”اوائلي انسانن جا هڪ – سرا آلاپ
(Single Tone)
۽ لاتيون جن کي ’ناد‘ (پران
وايو
Air=)
چيو ويو آهي، سي وڌندا ويجهندا، آخر ٻن- چئن سرن
وارا جاتي ڳِيا بڻجي پيا[1].“
هتي نه رڳو آوازن ۽ سرن جي واڌ ويجهه ڏانهن اشارو
آهي، پر انهيءَ سان گڏ اچارن ۽ لفظن جي واڌ به
سمجهڻ گهرجي. جيئن مٿي به سمجهايو ويو آهي.- ”خالص
قسم جا جاتي ڳيا ساهت ۽ سنگيت ۾ دراصل نُکون يا
پاڙا يعني ذاتيون آهن۽ اهي ڳائڻ – وڄائڻ جو به منڍ
مڃيا ويا آهن. تنهنڪري جاتيون، ڳائڻ – وڄائڻ جي
بنياد کان سواءِ ڪا به ٻي شيءِ نه آهن[2].“
هن فني تعريف يا وصف موجب پڻ ’جاتي ڳيا‘ لفظ
منجهائيندڙ آهي، جنهن جي معنيٰ قومون راڳڻيون
توڙي، به ٿي سگهي ٿي.- ”هي گيت انتهائي ترقيءَ جي
منزل تي پهچڻ کان پوءِ به فقط ٽن – چئن آوازن اندر
ئي ڳايا ويندا هئا ۽ آوازن جو دائرو پنجن سُرن کان
ٻاهر ته ڪڏهن به نه وڌايو ويو[3].“
يعني ”هنن گيتن جو سُر مٿي چڙهندي ڪنهن به حالت ۾
’سپتڪ‘
(Octave)
جي ستين سُر يا آخري آواز
تائين نه پهچي سگهيو[4].“
اهڙي نظريي جو عملي ثبوت بانس جي ٺهيل انهن
بانسرين (يا هڏي جي نڙيءَ مان ٺهيل نڙاٽين ۽
نڙانڊين) مان به ملي ٿو، جيڪي پروفيسر پگٽ جي چوڻ
موجب موجود سنڌو ماٿريءَ جي سڄيءَ ايراضيءَ مان
هيٺين تَهَن تائين لڌيون ويون آهن. اُنهن بانسرين
۾ به سوراخن جو ڳاڻيٽو هر حالت ۾ پنجن کان گهٽ ئي
بيهي ٿو. هتي بانسريءَ جي بنيادي آکاڻي فقط ڊيگهه
ٿيڻ جي ڊپ کان نه ڏني ويئي آهي. دراصل بانس جي
ٻيلن ۾ طوفان لڳڻ سبب، اوائلي انسانن کي سيٽين
جهڙا سُر ٻڌڻ ۾ آيا.
’بشنواز نئي چون حڪايت مي ڪند!‘
انهن آوازن ٻڌڻ ڪري انسانن کي بانسريءَ بنائڻ
جو خيال آيو. بانسري به دنيا جو پراڻي ۾ پراڻو ساز
آهي. منڍ ۾ بانسري فقط ’آس‘
(Drone)
جو سُر ڏيندي هئي. پوءِ جيئن
جيئن وڌيڪ سُر معلوم ٿيندا ويا، تيئن تيئن سوراخن
جو تعداد به وڌندو ويو. سنڌو ماٿري ۾ بانسريءَ کان
علاوه ٻيا ساز پڻ ايجاد ٿيندا رهيا، جن مان ڪن جو
احوال ته مٿي تفصيل سان به اچي چڪو آهي. انهن ۾
وڄت جا ساز کڙتال، ٿالهي، جهانجهه، گهڙو، مرڌنگ،
پکراج ۽ ڍولڪ، ناچ ۽ ٿاپ ڏيڻ لاءِ ضروري هئا. تن
سان گڏ ويڻا ۽ بانسريءَ جي به سنگت ٿيندي هئي. شُڌ
جاتي ڳين جا جيڪي ڳڻ ٻڌايا ويا آهن، انهن ۾ هڪڙو
هيءُ به آهي ته جاتي ڳِيا الڳ الڳ تال ۾ ورتا
ويندا هئا[5].“
جاتي ڳِين جو ٻيو وڏي ۾ وڏو مک لڇڻ جيڪو ليکيو ويو
آهي، سو هيءُ آهي ته جاتي ڳِين جو بنياد نِرت ۽
ناچ تي هو[6].“
جاتي ڳيا نرت کان سواءِ سانگ (ناٽڪ) ۾ به خاص طرح
سان لاڳو هوندا هئا[7].“
پوءِ ڇاڪاڻ ته جاتي سنگيت گهڻو ڪري سانگ رچائڻ جي
ئي ڪم ايندو هو، تنهنڪري ان کي ’نتيه ڳيا‘ نرتيا
گيت
(Stage song)
چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي
ته اهي سريلا گيت جيڪي ناٽڪ سان لاڳو هجن[8].“
دراصل، اهو ڳائڻ وڄائڻ توڙي تال ۽ ناچ اوائلي
انسانن جي لاءِ رات جي فرصت ۾ ايڏو ته عام هو، جو
اهو گويا انهن جي عادت بڻجي چڪو هو. اها به پڪ آهي
ته انهيءَ پٺيان ضرور ڪو ڌرمي ۽ مذهبي پس منظر به
هوندو، ۽ ڪي وهم ۽ وسوسا به پوشيده هوندا. ”مذهب
جي ارتقائي مطالعي مان به پتو پوي ٿو ته سڄيءَ
دنيا ۾ مذهبي رسومات جي ادائگيءَ لاءِ ڳائڻ ۽ نچڻ
نه فقط عام هو، پر بيحد ضروري پڻ هو[9].“
شروع ۾ ڳائڻ- وڄائڻ فقط مذهبي رسمن
(Rituals)،
بندگي
(Worship)
۽ دعائن
(Prayers)
لاءِ مخصوص هو، جيڪو پوءِ
زراعتي دؤر جڏهن ماڻهن پوکي راهي شروع ڪئي ته اهي
وَتين ۽ واهڻن ۾ به ڳائجڻ لڳا. انهيءَ کي پوءِ
’گرام ڳِيا‘
(Village songs)
ڪوٺيو ويو[10].“
گرام ڳِيا اڳتي جدا عنوان سان بحث هيٺ ايندا. في
الحال جاتي ڳين جو بيان ٿي رهيو آهي. ”جاتيون
انهيءَ ڪري گرام ڳين (۽ راڳ- گيتيءَ ٻنهي) جو اصل
يا اڳواڻ آهن[11].“
جاتي ڳيا، ڳائن وديا جي شروعات ۾ پڻ نج پدري
(ڄڻيندڙ
(Parent=
قسم جا گيت مڃيا ويندا هئا ۽
