اهڙين مٿين آزمائشن مان پار پيل، ٻيو به هڪڙو شڪاري نسل، اندازن
گذريل ڏهاڪي هزار سالن کان، عراق، عجم ۽ اتر کان،
ڀونوچ سمنڊ جي اوڀر- اتر ڪناري وٽان ڀٽڪندو، ايران
عجم اورانگهي اچي مٿانئن ڪڙڪيو. تاريخ ۾ هن کي
دراوڙ (ڀونوچي لوڪ) سڏيو ويندو آهي. انهيءَ
ڀونوچولي نسل مان برائوهي، اوڏ وغيره انهن جا
پونئير سمجهيا وڃن ٿا. ڊگهي آزمودي سان گڏ، مٿين
ٻنهي قومن ۾ وري پنهنجيون پنهنجيون نسلي خصوصيتون
به هيون. ٻنهي نسلن جو اول ٽڪر ٿيو، ۽ عمل – ردعمل
ٿيو، آخر منجهن ميل ميلاپ ٿيو ۽ ٻنهي گڏجي، نئين
انقلابي دؤر ”نئين پٿر واري زماني“ جو افتتاح ڪيو.
هتان سندن گڏيل زندگيءَ جو ٻيو دؤر شروع ٿيو.
ايندڙ ٻن ٽن هزارن سالن تائي ٻنهي نسلن ۽ سندن گاڏڙ قبيلن کي
شڪار ڪندي، مال ڌارڻ جي رٿ سُجهي آئي. ڪيل شڪار
مان هڏن گُڏن جي بچت ۽ اوبر سوبر جي چوُس تي،
جهنگلي ڪتو پاڻمرادو، سندن پٺيان پاڇي وانگر لڳي
پيو. انهيءَ کي ڏسي، کين ٻين حيوانن کي هيرائڻ جو
خيال آيو. اٽڪل ست هزار ق. م کان، هو رڍون، ٻڪريون
۽ ٻيا پسون پڪڙي پالڻ ۽ چارڻ لڳا، تن ۾ به ڳائو
مال خاص طرح سان سدورو سمجهيو ويو. اهڙيءَ طرح هو،
شڪارين مان سڌري، ڌراڙ (ڌنار) ۽ مالدار ٿيا. اها
انساني ترقيءَ جي ٽين مک منزل هئي. آئينده هزار-
ٻن هزارن سالن جي چراگاهي دؤر ۾، مال چارڻ ۽ ڏٿ
ڏورڻ ڪري، هنن مالوند ڀاڳين ۾، هڪ طرف سرسبز
چراگاهن جي چونڊ ڪرڻ جي تميز آئي ۽ پنهنجي پنهنجي
مال لاءِ هو وسندڙ جوُءِ والارڻ لڳا، ته ٻئي طرف
وري پنهنجي پيٽ گذر جوڳيءَ نباتات ڏانهن سندن
دلچسپي وڌي. اهڙيءَ طرح پيٽ پَرنديءَ جهڙن اناج
ڏيندڙ گاهن ۽ ڦل ڏيندڙ جهنگلي وڻن ٻوٽن جي رکوالي
ڪندي، کين کيتيءَ جو هنر هٿ آيو. آخر مسيحي عهد
کان اٽڪل پنج هزار کن سال اڳ، زراعت ۽ زمينداريءَ
جهڙو اعليٰ ۽ عالمگير هنر ايجاد ڪيائون[1]. جو اڄ به سنڌين جو مکيه ڌنڌو آهي.
دنيا جي سڀني قديم قومن ۽ آڳاٽين تهذيبن جي تاريخ به زراعت جي
بنياد پوڻ سان ئي چالو ٿي آهي. پوکي ڪرڻ سان گڏ ئي
رول شڪارين ۽ خانه بدوش ڌراڙن (ڌنارن) جي زندگيءَ
۾ دائمي سڪونت آئي ۽ پاڻيءَ جي سٺي وارا سُٺا آئٺا
۽ وسندڙ کيت والاري، اتي ڪکن پنن مان جهوپڙيون
ٺاهي، وسنديون ڪري ويهندا ويا. اهڙيءَ طرح وستين ۽
واهڻن جو بنياد پيو. مٽيءَ مان هو ٿانوَ ٿپا ٺاهي
ڪم آڻڻ لڳا. اهائي سندن اوائلي موڙي ۽ مڏي هئي.
