جڏهن معتبر ماڻهو به سوَن جي انداز ۾ اچي ڀڪشو بڻيا، تڏهن
مهاتما کي سندس سڳو سؤٽ ديودت ڦري آيو. چي: توهان
جو حقي وارث مان ئي آهيان، تنهنڪري توهان پنهنجي
جيئري ئي مون کي جماعت جو اڳواڻ مقرر ڪري وڃو، ته
جيئن توهان کان پوءِ سڄو سنگهه سنڀالي سگهان[1].
مگر مهاتما مائٽيءَ جو ڪوبه لحاظ نه رکي، سندس رٿ
کي ريٽي ڇڏيو. ديودت انهيءَ کان اڳيئي اجاتسترو
راجا تي دوستيءَ جو دام وجهي چڪو هو. راجڳڙهه جي
راءِ بمبسار تڏهن اجاتسترو کي پنهنجو وليعهد
بڻايو، ته ديودت اچي هن کي هڪدم زوريءَ حڪومت هٿ
ڪرڻ لاءِ هرکايو هو.- ”اي راڄڪمار! پڻهين کي پورو
ڪري، راجائي ماڻي وٺ. توکي الائي ڪڏهن تخت ملي،
تيسين ته ڄمار ڳري ويندئي!“ ديودت جي اهڙيءَ بڇ
ڪرڻ تي ئي پنهنجي پيءُ کي منهن سامهون ماري، پاڻ
مگدهه جو مهاراجا بڻيو هو[2].
هاڻي ديودت جو وارو هو. هن لاءِ پنج سوء پينارن جي
ماني ته محلات مان منظور ٿي چڪي هئي، سو ڪيترائي
بيکو راڄڳڙهه ۾ ڪٺا ڪري برغلائي رهيو هو[3].
هڻي وري پنهنجي حق تلفي سمجهي وڃي اجاتستروءَ سان
اوريائين: ”سڌارٿ گوتم جي ڄمار پوري ٿي پوي ته آءٌ
هڪدم سندس جاءِ نشين ٿي وڃان.“ راجا پنهنجا رهزن
جلاد روانا ڪيا، پر اهي پاڻ وڃي ڀڪشو بڻيا[4].
پوءِ پهاڙ تان هڪڙو پٿر مهاتما جي مٿان ڪيرايائون،
اهو به گسي ويو[5].
نيٺ ”نيلگري“ نالي هڪڙو مست هاٿي مٿس ڇيڙيائون،
جنهن مهاتما جي اڳيان مٽي کڻي پنهنجي مٿي تي مکي ۽
هميشه لاءِ مستي ڇڏي، موٽي اچي محلات اڳيان ويٺو.
اجاتسترو ته اهو چمتڪار ڏسي، پشيمان ٿي اچي پيش
پيو. ديودت وري اچي مهاتما مهندان هيءَ حجت هلائي
ته جماعت جي رياضت لاءِ تلخ آزمائشون تجويز ڪريو.
جڏهن اها دعوا به رد ٿي، ته گيا ۾ وڃي ڀڪشوئن کي
گمراهه ڪرڻ لڳو[6].
ٻئي طرف پاڻ کي ’پاڪيزه نسل‘ چوائيندڙ ۽ يگيه
کائيندڙ برهمڻن جو خانداني ڍونگ به کلي چڪو هو.
اهي پنهنجيءَ پر ۾ ته ڄڻ ڄمندي ئي ڄام هئا ۽
ساريءَ انسانيت کان الڳ، پاڻ کي هڪ اشرف ۽ اعليٰ
مخلوق تصور ڪندا هئا. مگر مڙني انسانن جي طبعي
توڙي فطري صورت ۽ حالت هڪجهڙي هئڻ ڪري، جو انهن کي
به عام انساني حيثيت سان سڃاتو ويو، سي سندن ”پيرن
جي پيدائش“ خاڪي ڀڪشوئن، توڙي پينار گوتم جي پٺيان
ڇِتا ٿي لڳا. مگر مهاتما انهن مڙني کان بي نياز،
چاليهه سال سانده خدا جي بندن جي خدمت ۾ لڳو رهيو.
البت پوين ڏينهن، بعضي مهينن جا مهينا به، ڪنهن
غار اندر لڪي (جتي کيس ڪوبه سڃاڻي نه سگهي)، وڃي
سماڌيءَ (مراقبي) ۾ ويهندو هو. اها ريت اڃا تائين
به اوڙيا، آسام، برما، سيام ۽ سلون ۾ عام آهي. پر
ٿٻيٽ ۾ ته ويتر وڌاءَ سان به چالو آهي. اتي جا
’لاما‘[7]
ته سالن تائين به ڪنهن سُڃي هنڌ ويهي چلو پچائين
ٿا[8].
مهاتما اٺين پهر، فقط منجهند جي بکيا وٺي
ورتائيندو هو. آخري ساوڻ (478 ق.م) جا ٽي مهينا
بيمار گذاريائين. شاهي طبيب ’جِيوَڪ‘ هن کي ڪرِيءَ
جو کاڌو ڏسيو هو. ٻڌ مذهب ۾ ڪنهن به خاص کاڌي کي
پسند يا ناپسند ڪرڻ وڏو گناهه آهي، سو پرهيز
ناممڪن هئي. آخري بکيا ۾ چُندلهار کيس کنڀين جو
ٻوڙ کارايو. اهو کائي آنند کي سڏيائين: ”چندلهار
کي منهنجون دعائون چئج- ’مائي سُجاتا وارو کير ۽
چند وارو کنڀين جو ٻوڙ، تٿاگت فقط انهن ٻن بکيائن
جي واکاڻ ڪئي‘- ائين چئي، کيس ضرور خوش ڪجانءِ[9].“
اتي سندس حالت نازڪ ٿيڻ لڳي. پر اهو ڳوٺ ڇڏي
ڪيسنارا ٻيلي تائين رڙهي ويو. رات جو جڏهن ڀڪشو
اچي گڏ ٿيا، تڏهن تٿاگت چيو: ”اي ڀڪشو! آءٌ اسي
سالن کان به اُڪري چڪو آهيان. پراڻي ڇڪڙي وانگر
منهنجي بدن جو گاڏو به گهلجي رهيو آهي. اوهان کي
مون اڳيئي پنهنجو پنٿ کولي سمجهايو آهي، ڪابه
ڳالهه مون لڪائي نه رکي آهي. تنهنڪري تٿاگت باقي
ڇا چوي! هاڻي توهين پاڻ تي اعتماد رکو ۽ پاڻ تي
ڀاڙيو، سچ کي ئي پنهنجو ڏيئو بڻايو ۽ جڳ جي لاءِ
حق روشن ڏيئا بڻجو.“ انهن ڳالهين ڪندي، رات جي
پوئين پهر (478 ق.م) ۾ مهاتما هن فاني دنيا مان
چولو مٽايو[10].
