سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :10

سُت نپات ۾ نظمي سُت ڪٺا ڪيل آهن، جن ۾ ٻوڌي شاعريءَ جا قديم ترين آثار محفوظ آهن، تنهنڪري سڀني ڪتابن کان، ست نپات مان ئي گهڻي ۾ گهڻا حوالا ۽ سندون عام جام اينديون آهن. هن ۾ هندو ڌرم تي پڻ ڪي الرون ڪيل آهن. سيلا برهمڻ ۽ واسٿ برهمڻ جي ٻڌ مذهب ۾ اچڻ وارن سُتن ۾، ٻڌ مذهب کي برهمڻي ڌرم سان ڀيٽيندي، سچ ۽ ڪوڙ کي صاف ڪيو ويو آهي. ”اوچي ذات علم جي آهي، نڪي برهمڻ جي.“ ست نپات جي خاص اهميت انهيءَ ڪري به آهي، جو هيءَ قديم شاعريءَ جو هڪڙو قيمتي ۽ پاڪ يادگار آهي، جنهن ۾ خود مهاتما جي سوانح لاءِ به معتبر مواد موجود آهي. پراڻي ڍنگ واري شاعريءَ سان گڏوگڏ وري قديم سگهڙپائيءَ وارا مڪالما به مليل آهن، جن ۾ ڀڪشا (؟) سان سوال جواب ڪندي، ٻڌ مذهب جو اخلاقي نظريو چٽيءَ طرح سمجهايل آهي. ست نپات، انهيءَ ڪري ٻڌ مذهب جي اخلاقي تعليم کي سمجهڻ لاءِ هڪڙو قيمتي سرمايو آهي، جنهن ۾ انهيءَ زماني جي سماجي، معاشرتي ۽ اقتصادي حالتن جو به صحيح احوال ملي ٿو. اهي ساڳيا ست ۽ انهن جا مضمون پوءِ گهڻو ڪري مهاڀارت ۽ ڀڳوت گيتا وغيره جي لکڻ لاءِ ڪم آيا آهن[1].

سيوتڪ: Thus Commanded the Blessed One

                ”اهڙيءَ طرح هن چوٿين فصل سيوتڪ (ائين اُتائين) ۾ مهاتما جا مستند ۽ منظوم اقوال آهن.“ اهي سڀ ننڍڙا ست آهن ۽ هرهڪ جي اڳيان ’مهاتما هيئن چيو ته.....‘ وري سڀڪنهن جي پويان ’اسان ائين ٻڌو‘ لکيل آهي. هي مڙيئي مختصر ۽ منظوم ست آهن، تن ۾ تمام گهڻا اخلاقي پهلو اچي وڃن ٿا. ٻولي عام، رواجي ۽ فطري آهي. بعضي تمثيلون ۽ سهڻا استعارا جيڪي هن جي طرز کي دلپذير بنائين ٿا، سي فطري نظارن ۽ ٻيءَ مخلوقات مان ورتل آهن[2].

                ’آپ دان‘ يا خود قرباني، جنهن ۾، ڪنهن تان ڪا آفت ٽارڻ، ڪا مصيبت لاهڻ، يا عام خلق جي فائدي خاطر پنهنجي جند ۽ جان (خيرات ۾) ڏيئي ڇڏڻ جي ترغيب، نهايت ئي مدلل طريقي سان ڏنل آهي. ٻين جي ڀلائيءَ ۽ سک خاطر پنهنجو سر صدقي ڪرڻ، هڪڙو عظيم الشان ڪارنامو ۽ انتهائي مقدس عمل مڃيو ويو آهي. بلڪ اعليٰ ترين عبادت پڻ اهائي شمار ڪئي ويئي آهي. ’آپ دان‘ سڄوئي سهڻين ڳاهن جو مجموعو آهي، جن ۾ مٿيون مضمون سمايل آهي[3].

نَديِس: Glossary

                مٿين مڙني مضمونن جي ستن ۽ ڳاهن ۾ آيل خاص اصطلاحات، ’نديس‘ نالي جدا فصل ۾، ڀڪشو ساريپت ويهي سمجهايا آهن. اهي مذهبي محاورا، مهاتما جي پياري ساٿيءَ مها ڪچيان ڪٺا ڪيا هئا. ساريپت وري انهن جو استعمال پڻ سڀني ستن ۽ ڳيچن ۾ ڏيکاريو آهي. اهو ساڳيو ئي طريقو، ياسڪ منيءَ وري ويدن جي ’نِروڪت‘ ٺاهڻ لاءِ ڪم آندو آهي[4].

جاتڪ: ”ڳاهن سان ڳالهيون“ Pious Legends

                ننڍي کنڊ جي ادبي خزاني جي اصل کاڻ ته اهي جاتڪ ئي آهن، جيڪي اندازاً پنج ڇهه سوء کن ٿيندا. انهن آکاڻين جو هيرو، ڪن حالتن ۾ مهاتما ٻڌ پاڻ ئي آهي، هر هڪ جاتڪ جا مکي پنج انگ آهن:

1- موقعو: جنهن تي مهاتما اها آکاڻي ٻڌائي هئي.

11- ڪٿا: يعني نثر ۾ آکاڻي.

111- ڳاهون: جيڪي قصن جي تصديق لاءِ سند طور اچن ٿيون،

1V- ويا ڪرڻ: يعني ڳاهن جي ويا کيا ڪرڻ يا گيت جو مطلب سمجهائڻ ۽

V- سموڌنا: يعني آکاڻيءَ جو ٻڌ مذهب سان لاڳاپو.