اهي ستُ بنيادي ’لوڪيڪا‘
(Loukika)
يا ديسي راڳ سمجهيا ويندا هئا[12].“
جدا جدا شاسترن ۾ انهن جو تعداد گهٽ – وڌ ڄاڻايل
آهي. جنهن جو سبب هيءُ ٿي سگهي ٿو ته نوان آيل
آريا، پهريائين ته اهڙن سڀني ڳين کي شايد هڪ ئي
نموني ۾ ’رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون‘ سمجهندا هئا ۽
پوءِ هري هري هنن ۾ ڳين جي نمونن ۾ تميز ڪرڻ آئي
هوندي! پهريائين ته بلڪل مک ۽ وڏين قومن جا ڪي
مقبول عام ڳيا سڃاڻي سگهيا هوندا. پوءِ جيئن جيئن
کين جدا جدا ذاتين ۽ قبيلن جي نرالن گيتن ٻڌڻ جو
وارو ملندو رهيو ۽ انهن جي وچ ۾ ويڇي ڪرڻ (تفريق
ڪرڻ) جي ساڃهه منجهن وڌندي آئي، تيئن تيئن انهن جو
تعداد به وڌندي، چار، ست، ڏهه، چوڏهن، ارڙهن،
ويندي ويهن تائين به وٽن مڃيو اٿن. جن ڪتابن ۾
انهن جو تعداد مختلف ملي ٿو. انهن جي وچور ڏيڻ جي
هت ضرورت نه آهي. باقي اهڙي فرق ڄاڻائڻ لاءِ هت
هڪڙو هاڻوڪو مثال پيش ڪجي ٿو: ’ڳيا‘ لفظ اسان وٽ
اڃا به موجود آهي، جيڪو شاديءَ جي ڳيچن جو اصلي
نالو آهي. اهي شادين جا ڳيا، اسان جي غنائي
شاعريءَ جي تمام پراڻي ۾ پراڻي جنس آهي، جا پاڻ
بچائيندي، ويس مٽائيندي، ڪنهن طرح سان سلامت رهندي
آئي آهي. انهيءَ ۾ به ڏسبو ته جدا جدا ذاتين ۽
نياتين جا، يعني ’سماٽڪا‘ سنڌي ساٺ ڳيا پنهنجا،
’سرائيڪي گيت‘ پنهنجا، اهڙيءَ طرح ’ٿري‘ ۽ ’ڍاٽي‘
لوڪن، توڙي ’سرائيڪي‘ ڳالهائيندڙ ٻروچ ذاتين جا
ڳاچ اڄ به هڪ ٻئي کان مختلف شڪل جا آهن. اهڙو ئي
اختلاف، ڊاڪٽر ڪرٽ سُڪس جي به چوڻ موجب، پراڻين
قومن جي ڳائڻ منجهه هو. انهيءَ ڪري ئي جاتي ڳيا
الڳ الڳ نُکن ۽ پاڙن تي ڳڻيا ويا. اهي عليحديون
نکون ۽ نياتيون، جڏهن هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آيون،
تڏهن انهن جي ميل مان گهڻيون ئي گڊيون ذاتيون وڌي،
وڏي پيماني تي پکڙجڻ لڳيون. (جن سڀني تي دراوڙ
نالو پيو.) انهن گاڏڙ ذاتين ۽ جاتين جا گڏيل ڳيا،
جن کي ’سمڪيرڻ‘
(Mixed)
جاتي ڳيا چيو ويندو هو، ڪجهه
اؤر ئي رنگ جا هئا. انهن گاڊڙ جاتي ڳين جي سڌريل
صورت پوءِ ’گرام ڳيا‘ (ڳوٺاڻا ڳيچ) جي نالي سان
مشهور ٿي ويئي.
جاتي ڳين جا اصلي ٻول ملڻ اڃا ته ممڪن نه ٿيو
آهي، البت انهن جي موضوع ۽ مضمون لاءِ اهو اندازو
ڪري سگهجي ٿو ته اهي اصل ۾ شڪارين ۽ ڌراڙن (ڌنارن)
جا گيت هئا. تنهنڪري انهن ۾ ناچ جي دوران جانورن
جي ڦاسائڻ، هيرائڻ، ڌارڻ ۽ مارڻ متعلق ئي ڪي وهمي
عقيدا ۽ جذبات دهرايا ويندا هوندا! هيئت جي باري ۾
ته پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته جاتي ڳيا ٽن لفظن واري،
هڪ سادي ۽ مفرد جملي کان وڌيڪ ٻي ڪا شئي نه هوندا.
مُنيءَ ڀارتيه، به چيو آهي ته ”جاتي ڳيو ’ورت‘،
(پد:(Bar
مان اُسريو آهي ۽ ورت (پد:
لفظ) وري جدا جدا اکرن جي جوڙ يا ميلاپ کي چئبو
آهي. اهڙيءَ طرح هر هڪ جاتيءَ ۾ ٽي ورت يعني پد
(لفظ يا گفتا) هوندا هئا[13].“
گرام ڳيا:
The Village Folk Singing
پراڻن پستڪن ۾ لکيل آهي ته ”ڳِين جو سڌارو ۽
واڌارو سلسليوار ۽ درجي بدرجي ٿيو آهي. پهريائين
پراڻا ۽ اصل جاتي ڳيا هوندا هئا. انهن جي باهمي
ميل ميلاپ سان مخلوط يا گڏيل
(Mixed)
جاتي ڳيا پيدا ٿيا. انهن ٻنهي
شڌ ۽ گاڏڙ جاتي ڳِين جي سنجوڳ سان ’گرام ڳيا‘ يعني
ڳوٺاڻا گيت اُسريا. آخر انهن ڳوٺاڻن يا ديهاتي
ڳيِن ۽ ’مرڪب‘ جاتي ڳين جي ڪثرت استعمال سان
روايتي راڳ جو ساروئي ڪچڪول ڪٺو ٿي ويو. انهيءَ
سڄي ئي گڏ ٿيل گنج تي آرين اچي ’ديسي‘ (لوڪيه)
نالو رکيو[14].“
پڌرو هجي ته گرام ڳِيا کيتيءَ ۽ واهيءَ جي ڌنڌي جو
پڙلاءُ آهن. کيتيءَ ۽ واهيءَ جي ڌَنڌي سان ئي
’واهڻن‘ جو بنياد پيو. تنهنڪري اهو انومان ڪڍڻ سچ
جي بلڪل ويجهو آهي ته گرام گيت اٽڪل چار هزار سال
ق.م. کان چالو ٿيا هوندا! ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت کان
ئي واهڻن ۽ وستين جو مستقل بنياد پوڻ شروع ٿيو.
