جي ئي ندا يعني سٺ ۽ ڪوار ۾ ڳايل آهن، ڇو ته همير هن کي ڪو هڪ دفعو قيد ڪيو هو، سا ڳالهه ساريءَ ڄمار هو وساري نه سگهيو. هڪڙي ڳاهه ۾ ڳايو اٿس ته:

ستينءَ هو سوجهرو، اٺين ٿي اونداهه،

هميــــــراڻي باهه، وســـاڻي ورهيــــن کي[22].

                (پهرين پڳ دلوراءِ ’اول‘ کان وٺي ڀونگر ’ٻئي‘ (؟) تائين ته ست ئي راڄ روشن هئا، پر ’اٺين پڳ‘ راءِ همير سومري ته اچڻ سان ئي اوندهه ڪري ڇڏي آهي، سو وري ڪهڙي ٻاريندو؟)

                هن ڪي فقط ڳيچ ۽ ڳاهون ئي نه ڳايون آهن، پر انهيءَ دؤر جي مڃيل ۽ معياري صنف، ’دوهو‘، جيڪو ڀارت جي پڙهيل پنڊتن تائين به اڃا نه پهتو هو[23]، سو به هن جي شاعراڻي تجربي ۾ آيو. ڄام لاکي سان هوڏ هڻي جو وڪئي وٽ ويو آهي، ته هن وري اڳيان گهيٽي جي ڀڳل ٽنگ ويٺي ٻڌي. اهو ڏسي ڏوهيڙو ڏنائين ته:

ڦلاڻي لاکي وٽ، مون وڏو ڪيو ٿي وات،

گهيٽين پٽيون ٻڌي، سو ڏيندو ڪهڙي ڏات[24].

        (هيءُ پورين اٺيتاليهه ماترائن جو دوهڙو آهي. هر هڪ سٽ ۾ چوويهه ماترائون ڳڻي وٺو.)- وري جڏهن وڪئي ڄام، پيرن جي نئين وٽ لهڻ تائين، هن کي ويهارڻ جي ڪئي، تڏهن تنواريائين ته:

وٽ اچي تيسين ويهان، تنهن کي لڳي وير،

جيءَ چارڻيءَ جو، سو واري ڏيندو ڪير[25]؟

هيءُ به هر لحاظ کان ڏوهيڙي جو تز ۽ مڪمل مثال آهي.

                ’سورٺو‘ به دوهي جوئي ڦريل روپ آهي، ان کان الڳ ڪا ٻي شيءِ نه آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته هن جا قافيا وچ ۾ اچڻ ڪري پهرين تُڪ ننڍي ۽ ٻي وڏي ٿيو وڃي، نه ته اهو به دهڙو ئي آهي. اها ملوڪت به سمنگ کان نه ويئي آهي. سنڌ جي ڏهن ڏاتارن کي ڳائيندي، ڄام جکري اوڍاڻي وٽ آيو آهي. جنهن ماڙيءَ تي چڙهي، سڄي ميڙ مٿان سخا جو مينهن وسايو هو. سمنگ ان جي ثنا ڳائيندي چيو ته:

چڙهي ميڙي ماڳ، اوچتو اڌرڪيءَ وٺو،

تارا نه ڪڍن تاڳ، ڄام اوڍاڻي جکرو[26].

        سورٺي جي مٿينءَ وصف موجب، (توڙي ماترائن جي حساب سان به) هيءُ سورهن ئي آنا صحيح سورٺو آهي.

                ڏهن ڏاتارن ۾ وري اوٺو جکراڻي به اچي ٿو، تنهن ته سوالين کي مال جا وڳ به ڏان ۾ ڪاهي ڏنا. جن جي رڳو کُرن جي کيهه يعني رَج (= ڌوڙ) به اُڀ تائين اڏاڻي، ته انهيءَ به راڄن جا راڻا ۽ ڏيهن جا ڏاتار ڍڪي گم ڪري ڇڏيا. سمنگ، هن سخيءَ جي ساراهه ۾ ڄڻ ته سڄوئي ساگر هڪ سوُنگي ۾ سميٽي ڇڏيو آهي.