                هي ڪٿائون مختلف نوعيت جون آهن، جن مان ڪي ته جانورن ۽ پکين وغيره جون ساديون ۽ رواجي آکاڻيون به آهن. انهن ۾ موزون ۽ سرائتا فقرا عام جام اچن ٿا. ڪي وري نصيحت آميز حڪايتون، دنياوي دستور (نيتي) سيکارڻ لاءِ آهن. انهن ۾ به مقبول عام چوڻيون ۽ سياڻپ جا سخت ڳايل آهن. ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ زال ذات جي چڪر ۾ ڦاسڻ کان آگاهي ڪيل آهي. اهڙيون آکاڻيون جاتڪ نمبر 61، 62، ۽ 63 وغيره ۾ سميٽيل آهن. انهن ۾ حڪيمانه قول ۽ ناصحانه ڳاهون ڳايل آهن. جاتڪ نمبر 527 جي نصيحت آميز قصي ۽ ان جي ڳاهن کي اهڙي ته ناٽڪي نموني ۾ ترتيب ڏنل آهي، جو اهو سورهن ئي آنا سانگ (Drama) پيو لڳي. ڪٿي وري تبليغي وعظ جي نموني تي خاص مذهبي ۽ اخلاقي آکاڻيون به آهن. اهڙين پاڪ حڪايتن ۾، صبر، شڪر ۽ قناعت جي تلقين ڪيل آهي. انهن ۾ جيڪي آٿت ڏيڻ واريون ڳاهون آهن، تن جي مراد اهڙن ماڻهن کي ڏڍ ڏيڻ معلوم ٿئي ٿي، جن کان اجل پنهنجا جاني جدا ڪيا هجن. مٿين مڙني جاتڪ ڪٿائن جو عڪس، اڄ به دنيا جي اڪثر لوڪ ڪهاڻين ۾ نظر اچي ٿو. جاتڪ نمبر 67 ۾ هڪڙي مائي، پنهنجي پٽ ۽ مڙس کي بچائڻ بدران، ڀاءُ جي جيئندان لاءِ اچي عدالت ۾ عرض ڪري ٿي، تنهن سان مشابهه آکاڻي هيرو ڊوٽس به لکي آهي.

                هنن حڪايتن جي پيڙهه اصل ۾ انهن (ڳاهن) تي رکيل آهي، جيڪي چپي چپي تي آکاڻين اندر ڳايل آهن. انهيءَ ڪري اهي ڳاهون ته بيشڪ بنيادي آهن، پر انهن جي نثر وارو حصو، جيڪو نظم جي اڳيان پويان فقط آکاڻيءَ جي سلسلي بيهارڻ لاءِ ڀرتي ڪيل آهي، سو پڪ سان پوءِ جو آهي، مگر اهو نثر وارو بيان به نظم جي چوڌاري اهڙي ته ڪاريگريءَ سان اڻيل آهي، جو ان ۾ ڳتيل ڳاهون خود بخود آکاڻيءَ کي اڳتي ڌڪيندي، آخري مقصد ڏي وٺي اچن ٿيون. نثر سان گڏ هر مضمون وارا مقولا ۽ قديم چوڻيون عام جام اچن ٿيون. اهي جاتڪ نه رڳو ادبي اعتبار کان انڊو- پاڪستان جو قيمتي ورثو آهن، بلڪ ٻوڌي زماني جا رواج رسمون، سماجي ۽ سياسي ڊول، ڍنگ، اقتصادي ۽ معاشرتي حالتون، توڙي تاريخ جون ٻيون ڪيتريون ئي سچيون حقيقتون هنن ڳاهن ۾ اڃا تائين محفوظ آهن. جاتڪ ڪٿائون، سڀني طبقن جي ماڻهن جي زندگيءَ جو تفصيل ڏين ٿيون، جيڪو ٻيءَ طرح سان تاريخن مان به ملڻ ممڪن نه آهي. هنن ۾ ڪي نثري روايتون، شايد ٽين صدي ق. م تائين ڳنڍيون آيون آهن. ٽين ڪانفرنس کان پوءِ اشوڪ جي پٽ مهيندر ڪمار پاڻ سان پنج سوء جاتڪ سلون ۾ آندا هئا. ان کان ٻه ٽي صديون پوءِ، سنسڪرت بزم جو ڀنڊار مهاڀارت، انهن جي بنياد تي سهيڙيو ويو[5].

قديم شاعريءَ تي ٻڌ مذهب جو اثر:

                ٻڌ مذهب، پنهنجيءَ پرڀات سان گڏ ئي، ننڍي کنڊ جي گيتن لاءِ نئون سهاءُ، نئين سجاڳي، نئين روشني ۽ نئين زندگيءَ جو نئون نياپو آندو. اڳ واري ادبي هڪ هٽيءَ ۾ جو ڄڻي ڄڻي کي ڄڀ تي سنسڪرت جو سرڪاري ڏنڀ سهڻو ٿي پيو، انهيءَ کان عام خلق کي آزادي ملي ۽ نجات نصيب ٿي. ملڪ جي ڪهڙيءَ به ڪنڊ ۾، ڪيترو به قليل تعداد قبيلو يا ڪهڙي به ڪريل قوم ڇو نه هجي، مذهب مساوات ۾ سندن اڻسڌريل ۽ ڪچي ڦڪي ٻوليءَ کي به پراڪرتي (فطري) حق حاصل هو. شاعر نه فقط پنهنجي فطري زبان کي ڳائڻ وڄائڻ ۾ آزاد هئا، پر هو ٻين عوامي محاورن کي پڻ بي حجابيءَ سان، بلڪ پيار سان پنهنجي ڪرڻ ۾ فخر سمجهڻ لڳا. ٻڌ مذهب جي اصل منشا ته ملڪ جي عام ڀلائي ۽ انسانذات ۾ نيڪيءَ کي وڌائڻ هئي، ۽ نه ماڻهن کي مصنوعي لفاظيءَ جي چڪر ۾ ڦاسائڻ جي، سو انهيءَ باهمي احترام سببان ازخود اهو مقصد حاصل ٿيڻ لڳو هو.