زمين ڪاشت ڪرڻ سان گڏ ئي رولو شڪارين ۽ ڀٽڪندڙ
ڀاڳين جي سيلاني زندگيءَ ۾ ٺاپر اچڻ لڳي. خانه
بدوشيءَ جي بجاءِ خانه سازي شروع ٿي. جدا جدا
ذاتين ۽ قبيلن مان ڪڙمي ۽ هاري، پاڻيءَ جي سَٺي
سارُو ڀليون زرعي زمينون والاريندا، وسندي ڪندا
ويهندا ويا. اهڙيءَ طرح ’وس‘ ٿيندي رهي ۽ وستين جو
بنياد پوندو ويو. ڪڙمين جا ڌار ڌار ڪڙم، جدا جدا
جاين تي جهوپڙين جا جهڳٽا ٺاهيندا بيٺڪون وجهندا
ويا. ”انهن ديهاتي جهوپڙين ۾، پنهنجن پراڻين مذهبي
رسمن جي علاوه، هنن زرعي (موسمي) ۽ سماجي ڏڻ-
تهوار مقرر ڪري، ملهائڻ شروع ڪيا. جن جو لاڳاپو ٻج
پوکڻ، مال ۽ پوک لاءِ دعائن گهرڻ، لاباري جي
خوشيءَ ملهائڻ، يا ٻار ڄمڻ ۽ شادي غمي وغيره سان
هو. انهيءَ ۾ ڳائڻ ۽ نچڻ جا ڪيترا نوان نمونا نڪري
پيا[15].“
ٽي- سي- برڪلي جي راءِ آهي ته ”انهيءَ قديم زماني
۾ سڀ جشن ۽ پوڄائون ڳائڻ سان لاڳاپيل هيون. هن
سڀيتا ۾ دراصل دنياوي راڳن کان نج مذهبي گيت هر
طرح هيڪاندا هئا. ڇو ته ريتين ۽ رسمن ۾ هاڻي نه
رڳو (مال ۽ شڪار لاءِ) آسماني ديوتا پوڄي پرچائڻا
هئا، پر اهڙا ٻيا سوين عناصر به جن جو ضابطو
روزانه زندگيءَ تي هو، تن سان پڻ نڀائڻو هو. پوک،
شڪار، شادي، غمي، ڄم، دفنائڻ، جنگ ۽ مسافريءَ
وغيره لاءِ جدا جدا نموني جون دعائون گيتن ذريعي
گهريون وينديون هيون. ان کان سواءِ پورهئي ۽ پيا
جا ڳيِا، لولين ۽ راندين، پيالي پاڻيءَ جا ڳيا
وغيره به هلندڙ هئا[16].“
پروفيسر ماريس سينڊر
(Prof: Marius Schneider) به چيو آهي ته ”ڳائڻ ۽ نچڻ اوائلي تهذيب ۾ بلڪل ويجها
لاڳاپيل هئا.... سڀيئي جشن جن ۾ کيتي، جنم، موت،
شادي، جنگ ۽ موسمي فصلن جا ڏينهن- وار شامل هئا،
ڳائڻ جي ئي وسيلي ملهائبا هئا. موت ۽ سوڳ جي گيتن
۾ زالن جا پار ۽ اوسارا ۽ مئل جي ساراهه ۾ مڙسن جا
ڳايل گيت، وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جهڙا هئا[17].“
گرام ڳين جي مٿي ڳڻايل موضوعن مان پڌري پٽ ثابت
آهي ته اهڙا عنوان رڳو رولو ۽ گهومو شڪارين يا
ڌراڙن ۽ ڳنوارن جا ٿي نٿا سگهن. باقي موضوعات ۾
ايڏي ڪثرت ڪيئن آئي ۽ ڇو آئي، تنهنجا ڪي ڪارڻ هيٺ
ڏجن ٿا.