ترپٽڪ جو تيار ٿيڻ:
مهاتما جي چالاڻي تي هزارين بکاري اچي سوڳ ۾
ويٺا، تن ۾ سَڀدر، جيڪو اڃا اڳئين ڏينهن تي بيکو
بڻيو هو، سو سماڌيءَ مان ثپ ڏيئي اٿيو. چي: ”اسان
تي جو ايڏيون پابنديون پيل هيون، سي سڀني تان
لٿيون، هاڻي جنهن کي جيئن وڻي، سو تيئن ڪري.“ ائين
چئي هليو ويو. مهاڪيشپ نالي وڏو ودوان، جنهن کي
لاش سپرد ڪيل هو، سو چوڻ لڳو: اي بيکؤ، هاڻي
ڀاڳونت جو ماني منهه نڀائي، سڀيئي سڄاڻ ۽ وڏا
بيکاري گڏجي ويهو ته تٿاگت جي تعليم کي هڪدم ڪٺو
ڪجي، نه ته ٻيا ڀڪشو به سڀدر وانگيان ڇڙواڳ ٿي
ويندا[11].“
انهيءَ چوماسيءَ ۾ پوءِ پنج سوء پڙهيل ڀڪشو چونڊيا
ويا. تن ۾ جهوني ’ڳاهه پتي‘ آپاليءَ کي مهاتما جون
مڙيئي ڳاهون ياد هيون. جيڪو پوءِ ’ڌرمپال‘ مڃيو
ويو، تنهن جي تصديق سان اول انتظامي اصول (ونيہ)
جمع ٿيا. آنند اڪثر مهاتما جي خدمت ۾ ئي رهندو هو،
تنهن وري عقيدي ۽ عبادت جا ’سُت‘ سڻايا، سي سڀني
جي صلاح سان صحيح مڃيا ويا[12].
انهن ٻنهي جي سمجهاڻيءَ ۾ سوال- جواب، جيڪي مهاتما
پاڻ پنڊتن سان ڪيا هئا، سي وري ساريپت نالي هڪڙي
سنت (راهل جي گروءَ) پنهنجي پينارن کان پڇندي، اهي
’آڀدم‘ گڏ ڪيا[13].
تيسين، راءِ اجاتسترو ڀڪشوئن کي بکيا موڪليندو
رهيو ۽ ديودت وري به وڏيرپ لاءِ ور وجهندو ۽ نفاق
آڻيندو رهيو.
پنڊت پنهنجا پستڪ پوست يعني چمڙي تي ئي لکندا
هئا. پر ٻڌ مذهب ۾ ته ماس ورتائڻ جي منع هئي، سو
پليت کلن تي پوتر وچن وري ڪيئن لکبا؟ تنهنڪري اهي
سُت ۽ وچن وڻ جي پنن تي لکي، جدا ’پٽڪ‘ (پنڊي يا
ڇٻيءَ) ۾ سانڍيندا ويا. اها ٽُٻڻي ٽُٻُ ٿي ويئي،
ته وري ٻيءَ ڇليءَ ۾ ’ونيه‘ وڌا ويا. آخر ’اڀدم‘
سميت جڏهن ٽيئي ٽوڪريون ٽمٽار ٿيون ته ’ترپٽڪ‘
تيار ٿي ويا.
ڪن جو چوڻ آهي ته اهي اڀدم، سُت ۽ ونيه وارا
صحيفا اول زباني صورت ۾ هئا، جيڪي مها ڪاشيپ جي
نگرانيءَ هيٺ سڄو ساوڻ، سڄاڻ ڀڪشو هڪٻئي کي صحيح
ڪرائيندا رهيا. ۽ ٻيءَ ڪانفرنس تائين به ڀارت ۾
اڃا لکت ئي موجود ڪانه هئي! ٻئي طرف انڊيا جي
آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ته پنجين صديءَ (ق.م)
کان ئي لکت جو ثبوت مليو آهي.- ڀارت ۾ برهمي لپيءَ
جو جهوني ۾ جهونو روپ، نيپال مان مليل بستي ضلعي
جي وپروا ٿنڀي تي ۽ اجمير ضلعي جي بڙلي ڳوٺ واريءَ
لکت مان مليو آهي. شري اوجها ثابت ڪيو آهي ته اهي
اکر عيسوي سن کان به 483 ورهيه اڳ ۾ لکيا ويا آهن[14].“
پهرينءَ ڪانفرنس جو به ته اهو ساڳيو ئي زمانو آهي!
ويد شاستر ته شايد انهيءَ کان به اڳ ڇهين صديءَ
قبل مسيح کان ئي لکجڻ لڳا هوندا. يا تنهن ٽاڻي اهي
به زباني حالت ۾ هوندا.؟
ٻڌ مذهب جي ٻي مجلس:
ٻڌ مذهب جي ٻي مشهور گڏجاڻي/ مجلس وئشاليءَ جي
سسئناگ راجا ڪلاسُڪ ’ڪاڪورڻيءَ‘ (384- 354 ق.م)
ڪوٺائي هئي. هن ۾ ’پورب توڙي پڇم‘ جا سڀ پينارا پڻ
۾ مليا. تن ۾ تٿاگت جي زماني جا اَٺ ’بزرگ ڀڪشو‘
به پاڻ سان کڻي آيا. يَشه نالي هڪڙي عالم ڀڪشوءَ
کي صدر چونڊيو ويو. (اهڙيءَ چونڊ ۾ ڀڪشو سنهڙيون
ڪاٺيون ووٽ وانگر ڪم آڻيندا هئا.) ديودت گذاري چڪو
هو، پر هلڪا سلڪا اختلاف ته موجود هئائي. ’ونيه
پٽڪ‘ مان ڏهن خسيس نڪتن تي ڇڪتاڻ ٿي: جهنگ ۾ رات
جو آستانو ڪجي ته ان کي دائرو (رکَ) ضروري آهي يا
نه، مانيءَ جي مٿان لَسي پي سگهجي ٿي يا نه؟ تڏي
تي ويهي سگهجي ٿو يا نه، پاڻ سان لوڻ رکي سگهجي ٿو
يا نه، بکيا ۾ روڪڙا سِڪا ملن ٿا ته (وِهار لاءِ)
وٺجن يا نه.... وغيره[15].
وڏي ڳالهه ته سنسڪرت جي برعڪس پراڪرتي (پالي)
ڀاشائن کي مذهبي حيثيت سان يڪراءِ تسليم ڪيو ويو.-
”حقيقت ۾ ’پالي‘ لفظ، ڪنهن به ٻوليءَ جو خاص نالو
ڪونهي. ٻڌ گهوش آچاريه جي زماني جي سڀني (ڌرمي)
ڪتابن کي پالي ڪري سڏيندا هئا. جيئن پاڻنيءَ جي
’ڇندسي‘ لفظ مان (ڌرمي) ويدن ڏي ۽ ’ڀاشا يام‘ لفظ
مان سنسڪرت ڏي اشارو آهي، تيئن ٻڌگهوش آچاريه
’پالي‘ لفظ، پهريائين ترپٽڪ جو (ڌرمي) نالو ڪري
ورتو آهي. ماگڌي لٽريچر کان سواءِ، سلون جي
’سنهالي‘ ڪٿائن کي پڻ ’پالي‘ چوڻ ۾ آيو[16].“
مطلب ته پالي لفظ، ٻوليءَ کان وڌيڪ ٻوڌي ادب جو
نالو آهي، جو ڪنهن به ڏيهي زبان ۾ هجي.
سڪندر اعظم ۽ سنڌ جا پينار:
مٿئين ڪالاسُڪ ’ڪاڪورڻيءَ‘ جي وفات (354 ق.م)
کان ويهارو- ٽيهارو ورهيه پوءِ (324 ق.م) سڪندر
سنڌ تي فوجي قبضو ڪيو. پر سنڌ ۾ ئي سڪندر کي ذهني
۽ روحاني شڪستون به آيون هيون. پهرين بيعزتي
آچاريه ڍنڍيءَ
(Dandamos)
کان سٺائين. سڪندر هن سواميءَ جي ساراهه، پائرهو ۽
اونسڪريٽس جهڙن عالمن کان ٻڌي هئي، سو پنهنجي سفر
جي هيءَ انوکي سوغات پاڻ سان نيڻ چاهيائين. انهيءَ
ڪري اچي ساڌوءَ جو سلامي ٿيو ۽ نذرانو آڇڻ لڳو.