دائمي سڪونت جي ديهي آبادين ۾ اٽڪل چار هزار سال
ق. م کان، مذهب ۽ سياست جو آغاز ٿيو. اتي ڏاها ۽
سياڻا شخص عام ماڻهن کان اُڀري اتاهان ٿيا، ۽ ڍڳو
وٽن کيتيءَ جو مکيه اهڃاڻ مڃيو ويو، جيڪو گهڻو
پوءِ شِوِ مهراج جي سواري سمجهي پوڄيو ويو. ڪي
سهنجا ۽ سجهائتا هنڌ، هنر ۽ حرفت، صنعت ۽ تجارت جا
مرڪز بڻيا ۽ ڳوٺن مان وڌي وڏا شهر ٻڌجڻ لڳا. نيٺ
عيسوي سن کان اٽڪل ٽي هزار سال اڳ، موئن جي دڙي
جهڙا تخت شهر وجود ۾ اچڻ لڳا. اهڙن شهرن ۾ الڳ
عبادتگاهه، مندر ۽ معبد اَڏجڻ لڳا، جتي سياڻا ۽
ڏاها، ڪاهَنَ ۽ ڪوي، پروهيت ۽ پنڊت ديرو دمائي،
واسو ڪري ويهي رهيا. اڍائي هزار ق. م کان سنڌ جي
سڀيتا دنيا جي قديم قومن تي ڪَر کڻي پنهنجو نالو
نشانبر ڪيو ۽ هن ڌرتيءَ تي پري پري تائين پنهنجو
ڌاڪو وڄايو. امن امان، سک سانت ۽ سڪار ڀرئي هن ديس
۾ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي قومن ۽ جاتين ڏيڍ هزار ق.
م کان اڳ، توران ۽ ايران کان به اچي اَجهو ورتو.
انساني آباديءَ جو اندازو سَون مان هزارن ۽ هزارن
کان لکن تائين وڌڻ لڳو. انهن آيل افغاني ۽ ايراني،
تاتاري ۽ توراني قبيلن ۽ جاتين ۾، دراوڙ ۽ داس
(داهي يا دائينس)، ورسن يا ورسي ونت، يَتي، پَڻي،
الپائيني، رواتي، واهيڪي، سمباوت، چوُل، منگول
وغيره مليل هئا. انهن مڙني مٿان گُني ۽ گياني،
ڪاهن ۽ پِروهت
(Priest- kings)
هڪ ئي وقت ٻٽو منصب ماڻي رهيا
هئا، جيڪي ساڳئي وقت سندن سياسي اڳواڻ به، ته وري
مذهبي پيشوا به هئا. پروهت جو ساڳيو ئي گهر، هڪ ئي
وقت، مرڪزي ماڳُ، مندر، محلات، ڪلب، ڪورٽ، آشرم ۽
ناچ-گهر هوندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪاهن جو مسڪن جو ٿيو!
منجهس اپسرائون ۽ ديوداسيون، ناچ ۽ نرت، وڄت ۽
ڪيرت، ڀڄن ۽ ڀڳت مطلب ته هر قسم جي حرفت جو سامان
موجود هو. وقت گذرئي ”نٽ راج“
(Dancing God)
يعني ”ناچ جو ديوتا“ جيڪو
آريائي شِو مهراج جو به ڪو پڙ – تڙ ڏاڏو هو، هتي
جو مک ديوتا مڃيو ويو، جنهن جي ريجهائڻ ۽ مڃائڻ
لاءِ مٿيان سڀ مانڊاڻ منڊيا ويا. هن کان پوءِ ڳائڻ
وڄائڻ ۽ نچڻ جو هنر، پرستش جي پوشاڪ پائي،
سوسائٽيءَ جي سمجهدار ۽ ذهين ماڻهن جي اَچي ڪلهي
چڙهيو. هيءُ آرين جي آمد ۽ سندن وئدڪ ڪال کان به
ڪيئي صديون اڳ وارو دراوڙي دؤر يعني تاريخ کان اڳ
وارو زمانو هو، جنهن جي ڪلا ۽ ڪَوتِ، ادب ۽ ساهت
سڀ ماضيءَ جي اٿاهه ساگر ۾ پئجي، هميشه لاءِ نيست
۽ فنا ٿي ويا.