ابتدائي ۽ عارضي وسندين ۾، پهريائين کڻي ساڳئي
ڪڙم جي ئي ڪڙمين جون ڪي جهوپڙيون هونديون، پر
هنڌائتن ۽ سمجهائتين واهڻن ۽ وستين ۾ پوءِ وڏي
پيماني تي واڌ ٿيڻ لڳي. اهڙين مناسب جاين تي ٻڌل
ڪچا ڳوٺ، جلد ئي وڌي وڏا شهر ٿيڻ لڳا. ڪوٽڏيجي،
آمري، هڙپا، موئن جو دڙو، جُهڪر ۽ چانهوُن جا دڙا
وغيره ان زماني جون اوائلي راڄڌانيون
(City states)
بڻجي ويون. اهڙن مرڪزي شهرن ۾
رنگ ۽ بڻ جي ڀيد کان سواءِ هِتان هُتان جا ماڻهو
مڙي اچي گڏ ٿيا. ’سئو سنات، ٻارنهن ذات‘ وارو
معاملو مچي ويو. في الحال ته سڀ ڪنهن نئين شهر جي
تهذيب، عمل- ردعمل جو آکاڙو بڻجي ويئي: جيسين وڃي
انهن ۾ ڪو اندروني ميل ميلاپ وڌي، سٻنڌ پڪو ٿئي ۽
ڀانت ڀانت جون ريتون رسمون هڪ ئي مرڪز تي اچن. آخر
اهڙن ڳوٺن جو مذهبي دائرو وسيع ٿيڻ لڳو ۽ هر ڪنهن
جون پوڄائون ۽ دعائون باهمي سمجهوتي سان مقبول عام
ٿيون. ڏينهن ۽ وار تي هر نموني جون ريتون رسمون
مشترڪ نموني ملهائجڻ لڳيون. انهن سببن ڪري گرام
گيتن جي موضوعات ۾ ايڏي ڪثرت پيدا ٿي. ”ديس جي ڌار
ڌار ڀاڱن ۾ ڀانت ڀانت جا ڳيچ هلندڙ هئا، جن کي
ماڻهو عام طرح ڳائيندا رهندا هئا. انهن کي نج
’ديسي‘ مڃيو ويندو هو. اهڙن علائقائي ڳِين جي
سمجهاڻي آريائي شاسترن ۾ هيءَ آهي ته اُهي گيت
جيڪي آسپاس جي پرڳڻن ۾، نرالي نرالي ڍنگ سان،
پنهنجي پنهنجي مقامي رنگ ۾ ڳايا ويندا هئا. ۽ ڪنهن
به هڪڙي ئي ملڪي نيِمَ، يا ڪنهن عام اصول جي
پابنديءَ هيٺ آيل نه هئا[18].“
پراچين جُڳَ ۾ اهڙين ڳيچن کي ’ديس ڳِيا‘ چيو ويندو
هو، جن تي مقامي نالا پيل هجن[19].“
مهاڀارت ۽ هري ونش ۾ به گرام ڳِين جو بيان ڏنل
آهي، ۽ انهن لاءِ چيو ويو آهي ته اهي جاتين يعني
جاتي ڳِين مان جڙيل آهن[20].“
مطلب ته جاتي ڳين ۾ جا ايڏي اوڌ آئي، جنهن گرام
ڳين لاءِ هيترو مواد مهيا ڪيو، سو سڄوئي زراعتي
زماني جو ڪرشمو چئبو. ”پوک سان لاڳاپو رکندڙ رسمن
ملهائڻ ۾ راڳ ۽ ناچ، دنيا ۾ هر هنڌ مک ڪردار ادا
ڪيو آهي[21].“
معلوم ٿئي ٿو ته هي گرام گيت، پوءِ ناچ ۽ ناٽڪ ۾
جاتي ڳين کان به گوءِ کڻي ويا هئا. جيئن ته
’برهما‘ (آريائي ديوتا) جي آگيا آهي ته ”سانگ
رچائڻ لاءِ گرام گيت ڳائڻ بلڪل ضروري آهن[22].“
گرام ڳين جا مضمون ته مٿي اڳيئي معلوم ٿي چڪا
هوندا، باقي انهن جي هيئت جي باري ۾ ايترو چئي
سگهجي ٿو ته سِڌن سنواٽن جاتي ڳين جي ڀيٽ ۾ هنن
جون ڪَليون ڪجهه مڙئي ڪلا واريون ۽ ڪن مرتب جملن
تي مشتمل هونديون! پر اها هوندي وري به هڪڙي سٽ،
اها هڪڙي سٽ يا مصرع ئي ورائي ڦيرائي ڳائيندا
هوندا! انهيءَ دراوڙي دؤر ۾، مٿين ٻن صنفن، يعني
جاتيءَ ۽ گرام ڳين کان سواءِ، اڃا هڪڙي ٽي جنس به
آريائي آمد وقت اڀري رهي هئي، جنهن جو درجو انهن
ٻنهي جنسن کان مٿاهون مڃيل آهي. اها صنف آهي،
’گندري گيت‘، جي گرام ڳين جو انتهائي سڌريل روپ
آهن.
گندري ڀاٽن جا گيت:
The Semi- Divine Minstrels
سورهين صدي قبل مسيح جي پوين ڏينهن ۾ سنڌوماٿري
جي تهذيب وڏي اوج تي پهچي چڪي هئي. ڪوٽ ڏيجي،
هڙپا، موئن جو دڙو، آمري، ٽئڪسيلا ۽ ٻيا ڪيترائي
وسندڙ ۽ وڏا شهر ’واديءِ مهراڻ‘ ۾ موجود هئا. اهڙن
عاليشان شهرن ۾ ڇا ڇا نه هوندو؟ درٻاريون ۽
رهاڻيون، پوڄائون ۽ ڀڳتيون، گائڪ ۽ نائڪ، سگهڙ ۽
سٻوجهه، رس ۽ رنگ سڀ ڪجهه موجود هو. مطلب ته هتي
جي ماڻهن جي مذهبي ۽ تهذيبي، سياسي ۽ سماجي، توڙي
ثقاتي ۽ ادبي زندگي، انهيءَ زماني ۾ اعليٰ درجي تي
پهتل هئي. پر، ’ڀَريِ ته هاريِ‘ سنڌيءَ ۾ اها عام
چوڻي آهي. ساڳيءَ طرح هن تمدن جي جوڀن جو پيالو به
پُر ٿي چڪو هو، جنهن جو ڇلڪي هارجڻ هاڻي فطري
ڳالهه هئي. انهيءَ زماني کان پوءِ سگهوئي هن تهذيب
جي تباهي اچڻ لڳي، راڄ ۽ راڄڌانيون سڀ اُجڙ ٿي
رهيون هيون. پراڻي سڀيتا جي سج ٽُٻي ڏني ۽ تاريخ
به پنهنجو پراڻو پنو اٿلايو. هتي سنڌ جي ديوتا
سروپ راجا، ’راءِ سمبارا‘ جو راڄ پورو ٿيو ۽ ان
سان گڏ ئي، ستجڳ به پورو ٿي ويو ۽ ڪلجڳ اتان ئي
چالو ٿيو[23].