                اهڙي اجتماعي ۽ باهم سمجهوتي سببان، ملڪ جي مشرق کان مغرب تائين ازخود هڪڙي عام فهم زبان (پالي- پراڪرت) اڀري اٿي. اهائي عوامي زبان (پراڪرت)، پوءِ اشوڪ جي زماني کان ته هندستان جون به حدون اورانگهڻ لڳي. پر موٽ ۾ ان تي به اتر الهندي کان ايندڙ قومن جو اثر ۽ ردعمل ٿيو. اولهه اوڀر جي اهڙي ادبي اتحاد جو سَلو به ”سنڌ“ ۾ ئي سرجيو، جتان متمدن دنيا جي ميل مان، نت نت نوان نغما نسريا ۽ لهرين جي لاهه چاڙهه جيان موٽي ملڪان ملڪ پهتا. اهڙيون ثابتيون اڄ تائين وچ ايشيا ۽ چين جي تاريخن ۾ محفوظ آهن، جن جو ڪجهه اشارو اڳ ۾ به اچي چڪو آهي. هتي ان اٿاهه عوامي سنگيت کي سربستو سمجهائڻ يا سلسيوار بيهارڻ بيحد مشڪل آهي. مٿي سنسڪرت شاعريءَ جي بي ربط ڪهاڻيءَ جون ڪڙيون ڳنڍيندي ۽ انهيءَ جا خال ڀريندي ڪن عوامي گيتن جا صنفي نالا (جاتي ڳيا، گرام ڳيا، پرٻنڌ، گاٿا ۽ ڪيرتن وغيره) بيان خاطر ڳڻايا ويا هئا. هتي انهن مان اول پراڻي ’پرٻنڌ گيت‘ جي ڳالهه ڪجي ٿي.

پرٻنڌ گيت جي اوسر:

                پرٻنڌ جي اسرڻ جو اوائلي احوال ته اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي، جنهن مان ان جي غنائي ڪيفيت ثابت آهي. انهيءَ لحاظ کان، پرٻنڌ هڪ سرائتو گيت هو، جنهن جي هيئت ڪافي لچڪيدار هئي، اُن جي لفظن جي ترتيب ۾ ڪو بحروزن به هو، سو ته سوچڻ ئي فضول آهي. ڳائڻ جي رڳو لئي ۾ اچي سگهيو ٿي ته اهو ئي ان لاءِ ڪافي هو[6]. قديم هندو روايتن ۾ نه فقط ناچ، پر ان سان گڏ ڳائڻ جي نسبت پڻ شو مهراج سان ڪيل آهي، تنهنڪري ماتنگ (پنجين- ستين صدي عيسوي) سندس ڪتاب ’برهه ديشي‘ ۾ پڻ پراڪرتي پرٻنڌ کي شو مهراج کان شروع ٿيل سمجهيو آهي[7]. ڪن ٻين وري انهن کي جدا جدا جاتين ۾ ڳڻيو آهي. ڪلاسيڪي پرٻنڌ جيئن ته جدا جدا ڊؤل ۽ ڍنگ جا آهن، تنهنڪري انهن جا نالا به جدا جدا آهن. سندن ڳڻن ۽ لڇڻن جي بناء تي انهن کي مختلف جاتين ۾ ورڇيو ويو آهي[8].

                مٿي اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته جاتيءَ وانگي پرٻنڌُ به اصل ۾ اڪيليءَ تڪ جي شڪل ۾ هو. اها اوائلي تڪ ’اسٿايه‘ (بنيادي) سڏبي هئي. پوءِ واري ڪلاسيڪي لفظ ’اسٿائي‘ (منڍ) توڙي هاڻوڪو لفظ ’ٿلهه‘ (پيڙهه)، انهيءَ اسٿايه جي مترادف سمجهڻ کپن. اسٿايه کي ’اُدگـــِرهه‘ به چئبو هو، جنهن جي معنيٰ پڻ منڍ (مول) آهي. ادگرهه (اسٿائي) کي ڪثرت سان ڳائيندي، آخر ان مان ٻي هڪڙي ڪلي اسري آئي، جنهن کي ’ڌورا‘ (Fixed) سڏيو ويو. انهيءَ ترتيب سان آخر ٻن فقرن وارو پرٻنڌ پئدا ٿيو، جنهن کي ’دوي ڌاتو‘ (ٻه تڪو) پرٻنڌ چيو ويندو هو[9]. دوي ڌاتو پرٻنڌ جي پچار ڪندي، پنڊت داموڌر انهيءَ جي ٻئي انگ (ڌروا) کي آڀوڳ سڏيو آهي[10]. آڀوڳ لفظ جي معنيٰ انت يا انتها آهي. يعني جنهن جاءِ تي ڳيچ اچي جهُلي، ته اتي اڀوڳ ٿيو، اهي ٻيئي فقرا جيئن ته واري وٽيءَ تي لاڳيتو ڳائبا رهبا هئا، تنهن ڪري جنهن به فقري تي ڳائڻ کڻي بند ڪجي، سو ٿيو اڀوڳ. اوائلي زماني ۾ ته رڳو اسٿايه (ٿلهه) ورائي ڳائيندا هئا ته ان کي به ”اڀوڳ“ چوندا هئا[11]. انهيءَ مان ظاهر آهي ته اڀوڳ لفظ کي اڃا ڪا آخري معنيٰ ڪانه ملي هئي.