پينوءَ بيپرواهيءَ سان چيو، ”مون وٽ ته اڳيئي
سڀڪجهه آهي، تون ڪو وڌيڪ به ڏيئي سگهندين ڇا؟“ هن
کي جڏهن هلڻ لاءِ چيو ته ساڌو سنئين جواب ڏيڻ جي
بجاءِ اٽلو آڏيءَ پڇا ۾ اچي پيو.- ”اي سڪندر ايڏو
پري پهچڻ جو ڀلا ڪيئن سوچي سگهيو آهين!“ سڪندر
اهڙا سوال سهي نه سگهيو ۽ کڻي پٺ ورايائين[17].
آخر اروڙ کان هيٺ هلندي ڪلياڻ
(Calanus)
نالي سان ڪو ٻيو سنت سجهندو هوس، تنهن کي کنڀي
کنيائين. سو ساڻس گڏ سوسا ڏي هلندي، واٽ تي ناساز
ٿي وڃي ڏاگهه چڙهيو ۽ ڳاهون ڳائيندي، باهه جي ڀڀڙ
۾ ڌوڪي پيو. اتان سڪندر کي سڏي چيائين: ”پاڻ وري
بابل ۾ ملنداسون.“بيکاريءَ جي روحاني طاقت آڏو آڻ
مڃيندي، سڪندر سڄو ڪٽڪ ڪٺو ڪري، پنهنجي سر کيس
فوجي سلامي پيش ڪئي[18].
اروڙ ۾ راجا موشڪن کي مارائڻ بعد، لاڙ جي پاتال
بندر ۾سمي ڄام (سامبس) سان صلح ڪري، سڪندر سامونڊي
ساحل تي گهڻو وقت گذاريو. تڙ جي تعمير ڪرائي، ان
جي آباديءَ ۾ زبردست اضافو آندائين. پوءِ پيٿان
(Peithon)
کي پاتال جو والي بڻائي بابل پهتو، جتي (323.ق.م
)ڪلياڻ جي پيشنگوئي پوري ٿي ۽ سڪندر وڃي ساڻس
ميکيو. سنياسي ڍنڍيءَ وارو سوال پڻ هتي سمجهه ۾
آيو. پيٿان پوءِ سڄي سنڌو سرزمين جو والي بڻيو. پر
سندس سڀني مقبوضات مان سڀ کا اول (321 ق.م) سنڌ
مان ئي آزاديءَ جي لهر اٿي ۽ اها پاتال کان پيدا
ٿي هئي. چندرگپت موريا جون گوريلا سرگرميون به ڏکڻ
سنڌ (لاڙ) مان ئي شروع ٿيون[19]. پيٿان درياهه ٽپي وڃي، بلوچستان ۾ دم پٽيو ۽ اتان
آَرڪوشيا (قنڌار) ڏي ڀڄي ويو. يوناني حڪومت ستن
سالن اندر (316 ق.م) پوري ٿي. ڏهن سالن بعد (306
ق.م) سيليوڪس نڪئٽر، سنڌوءَ جي ڪناري تي اچي موريا
مهاراجا سان صلح ڪيو ۽ پنهنجي ايرانڻ ڌيءَ
(افغانستان سميت) بندوسار موريا کي ڏنائين. انهيءَ
مان اشوڪ اعظم ڄائو، جنهن ٽيون مشهور ميڙ ڪوٺايو[20].
اشوڪ موريا ۽ ٽين ٻوڌي مجلس:
بندوسار موريا جي مرڻ وقت (273 ق.م) اشوڪ
افغانستان جو وائسراءِ هو. اتان اچي، ڀائرن سان
چار چوٽون کائي، زوريءَ حڪومت هٿ ڪيائين. وري
ارڏائيءَ سان ڀيريون وڄائيندو، اچي ڪلنگا تي ڪڙڪيو
۽ خونريز جنگ کان پوءِ اتي جو به قبضو ورتائين.
نيٺ جڏهن نگروڌ نالي ڀڪشوءَ جي منهن چڙهيو، تڏهن
توبهه تائب ٿي، اهڙين ارڏائين کان هميشه لاءِ هن
پڇتائيو.- ۽ پرچارڪ ٿيو ته ”جنگي ڀير جو وڄڻ هاڻي
هميشه لاءِ خاموش ڪيو ويو ۽ انهيءَ جڳهه تان هاڻي
وري مذهب جي منادي گونجائي ويئي آهي. هاڻي لڙائيءَ
لاءِ ته ڪٽڪ ۾ ڪوبه ناد ڪونه وڄندو. باقي ديونمپيا
(اشوڪ)، فقط چال سڌارڻ جو سڏ وڏو آهي. جابلو ڇپن
تي اُڪريل اشوڪ جا 14 ڪتبا-
“X1V- Major Rock Edict”
[21].
منڍ ۾ ٻارهن مهينا، ٻالپنڊت وٽ وهار ۾ ويهي، بيکو
سنگهه کان ونيه (سکيا) ورتائين.- ”هاڻي پريه درشن
(اشوڪ) کي ڀلي ته ڪير ڪيترو به کڻي ڏکوئي، پر
ديونپميا اهو سڀڪجهه صبر سان سهندو:“ ”وڏن جبلن تي
اڪريل اشوڪ جا 10 ڇوٽا ڪتبا“
“X- Minor Rock Edict”
[22].
اشوڪ جيڪو به قانون ڪڍندو هو، انهيءَ تي اول پاڻ ئي عمل ڪندو هو ته مڙني
لاءِ مثال بڻجي.- ”اڳي شاهي دعوت ۾ روزانو ڪئين
جانور ڪسندا هئا. پوءِ هڪڙو هرڻ ۽ ٻه مور سڄي
محلات لاءِ محدود ڪيا ويا. هاڻي اهو هرڻ ته ڇٽو،
پر آئيندي لاءِ ته اهي مور به ڪين ڪسندا. راجا
پريه درشن اوهان کي به ساهوارن جي جيئندان لاءِ
ساڳي صلاح ڏئي ٿو.“ ڀڪشو بڻجڻ بعد، ڌرمپال آپگپت
جي پٺيان لڳي، لمبني، گِيا ۽ سارناٿ وغيره جون
زيارتون ڪندي، ڌرم پرچار لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو
رهيو.- ”پيءُ ماءُ جو حڪم مڃو، نيڪ ماڻهن کي مانُ
ڏيو، پوڙهن جي خدمت ڪريو ۽ پاڙيوارن سان ٺهي هلو.“
انهيءَ اپگپت جي ئي صلاح تي، پاٽنا ۾ ٽين ٻوڌي
ڪانفرنس (254 ق.م.) ڪوٺايائين. ڀڪشو موءد گلپتر
’تـِـــشيه‘ انهيءَ جو صدر چونڊيو ويو. ٻين ڀڪشوئن
مان هڪ هزار چونڊ بزرگن لاڳيتا نَـــوَ مهينا
نهايت ئي زوردار مباحثي کان پوءِ، ’ڪٿاوٿو‘ نالي
ڪتاب لکي، ڌرم جو اصلي روپ اشوڪ اڳيان آندو. اهوئي
پوءِ عالمي تبليغ لاءِ هن استعمال ڪيو.