هيءُ آريائي آمد جو اوائلي زمانو هو. اندر ديوتا
جا پرستار، آريائي سورما پنهنجيءَ سوڀ جي گهمنڊ ۾
گهمي ڦري رهيا هئا. هو پنهنجي ڏاڍ مڙسيءَ کي ئي
سڀڪجهه سمجهندا هئا. انهن جي اڳيان اٽڪل ۽ ڏاهپ،
سمجهه ۽ سياڻپ ته ڪابه شئي ڪانه هئي. اصلي رهاڪو
سندن دسيه ۽ دشمن هئا، جن جي هر ڪنهن ڳڻ کي هي
اوڳڻ سمجهندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪر اشراف
ويچارا ڪيڏانهن وڃن. پڙهيل ۽ پوڄارا ته سورمن جي
سايي کان به سوء ڪوهه پري ڀڄڻ لڳا. پوڄائون ۽
ڪلائون سڀ وسري وين. عبادتگاهن جا ڳائڻا ۽ ڳهير،
’راءِ سمبارا‘ جي رهاڻ ۽ ورِسي ونت ڪرشن جي
ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ڪلاڪار ۽ سنگيت ڪار، سگهڙ ۽ سڄاڻ
سڀ، جيڪي اڳي وڏي مانَ ۽ شان سان رهندا هئا، سي سڀ
نڌڻڪا ٿي ويا ۽ جهنگ منهن ڪري گم ٿي ويا. هڙپا،
موئن جي دڙي ۽ وچ وارن ٻين شهرن (ڪوئيٽا علائقي؟)
جي اهڙن ڏتڙيل سگهڙن کي ئي آرين ’گندرا ڪلاونت‘
ڪوٺيو آهي. جيڪي سڄي مغربي پاڪستان جي پرڳڻن:
سرحد، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي ڳوٺن ۾ بيگانا ٿيو
پيا ڀٽڪندا هئا. ”سمي پئي انهن سگهڙن جا وڏا ٽولا،
جيڪي گندرا يعني ’پيشه ور ڀَٽ‘ ڪوٺبا هئا، نڪري
نروار ٿيا. هي ساري ڏيهه ۾ چوڌاري پکڙجي پيا ۽
پنهنجن گيتن کي سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙي
ڇڏيائون. انهيءَ ڪري هي گيت انهن ماڻهن جي ئي نالي
سان مشهور ٿيا ۽ مٿن ’گدروا‘ جو نالو پئجي ويو[24].“
هيءَ درواڙي تمدن جي مٽجڻ وارو دؤر هو ۽ آريائي
سڀيتا جي اُسرڻ جو عهد هو. اهڙي زماني ۾ هي گندري
ڀٽ پنهنجيءَ ڪلا کي ڳائي وڄائي ملڪ ۾ مشهور ڪن، ۽
انهيءَ جي اهميت آرين کان به مڃارائين، سا ڏاڍي
عجب جهڙي ڳالهه چئبي. پر هيءَ حقيقت به آهي ته
”گندري رشين هڪ اهڙي ڍنگ جي گيتن جو بنياد وڌو، جن
اڳتي هلي تمام سٺو ڦل پئدا ڪيو[25].“
آرين نه رڳو سندن ڪمال کي ئي تسليم ڪيو آهي، پر
خود انهن جو به ايڏو ته مانُ رکيو اٿن، جو کين نيم
ديوتان (Semi Devine)
يعني مهاتما ۽ مها پرش ڪري مڃيو اٿن. اڄ ته هيڪاري
هي حيرت جو مقام معلوم ٿئي ٿو. چئبو ته آرين ۾ به
ايتري ته ساڃهه هئي، جو هو پنهنجن مات ڪيل ماڻهن
جا ڳڻ مڃين. جي ٻيو نه، تڏهن به اهڙين ڳالهين کي
رگ ويد ۽ ٻئي سنسڪرت ساهتيه، ويدن، پراڻن ۽ شاسترن
۾ سانڍڻ، لاءِ ته انهن کي جس ئي جڳائي ٿو. ٻئي طرف
خود هنن ڳِين ۾ به اهڙو ته ڪو جادو ڀريل هو، جو
ڌاريا، پاڻئون ڏاڍا ۽ دشمن به داد ڏيڻ کان سواءِ
رهي نه سگهيا. هنن ڳيچن لاءِ آريائي ’ڀارت برهما‘
آکيو آهي ته ”پد
(Stanza)
ڇند
(Metre)
۽ سُر جو هڪٻئي سان پورو پورو
ميل ميلاپ ئي گندروي ڳين جي اُڀرڻ ۽ اُسرڻ جو مک
ڪارڻ هو، پر گندري گيتن جي سڌرڻ ۾ جاتي ڳين جو به
وڏو حصو هو. جهڙوڪ درووُا، ڀرهم، ڪپال، پرٿلا ۽
سمڀاوت وغيره، جيڪي جاتيون آهن، تن گندرون کي بيحد
ڀرپور بڻايو[26].“
پد ۽ ڇند ۾ پوري جوڙجڪ هئڻ ڪري هي گيت اڳوڻن جاتي
ڳين توڙي گرام ڳين کان هر نموني وڌيڪ سڌريل هئا،
جيڪي ڌرمي ناچ ۽ پوڄائن لاءِ پڻ وڌيڪ ڪارگر ٿيا.
”گندروي نموني جي گيتن جو واڌارو به سانگ يعني
ناٽڪ جي آڌار سان ٿيو آهي، ڇو ته گندروي ڳيا ناٽڪي
ڍنگ يا ’نرتيه ڌرمي گيتي‘ نموني جا هئا، جيڪي تُڪ
(Verse)،
تال
(Rhythm)
۽ سر
(Tune)
مان مرتب ٿيل هئا[27].“
ڇند ۽ سُر، توڙي تڪ ۽ تال جي شاعرانه پابندين سان
گڏوگڏ، هنن ڳين ۾ ٻيو وڏو گڻ، انهن عطائي فقيرن جي
ادا ڪرڻ جو انداز به هو. اندازو آهي ته انهيءَ
زماني ڌاري سنگيت ۾ به بلڪل گهڻو سڌارو آيو ۽ هيٺ
مٿي جي آوازن ۾ به تمام وڏو واڌارو ٿيڻ لڳو هو.
”گندروي گيت عام طرح پنجن سرن ۾ ته ڳائبا ئي هئا،
پر ڇهن سرن جو استعمال پڻ عام ٿيندو پئي ويو. ڪڏهن
ڪڏهن ته ست ئي سر به ساڳئي گيت ۾ ڳايا ويندا هئا،
تنهنڪري هي ’سمپورن‘ يعني ستن ئي سرن وارا گيت
سڏبا هئا. گندروي ڳيا گهڻو ڪري پراويسڪ
(Costume) ۾ ”ڌُرِووا ۽ ٻين ناٽڪي گيتن جي روپ
۾ به ڳائبا هئا[28].“
هن حوالي مان معلوم ٿيندو ته ڳائڻ جو دائرو ’سپتڪ‘
(Octave)
جي ستن ئي سُرن تائين پکڙي چڪو
هو. شايد انهيءَ کان هيٺ يا مٿي ڪنهن به اٺين آواز
ڪتب آڻڻ جي اڃا انهن ڪوشش ئي نه ڪئي هئي. پر تڏهن
به ستن سُرن جو ’سمپورن سرگم‘
(Pertect major scale) انهيءَ زماني جو وڏو ڪمال چئبو[29].