هاڻي اُن ستجڳ جي سرواد ۽ ناد، پڪار ۽ تنوار، فقط تصور ۾ ئي سڻي
سگهجي ٿي. ٻيءَ حالت ۾ هزارين سالن جي تاريخ جي هن
اونداهي دؤر کان سانگ ۽ سرود جي سهاري، انساني
آواز جي آغاز ۽ شاعريءَ جي شروعات يعني قديم ڪلا
جو ڪاٿو ڪرڻ ئي ڪٺن ڪم آهي. بلڪ مٿي آيل موسيقيءَ
جي اهڙن اڙانگن اهڃاڻن ۽ پارن پتن پٺيان لڳي پنڌ
پوڻ هڪ حد تائين جيئرو جاڳندو جنون پڻ آهي. ۽
انديشو به آهي ته اهڙي عشق اختيار ڪرڻ تي عاقل
ڪوئي عتاب نه ڏين، پر اهڙي پنڌ ۾ پير پائڻ کان
پوءِ پڇتائڻ پڻ ڪانئر پڻو آهي ۽ مورکائي آهي.
تنهنڪري ”همت بندا مدد خدا“، رب تي توڪل رکي، فضا
۾ تحليل ٿيل انهيءَ الست جي ابدي آواز ۽ انهد جي
انادي آلاپ کي ڪنائيندي ڪترائيندي، ڪنهن نه ڪنهن
حد کان انهيءَ جي ابتدا معلوم ڪرڻي آهي. ۽ اُتان
هن ڪهاڻيءَ جو قافلو پوءِ ڪلجڳ ڏانهن پاڻهي پيو
هلندو. خواجه نظام الدين اولياء رحمت الله عليه ته
اهو الست جو آواز سر پوربي راڳ ۾ سماع فرمايو هو ۽
اهو واقعو سندن لاءِ ڄڻ ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه هو.
”ما را در روز ميثاق نداي الست بربڪم درآهنگ پوربي بگوش رسيده
بود و آن بنوعي مشاهده مي شود ڪه گويا ديروز بوده
بلڪه آن روز را هنوز شب نيامده است[2]“.
پر انهيءَ جي ٻڌڻ لاءِ
”هي ڪن گڏهڻا وڪڻي، ٻيا ڪي ڪَنَ ڳنهيج“.
وارو شرط نافذ ٿيل آهي. جنهن ۾ اسين ناسوتي بندا بنهه بيوس ۽
معذور آهيون. تنهنڪري لاچار ڪوڙي ڪنين، ڪنين ٻڌيءَ
تي ئي مايا جو مانڊاڻ منڊي، پنهنجي ڪامنا پوري
ڪرڻي آهي.
ڳائڻ ۽ شاعريءَ جي شروعات
(الف) ناد يا آواز:
The Voice of `Air`
اوائلي انسان ڪڏهن ٻوليو؟ انهيءَ اول ڪيئن
ڳالهايو؟ اهڙي شروعات ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿي؟ انهيءَ
مسئلي تي لسانيت جي ماهرن اڃا ڪا به آخري فتوا
ڪانه ڏني آهي. ممڪن آهي ته اوائلي ”بن مانس بهادر“
(Ape- man) سندس حيواني يا جهنگلي حيثيت مان
عبور ڪري، انسانيت جي عهدي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا
جدوجهد جاري ڪئي، انهيءَ ۾ ئي سندس آواز اڀري آيو
هجي ۽ سندس نڙي کُلي پيئي هجي! فرئنڪ لاريمر
(Frank Larimer)
جي ڪتاب ”سمجهه جي ساڃاهه“
(The Growth of Reason)
موجب: امنگ ۽ ايذاءُ، ڪاوڙ ۽
ڏک، خوف ۽ خوشي يا جذبي ۽ جوش جي اظهار لاءِ ندا
بي آواز (Vocative
Sounds)
رڙ
۽ پڪار يا واڪي ۽ تنوار جي شڪل ۾ انسان ڳلو چيري
ڦاڙي، بيساخته ناد وانگر ڌوڪي ٻاهر نڪري پيا. (سُر
يعني پران، وايو
Air
جي معنيٰ ئي آهي، پاڻمرادو يا پاڻهي پيدا ٿيل
آواز). ”اهڙو عمل انسان جي لاءِ اول فني نوعيت
وارو ضرور هو پر ڊگهي عرصي تائين اهڙن آوازن جي
مشق آخرڪار انساني سماج لاءِ مک وسيلو بڻي[3]“.