-”سڄيءَ دنيا جي بهتري هاڻي منهنجو مُکيه فرض
آهي. پر انهيءَ جي ڪاميابي وري ڪشالي ڪڍڻ ۽ ڪم جي
اُڪلاءَ ۾ آهي. آءٌ ڪيتري به کڻي جاکوڙ ڪريان. پر
مون کي تسلي نٿي ٿئي. انهيءَ لاءِ مون هيئن ڪيو
آهي ته هر وقت ۽ هر جڳهه تي، توڙي آءٌ گهوڙي تي
سوار هجان يا پيادو هجان، دسترخوان تي هجان يا
حرمخاني ۾... خلوتگاهه ۾. ڌرم متر (خابرو) کي کپي
ته هو اتي سڌو اچي عوام جو حال سڻائي. وڏن پهاڙن
تي اڪريل اهي چوڏهن ڪتبا
(X1V- Major Rock Edict).[23]
اهي ڌرم متر سدائين رعيت کي نيڪيءَ جي ترغيب ڏيڻ ۾
رڌل رهندا هئا.- ”جيئن ڪو پنهنجن ٻارن لاءِ نيڪ ۽
سڄاڻ دائي بيهاريندو آهي، تيئن مون رعيت جي
بهتريءَ لاءِ اهي (ڌرمپال) مقرر ڪيا آهن[24].“
انهيءَ مان ظاهر آهي ته اشوڪ پنهنجي مُک راجائي
فرض کان غافل نه هو. ”سڀيئي ماڻهو منهنجو اولاد
آهن. پنهنجن ٻچن لاءِ جيئن ڪو چاهي ته ’اهي دنيا
توڙي آخرت ۾ هر طرح جي نيڪي ۽ سک ماڻين‘. تيئن آءٌ
سڀني ماڻهن لاءِ چاهيان ٿو[25].“
سندس اهڙا چوڏهن مُک ڪتبا
(X1V Major R.E.)
وڏن پهاڙن تي، ڏهه ڇوٽا ڪتبا
(X- Minor Rock Edict)
ڇپن تي، ست فرمان وڏن ٿنڀن تي
(V11- Pillor Edicts)، ٽي ننڍن ٿنڀن تي
(111- Pillor Edicts)
۽ ڪي وري غارن جي منهن تي به آهن. اهي عبارتون
ڪجهه ڦير گهير سان ته سوء کن به ٿي وڃن ٿيون[26].
اهي احڪام، ٽڪر ٽاڪي اڪرايا اٿن.- ”هي انهيءَ لاءِ
آهن ته گهڻي تائين جٽاءُ ڪن، جيئن منهنجا پُٽ پوٽا
۽ پڙ پوٽا به، جڳ جي ڀلائيءَ لاءِ ساڳي منهنجي
پيروي ڪندا رهن[27].“
اهڙا ڪتبا افغانستان تائين به مليا آهن، جيڪي
خروشتيءَ کان سواءِ آرامي خط ۾ پڻ اُڪريل آهن[28].
انهيءَ مان اشوڪ جي پرڏيهي پرچار جو پتو پوي ٿو ۽
اهو ئي سندس عظيم ڪارنامو آهي. تيرهين وڏي ڪتبي
موجب: پريه درشن جا پرچارڪ سِريا، سائرن، مصر،
مقدونيا، ڪارنٿ اپيرس
(Epirus)
۽ اتر بلقان تائين به تبليغ ڪرڻ ويا[29].
پلنيءَ به شام توڙي مصر ۾ ٻُڌ ڀڪشوئن جي موجودگي
مڃي آهي. سر فلنڊر پيٽر
(Sir Flinders Petrie)
تازو مصر جي سڪندريه بندر مان
پٿر تي اُڪريل ’ڌرم چڪر‘ ۽ بيراڳڻ ڳولي لڌا آهن[30].
اشوڪ ٻئي هنڌ ڪتبي ۾ ٻڌائي ٿو ته: نه فقط مٿين
ملڪن ۾ مذهب پکڙيو (جتي سندس پرچارڪ پهتا)، پر
انهن ملڪن جي معرفت ٻين ڏيهن ڏي به اهو مذهب وڌيو[31].
چين، منگوليا، ٿٻيٽ، ٿائلنڊ، برما ۽ سيام ڏي پڻ
اهڙين سفارتن جو وڃڻ ثابت آهي. ٻئي نمبر مک ڪتبي
موجب: اهي پرچاري ڀڪشو هيءَ خدمت پڻ ڪندا رهيا ته
بيمار انسانن توڙي حيوانن جو هر هنڌ علاج ٿئي ۽
دوائون مفت ملن. انهيءَ لاءِ اڻلڀ ۽ قيمتي ٻوٽن جو
ٻج ڪٿان جو ڪٿي آڻي پوکائيندا هئا[32].
اهي تبليغي انجمنون تجارتي شاهراهن تان پکڙيون.
اشوڪ انهن رستن لاءِ ٻڌائي ٿو ته هر هنڌ کوهه
کوٽائي، ميويدار وڻ پوکايا ويا ته مسافر ميوو
کائي، پاڻيءَ ڍُڪ پي، ٿڌي ڇانو ۾ فرحت ڪن.
نه فقط خشڪي راهن سان، پر پاڻيءَ رستي پڻ اهو
پرچار ڏيساورن ۾ پهتو. اشوڪ انهيءَ لاءِ پنهنجو
پُڻيٺيءَ جو پُٽ (وليعهد) مهيندر ڪمار ۽ پنهنجي
وڏور نياڻي ’سنگهمترا‘ ٻَئي تبليغ لاءِ وقف ڪيا.
جيڪي سلون جي سفر ۾ سمنڊ جهاڳي پار پهتا. انهن جي
پٺ جو ڪمار، جالؤڪ پڻ ڀڪشو بڻائي ڪشمير ۽ ٿٻيٽ ۾
موڪليائين. تنهن کان ننڍو ڪمار ڪستن
(Tivara)
وري چين ڏي، خوتان جي خاڪ ڇاڻيندو رهيو. باقي ننڍو
پٽس ’ڪنال‘ سو معذور هو. هيءَ حسن عقيدت جي حد
چئبي، چي: ”اولاد ڀلا ٻيو ڇا لاءِ آهي؟“
برهمڻن جيڪڏهن سمجهيو هجي ته اهو سڀڪجهه سندن
ڪيرائڻ لاءِ ڪري رهيو آهي ته اها سندن مورکائي
هئي. ٻارهون وڏو ڪتبو، نه فقط مڙني مذهبن کي
برداشت ڪرڻ لاءِ هڪ درد ڀري اپيل آهي، پر انهن
سڀني جي احترام لاءِ پڻ پرزور التجا ڪري ٿو.-
”مڙني مذهبن جو روح هڪڙي ئي عام اصول تي بيٺل آهي،
ان کي ئي فضيلت ڏيو. مذهبي اتحاد جي مهابي، ڪنهن
به مذهب تي، ڪنهن به فرقي تي نڪتيچينيءَ ڪرڻ کان
عملي طرح پرهيز ڪريو. مختلف طريقن جا پيشوا پاڻ ۾
ڀائر بنجي، باهمي مجلسون ڪن ۽ متفرقه مذهبن جي
تعليم عام ٿئي، اِن لاءِ انهن جو غيرجانبداريءَ
سان مطالعو ڪريو[33].“
اشوڪ جي اڪثر ڪتبن جي ٻولي ايتريقدر ته صداقت
ڀري ۽ درد واري آهي، جنهن مان نهايت گهري سچائيءَ
جي سڳنڌ اچي ٿي. ڄاڻن جو انهيءَ ڪري فيصلو آهي ته
خود شهنشاهه پنهنجي سر ئي انهن عبارتن کي ترتيب
ڏني آهي. ”جڳ جي بهتريءَ کان مٿي ڀلا ٻيو ڪوبه فرض
آهي ڇا؟..... هيءَ ٿوري گهڻي ڪوشش جا آءٌ ڪري رهيو
آهيان، سا ڇا لاءِ آهي! هن لاءِ ته آءٌ مخلوق جي
قرض کان آجو ٿيان.... ته آءٌ هتي به هنن کي ڪو سک
ڏيئي سگهان ۽ اهي آخرت ۾ به بهشت ماڻين[34].“
اشوڪ اهڙي ته مذهبي جمهوريه قائم ڪري ويو، جنهن
کي سندس معذور (نابين) پٽ ڪال به ڪاميابيءَ سان
هلائي سگهيو. اشوڪ جا وڏا پُٽ جيتوڻيڪ ڏور ڏيهن جي
ذميداري سنڀالي چڪا هئا، تڏهن به جمهوري مرڪز جي
احترام خاطر اهي سدائين ننڍي ۽ نابين ڀاءُ جا
فرمانبردار رهندا آيا. سندن اولاد پڻ ساڳيءَ طرح
ئي مرڪز سان وفادار رهندو آيو.