اوٺي جي ڏانن، کيهون ابر لڳيون،

رج پيئي راڻن، ڏاتار تت ڏٽجي ويا[27].

         هن سورٺي ۾ هر استعارو، ٻئي استعاري ۾ پوشيده آهي، جنهن مان چارڻ جي چترائي ۽ مذاق بکي رهي آهي.

                اهڙيءَ طرح ’دوهي- سورٺي‘ ميل جا مثال پڻ موجود آهن، جن ۾ قافيو هڪڙيءَ سٽ جي آخر ۾ ته ٻيءَ جي وچ تي رکيل آهي. مطلب ته هن جي ڪاويه رس، (ڪويراج سيڪر جي ڳالهه وانگي)، رنگ برنگي آهي، جنهن جي هر هڪ ٻول جو رنگ ئي نيارو آهي. هتي هر گفتي جي وضاحت ڪرڻ جي بجاءِ، هن جو آخري عجوبو پيش ڪجي ٿو. هي سمنگ جي هڪ حيرت انگيز ايجاد آهي.

                جهڙيءَ طرح ڪو پکي: جڏهن آني اندر ئي پنهنجيءَ پوريءَ ڪماليت کي پهچندو آهي، تڏهن ٻاهر اچڻ لاءِ بيتاب ٿي، آنو ٺوُنگي سان ڦوڙي، ان جو کوپو ٽوڙي، آزاد فضا ۾ پهري پوندو آهي، تهڙي طرح ئي: هن حساس چارڻ جي دل جي درياءَ ۾ به جڏهن ڪو طوفان اڀريو آهي، ۽ ان مان ڪا امنگ بيتاب ۽ بيقرار ٿي آهي، ته اها ئي امنگ، دهڙي جو به شڪم ڦوڙي، ان جو روايتي ۽ رسمي کوپو ٽوڙي، سربستو ئي ٻاهر نڪري پيو آهي. هن جي من مان جي اڌمو اٿيو آهي، ته ان کي هيءُ وچ تي روڪي نه سگهيو آهي ۽ پنهنجي پوري تمنا، توڙ تائين ٻڌائي پوءِ ساهه کنيو اٿس. اهي ڪست ۽ ڪٽڪيون به همير سومري تي ڪيون اٿس:

ڍُري ڍوريءَ راءُ، جنهين چارڻ ساڻ کاههُ،

پتڻ پٽيي جو ٿيو، سيج وِتايو ساهه،

هميران پوراهه، راڄ نه ڪندا سومرا[28].

                مطلب ته همير تي پوري ڇوهه ڇنڊڻ لاءِ، هن کي دوهي جون رڳيون ٻه سٽون ته پوريون پئجي نه سگهيون آهن. ۽ جولان ۾ اچي وراڻيءَ کي وڌائي وڃي ڏوهيڙي کي به ڏيڍوڻو بيهاريو اٿس!

                جيڪڏهن ڇڙهين ٻن سٽن ۾ ئي قافيي جي ڪا مٽ سٽ هجي ها، ته ان کي جيڪر دوهي- سورٺي ميل جو گڍو وياءُ سڏي سگهجي ها. پر هيءُ نڪي سورٺو آهي، نڪي دوهو، ۽ نه وري بيت آهي. باقي بيت ڏانهن وِک وڌائڻ جي هڪڙي ابتدائي ۽ ڪامياب ڪوشش آهي. هاڻي، هيءُ جو دوهو نه آهي ۽ بيت به نه آهي، ته پوءِ انهيءَ صنف کي ڇا سڏبو! جي انهيءَ جو ٻيو ڪو ٻانگ جو نالو نه آهي، ته هن کي لوڙائو سڏڻ ۾ ڪهڙو اهم ٿيندو؟ بهرحال هيءَ ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي، جو ڏهين- يارهين صديءَ ۾ ئي ڏوهيڙي کان ڏيڍوڻو، پڪين ٽن سٽن جو شعر ملي وڃي!!