اهڙيءَ طرح، ”بي آواز بن مانس“ مان ڦري هاڻي
”باآواز بندو“ بڻيو. اها ئي سندس پهرين گويائي آهي
۽ شاعري به. اڄ انهيءَ جي قدامت اسان جي اندازي
منجهه نٿي اچي سگهي. ڊاڪٽر برني
(Dr. Burney)
جي تحقيقات آهي ته:
”آوازي سُر ايترا ته قديم آهن، جو انهن جي
شروعات به انساني ارتقا سان متوازي معلوم ٿئي ٿي.
ٻيو جي نه، تڏهن به درد، دک، محبت ۽ مسرت جا سريلا
آواز ۽ ڍار وارا ڊگها سُر، دنيا جي هر ٻوليءَ، راڳ
۽ شاعريءَ جو مهاڳ آهن. جذباتي ۽ امنگ وارن آوازن
۾ صاف، قدري خاص لهجي ۽ جِهيل وارو سُر کپي، جو
منڍ ۾ سڄي انسانذات لاءِ ساڳيو ئي رهيو هوندو،
سواءِ ان امتياز جي، جيڪو عمر، جنس، نڙيءَ جي اثر
۽ انداز ۾ اچي سگهيو ٿي..... ويندي جيسين مختلف
قومن جي مخصوص عادت آهر الفاظ مقرر ٿيا[4]“.
خود لفظن جي تقرر ۽ ٻوليءَ جي ارتقا شروع ٿيڻ
کان به اڳ، جيئن ڊاڪٽر ڪرٽ سُڪس
(Dr. Curt Suchs) جي دعويٰ آهي ته:
”انسان ڳائيندا هئا. کين ڪونه ڪو آواز يا ڪو به
سر، جيڪو به ورَ تي چڙهي ويو ته ان کي سڌي گس ئي
تنواريندا رهندا هئا. ان ۾ سکڻو سر ئي سندن امنگ
جو اظهار ۽ جذبي جي تسڪين لاءِ ڪافي هو.... هيڪر
سندن آواز چالو ٿيو ته يڪدم ٿيڙ کائي وڃي مٿي
گهمسان جي ٽيِپَ تي پهچندو هو ۽ اتان ٿڙڪي هيٺ
ڪرندو، قسم قسم جا جهنگلي جذباتي ۽ خوفناڪ آواز ۽
واڪا ڪندو رهندو هو[5]“.
هن حوالي مان اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾
اچي سگهي ٿي ته بي معنيٰ، ڊگها ۽ جهِيل وارا آواز
(Long- vowels)
جهڙوڪ: آ، هو، او، ها، اي، هي
وغيره، انسان جا ابتدائي ۽ اوائلي ”ڳِيا“ آهن.
غالبن اهڙي اڪيلي ئي آواز کي هر وقت ڳائيندو رهڻ
سٻوجهن کي سٺو نه لڳو هوندو، تنهنڪري ممڪن آهي ته
باشعور ۽ جدت پسند سگهڙن پوءِ ان ۾ اضافو آڻي
اندازن اڌ لک سالن کان ٻٽا حرف علت ڳائڻ شروع ڪيا
هوندا! جهڙيءَ طرح آهو، اهو هو، اَهي، ها اي،
اوها، هي او.... وغيره، جيڪي آوازن جي صورت ۾ گويا
بي معنيٰ ننڍڙا لفظ آهن، تن مان هر هڪُ پنهنجيءَ
جاءِ تي هنن لاءِ پورو گيت يا ڳِيو هوندو. رڳو اڄ
ئي ڏسو، جهنگ ۾ ڳنوار ۽ ڌراڙ، مال کي هونگار ڏيندي
بلند آواز سان جيڪو (سر پهاڙيءَ ۾) آلاپ ڪندا آهن،
تنهن جي متن ۾ اڄ تائين به اهڙا بي معنيٰ، ڊگها ۽
ٻٽا حرف علت هوندا آهن. اهو هونگارو ڪجهه هن طرح
هوندو آهي، ”هو (اون) هو، آ هو هو آ آ هو هو، هو
هو، آ هو،،، وغيره“ اها هونگار اڄ به قديم شڪارين
جي ”آوازي گيت“ جي ڄڻ ته ياد ڏياري رهي آهي.