                سمڀا ڀوپال جي چوڻ موجب، پرٻنڌ ۾ پوءِ ٽي چَــــرَنَ ڳائجڻ لڳا، انهيءَ ڪري ’تِر- ڌاتو‘ (ٽه- ٺپو) پرٻنڌ چوڻ ۾ آيو[12]. انهيءَ ۾ ادگرهه (شروعات)، ڌروا (مرڪز)، ۽ اڀوڳ (خاتمو) شامل هئا[13]. وقت گذرندي، وچ ۾ هڪڙو وڌيڪ چرن ’ميلاپڪ‘ (ملائيندڙ) پيدا ٿي پيو، جيڪو ڌروا جي اڳيان ڪي پويان آيو ٿي ۽ ڌروا کي بعضي منڍ سان ته بعضي پڇڙيءَ سان ملائڻ جو ڪم ڏنائين. انهيءَ ڪري ان کي ميلاپڪ (جوڙ/ ڳنڍ) چيو ويو. اهڙي طرح آخرڪار پرٻنڌ جا پورا چار چرن جڙي بيٺا ۽ فقط اهڙي مڪمل پرٻنڌ کي ئي چَتُر ڌاتو (چـــؤ- تُڪو) پرٻنڌ چئي سگهبو هو، جنهن ۾ ادگرهه، ميلاپڪ، ڌروا ۽ اڀوڳ اهي سڀيئي انگ سمايل هوندا هئا. پرٻنڌ جي بلڪل ئي پوئين دؤر ڌاري ان ۾ هڪڙو نئون انگ آنترو (Intermediate) آندو ويو، پر  جيئن ته چتر ڌاتو پرٻنڌ ۾ تڪن جو تعداد دوهي (وانگر) هر حالت ۾ پورا چار چرن رکڻو هو، انهيءَ ڪري ملائيندڙ پدُ (ميلاپڪ) پنهنجو پاڻ نڪري ويو ۽ انتري انهيءَ جي جاءِ والاري[14]. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته پهريائين پرٻنڌ گيتن ۾ انترو (اندريون چرن) هوئي ڪونه. اهو گهڻو پوءِ پرٻنڌ اندر داخل ٿيڻ لڳو آهي. نه ته پوري پرٻنڌ (چتر ڌاتو) ۾ پهريان چار چرن هوندا هئا. انترو انهيءَ ڪري نه ايندو هو، جو انهيءَ جي عيوض ميلاپڪ تڪ اڳيئي موجود هئي. مطلب ته ميلاپڪ ۽ انترو، ڪنهن به پرٻنڌ ۾، ٻئي ساڳئي وقت ڪڏهن به ڪم نه آيا آهن[15]. پرٻنڌ جا پوءِ ڪيترائي نمونا مضمون جي مناسبت، ان جي بيهڪ، توڙي ڇند ۽ تال جي ترتيب پٺيان نالن سان مشهور ٿيا. ڇند ۽ تال جي نسبت وارا اهي ساڳيا نالا پوءِ ڪيرتن جي جدا جدا قسمن تي رکيا ويا، جن مان اڃا تائين هلندڙ آهن[16].

                پرٻنڌ جي مضمون ۾ راجائن، مهاراجائن، مشهور ماڻهن، ڏاتارن ۽ ديوتائن جي تعريف هوندي هئي. اهي پرٻنڌ اسلامي حڪومتن جي اچڻ وقت عام جام هلندڙ هئا. پرٻنڌ کي پوءِ سازيندي جي اصطلاح ۾ ’گت‘ چيو ويو. اهو لفظن گيت مان گسي وڃي گت بيٺو آهي. ۽ هاڻي ان جي معنيٰ سرود، لئي يا ترنم (Rhythm) آهي[17]. پرٻنڌ گيت جي انهيءَ تدريجي اوسر ۽ ارتقا مان ئي اندازو ٿي سگهندو ته اسان جي اڄوڪي فنڪارانه ڪلام جو بنياد به اهوئي ساڌو پاڌو ۽ ابتدائي لوڪ گيت آهي، جيڪو چندر گپت موريا ۽ ان بعد، اشوڪ جي ٻوڌي زماني ۾ اوڌون کائي اسريو. انهيءَ جي اوڌ ۽ واڌ تي ٻاهرين قومن جو اثر به يقيني آهي، جيڪي الهندي کان آيون. مگر انهن جي ادبي ڪارنامن بابت اسان کي پوري معلومات نه آهي.

ڏيهي ڳيچ تي حملي آورن جو اثر:

                موريا حڪومت کان هڪدم پوءِ، بختر جو يوناني بادشاهه ڊيمٽيريس اول هتي جو حاڪم ٿيو. اسان کي معلوم آهي ته سندس وڏو پٽ ۽ وليعهد شهزادو پنٽالين (Pantalean)، يوناني علم ادب جو ڪوڏيو ۽ رقص ۽ سرود جو وڏو شائق هوندو هو. سندس جاري ڪيل سڪن مان به اهڙي ثابتي ملي ٿي. هن جا سڪا، جيڪي ڏاکڻي سنڌو سلطنت (مڪران- گجرات) مان مليا آهن، تن تي هڪڙي رقاصه نچي رهي آهي. انهيءَ کي سوڙهي سٿڻ، ڪنن ۾ ويڪرا والا ۽ وارن ۾ گل لڳل آهن. هيءُ شهزادو جيتوڻيڪ پيءُ جي جيئري ئي مارجي ويو، مگر سندس ارادو پڪ سان هتي بلخ ۽ بخارا جي ثقافت پکيڙڻ جو معلوم ٿئي ٿو[18]. پنٽالين کان پنج- ڏهه سال پوءِ، بختر جو باذوق بادشاهه مينادراعظم هتي آيو، جيڪو علم و فضل جي ڪري منڍ کان ئي مشهور ۽ مڃيل هو. هن به ٻڌ مذهب قبول ڪرڻ کان اڳ، پنهنجي حڪومت جي پهرئين اڌ ۾، هتي بلخ بدخشان جي تهذيب ۽ ادب پکيڙڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ ناٽڪ ۽ سانگ، رانديون ۽ شرطون، موسيقي ۽ شاعري وغيره شامل هيون[19]. تنهن بعد (سٿين) جو وارو آيو. سٿين ته پنهنجا گيت سرڪاريءَ طرح به سنڌ ۾ رائج ڪيا. ”سٿين گيت سنڌ ۾ قومي تراني جيتري اهميت حاصل ڪري چڪا هئا[20].“ هي ماڻهو منڍ کان ئي مذهب مائل، علم دوست ۽ ادب نواز رهيا. ڏکڻ سنڌ جي پوين ساڪ سردارن مان ته ڪي ناليرا شاعر پڻ ٿي گذريا آهن. اهڙا اهڃاڻ تاريخن ۾ به ملن ٿا. ڪڇ ڪاٺياواڙ ۾ ڪپل (kapila) نالي سان هڪڙو مشهور سٿين شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو الهندي ڪاٺياواڙ جي ’سئينڌو‘ راجائن جو سارو سلسلو منظوم ڪري ويو آهي.