ايتريقدر جو اسان لاءِ انهن ماڻهن وٽ ستن آوازن جو
علم هجڻ، ذري گهٽ ناممڪن پيو لڳي. پر آثار قديمه
جي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر سٽوئرٽ پگٽ پڻ انهيءَ جي
پختي شاهدي ڏني آهي. جڏهن هو چوي ٿو ته ”موئن جي
دڙي مان لڌل هڪڙو بين جهڙو ساز پَڪ سان ستن سُرن
وارو آهي ۽ هڙپا جي مٿينءَ سطح تان ڪي ستن سوراخن
واريون بانسريون به مليون آهن. اهڙن اهڃاڻن مان
پڌرو آهي ته هي ڳيا انهيءَ زماني ۾ تمام اعليٰ
معيار تي پهچي چڪا هئا، جن ۾ ساز ۽ آواز جو مناسب
ميل جول، ڇند ۽ تال جي پوري جوڙجڪ ۽ ناچ ۽ ناٽڪ جو
به منجهن جادو ڀريل هو. باقي انهن ڳين جي شاعراڻي
هيئت يعني سندن لفظي سٽاءُ، جوڙجڪ، بيهڪ ۽ بناوت
بابت پڪ سان ڪجهه به چئي نه سگهبو. البت هتي هڪڙي
‘ڌرُووَهٗ
(Dhruva) لفظ، جو اڳ به اچي چڪو آهي، ڪجهه اهڙو گمان
ٿئي ٿو ته هي ڳيا اڪيليءَ تڪ يا ڪليءَ کان ماپ ۾
مڙيئي ڪي قدر دُهرا ئي هوندا. شڪ نه آهي ته اهو
’ڌرووا‘ لفظ ڦري پوءِ دوهرا (يعني ٻٽو يا ٻيڻو)
بڻيو هجي. پر هيءُ فقط هڪڙو انومان آهي، جنهن لاءِ
اسان وٽ ٻيو ڪو به مثال يا ثابتي موجود نه آهي. هي
ڳِيا عيسوي سن کان به هزار ڏيڍ- هزار سال اڳ جا
آهن، جن جا مضمون، موضوع ۽ عنوان اسان تائين نه
پهچي سگهيا آهن. پر انهن لاءِ هڪڙي ڳالهه ته
پوريءَ پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته هنن جو مضمون خالص
مذهبي هو. جيڪو پاڪ ۽ پوتر سڀاءَ وارن پيشه ور
ڳائڻن جي پرخلوص دلين مان ڌڌڪو کائي، اُڌمون ڏيئي
اٿيو هو. انهيءَ ڪري ئي ته ان ۾ بلا جو اثر هو!
انهن لاءِ سارنگ ديو ڪهڙي نه سچي ساک ڏني آهي،
”جاتي ڳين مان اُتپن ٿيل، اتم پد جا گندرو گيت،
گندي مهاتمائن (ديوتائن
(Semi- Devine=
جا پيارا گيت هئا، ۽ ويدڪ
رچائن ۽ منترن وانگر اهي به ايترو ته پوتر ۽ پاڪ
هئا، جو انهن جي ڳائڻ سان سڀ پاپ ۽ اوڳڻ، جيڪي
ويندي ڪنهن برهمڻ کي ڪهڻ ڪري به پيدا ٿيا هوندا،
سي سڀ ڌوپي ويندا هئا[30].“
ياد رهي ته هي آريائي عهد کان اڳ جو هزار سالن جو
سمو به اڪري اچي پراڪرت ڪال تائين پهتا. انهيءَ وچ
۾ سنسڪرت لٽريچر جو ئي دؤر رهيو. ”سنسڪرت جي
ڪالسيڪي زماني اچڻ تائين، ڳين جو هيءُ اتم ۽ انوکو
روپ گندروا جي نالي سڄي جڳ مٿان ڇانئجي ويو.“ مني
ڀارتيه، سندس ڪتاب ’نتيه شاستر‘ ۾، لوڪيه
(Loukika)
۽ وئديه
(Vaidika)
يعني گندروا ۽ سام ڳيا جي وچ ۾
روايتي رشتو ڳوليندي، انهن جو اصلي پاڻ ۾ گهرو
لاڳاپو لهي ڏيکاريو آهي. گندروي گيتن کي به ويدڪ
سامن وانگر ئي پاڪ ۽ آسماني گيت مڃيو ويندو هو.
خود ويدڪ ڳين جو به اڪثر بيشتر مواد تحقيق ۽ تلاش
جي ’مارڳ‘ ۾ ورتايو ويو آهي[31].“
مٿي ذڪر ڪيل ’سام‘ لفظ مان مراد ’سام ويد‘ آهي،
جيڪو ويدڪ لٽريچر جو ٽيون مک ڀاڱو آهي، ۽ جيڪو
پهرين ٻن ويدن، رگ ويد ۽ بجر ويد مان سريلن گيتن
کي ڇانٽي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين ٻن ويدن جو
واسطو لٽريچر سان آهي، پر سام ويد، خالص موسيقيءَ
(سنگيت) جو ئي ڪتاب آهي. اهي گيت سنگيت، سام ويد
کان اڳ ئي سنڌ ۾ هلندڙ هئا. انهن جو آرين تي ڪهڙو
۽ ڪيترو اثر ٿيو، اهو بيان ٿي آيو آهي. ”اهي گيت
پوءِ عوامي ملڪيت ۽ قومي ورثو بڻجي ويا. هيءُ هڪڙو
سدا شاهوڪار گنج ۽ هڪڙو ڀرپور ڀنڊار هو. جنهن مان
مستقبل جي اهڙي وهنوار، وڏيون اوڌرون ورتيون. جيئن
اسين اڳتي ڏسنداسين[32].“
– ”اهي اوائلي انسانن جا مضمون هئا، جن جي وسيلي
ابتدا ۾ انساني جذبات جو اظهار شروع ٿيو.... اهي
لوڪ گيت- سنگيت اسان کي بنيادي اصولن جو خاڪو مهيا
ڪن ٿا، جن جي آڌار تي پوءِ ڳائڻ – وڄائڻ جو هنر
اڏيو ويو... جيڪي اڻ آرين کان آريه لوڪن حاصل ڪيا[33].“
هن زماني جا برهمڻ ۽ وياس (مصنف) جيئن ته تصنيف،
تاليف، ۽ تحقيق جي ’مارڳ‘ ۾ مصروف هئا، انهيءَ ڪري
مقامي فن (ديس ڪلا) کي به بلڪل اُجڙ ۽ وڪرت وڃڻ نه
ڏنائون. ڪجهه قديم طرز جي تتبع کي به آزمايائون.