ٻئي طرف، ٻڌ مذهب جي مساوات ۽ ان جي اهنسا کان
برهمڻن جي دنيا تنگ اچي چڪي هئي. هنن جو پراڻو
ڪينو، ناسور وانگيان ڀرجي نيٺ مرڪز ۾ ئي ڦاٽو.
سندن اڳواڻ پيشيه متر نالي هڪڙو نمڪحرام برهمڻ،
جيڪو پاٽنا درٻار جي اوبر تي ئي پليو هو. تنهن
آخري شهنشاهه برهدرٿ موريا کي (187 ق.م) قتل ڪري،
شاهي خاندان جو ڏِيو ئي گل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پاٽنا
جو فوجي ڊڪٽيٽر (سمراٽ) بڻيو ۽ ساڳيا يگيه وري
چالو ڪيائين.
مورين جي مرڪزي جمهوريت ٽُٽندي ئي هند ۽ سنڌ
(انڊو-پاڪ) جو عارضي اتحاد پڻ پورو ٿيو ۽ اهي
هزارين سالن تائين وري به هڪٻئي کان الڳ ٿي رهيا.
پاتال بندر پوءِ سدائين لاءِ سنڌ (موجوده مغربي
پاڪستان) جو سرڪاري مرڪز رهيو ۽ پاٽنا وري پورب
ديس (ڀارت) جي راڄگدي رهي. جالوڪ موريا جو پڙ
پوٽو، سڀاڳسين ان وقت افغانستان جو آخري وائسراءِ
هو. اشوڪ جي جمهوري راڄ، ڌرم جي پختي اوڄي ۾ اهڙو
ته ڳتيل هو، جو انهيءَ جي هڪ تند به مرڪز کان ٽٽڻ
مشڪل هئي. پر مرڪز جي مَٽندي ئي سڀاڳسين بيسهارو
ٿي پيو ۽ بلخ (بختر) جي يونانين پيشقدمي ڪرڻ شروع
ڪئي، جيڪي مورين جي آخري علائقي (افغانستان) سان
سرحدي هئا.
بختر جا يوناني:
انهن مان پهريون اڳرائي ڪندڙ ڊيميٽريس اول[35]
184 ق.م ۾ هو، جيڪو خيبر کان سڀاڳسين جي سامهون
اچڻ بدران، قنڌار وٽان وڃي بولان درو لنگهيو ۽
بلوچستان فتح ڪندو مڪران ۾ آيو ۽ اتان عربي سمنڊ
جو ڪنارو ڏيئي اچي پاتال بندر ڏکڻ تي پهتو ۽ ان کي
ئي پنهنجو مستقل مرڪز بڻايائين، جتان ڪڇ- ڪاٺياواڙ
تائين به هن سوڀون ڪيون. ڊيميٽيرس (توڙي سڀاڳسين)
جي وفات اندازن 165 ق.م ڌاري ٿي[36].
هن جو پٽ ائگاٿو ڪلس
(Agathocles)
گجرات ۽ کنڀات کي به فتح ڪري، سنڌ جي اتر ڏانهن
چڙهيو ۽ وڃي ڪشمير تائين پهتو. سندس سِڪن تي ٻڌ
مذهب جا پاڪ نشان- پپر جا پن، مها ٻوڌي وڻ، ڪنول
جو گل ۽ اسٽوپا جا آثار- اُڪريل آهن. اهي ٻه-
ٻوليا سِڪا آهن، جن جي هڪ پاسي يوناني ۽ ٻئي طرف
خروشتي اکر آهن. تن سان گڏ ڪن تي برهمي اکر پڻ
آهن. جيمس پرنسيپ
(J. Prinsep 1930 A.D)
انهن اکرن کي ڀيٽيندي اشوڪا جا ڪتبا پڙهي سگهيو[37].
جن جو ترجمو مٿي آهي[38].
ائگاٿوڪلس (160 ق.م) پنهنجي نياڻي شهزادي ائگاٿون
ڪليئا
(Agathocleia)
تخت جي اڪيلي وارث طور ڇڏيو، جنهن ڪابل جي جنرل
مينادر سان شادي ڪري، حڪومت هن جي حوالي ڪئي.
مينادراعظم:
مينادراعظم، شهزادي ائگاٿو ڪليئا سان پرڻجڻ ڪري
قديم سنڌ (ڪاٺياواڙ- ڪشمير سميت) جو مالڪ بڻيو.
بهادريءَ، دانائيءَ، علم ۽ انصاف جي ڪري سندس نالو
(مِلندرا
=
ميندرا) مهاڀارت، وايوپراڻ، گارگي سمهتا ۽ مهاڀاشا
توڙي ڪاليداس جي ناٽڪن ۾ پڻ مشهور آهي. هن قنڌار
کان ڪُرو کيتر تائين قبضو قائم ڪيو. پوءِ پنهنجي
اڳوڻي پٽ اپولوڊوٽس
(Apollodotus)
کي پاتال ۾ پنهنجو جائنشين بڻائي سنڌ، سوءراشٽر،
ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بڙوچ، کنڀات ۽ گجرات وغيره سندس
سنڀال ۾ ڏنائين. انهيءَ کان مطمئن ٿي، اڀرندي
ڏانهن متوجهه ٿيو.
پورب (پاٽنا) ڏي پشيه متر ٻڌ مذهب کي مٽائڻ
وارين ظلمي ڪاررواين ۾ الوٽ هو. هن وهار ڊهرايا ۽
’هڪ ڀڪشو کي مارڻ لاءِ سوء روپيا انعام‘ جو عام
اعلان ڪيائين[39].
اهي احوال سنڌ کان سيستان تائين پريشاني پيدا ڪري
رهيا هئا. پنهنجي ٻوڌي رعيت جي دانهن اونائڻ جو
وجهه وٺي، هن هڪدم حملو ڪيو. يوگ پران موجب: مٿرا،
چتور ۽ اجين فتح ڪري، گنگا، جمنا جي پنچال راڄ ۽
ائوڌ جي ساڪيتا راڄ کي مات ڪندو، اچي پاٽنا ۾ پهتو[40].