پروفيسر ”ايڊورڊ مئڪڊوويل“
(Prof: Edward Macdowell) جو دليل آهي ته:
تهذيب جي شروعاتي تاريخ مان اسان کي معلوم ٿئي
ٿو ته منڍ ۾ انسان ڪو به آواز يا سر چٽو ڪڍي نه
سگهندا هئا. انهن جو آواز مختلف مقامات ڏانهن
ٿڙندو رهندو هو. انهيءَ سبب ڪري، سندن سُر
لاشعوريءَ ۽ بيخبريءَ ۾ مقرر آستان کان هڪڙو ڏاڪو
هيٺ يا مٿي، چڙهندو ۽ ڪِرندو رهندو هو[6]“.
مٿئين حوالي مان هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
انهيءَ سبب انسان لاءِ هاڻي ”هڪ سُري“ راڳ کي ٽن
مختلف سرن ۾، يا گهٽ ۾ گهٽ هيٺ مٿي جي ٻن آوازن
(کرج ۽ رکب) ۾، جهونگارڻ جو آوائلي آزمودو اتان ئي
ٿيو هوندو! ڊاڪٽر بوشر
(Dr. Bucher)
جي انڪشاف مطابق ته:
”ظاهر آهي ته اهي لاتيون، جهِيلون ۽ جهونگارون
ڳائڻ جي ٻالجتيءَ واري زماني جو هڪڙو ابتدائي
خاڪو، هڪڙو پڃرو يا ڍانچو هيون. انهن ۾ لئي، تال
جي مطابق، اڃا لفظن جو ڀراءُ ٿيڻو هو، جن جي
سرائتي صورت ۾ ايندڙ گيت سنگيت جي پيڙهه رکڻ ۾ مک
وسيلو ثابت ٿي. اها ايندڙ زماني ۾ جتي ڪٿي غنايت
جي بِناءَ بڻي[7]“.
(ب) سُرائتو لفظ:
Word poem
ڊاڪٽر ڪرٽ سڪس
(Dr. Curt Suchs)
ٻڌائي ٿو ته ”انهيءَ سان گڏوگڏ
ٻيو به هڪڙو سلسلو اُسري رهيو هو. ڪي سڄاڻ شروعاتي
ٻوليءَ جي ڪن اچارن جا ماهر ٿي چڪا هئا. انهيءَ
ڪري هڪڙو بي معنيٰ لفظ: 1، هڪ تمام ننڍڙو بي مطلب
گفتو، بطور متن جي اهڙي جهونگار ۾ مڙهيو ويندو هو
۽ اهو لفظ يا گفتو، اهڙن ٻن (ٽن؟) سُرن جي وچ ۾
آلاپيو ويندو هو، جيڪي هڪ ٻئي کان ڪيتري به مفاصلي
تي هيٺ يا مٿي هوندا هئا. اهي ٻه – ٽي آواز هر هڪ
جاتي يا خانه بدوش قبيلو،
(Tribe)
پنهنجي پنهنجي نموني سان
ڳائيندو، ملائيندو، مٽائيندو ۽ روجائيندو رهندو
هو. پر ساڳئي گفتي يا محاوري لاءِ اڪثر ۽ ساڳي
جاتيءَ
(Clan) جي سڀني جهونگارن
(Tribal airs) لاءِ خاص طرح، انهن سرن کي ملائڻ ۽
ڳائڻ جي ترتيب ساڳي هوندي هئي. ان کي ”هڪ – لفظو
گيت“
(Word song) چيو ويو آهي[8]“.