”اهڙيءَ طرح اهي لوڪ گيت به سام ويد ۾ جذب ٿي ويا[34].“
هاڻي سائين منهنجا هيءَ ’ديسي‘ يعني پراڪرت يا
’لوڪيه ساهتيه‘ جو سنهڙو پيچرو، ڏاڏي آدم جي بلڪل
چانئٺ کان چالو ڪري، انهيءَ کي سڌو آڻي آريائي عهد
جي شاهي دڳ سان ڳنڍيو ويو آهي. آريائي ادبيات ۽
سنسڪرت ساهت جي سڙڪ وري ’ٻُڌڪال‘ سوڌو سڌي اوري
اچي ٿي، جتان ان جون واٽون ويهه ٿيو وڃن ٿيون.
آريائي عهد جي ادبيات توڙي تاريخ جو ڪيتروئي ڪچڪول
برهمڻن (لکت ۾) ڪٺو ڪري ڇڏيو آهي.[35]
مٿي ذڪر ڪيل ديوتا، جنهن کي عام طرح ’نٽ راج‘
وغيره ڪوٺيو پئي ويو آهي. تنهن جي اصلي حقيقت ڇا
ٿي سگهي ٿي؟ ۽ ان جو مذهبي پس منظر ڪهڙو هوندو؟
انهيءَ باري ۾ ڪن عالمن جا چند رايا هتي پيش ڪجن
ٿا:
موئن جي دڙي ۽ هڙپا وغيره ۾، جيتوڻيڪ آريه لوڪن
جي حملي وقت به هڪڙو بزرگ گهور انگيرس
(Ghora Angirasa) نالي هتي موجود هو، جيڪو ان زماني جو مڃيل مذهبي پيشوا
هو. پر مٿئين ديوتا وارو ذڪر ڪيل پتلو انهيءَ کان
گهڻو اڳي جو گهڙيل هو.[36]
آريه لوڪ، جيڪي مئڪس مولر جي چوڻ مطابق، ويدن واري
زماني جي پڇاڙيءَ تائين به اڃا بت پرستي نه سکيا
هئا. تڏهن به سندن پهرئين پستڪ رگ ويد (منڊل ٻيو
33، 9) ۾ ئي انهيءَ بُت (پتلي) جو ذڪر آهي، جيڪو
پوءِ هندن ۾ رُدر (شِو؟) جي روپ مڃيو ويو.[37]
قبل مسيع چوٿين صديءَ وارو چندر گپت موريا،
جنهن کي مسٽر ٽئمبي
(Toymbee)
موئن جي دڙي ۽ هڙپا وغيره جي
حڪمرانن جو پونير ٺهرائڻ جي دعوا ڪئي آهي،[38]
تنهن جي سرڪاري دفتر مان، يوناني عالم مئگسٿينز
قديم سال نامن جي وچور سان ڪي شاهي شجرن جون
تختيون معلوم ڪيون هيون. انهن جي آڌار تي هن لکيو
ته ست هزار سال قبل مسيح ڌاري پهريون ئي دفعو
هندستان جي ماڻهن بندگي ڪرڻ چالو ڪئي ۽ دئيونيسس
(Dionysos) ئي اول انهن کان پنهنجي پوڄا ڪرائي
۽ ديوتائن جي به پوڄا ڪرڻ کين سيکاري، انهيءَ مطلب
اول ماڻهن کي ’کڙتال‘ وڄائڻ سيکاريائين ۽ پوءِ
’گهومٽ‘ وڄائڻ سان گڏ هڪڙو لاءِ ابتدائي، جهنگلي
قسم جو ناچ پڻ جاري ڪيائين، جيڪو گهڻو پوءِ يونان
۾ ’ڪورڊيڪس‘ جي نالي سان چالو ٿيو.[39]
”قديم يوناني شاعر، جيڪو انڊو- پاڪستان کان
وٺي، ايشيا کي دئيونيسس (بئڪوُس) جي پاڪ سرزمين يا
مقدس ملڪ مڃيندا هئا، سي هيءُ به اعتقاد رکندا هئا
ته ڳائڻ- وڄائڻ جو بنياد اصل ۾ ايشيا منجهان چالو
ٿيو. پنهنجي شاعريءَ لاءِ به هو چوندو هو ته ’آءٌ
ايشيائي تنبوري جي تند ٻاريان پيو‘. اهڙيءَ طرح
قديم دنيا جي سڀني پراڻين قومن وٽ، هتي جي رقص و
سرود جي اوليت مڃيل هئي.“
استرابو پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته وٽن سنگيت ٽنهي
صورتن (ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ) سان ايشيا کان آيو آهي.[40]
ايئرين به سندس ڪتاب ’انڊڪ‘ ۾ لکيو آهي ته: جڏهن
بئڪُس (دئيونيسس) ۽ سندس پوئلڳ سنڌ
(Ind)
۾ ابتدائي جهنگلي ڌرم
’بئڪاناليه‘ کڙو ڪيو، تڏهن کان هتي جا ماڻهو سڄيءَ
انسان ذات ۾ ڳائڻ- وڄائڻ جا وڏا شوقين مڃيا ويا ۽
ناچ کي ته هنن ماڻهن پوريءَ پريت سان ئي نڀايو.-
تاريخ قديم سنڌ مان به ثابت آهي ته هتي بئچوس
(بئڪوس) جي نالي پوڄا ٿيندي هئي.[41]
مئگسٿنيز مٿين سال نامن جي پترين پٽاندر اسان
کي ٻڌائي ٿو ته هتي جا ماڻهو دئيونيسس کان وٺي چند
گپت موريا تائين جملي 153 گهراڻا سنڀالين ٿا، جن
جي ڪل مدت 6042 ورهيه ڳڻي اٿن. پلني ايلڊر پڻ ساڳي
ڳالهه ڪئي آهي ۽ بئڪس
(Bachhus)
جو زمانو به 6451 سال ق.م.