ٻڌ مذهب جو مٽائيندڙ، پيشيه متر ته پاڻ ئي پهرئين
حملي (151 ق.م) ۾ هميشه لاءِ ميٽجي ويو ۽ پٽس اگني
متر اچي پيش پيو.- ”پرڏيهي راجا پتاليگرام جو
اسٽوپا اڏائيندو.“ مهاتما جي اها اڳڪٿي سچي نڪتي.
پاڻ اگر ٻڌ مذهب ۾ نه هو، پر پاٽنا ۾ رهي، برهمڻي
راڄ جي سيني تي هڪ عاليشان اسٽوپا اڏايائين[41].
آخر اوڙيسا جي راجا کروال جي ستائڻ تي پاٽنا ڇڏي
مٿرا ڏانهن موٽيو[42].
مينادر جي اصلي عظمت فقط انهن فتوحات ۾ ئي نه آهي، پر سندس دماغي صلاحيت ۽
علمي قابليت ڪري ئي آهي. ڊاڪٽر راڌا ڪمد مڪرجي جو
چوڻ ته ’هو ويهه علم ڄاڻندو هو.[43]
تنهن ۾ ته کڻي ڪو وڌاءُ به هجي مگر ماليات،
اقتصاديات، سياست، قانون، ڪيميا، نجوم، طب، تاريخ،
رياضي، فلاسافي، شاعري ۽ موسيقيءَ جو وڏو ماهر هو،
تنهن ۾ ته ڪو شڪ نه آهي[44].
تنهن هوندي به مذهب متعلق کيس وڏا وهم ۽ وسوسا
هوندا هئا. سندس وهم مٽائڻ لاءِ جيڪو دانشور هن جي
درٻار ۾ ايندو هو ته هيءُ ان جو آڌرڀاءُ ڪندو هو.
انهيءَ ڪري سڀني عقيدن جا اڳواڻ ۽ وڏا عالم ساڻس
مذهبي مباحثو ڪرڻ ايندا هئا. جن سان بحث ڪندي کيس
خوشي ٿيندي هئي. مذهب جي معنيٰ ۽ مراد متعلق انهن
کان عالماڻي ڍنگ تي اهڙي ته آڏي پڇا ڪندو هو، جو
هو سڀ عاجز ٿي، کيس پنهنجي ئي حال تي ڇڏي، شڪست
کائي موٽندا هئا. آخر (151 ق.م) بڪئنگ ڪاڪ
(ٿائلينڊ) جي ڀڪشو ناگسين، پنهنجي عقيدي جي
سچائيءَ سان هن کي ايڏو ته مطيع ڪيو، جو تخت ڇڏي،
ڀري درٻار ۾ ڀڪشوءَ جي اڳيان ادب سان ڪنڌ جهڪائي
اچي هن جي پناري پيو[45].
ناگسين سان سندس مٿيون مناظرو، مينادر کانئس ئي
لکائي بروقت محفوظ ڪيو. انهيءَ ڪتاب جو نالو ئي
پوءِ ”ملنڊا پنهو“ (مينادر پڇيو) پئجي ويو. اهو
ڪتاب اڄ به چين، جپان، سلون، سيام، ٿٻيٽ، ٿائلنڊ ۽
برما جي ٻوڌين وٽ، ترپٽڪ کان پوءِ سڄي پالي ساهت ۾
اتم آهي. ان ۾ روح جي اصليت ۽ ڪائنات جي ڪيفيت
وغيره بابت، جيڪو ناگسين جي گفتگو جو عالماڻو
انداز آهي، تنهن ۾ سقراط وارو منطقي طريقو نهايت
ئي قابليت سان ڪم آندو آهي. انهيءَ زماني ۾ ٻوڌي
صحيفا ترجمو ٿي، مغرب جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙيا.
مٿئين ڪتاب جو يوناني ترجمو پڻ، مينادر جي مرڻ کان
اڌي صديءَ اندر، مصر جي مشهور ڪتبخاني اسڪندريه ۾
پهتو[46].
اشوڪ، اجاتسترو ۽ ڪالاسُڪ جيان، اگرچ مينادر ڪابه ڪانفرنس ڪانه ڪوٺائي. تڏهن
به پنج سوء چونڊ ڀڪشو عالم هر وقت هن جي درٻار ۾
هڪيا هوندا هئا. انهن ۾ آنَنتڪيه، ديومَنتيه،
مڪوڙا ۽ سڀاڏنه وغيره وڏا وزير هئا. انهن ئي هن کي
’ڌرم راڄ‘
(Soter)
جو لقب ڏنو هو[47].
مينادر پنهنجيءَ قوم جا به سوين يوناني ڀڪشو
بڻايا. اشوڪ وانگر انهن جو هڪڙو وڏو سنگهه (137
ق.م) پاتال بندر کان سلون ڏي موڪليائين[48].
سنڌو سلطنت جي يوناني بادشاهن ۾ مينادراعظم
عالمگير شهرت جو مالڪ ٿيو آهي. سندس سونا سِڪا، جن
تي هن ’ڌرم جو ڦيٿو‘ يا ڪنول جو گل ڇاپيو هو، سي
عالمي تجارت جي ڪم آيا. سنڌ جي سوداگرن اهي
انگلينڊ تائين به پهچايا، جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ ويلس
(انگلينڊ) جي ڪنارن تان لڌا آهن[49].
پوين سالن ۾ هو پنهنجي حڪومت تان هٿ کڻي، دنيا ترڪ
ڪري، وڃي بيکارين جي سنگهه ۾ گڏيو هو نه فقط ڀڪشو
بڻيو، پر پڇاڙيءَ (130 ق.م) ۾ ’نرواڻ‘ (نجات) حاصل
ڪري، پنهنجي رب ڏي راهي ٿيو. يوناني سندس لاش
ساڙي، ان جي رک بختر ڏي کڻي ويا ۽ ان جي مٿان وڃي
اسٽوپا اڏايائون[50].
انهن مان بلخ جو نــوَ بِهار (نئون وهار) ۽ انهيءَ
جا ڀڪشو (برمک) مشهور آهن. ٿائلينڊ ۾ ته اڄ تائين
به هن جو پُتلو پوڄيو پيو وڃي.[51]
هن جو قائم ڪيل راڄ پوري صدي پوءِ به، سندس ئي
نالي تي سندس پوين وٽ سلامت رهيو.
مينادر جا پويان:
مينادر جي مرڻ تي سندس راڻي پنهنجي صغير پٽ
اسٽريٽو ’اول‘
(Strato 1)
کي حڪومت جو حق ڏياري پاڻ هن سان گڏ حڪومت هلائڻ
لڳي. انهيءَ زماني ۾ ئي بختر جي سطلنت به ختم ٿي
هئي. اتان آنٽيالسيڊس
(Antialcidas)
خيبر کان اچي (110 ق.م) ٽئڪسيلا تي قبضو ڪيو.
اسٽريٽو، اڀرندي جمنا واديءَ ۾ سلامتي سمجهي، اتي
اچي اجهو ورتو. آنٽيالسيڊس به اڀرندي کان، پشيه
مترجي پوٽي ڀڳاڀدر کي پاڻ سان ملائڻ خاطر، وٽس
هيليوڊورس
(Heliodorus)
ڌوتو موڪليو. انهيءَ وڃڻ سان اهڙي ته سياسي کيڏ
ڪئي، جو ٻڌ مذهب جي خلاف پاڻ کي هندو ڌرم جو حامي
چوائي، هڪڙي مندر اڳيان انهيءَ اشتهاري مڃتا جو
ٿنڀو کوڙايائين. ايڏي ساري ڍونگ رچائڻ کان پوءِ به
کڙتيل فقط اهوئي نڪتو، جو برهمڻن کيس ’کتري‘ چئي،
سندس سڄو ئي ٿورو ڄڻ ته لاهي ڦٽو ڪيو[52].