([1]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 2، باب ڏهون، ص 165- 194. سال 1963ع. (انهيءَ ڪتاب ۾ طالب الموليٰ، مير عبدالحسين سانگي، خليفو نبي بخش قاسم، حافظ تاج محمد، حاجي عبدالله، روشن علي شاهه، مولانا عبدالغفور مفتون همايوني سوڌو ٽيهارو کن شاعرن جو ڪلام شامل آهي.

([2]) تازين تحقيقاتن مان معلوم ٿيو آهي ته ويد شاستر، قبل مسيح پنجين صديءَ کان لکجڻ لڳا آهن. وڌيڪ وضاحت ۽ سنَد ثابتيءَ لاءِ ڏسو، ’پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ‘: رسالو مهراڻ، جلد نمبر 17، نمبر 4، ص ص 106 ۽ 158. سال 1967ع.

([3]) محترمه زبيده بيگم شيخ، لوڪ ادب جو ستاويهون ڪتاب: ”ڳاهن سان ڳالهيون“: ص 1 کان 31.

([4]) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته: ”سنڌ جا مروج قصا، چوٿين صدي عيسوي ۾ اسريا آهن.“ (ڏسو: سنڌ جا مشهور قصا، مقدمون، ص، 1، سال1964ع)

([5]) پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ: ص 145.

([6]) پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ: ص 145.

([7]) سرها ناٿ جو احوال مختلف ڪتابن مان ميڙي ”پراڪرتي شاعري “ جي عنوان هيٺ، مهراڻ رسالي 1968ع ۾ فراهم ڪيو ويو آهي، جيڪو ص 150 کان 153 تائين ۽ مقالي جي ڪن ٻين صفحن تي به آيو آهي. هتي ان ضخيم مقالي مان فقط ڪي چند نڪتا چونڊي پيش ڪيا ويا آهن.هتي اسان جي نيت نه ته ڪنهن ناٿ جي ناماچار ڪرڻ جي آهي، نڪي ’ٻڌ مذهب جي ساراهه‘ ڪرڻ جي، ۽ نه وري ان جي ڀيٽ ۾ ڪو ’برهمڻي واد کي برو ثابت ڪرڻ يا هندو ويساهه وارن جي تڪ ۽ دل آزاري ڪرڻ جي آهي.‘ جيئن سمجهيو ويو آهي، اسان جو اصل مقصد اگرچ دوهي جي تحقيق ۽ انجي تاريخ ڏيڻ آهي. مگر اهڙيءَ تحقيق ۽ تاريخ جي چٽائيءَ لاءِ به ڪي انگ اکر ۽ تاريخ جون ڪي ٻيون حقيقتون، حجت جي طور تي آڻڻيون پون ٿيون. تنهن هوندي به اسان هتي اشاري ۽ اختصار کان ڪم ورتو آهي. دوهي کي اسان پنجين- ڇهين صدي عيسويءَ کان کنيو آهي ۽ ستين- اٺين صدي عيسويءَ تائين اچي پهتا آهيون، جيڪو عرب حڪومت جو اوائلي دور آهي.

([8]) ناگپور يونيورسٽيءَ مان ’اپڀرنش‘ شعبي جي صدر، ڊاڪٽر جئن (جيڪو مٿي دوهي جو ڊاڪٽر ڄاڻايو ويو آهي.) تازو جيڪا تحقيق ڪئي آهي، تنهن کي محقق ۽ عالم قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هو پنهنجي ڪتاب ’اپڀرنش ساهتيه‘ ۾ لکي ٿو ته ’اڀير ڀاشا‘ يعني اپڀرنش، اڀير حاڪمن جي ٻولي آهي.- هن فاتح قوم، عيسوي سن جي اوائلي صدين ۾ اڀرندي ايران کان اچي، ڏکڻ هندستان ۾ پنهنجو دڳو دمايو. جتي سندن ’ڪلاچاري سنبت‘ اڃا تائين هلندڙ آهي. اڀيرن جي حڪومت هيٺ: مهاراشٽر، خانديش، دکن، ڪانڪن، چندر اولي، ناسڪ ۽ ڀلسا وغيره جا سڀيئي علائقا شامل هئا. انهيءَ سڄي ايراضي جنهن ۾ هنن هزار سالن کان مٿي حڪومت ڪئي آهي، اتان سندن سڪا ۽ ڪتبا پڻ ڪافي تعداد ۾ مليا آهن.