ڄاڻايو اٿس.
ڪيتريون قديم تاريخون دئيونيسس يا بئڪس لاءِ
چون ٿيون ته هو هند يعني سنڌ جي سرزمين تي رهندو
هو. مختلف پراڻن شاسترن ۾ شمار ڪيل شاهي گهراڻن ۽
يونان جي قديم تاريخن ۾ شمار ڪيل سالن جي پاڻ ۾
ڀيٽ ڪندي، ڪيتريون ڪوششون ڪيون ويون آهن ته هي
ديوتا، قديم هندستان جي ڪنهن قديم تاريخي شخصيت ۾
سڃاتو وڃي. خاص طرح کيس مَنو ۽ ڪرشن وغيره جي روپ
۾ سڃاڻي سگهجي. عام روايتن جي هڪجهڙائي ۽ ڏند-
ڪٿائن جي ڀيٽ ڪرڻ مان جيڪو به نتيجو نڪري سگهي ٿو،
ان موجب شوِ مهراج ئي اصل ۾ دئيونيسس يا بئڪس هئڻ
گهرجي. شوِ پراڻ ۾ سندس مک اوتار ڌارڻ واري واقعي
مان به اهوئي مطلب ٿو نڪري- ساري هندستان ۾ مشهور
آهي ته شوِ مهراج ڳائڻ ۽ نچڻ جي هڪڙي تمام بنيادي
۽ اهم روايت ’شوِ مت‘ جو موجد ۽ ان جو پهريون
استاد به پاڻ ئي هو. اها شوِ مَت، پوءِ ساري ويدڪ
زماني ۾ به ’سوم سنگيت‘ کان بلڪل ممتاز پئي رهي
آهي. سنسڪرت سنگيت جا به ڪيترائي شاهڪار (جن مان
شايد ڪي اڃا به هجن) شوِ مهراج ۽ سندس چيلن کي
منسوب ڪري مستند بڻايا ويا.
مددي ڪتاب
1. The Dawn of Civilization: By Thames & Hudson
London.
2. Northern Indian Music: Vol: 1 By Alain Danielou
London(1949)
3. Historical Development of Indian Music, By Prof: Swami
Prajnananada,
Calcutta.
(1960)
4. The Story of Indian Music (its growth and synthesis) by
prof: O. Gosvami (Asia Publishing House) 1961.
5. Prehistoric
India. Prof: Stuart Piggott. 1950.
6. Encyclopaedia Britannica, Vol: 16. Music p3 to 19.
7. ”هماري موسيقي“- اداره مطبوعات پاڪستان (پوسٽ
باڪس 183) ڪراچي (1961)
8. ”تاريخ ادبيات عربي“: پروفيسر احمد حسن ’زيات‘ قاهره (مصر).
اردو ترجمو عبدالرحمان طاهر سورتي. (علي پرنٽنگ
پريس لاهور) 1961ع لاهور)
9. ”واديءِ سندهه کي تهذيب“: محمد ادريس صديقي. محڪمه آثار
قديمه، پاڪستان. مکتبه نيا راهي کراچي-2 (1959ع)
10. ”قديم سنڌ“، از: ڀيرومل آڏواڻي، سنڌي ادبي بورڊ.
مددگار ساٿي ۽ دوست
A.
پروفيسر ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب، صدر شعبه فارسي،
سنڌ يونيورسٽي، شفقت فرمائي، پراڻي پهلوي ۽ زند
زبانن مان قديم شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جا آثار ٻڌايا.
B.
مسٽر غلام علي الانا جي مهربانيءَ سان سنڌي
اڪيڊميءَ (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي) ۾ هر وقت ڪتابن
پڙهڻ جو وجهه تمام آسانيءَ سان ملندو رهي ٿو.
قديم سنڌي شعر ۽ شاعري
(تاريخي جائزو)
تاريخي پس منظر:
سڀني لکيل تاريخن موجب، عيسوي پنجين صديءَ جي
خاتمي کان سنڌ جي باقاعدي حڪومت جو احوال ملڻ لڳي
ٿو. انهيءَ کان اڳ جا واقعات سنڌ جي ڪنهن به تاريخ
۾ سلسليوار نٿا ملن. سنڌ جو پهريون دارالحڪومت،
جيڪو تاريخي طور اسان کي معلوم آهي، سو الور[42]
جو تخت- شهر آهي. انهيءَ شهر ۾ ئي سنڌ جي پهرئين
حڪمران خاندان، ”راءِ گهراڻي“ جي حڪومت سن 495ع
يعني پنجين صديءَ کان شروع ٿئي ٿي. ”الرور“ جي
راڄڌاني هونئن ته راءِ خاندان جي صاحبيءَ کان به
تمام گهڻو اڳي قائم ٿي آهي. ”ايوڌيا جي چندر بنسي
۽ کتري راجائن مان (رامچندر جي پوٽي سموترا جي
اولاد مان)، يارهن سوء قبل مسيح ڌاري راجا بليڪا[43]
انهيءَ شهر جو بنياد وڌو ۽ سندن پٽن اتي حڪومت
شروع ڪئي.[44]
مهاڀارت جي زماني ۾ ”الروڙ“ تي مهاراجا جئدرٿ
”وير“ جو خاندان حڪمران رهيو[45].
اتان هڪڙو پراڻو پراڪرت سلوڪ، پروفيسر سلوين
ليويءَ، تمام گهڻي کوجنا کان پوءِ ڳولي هٿ ڪيو
آهي، جنهن موجب ”اروڙ“ يا ”روڙوا“ (روڙڪ) سوءوير
پرڳڻي، يعني بهاولپور، ملتان ۽ جيسلمير وغيره جي
گادي آهي:
ولت پرم ڪلنگا نام، اسڪا نانچه پوٽنم،
ماهستي آونتي نام ’سوءويرا‘ نانچه ”روڙڪم“[46].
|