هيڏانهن اسٽريٽو، وري جمنا واديءَ ۾ پهچي، ٻوڌي
پرچار ۾ لڳي ويو.
پوئتي، سنڌ ۾ وري مينادر جو اڳوڻو پٽ،
اپولوڊوٽس، پنهنجي تختگاهه پاتال مان، سيستان،
مڪران، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، کنڀات ۽ مٿرا جي مٿان
پوري آب و تاب سان حڪومت هلائي رهيو هو. وليعهد
اسٽريٽو، انهيءَ کي ئي پرجا جي پارت ڏيئي، پاڻ وڃي
پڻس (مينادر) وانگي مٿرا ۾ (100 ق.م) ڀڪشو بڻيو.
اپولوڊوٽس اهو ٻڌي، پاتال ماند رياهه تي اوڀارو
چڙهيو ۽ اچي ديري غازي خان وٽ ديرو دمايائين. جتي
اڳيئي سنڌ جي سرحدي ڇاوڻي سندس سنڀال هيٺ هئي.
تازو اتان اپولوڊوٽس جا ٻه سو سونا سڪا به لڌا آهن[53].
اتان اٽڪ پهچي، باغي آنٽيالسيڊس کي ڀڄائي، پنهنجا
اباڻا علائقا آرڪوشيا ۽ افغانستان واپس ورتائين.
پوءِ گنگا- جمنا واديءَ ۾ پهچي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ
جو ڇڏيل قبضو اچي هٿ ڪيائين[54].
هندو شاسترن موجب، راجسٿان جي مڌيه ميڪا (چتور) ۾
هن فوجي ڪئمپ قائم ڪئي. جتان مٿرا، اجين، مالوا ۽
ساحلي علائقن جو انتظام هلندو هو. پيريپلس موجب:
هن جهونا ڳڙهه (يوناگڊ- ياونانگر) جو وڏو وهار
ٺهرايو ۽ آخري دم (90 ق.م) اتي ئي ڏنائين[55].
هن جي گذرندي ئي سيستان کان سٿين به سنڌ جو رخ ڪيو. اپلوڊوٽس جا ٽيئي پٽ
لاڳيتا ڏهه سال سٿين کي روڪيندي، سندن سوءٽ سميت
مڪران ۾ مارجي ويا. آخر (80 ق.م) ۾ اسٽريٽو ’اول‘
جو صغير پوٽو اسٽريٽو ’ثاني‘
(Astrato 11) بادشاهه بڻايو ويو. اسٽريٽو ’اول‘ جيڪو ويهه ورهيه اڳي سنڌو
سلطنت جو باحشمت بادشاهه هو، سو هاڻي هڪ ڏٻرو ۽
ٻڍڙو ساڌو وڃي بچيو هو. انهيءَ کي وري به هن لاءِ
وٺي آيا ته پنهنجي پوٽي (اسٽريٽو ثاني) جو راڄ گرو
ٿي رهي. انهيءَ کي به آخر (70 ق.م) سٿين ختم ڪيو[56].
پوءِ مينادر جو پڙ پوٽو هپوسٽريٽس
(Hippostratus)
هزارا کان ڪي همدرد ساڻ ڪري، خيبر ڏانهن موٽيو.
ڪابل جي يوناني سردار هرمائيس
(Hermaeus)
هن سال صلح ڪيو. شهزاديءَ ڪئليوپ
(Calliope)
جي سڱ سان اتحاد پڪو ٿيو. پوءِ ٻيئي ڄڻا گڏجي 30
ق.م تائين، خيبر دري جي واپار تان ٻه طرفو ڏن
اوڳاڙيندا رهيا، تان جو سٿين جو وارو آيو[57].
ساڪ يا سٿين:
Sacians or Scythians
اصل ۾ هي روسي ترڪستان جا تاتاري ترڪ هئا. هنن
هرات کان دجله تائين ايرانين سان لڙايون ڪندي، آخر
اڀرندي ايران يعني سيستان (ساڪستان) ۽ بلوچستان ۾
اچي غلبو حاصل ڪيو. تن ڏينهن ۾ مينادر جا تڙپوٽا
خيبر جو تجارتي گهَٽُ جهليو بيٺا هئا. سٿين انهيءَ
سبب گڊروشيا (مڪران) جي ساحل کان (20 ق.م) سنڌ ۾
سرڪي آيا. هنن ايندي ئي ڀنڀور کي بندرگاهه بڻايو ۽
ان کان اڀرندي مينا ننگر[58]
نالي شهر آباد ڪري، اتي دائمي دارالحڪومت قائم
ڪيائون. اتان اڳتي وڌي هنن سا ڪاديپ (ڪڇ)، ڪونڪن،
سوءراشٽر ۽ مهاراشٽر تائين سڄو ملڪ والاريو. اتي
پنهنجا پير پختا ڪرڻ بعد، اهو سڄوئي علائقو اڀير
آفيسرن کي سنڀال هيٺ ڏيئي، پاڻ (اپولوڊوٽس وانگي)
مهراڻ جو ڀَـــــرُ ڏيئي مٿي چڙهيا. رواجي يوناني
سردارن کي تابع ڪندا، ڪشمير، ڪمبوج ۽ ڪافرستان
تائين ڇانئجي ويا. سوات کان سمنڊ تائين سڄو ملڪ
’سنڌو سٿيا‘
(Indo Scythia)
سڏجڻ لڳو.
سٿين مان سنڌ جو پهريون بادشاهه موءئيس
(Moga or Maues Moa)
20 ق.م هو، جنهن سن 20ع ۾ وفات ڪئي. سندس سڪي جي
عبارت راجادي راجا مهاتس موئيس خروشٽي ۾ آهي. پوءِ
سن 29ع تائين ايزس
(Azes)
حڪومت ڪئي، جنهن وري مينادر جا سڪا نقل ڪرائي،
انهن تي مهاراجاس مهاتس ’ڌرم رڪس‘ ’راجادي راجا
ايس‘ لکرايو. هن جو پٽ ايلش سن 40ع ۾، ۽ ان جو پٽ
ايزلس
(Azilses)
50ع ۾، آخري بادشاهه هو.
سٿين جو ننڍي کنڊ جي تاريخ تي اهو احسان آهي،
جو هنن ئي سنبت يعني سن سنڀالڻ جو هتي رواج وڌو.
ايراني شهنشاهه وِنون
(Vinones)
جي تخت نشينيءَ جو سال (58 ق.م) هنن هتي سرڪاري
طرح جاري ڪيو. وڪرماجيت (گپتا) جيڪو عيسوي سن کان
به پنج صديون پوءِ ٿيو آهي، تنهن جو نالو سنبت
مٿان مڙهڻ تاريخ سان انياءُ آهي[59].
سٿين کي پتنجليءَ ’صاف سٿرو سودر‘ سڏيو آهي ۽
منوسمرتيءَ ۾ وري کين ’کريل کتري‘ ڪوٺيو ويو آهي.
پهلوا:
Parthians
ايف. ڊبليو ٿامس جو چوڻ آهي ته اهي قبيلا، جن
اڀرندي ايران کان سنڌ تي ڪاهيو، سي پاڻ ۾ ايترو ته
مخلوط ٿيل هئا، جو انهن ۾ اها تميز ڪرڻ ته هي
يقينن ساڪ آهن ۽ هو پڪ سان پهلوا آهن، اهو مشڪل
آهي[60].