     “We hear of a Saka Poet Kapila composing a record of the Saindhvas of West- Kathiawad[21]

ڇند وديا جي شروعات:

                اهو ٻاهرينءَ حڪومت جو اثر چئجي يا انهن جو ردعمل، مگر مقامي شاعريءَ جي شڪل شباهت کي جاچڻ لاءِ پڻ پهريون ئي دفعو ڪي سريلا سڄاڻ سوچڻ لڳا. عيسوي سن کان هڪ ٻه صدي اڳي يعني ويدڪ زماني ۾ ئي ڪيشپ، مانڊويه ۽ راته جهڙا ڪي سنجيده سگهڙ سجاڳ ٿيا، جن انهيءَ فن جي ابتدا ڪئي. (هن ميدان ۾ اوائلي نالا فقط اهي ئي مليا آهن، جيڪي پنگل پڻ ڄاڻايا آهن.) هنن ويدي سنسڪرت ۾ انهيءَ علم جو اوائلي نالو سر سنگيت رکيو، جيڪو محض ڳائڻ جي ئي ڍار سان موافق هو. پارڪرتي ساکيه موجب، انهيءَ (سر سنگيت) جي بنياد تي ئي پهريون دفعو، غنائي فقرن جا جدا جدا نمونا (آپ جاتي، تِرشَپ ۽ اُنُشتپ وغيره) محسوس ڪيا ويا. سر سنگيت واري انهيءَ ابتدائي دور بعد، هن هنر جو ٻيو مک مرحلو ’ورڻ سنگيت‘ وجود ۾ آيو. ويدڪ وزن جي برعڪس، ورڻ سنگيت وري وڏن ۽ ننڍن لفظن جي جهيلار تي بيٺل هو.

                مگر حقيقت ۾ هن علم جو پايو وجهڻ پنگل (Pingala) جوئي ڪم هو. هي جئه ديو جي ’ڇندس‘ توڙي ڀرت جي ’نٽيه شاستر‘ کان به اڳي شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ حساب سان ته هو عيسوي سن جي بلڪل ئي اوائلي زماني ۾ ٿيو آهي. پنگل جي ’ڇندس سوتر‘ کي ويدن جو انگ (جزو) ڳڻيو ويو آهي. انهيءَ ڪري ڪي ته سمجهن ٿا ته هو عيسوي سن کان به ڪو اڳي ٿيو هوندو. ”پنگل، اچارن جي ڳاڻيٽي لاءِ جيڪو ننڍي ۾ ننڍو ايڪو  (ورت) ورتو آهي، سو ’تِرڪ‘ (ٽِڪو) آهي. يعني اهو مفرد لفظ جنهن ۾ ڪم از ڪم ٽي اکر اچن. ليڪن ڪو به غنائي فقرو، جنهن ۾ اهڙا ٻه ترڪ (ڇهه اُچار) يا ڇهن کان گهٽ اکر آهن، سو هن جي مطلب جو نه آهي.... حقيقت ۾ هن رڳو ڇڙها سوتر ئي سمجهايا آهن. تنهنڪري پنهنجي پستڪ کي پڻ ”سوتر ڇندس“ ڪوٺيو اٿس. هو اچارن جو ڳاڻيٽو ڪندي، ڪن اهڙين سٽن تائين به آيو آهي، جن ۾ اهڙا اٺ ترڪ اچيو وڃن ٿا. مگر انهن لاءِ مناسب مثال ۽ موزون دليل بلڪل ڪونه ڏنا اٿس. ٻي ڳالهه ته هن رڳو زباني جهونگارن جي ئي بنياد تي تجربا ڪيا آهن ۽ ڪنهن به لکيل تڪ جي تحريري صورت (بيهڪ Adhvan) کان هو قطعي بيخبر آهي. ۽ نه وري اکرن يا آوازن جي ڊگهائي ڇوٽائيءَ کي به ڪو خيال ۾ آندو اٿس. انهيءَ مان ثابت آهي ته سندس وقت ۾ سوتر ۽ تڪون اڃا عام طرح تحرير هيٺ نه آيون هيون ۽ شايد اهو ڪم به اول هن کان ئي چالو ٿيو[22].“

                پنگل کان پوءِ، ٻيو به جيسلمير جو هڪڙو عروضي ماهر، جئه ديو، جنهن جو ’جئه ديو ڇندس‘ مشهور آهي، سو عيسوي ٻي- ٽين صديءَ ڌاري ٿي گذريو آهي. پنگل جي برعڪس، هن وري شعر جي لکت (اڌوَن) جو بحث ڇيڙيو آهي. چي، ’ڪن به لکيل ٻن ماترائن جي وچ ۾، هڪ آڱر جيتري جڳهه ڇڏيل هجي، تڏهن سٽ جي ماپ سمجهه ۾ ايندي.‘ انهيءَ مان اندازو آهي ته شايد سندس زماني ۾ شعر جي لکت چالو ٿي چڪي هئي. هن جي ڪتاب تان اڀينوَ گپتا سويمڀو، وراهه مهر ۽ هيمچندر مدد ورتي آهي. خاص اپڀرنش وارو ’تال ڇند‘ شايد هن کان گهڻو پوءِ، ڀرت جي زماني ڌاري ٿيو آهي.