ڀارت مُني شايد انهيءَ کي ئي ”ورت“
(Bar)
ڪوٺيو آهي. منڍ ۾ اهڙا بي
معنيٰ لفظ ۽ ٻول، نڙيءَ جي غير مانوس ۽ غير فني
هوندي اڻڄاڻائيءَ سان چرپر جا ڪي پڙلاءَ
(Sounds)
هوندا، انهن اڳتي اچي باترتيب
آوازي مرڪبات يا با معنيٰ لفظن جي شڪل ورتي هوندي،
جيڪي پوءِ ڳائڻ توڙي ڳالهائڻ جي ڪم آيا هوندا! پر
ڪن جو ته ماڳهين هيءُ رايو آهي ته بلڪل منڍ واري
”آوازي ٻولي“
(Sound Language) ئي اصل ۾ قديم ترين ماخذ آهي، جنهن مان ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ
ٻنهي جنم ورتو. ڳاچ جو مزاج ته لئي – تار جي تنظيم
ڏانهن ئي مائل رهيو، پر ٻولي ان جي برخلاف، خيال
کي آسانيءَ سان ظاهر ڪرڻ لاءِ اهڙيءَ پابنديءَ مان
آزادي اختيار ڪندي رهي[9].
هيءَ ”هڪ- لفظي شاعري“
(Word- poem)
انهيءَ زماني جو لوڪ گيت آهي،
جڏهن ٻوليءَ جو هڪڙو هڪڙو ڇڙهو ڇڙمل لفظ به سڄيءَ
با معنيٰ گفتار جو حامل هو. اِنهيءَ کي به اٽڪل
پنجٽيهه هزار سال ٿيا هوندا! منڍ واري ٻولي به
گهڻو ڪري ٽڙيل پکڙيل ڇڙوڇڙ لفظن جو ڪشڪول هئي.
لفظن ۾ نحوي رابطو گهڻو پوءِ آندو ويو.
(ج) فقرو يا تُڪ:
Phrase song
”شروع ۾ جهڙيءَ طرح اڪيلو لفظ به مڪمل جملي جي
حيثيت رکندو هو، تهڙيءَ طرح ڇڙهو آلاپ يا اڪيلي
جهونگار
(Phrase Tone) پڻ انهيءَ زماني جو مڪمل ترانو هو.
ساڳئي سلسلي ۾ ايڊورڊ مئڪڊوويل وڌيڪ ايترو به
ٻڌايو آهي ته اهي آلاپ ۽ لاتيون يا تنوارون به
لفظي محاوري يا فقري
(Word sentence)
سان موافق ۽ متوازي هونديون
هيون[10]“.
اهڙيءَ طرح، اندازن ست هزار ق. م. کان، چراگاهي
دؤر ڌاري، ٻن لفظن جي ننڍڙن فقرن ۽ محاورن
(Phrase- songs)
جي ڳائڻ جو دؤر چالو ٿيو، جي
فقط ٻن- چئن سُرن جي ميلاپ سان ڳايا ويندا هئا.
اهڙا ڇوٽڙا فقرا ۽ ننڍڙا محاورا پوءِ جيتوڻيڪ پوري
گيت جي حيثيت ڪڏهوڪي وڃائي ويٺا. تڏهن به راڳن ۾
زائد يا ثانوي حيثيت سان پوءِ به ڪنهن ڪنهن شڪل ۾
ايندا رهيا. اهڙا سريلا فقرا ۽ ٻول
(Phrase Tones)
جن جو مٿي حوالو آيو آهي، ڪجهه
مٽيل شڪل ۾، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن
بهاني سان تڳندا آيا آهن. مٿين محاورن جي مترادف
ڪي ٻول هتي پيش ڪجن ٿا، جي مقفيٰ، مسجع يا سادا
آهن. مثال: اڄڪلهه راڳ چالو ڪرڻ وقت عقيدت وچان
جيڪو ’سبحان الله‘، ’هريرام‘ وغيره چوندا آهن،
تنهن جو مطلب ته صاف آهي. پر ڳائيندي ڳائيندي وچ ۾
جو ’ڀلوڙي ڀلو، ڀلو ڙي يار، ڀلو ٻيلي، ڀلو ميان،
الو ميان، الو الو وو وو....‘وغيره چوندا آهن ۽
پنجاب جي بيلوا گيتن ۾ وري ’هلابيليا هلابيليا‘ ۽
مرزا صاحبان جهڙن رومانوي داستانن ڳائيندي وچ ۾
جيڪي ڊگها ڍار وارا ۽ سريلا ’سڏ‘ وجهندا آهن ’او
بيليا هو‘ يا پنجابي جاٽن جون ’ٻوليون‘ جيڪي ناچ
جي مستيءَ ۾ ڇڙواڳ ٿي ٻوليندا آهن: اهڙيءَ طرح
پشتو ’ٽپي‘ (لنڊيءَ) جي کڻڻيءَ ۾ پختون خوا، ويهن
ئي نَهن جو زور لڳائي چوٽ تي چوندا آهن ’ياڪه زار‘
۽ ’يا قربان‘ وغيره: اهي سڀ قديم آوازي فقري
(Phrase Tone) ۽ پراڻي ٻول
(Word sentence)
جو ئي ميل معلوم ٿين ٿا. ڇو ته
جديد شاعريءَ توڙي معياري ٻوليءَ ۾ انهن جو ٻيو ڪو
به مفهوم يا ڪا به معنيٰ ڪانه آهي.