سنڌ ۾ وري انهيءَ عرصي اندر: سٿين، ڪُشن، ترڪ، ساساني، راءِ گهراڻو، برهمڻ گهراڻو، عرب، سومرا ۽ سما، هڪ ٻئي پٺيان لاڳيتي حڪومت ڪندا آيا آهن. تاريخ جي انهن حقيقتن مان صاف ظاهر آهي ته اڀير حاڪم ڪڏهن به سنڌ ۾ نه آيا آهن ۽ نه وري سندن ٻولي ’اڀير ڀاشا‘ (اپڀرنش) به اسان تائين ڪا پهتي آهي. اپڀرنش جو انتهائي اوج ٻارهين صدي عيسوي ۾ رهيو آهي. پر انهيءَ کان پنج- ست صديون اڳ ۾ ’واسديو‘ وٽ صاف سنڌي شاعري هلندڙ هئي. (وڌيڪ خاطريءَ خاطر ڏسو: مهراڻ 1968ع جو نمبر 4، ”پراڪرتي شاعري ۽ قديم سنڌ“: ص ص 142 کان 149).

 ([9]) ڏسو ”پراڪرتي شاعري:“ مهراڻ 1968ع، ص 147.

 ([10]) ڏسو ”پراڪرتي شاعري“: مهراڻ 1968ع، ص 147.

([11]) ڏسو ”پراڪرتي شاعري“: مهراڻ 1968ع، ص 147 کان 149.

([12]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳاهن سان ڳالهيون“: ص 176 تائين- پڻ ڏسو: 112 کان 117، سال 1963ع سنڌي ادبي بورڊ.

([13]) شيخ دين محمد (ميراثي) ريڊيو سنگر.

([14]) وگهامل محرم خان، ’سمنگ چارڻ‘ مهراڻ 1966ع جو جلد 15، نمبر 1 ۽ 2.

([15]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان: لوڪ ادب جو اوڻٽيهون ڪتاب، ”مشهور سنڌي قصا“ ص 149.

([16]) رائچند: ”تاريخ ريگستان“: ص 79، سال 1956، سنڌي ادبي بورڊ.

([17]) رائچند: ”تاريخ ريگستان“: ص 37، سال 1956، سنڌي ادبي بورڊ.

([18]) رائچند: ”تاريخ ريگستان“: ص 38 ۽ 39، سال 1956، سنڌي ادبي بورڊ.

([19]) (1) منگها رام اوجها جو مقالو ’وڪيو ڏاتار‘.

(11) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘

(111) وگهامل محرم خان: ’سمنگ چارڻ‘ ۽ متفرقه تاريخون.

([20]) صوفي صادق فقير هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:

چارڻ چوٽائي مڙهي، ونئن ’سمنگ‘ سٽي،

ساز ڌارج سُٿرو، مڱڻهار مٽي،

نڱي وڃي نڪري، هيءَ جا ويل وٽي،

ڪنجهي جا ڪٽي، وئو چارڻ اوڏهين.

([21]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”لوڪ ڪهاڻيون“- ’ڳاهن سان ڳالهيون‘، جلد 7، ص 116، سال 1964ع، سنڌي ادبي بورڊ.

([22]) وگهامل محرم خان: ’سمنگ چارڻ‘ مهراڻ 1966ع، نمبر 1 ۽ 2، ص 131.

([23]) ڏسو پراڪرتي شاعري: مهراڻ نمبر 4، ص 146.

([24]) ڳاهن سان ڳالهيون: ص 180.

([25]) ڳاهن سان ڳالهيون: ص 181.

([26]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“- ’ڳاهن سان ڳالهيون‘، جلد 7، ص 178، سال 1964ع سنڌي ادبي بورڊ.

([27]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“- ’ڳاهن سان ڳالهيون‘، جلد 7، ص 178، سال 1964ع سنڌي ادبي بورڊ.

([28]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“، ص 70، سال 1962ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org