                ڀرت پنهنجو ’نٽ شاستر‘ ٽين- چوٿين صدي عيسويءَ ۾ لکيو آهي[23]. ”هن ۾ پراڪرت جا نمونا ۽ مثال سڀ پورا ۽ باقاعدي ڏنل آهن. سورهون ۽ ٻٽيهون باب، ڇند جي سمجهڻ لاءِ بلڪل اهم آهن. خاص طرح ٻٽيهون باب (ڳيا: Geya) ته نهايت ئي دلچسپ آهي. هن ۾ سڀ سُرائتا ٻول ڪٺا ڪيل آهن. جن ۾ ڇهن اکرن ۽ ان کان گهٽ اچارن وارا فقرا پڻ بحث ۾ آندا اٿس. اهو سندس چوڻ موجب، ڳيا ڇند آهي[24]. ليلو رچنداڻي، ”سنڌوءَ جي جهلڪ“ ۾ لکي ٿو ته: هن ڪتاب ۾ اپڀرنش ئي ڪم آيل آهي. اپڀرنش جي احوال اچڻ کان اڳ، سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول جي به هڪڙي جهلڪ ملاحظو فرمايو، جا تاريخ ۾ ڪنهن طرح محفوظ رهجي ويئي آهي[25].

قديم سنڌ جي ادبي فضا:

                ڪويراج سيکر (جنهن جو احوال اڳتي ايندو) سندس ڪتاب ”ڪاويه مِــــماڻسه“ (مقدمه شعر و شاعري) ۾ لکيو آهي ته ”سنڌ جو ڪوشان راجا واسديو، جيڪو ڪيترن ئي برک عالمن ۽ پڙهيل ماڻهن جي هڪڙي وڏيءَ جماعت جو سربراهه هوندو هو، سو شاعرن جو ته خاص طرح سان وڏو مربي هو ۽ سندن انجمن جو اعزازي صدر (سڀاپتي) پڻ پاڻ هو..... هيءُ، ساڳئي نالي وارو ڪو به ڪوشان بادشاهه ٿي سگهي ٿو[26].“ مٿيون بادشاهه جي بلڪل ئي آڳاٽو سارجي، ته اهو واسديو اول به ٿي سگهي ٿو، جنهن جي زماني (120ع) ۾ سنڌ جي سريلن سگهڙن جو هڪڙو وڏو وفد سرڪاريءَ طرح چين ڏي ويو هو[27]. يا ته وري واسديو ثاني به ٿي سگهي ٿو، جهن جون تحريرون موئن جي دڙي منجهان مليون آهن. مگر مناسب هيئن ٿو لڳي ته اهو بادشاهه بلڪل ئي آخري ڪُشن يعني ستون يا اٺون واسديو (360- 375- 400ع)، اروڙ جو ڪو راجا ٿي سگهي ٿو، جيڪو سڄي سياسي اقتدار هٿان وڃائڻ بعد، اهڙين علمي، ادبي ۽ مذهبي مجلسن ۾ ئي پاڻ وندرائيندو رهيو. اسان وٽ بهادر شاهه ’ظفر‘ ۽ مير ’سانگيءَ‘ جا بلڪل ئي اهڙا مثال موجود آهن. (تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائيندي آئي آهي.) ڪيئن به هجي، پر هيءُ حوالو نه فقط سنڌ جي قديم شاعريءَ لاءِ قيمتي آهي، مگر انهيءَ مان اهو به ثابت آهي ته اپڀرنش جي اثر کان اڳ ۾ ئي سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب کي جداگانه ۽ مستقل حيثيت هئي ۽ سنڌ جا راجا به هتي رس راوڻا ڪرائيندا رهيا.

اپڀرنش ۽ اڀير لوڪ:

                اپڀرنش يا اڀير ڀاشا جي اصليت ڳولڻ کان، ان جي ڳالهائيندڙن جي تاريخ تلاش ڪرڻ بيحد ضروري آهي.- ”اڀير هڪ اجنبي قوم هئي، جا اصل ۾ اڀرندي ايران کان آيل هئي. سندن اباڻو علائقو ابيرون (Abiravan) جنهن تان هن قوم تي ’اَبير‘ نالو پيو، سو قنڌار ۽ خراسان جي وچ ۾ هو. هي ماڻهو عيسوي سن جي اوائل ۾ سٿين سان گڏجي سنڌ ۾ داخل ٿيا. سٿين جي اوائلي ڪتبن موجب، ابير سندن فوج ۾ عهديدار هئا. تنهنڪري سٿين سنڌ جي ساحل کان اڀرندي وارا علائقا، اڀير آفيسرن جي ئي هٿ هيٺ ڇڏيا ۽ پاڻ وري سنڌ جي اتر ڏانهن اسريا. اڀير جنرل باپڪ جو پٽ ردرڀوتي، جيڪو پڻ سٿين جو سپهه سالار هو، تنهن جو ڪتبو ڪاٺياواڙ ۾ مليو آهي. انهيءَ ڪتبي موجب سنه 181ع ۾ هن اتي هڪڙو حوض ٺهرايو هو. سٿين جي ٻئي هڪڙي اڀير گورنر جا سيميائي سڪا مليا آهن، جيڪي هن ’اسوردت‘ جي لقب سان، سن 188- 190ع ۾ جاري ڪيا هئا. دکن ۾ ناسڪ واري ڪتبي، (ٽين صدي) ۾ آيل آهي ته هڪڙي خودمختيار اڀير، ’سودت جي پٽ ماٿري بپترا،‘ ناسڪ وٽ وهارن ۾ رهندڙ بيمار ڀڪشوئن جي دوا درمل واسطي، هڪڙيءَ ساڪيا ڀڳتياڻيءَ جي هٿان، اول هڪ هزار سڪن جو سامان (ڪارشاپن) ۽ پوءِ پنج سو سڪا روڪڙا، سوداگرن جي سٿ کي ڏنا هئا. هِن ئي راجا سن 248- 249ع کان پنهنجو سنبت جاري ڪيو هو، جيڪو دکن ۾ ’ڪلاچاري يا چيدي‘ سنبت سڏجي ٿو. هن جي اولاد به اتي ستهٺ سال حڪومت ڪئي. پروفيسر ميراشي تازو، مٿئين سنبت (67- 107 ۽ 117) مطابق، خانديش ۾ ٽن اڀير بادشاهن (سوامي داس 315ع، راجا ڀلند 355ع ۽ ردرداس 365ع) جي حڪومت ثابت ڪئي آهي. پُراڻن ۾ ته ڏهن اڀير راجائن جا نالا اچن ٿا، جيڪي دکن جي ساتواهن راجائن جا جاءِ نشين آهن. مهاڀارت ۽ پتنجليءَ جي مهاڀاشا ۾ اڀيرن کي مليڇ (ڌاريو) سڏيو ويو آهي. ڪونڪن جي ڪتبي ۾ هنن جي هڪڙيءَ شاخ کي ’تِرئيڪُوتڪ‘ ڪوٺيو ويو آهي، جيڪي عيسوي پنجين صديءَ ۾ اتي جا بادشاهه هئا[28].

                سؤراشٽر ۾ ته ويندي عيسوي ڏهين صديءَ سوڌو به اڀيرن جي حڪومت هلي آهي. سندن مشهور راجا گراهرپو (محمود غزنويءَ کان هڪ صدي اڳي)، هندو ڌرم جي مخالفت ڪندي، سومناٿ مندر جي برهمڻن کي تمام تنگ ڪيو. تنهن تي مولراج سولنگيءَ (942- 995ع) سڀني هندو راجائن کي ڪٺو ڪري، انهلواڙ مان اڀيرن تي ڪاهه ڪئي. ڪڇ جو راءُ، لاکو ڦلاڻي، جنهن ڪئين مرتبا مولراج کي مات ڪيو هو، سو هن لڙائيءَ ۾ اڀيرن پاران وڙهندي مارجي ويو[29].

                اڀيرن جي اقتدار هيٺ آيل علائقو، مٿي ڳڻايل ماڳن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ، سومناٿ ۽ سؤراشٽر، دکن ۽ ڪونڪن، توڙي ناسڪ ۽ خانديش، اهي سڀيئي هڪ ٻئي سان سرحدي ۽ ملندڙ پرڳڻا آهن. پيريپلس ۽ ٽالميءَ جي جاگرافيءَ مطابق، اولهه راجسٿان، ڏکڻ اولهه ڪاٺياواڙ ۽ ڏکڻ اوڀر سنڌ، اهو اڀيريا (Abiria) جو ملڪ هو. مهاڀارت موجب، ”جتي سرسوتي ندي رڻ ۾ وهي ٿي، اتي اڀيرن جو راڄ آهي.“ پراڻن موجب دکن جي اتر اولهه واري حصي يعني ڪونڪن کان وٺي، اتر ڏي ويندي بڙوچ تائين سندن حد هئي. ڪن وري مهاراشٽر جو علائقو به سندن تابع چيو آهي. ان کان سواءِ الهه آباد ۽ چندراوليءَ وارا ڪتبا ته اڀيرن جي ايراضيءَ ۾ اڃا به اضافو ڪن ٿا. جهانيءَ ۽ ڀلسا جي وچ ۾ به اڀيرن جي آڳاٽي آبادي (اهير واڙا) اڃا تائين موجود آهي. مطلب ته مٿيان مڙيئي ملڪ اڀيرن جي اثر هيٺ هئا[30].

                هاڻي، ناگپور يونيورسٽيءَ مان ’اپڀرنش- پراڪرت‘ شعبي جي صدر ڊاڪٽر ايڇ ايل جئن (Dr: H.L. Jain) جي تحقيقاتي مقالي، ’اپڀرنش ڀاشا اور ساهتيه‘ مطابق، هن هيٺ اپڀرنش جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته ”اڀير عيسوي پهرين صديءَ کان چوٿين صدي عيسويءَ اندر ڏکڻ الهندي هندستان کان وٺي، وچ هندستان تائين ڇائنجي چڪا هئا.“ انهيءَ ڪري اڀيرن جي ٻولي اڀير ڀاشا جي اهميت پڻ سندن سياسي غلبي سبب، سندن مقبوضه علائقي اندر يقنن عروج تي آئي هوندي. ڊنڊن (ڪاويه درش) ۽ ڀامهه (ڪاويه لنڪار) جي اهڙي تصديق جي علاوه، ولڀيءَ جي راجا گهاسين (Guhasena: 559- 567 A.D) جي اُڪرايل هڪڙي ٽامي جي تختي ملي آهي، جنهن ۾ هن اڀير ڀاشا (اپڀرنش) جي مهارت ۽ اڀير شاعريءَ جي پارکو هجڻ جي هام هنئي آهي. عيسوي ڇهين صديءَ تائين ته اپڀرنش جي ادبي صلاحيت ايتريقدر اُڀري چڪي هئي، جو ڀامهه (700ع) جهڙي سنسڪرت جي عروضي ماهر کي به نه فقط ان جي شاعراڻي فضيلت تسليم ڪرڻي پئي، پر ان جي ادبي تخليقن کي پڻ پراڪرت ۽ سنسڪرت سان مساوي مڃڻو پيو. ڊنڊن ته سندس زماني واريءَ اپڀرنش جي نه فقط ادبي فوقيت جو اعتراف ڪيو آهي، پر ان جي علمي عظمت جو به کيس احترام آهي. رسمي طرح ته کڻي سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ ٻيون مڙيئي ادبي ٻوليون اپڀرنش جي مقبول عام لقب سان سڏيون ويون آهن، پر شاعريءَ ۽ ادب جي ميدان ۾ ته فقط اڀيرن جي ٻوليءَ کي ئي اپڀرنش چيو ويو آهي..... ۽ اها اپڀرنش ئي هئي، جيڪا سندس دعوا موجب: شاعريءَ جي فن لاءِ منتخب ڪئي ويئي ۽ مقبول عام رهي. سنسڪرت جا ڪي ڪٽر عالم جيتوڻيڪ اپڀرنش لفظ جي اصطلاحي معنيٰ ابتي، ڀرشٽ، وڀاشا وٺندا رهيا، مگر شاعرن ۽ اديبن ته اها معنيٰ ڪڏهن به قبول نه ڪئي آهي. اهي سدايئن ان کي عوامي يا ديسي (پراڪرت) ٻولي سڏيندا رهيا[31].