(د) ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ:
Poetry & Language
قديم شاعريءَ جي قافلي جي مٿينءَ منزل تي اچڻ
کان اڳ، استادن جو هڪڙو وڌيڪ ويچار پڻ ورجائڻ جهڙو
آهي.
”جڏهن بي اُچار ۽ غير مرتب ٻولي، ڪن علامتن ۽
اچارن جو سهارو وٺي، خيال جي اظهار ڪرڻ لاءِ قابل
ٿيڻ لڳي، تڏهن ڊگهن ۽ سرائتن آوازن واري اظهار جو
طريقو ترڪ ڪري، پنهنجي جداگانه حيثيت قائم ڪرڻ لڳي
۽ اتان ئي ٻوليءَ جي امتيازي شروعات ٿي. لفظن ۽
معنيٰ جي ترتيب ۾ هيءُ هڪ وڏو فني ۽ لساني ڪارنامو
هو. هن ئي حد تائين ڳيچ يا ڳيِتو به انساني امنگ ۽
جذبات جي ترجمانيءَ لاءِ مخصوص ٿي ويو ۽ رواجي
گفتار کان هميشه جي لاءِ ممتاز بڻجي ويو[11]“.
هن کان پوءِ وارا انسان ٻي ته ساري ڳالهه ٻولهه
لفظن، گفتن، محاورن ۽ فقرن ۾ نڀائيندا رهندا هئا،
پر جڏهن به ڳائڻ جو امنگ اٿندو هونِ تڏهن پنهنجا
احساس ۽ مشاهدا وري به جهيل ۽ ڍار يا سُر تار ۾ ئي
پلٽيندا هئا.- ”هاڻي اهو ڳائڻ يا گيت جيڪو هزارين
سالن کان رواج ۾ اچي چڪو هو، سو وڌندو ويجهندو
ترقيءَ جي هڪ اهڙي فني منزل تي اچي پهتو هو، جتان
علحده بنيادن تي ان جا ٻه مختلف حصا معلوم ڪيا
ويا.[12]
انهن مان ’پهريون‘ڀاڱو، مئڪڊو ويل جي چوڻ موجب،
’خالص اعتقادي بنياد ورو هو، جيڪو ديوتائن يا
بزرگن جي واتان نڪتل وائيءَ (واڻيءَ) جو رسمي
پڙاڏو يا ڌرمي روپ هو، ۽ خطابت جو فن به انهيءَ
حصي مان اُسريو. جنهن ۾ جوش وارو ڳالهاءُ، ان وقت
جي نفسياتي طرح اظهار جو تقريبن مڪمل طريقو هو،
تنهن ۾ آواز جي لات وري ان کي ابدي اولاڻو عطا
ڪيو‘. (ان ۾ اول تڪون ۽ ڪليون، ٻول ۽ جملا ڳائجڻ
شروع ٿيا، جن پوءِ ڀڄن ۽ ڀڳتيءَ جو بنياد وڌو.)
ڳائڻ وڄائڻ جو ٻيو مک ڀاڳو وري ’تخميني يا اندازي‘
هو، جيڪو هٿن پيرن جي حرڪتن يا جسم جي جهومڻ ۽
جهولائڻ مان پيدا ٿيو. تنهن گهربل تڙپ ۽ ولولو
پيدا ڪيو. ناچ، نرت ۽ رقص جو رواج اتان ئي اسريو[13]“.