پارٿين مان حقيقت ۾ فقط گنڊوفر هڪڙوئي هتي آيو
آهي. سن 21ع کان هو خراسان (پارٿيا) مان اٿيو.
ايزلس جي زماني ۾ اتر کان اچي، هن خيبر جي واپاري
ناڪي تان يونانين جو ٻه طرفو قبضو ڇڏايو. مسيحي
روايتن مطابق حضرت عيسيٰ عليهه السلام جي حوارين
مان، سينٽ ٿامس
(St: Thomas)
سن 29-33ع ڌاري گونافر کي ڪرستان بڻايو هو[61].
ٿامس حقيقت ۾ هڪڙو ڪاريگر واڍو هو، جنهن سن 37ع ۾
اچي گنڊوفر جو محلات اڏيو هو. سينٽ ٿامس جي قبر
مدراس ۾ فرض ڪيل آهي[62].
گنڊوفر جو ڪتبو، جيڪو سن 44-45ع جو آهي، اهو يوسف
زئي (ضلع مردان) جي تخت باهيءَ مان مليو آهي. سن
46ع اندر هن سنڌ کان اتر ڏي سڄو ملڪ سٿين کان کسي
ورتو. ڏکڻ ڏي (سنڌ جا) سٿين پڪا ٻوڌي ۽ ’ڌرم رکش‘
هئا، مگر هيءَ وري مجوسي مت جو مڃيندڙ هو. ٽئڪسيلا
جي ٻاهران جنڊيال وارو آتشڪدو هن ئي جوڙايو هو[63].
تاريخ ۾ هيءَ هڪڙو ئي گبر، اهڙو اجنبي حاڪم آهي،
جنهن ٻڌ مذهب جي سرپرستي نه ڪئي. پر سندس حڪومت به
ستت ئي (سن 50ع ۾) ڪُشن قوم اچي ختم ڪئي.
يوچي ۽ ڪوشن:
Yueh- Chi and Kuei Shuang
چينائي ترڪستان ۾، يوچي
(Yueh- Chi)
قوم جي سردار قبيلي پاڻ کي ڪوچانگ
(Kouei- Chouang)
ڪوٺايو. اهي باختر کي اجاڙيندا، ٿٻيٽ مان ٿيندا
چترال کان ڪشمير تائين پکڙجي ويا ۽ ڪُشن
(Kuei Shuang)
ڪوٺجڻ لڳا. سندن سردار ڪادفيسس اول، هتي ايندي ئي،
ٻڌ مذهب اختيار ڪيو، ۽ ڪُجلا (ڪش لوڪا) ڪوٺيو ويو.
هن جي سڪن ۽ پنجتر واري گوشان ڪتبي (65ع) جي عبارت
”مهارايه، رايه تي رايس، ڪيلا ڪاڦسس، سچا ڌرم تٿ،
ڌرم ٿي داس“ خروشتي ۾ آهي[64].
هن اسي ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن جي پٽ ويما
ڪادفيس ٻئي (65- 78ع)، سڄي سنڌو ماٿري قبضي ڪري،
هندستان ڏي حڪومت وڌائي. سندس سڪن، توڙي ٽئڪسيلا
واري ڪتبي (78ع) تي خروشتيءَ ۾ ”مهاراجاس، راجادي،
راجاس، ساروالوگ اس ورس، مه اس ورس، ويما ڪاٿفسس
تراتارس“ (....سڄو جڳ هن جي وس، ڌرتي به هن جي
وس.... تنهن کي تارڻ وارو!) لکيل آهي[65].
هن جي بعد ڪنشڪ اعظم آيو، جنهن ٻڌ مذهب جي چوٿين
مشهور مجلس منعقد ڪئي.
ڪنشڪ اعظم ۽ چوٿين مجلس:
ڪنشڪ (سن: ڪنشٿ) جا اوائلي رڪارڊ يوپيءَ مان
مليا آهن، جتي ويما ڪادفيس جي پاران مٿرا جو گورنر
هو. هن جا گهڻي ۾ گهڻا ڪتبا پڻ مٿرا مان، هڪڙو
سانچيءَ (ڀوپال) مان، هڪڙو سئي وهار (بهاولپور)
مان ۽ هڪڙو ڪابل (واردڪ) وٽ مليا آهن. اوائل ۾
سنڌ، گجرات، مالوا ۽ راجسٿان به هن ئي فتح ڪيا
هئا. ڪلهڻ جي راڄ ترنگڻيءَ (1148ع) موجب، ڪنشڪ ترڪ
ڪشمير جو بادشاهه ڪوٺيو ويو آهي. پاٽنا کان ساڪيتا
سوڌو سندس سوڀون ته چيني ۽ ٿٻيٽي تاريخن ۾ به آيل
آهن. نيپال ۾ سندس سنبت جاري هجڻ، توڙي بينگال ۽
اوڙيسا مان سندس سڪن جي لڀڻ مان، اتي به هن جي
حڪومت ثابت ٿئي ٿي. مطلب ته 78ع ۾ تخت نشين ٿيڻ
کان اڳيئي، انهيءَ سڄي ايراضيءَ جو وائيسراءِ هو.
هيون ٽسانگ جي بيان مطابق: پامير کان وچ ايشيا
وارا علائقا به هن فتح ڪيا ۽ اتي جو هڪڙو شهزادو
پڻ هن وٽ ضمانت هيٺ (يرغمال) هو. چيني ترڪستان ۾
شاهه ڪَشن جا خروشتي اکرن ۾، پراڪرت زبان جا ڪتبا
مليا آهن. اتي سندس ايلچي برخو (بيکو) ڪوٺبا هئا.
هن هڪڙي حملي ۾ پارٿيا (خراسان) تي به سوڀ پاتي ۽
شهنشاهه جو لقب اختيار ڪيو. ويندي چين جي شهنشاهه
هوتيءَ (89- 105ع) سان مِٽُ ٿيڻ لاءِ هن جي وارث
شهزاديءَ جو سڱ به هن ڇڪايو. انهيءَ جي حاصلات
لاءِ ستر هزار سوارن جو رسالو (87- 89ع) پامير
مٿان چاڙهي موڪليائين، جنهن کي جنرل پنجوءَ مات
ڪري موٽايو. ”ٽنهي ڏسين جا ڏيهه منهنجي اَجهي هيٺ
آيا. رڳو اتريون علائقو انهيءَ کان گُسي ويو. ڪنشڪ
جا اهي آخري الفاظ آهن[66].
مٿئين بيان مطابق، هن جي وسيع حڪومت الهندي ڏي خراسان کان اڀرندي اوڙيسا
تائين ۽ اتر ۾ خوتان (ڪاشغر) کان ڏکڻ ڏي ڪونڪن جي
ڪناري (عربي سمنڊ) تائين پکڙيل هئي، جنهن ۾ سڄو
هندستان، بلخ ۽ افغانستان اچي ٿي ويا. سندس سڪن
تي، سمير، ايلم ۽ ايران جا اهڃاڻ اڪريل آهن، جن تي
پهلوي زبان ڪم آندل آهي. سندس وقت ۾ سنڌ جو واپار
وڌي وڃي روم تائين پهتو. سندس تخت نشينيءَ (78ع)
کان هن پنهنجو سنبت جاري ڪيو، جيڪو گجرات ۽ اجين
جي جينين معرفت دکن ۾ پهتو.
|