دوها ڇند جي شروعات:

                خاص اپڀرنش جي پراڻي ۾ پراڻي شاعري جيڪا ملي آهي، سا دوها ڇند ۾ ئي چالو ٿئي ٿي. دوها شعر، مضمون جي مناسبت سان ٻن طبقن ۾ ورڇيو ويو آهي. انهن مان اوائلي قسم افسانوي (Romantic) آهي، جيڪو اول ڪن اڪيلن سٽن ۾ ئي چالو ٿيو آهي. تن ۾ ڏندڪٿائن، عوامي آکاڻين ۽ ڪهنن قصن جي ڪردارن جا ڪي جذباتي جز ڳايا ويا. اهي اول ڀٽن ۽ چارڻن ڳائڻ چالو ڪيا. هيمچند جي گرامر ۾ اهڙا مثال عام جام آيل آهن. انهن ۾ سٽن جا ڪئين جوڙا مختلف ماپ جا به آهن، دوهن جو ٻيو قسم وري روحاني يا مذهبي (Ascetic) مضمون وارو آهي. پوئين قسم جو ته وڏو ادبي ذخيرو موجود آهي، جيڪو جين ۽ ٻوڌي ساڌن جو سموهيل آهي. انهيءَ زماني جي رمتا جوڳين، ساڌن ۽ سنتن، دوها صنف کي پنهنجي ڪم لاءِ ڪارائتو ڏسي، ان کي فورن پنهنجو ڪري ورتو.

                دوها ڇند جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ۽ ناليرو شاعر جيڪو معلوم ٿي سگهيو آهي، سو جئند (Joindu) آهي، جيڪو عيسوي ڇهين صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي. هن جي سميٽيل دوهن جا ٻه مختلف جهڳٽا ’پرمپياس‘ ۽ ’جوڳ سار‘ پڻ مليا آهن. اهڙيءَ طرح رام سنها منيءَ جا ’پاهڙ دوها‘ پڻ قلمبند ڪيل آهن. تنهن بعد گياني ديوسين جا ’ساويه ڌرم‘ دوها، توڙي سپر آچاريه جا ’ويراڳيه سار‘ دوها، آڳاٽي اپڀرنش ڪويتا جي بهترين نموني مان ڪي چونڊ مثال آهن. مٿيان مڙيئي ملوڪ، اڪثر ڪري ڪڇ، ڪاٺياواڙ يا سوراشٽر جا سمجهڻ کپن.


)[1]( Dr: A.D. Pusalker: The Age of Imperial Unity: P. 402- 403.

)[2]( Ibid: P. 402.

)[3]( Ibid: P. 406.

)[4]( Ibid:

)[5]( Dr: A.D. Pusalker: The Age of Imperial Unity: P. 404- 406.

)[6]( Prof: Gosvami: The Story of……P. 112.

)[7]( Prajnana: Historical Develop: P. 302.

)[8]( Ibid: P 169- 170.

)[9]( Gosvami: Story of…Music: P. 112.

)[10]( Ibid: P. 182

)[11]( Prajnana: Historical… P. 177.

)[12]( Ibid: P 181.

)[13]( Prof: Gosvami: The Story of……P. 112.

([14]) Prof: Gosvami: The Story of……P. 112.

([15]) Prajnana: Historical Develop: P. 180

([16]) Gosvami: The Story of……P. 114.

)[17]( Ibid: P. 113.

([18]) G.W. Cock: Greeks in India: P. 89.

([19]) Ibid: P. 103- 104.

([20]) Prajnana: Historical Development of……P. 73.

([21]) Dr: U.N. Ghoshal: The Age of Imperial Kanauj. P 373.

([22]) Dr: M.A.Mehendale: Imperial Unity: P. 271- 272.

)[23]( Prof: O Gosvami: The Story of……P. 42

)[24]( Dr: M.A.Mehendale: Imperial Unity: PP. 272- 273.

 ([25]) رچنداڻي ليلو: ”سنڌوءَ جي جهلڪ“: ص 108.

)[26]( Dr: D.C. Sircar: Imperial Unity. PP. 153.

)[27]( Dr: Majumdar: Imperial Unity. PP. 649.

)[28] (Dr: D.C. Sircar: Imperial Unity. P. 221-223.

)[29]( Dr: D.C. Ganguly: Kanauj: p. 101- 103.

)[30]( Dr: Sircar: Imperial Unity. P. 221-223.

)[31]( Dr: H.L Jain: Age of Imperial Kanauj: pp. 212- 213 & 214.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org