انهن ٻنهي ڀاڱن مان هيل تائين فقط پهرئين اڌ يعني
ناد يا سُر
(Air) جي پچار ٿيندي پئي آئي آهي، جنهن ۾ آوازن
لفظن، گفتن ۽ محاورن، فقرن ۽ تُڪُن ڪَلُين ۽ ٻولن
يا جملن ۽ مصراعن جي ڳائجڻ تائين بيان ٿي آيو آهي.
اهي سڀ ٽن چئن سُرن اندر ڳايا ويندا هئا. هاڻي گيت
جي ٻئي ’فني يا قياسي‘ حصي يعني لئي، تال ۽ نَٽ جو
به ڪجهه ذڪر چورجي ٿو.
اوزانَ ۽ پيمانَ:
The time & Tempo
هيستائين فقط ڳائڻ، ڳالهائڻ، شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي پچار
ٿيندي پئي آئي آهي. انهن سڀني جو سرچشمو ’ناد‘
يعني آواز
(Voice)
آهي، جيڪو انسان جي ڄمڻ کان ئي
ساڻس گڏ ’اُوئان، اُووان‘، ڪندو آيو آهي. انهيءَ
مان ئي تلفظ ۽ اُچار، آلاپ ۽ تنوار، لات ۽
جهونگار، لفظ ۽ گفتگو، ڪلي ۽ تڪ، ٻولي ۽ ٻول يا
ڳائڻ ۽ شاعري: اهي سڀ هڪٻئي پٺيان اُسرندا پئي آيا
آهن. انهن سڀني جي جوڙجڪ، ماپ ڪَڇ ۽ ونڊ ورڇ
(Scansion)
ڪيئن ٿي، تنهن جي آکاڻي به
عجيب آهي: ابتدائي انسان آواز ڪڍندي ئي پاڻهي
پنهنجي سُر ۾ محو ۽ مگن ٿي ويو. ڊگهو هوڪو جاري
رکندي، انهيءَ سان گڏ مستيءَ جي اظهار لاءِ
والهانه انداز ۾ تاڙيون وڄائڻ لڳو. اهو ئي اوائلي
انسان جو پهريون پهريون ساز هو، جنهن راڳ سان
رفاقت ڪئي. بلڪ ائين چوڻ جڳائي ته هيءُ اُن اوائلي
زماني جو مڪمل سازينو هو، جنهن سان سنگيت جي سنگت
ٿي. ابتدائي آرڪيسٽرا
(Jazz)،
ساز سنگت مطلب ته سڀ ڪجهه اهو ئي ترين جو ڦهڪائڻ
هو، جيڪو مٿي گيت جو ٻيو مک حصو مڃيو ويو آهي.
انهيءَ تريءَ جي وڄائڻ تان ئي ’تار‘ جو تخمينو ڪيو
ويو. هندستاني ٻولين ۾ به هٿيليءَ
(Palm)
يعني تلي يا تاليءَ مان ’تال‘
(Time)
لفظ ٺهيو آهي. جهڙي طرح عبراني ۽ سامي لوڪن اُٺ جي
هلڻ ۽ سندن داڦوڙي جي ٿڦڪي تان وزن
(Metre)
جي شروعات ڪئي، يا جهڙي طرح قديم رومين ۽ يونانين
انڌاڌنڌ هنبوڇين هڻندي ’ردم‘
(Rhythm)
جو راز ڳولي ورتو، تهڙي طرح
سنڌو ماٿريءَ جي واسين وري تريءَ جي تار تي ئي
’ماترائون‘ مقرر ڪيون. انهيءَ مان اڳتي اچي ’لئي‘
(Tempo)
۽ ڇند (عروض)
(Prosody)
جا ماپا ۽ ڪاڇا بڻايا ويا ۽ اتان ئي اوزان ۽ پيمان
جي ونڊوَهٽ ۽ جوڙجڪ پوءِ پاڻهي اڳتي اُسري.
اوائلي انسان، رات جي رهاڻ ۾، جيڪڏهن سڄيون راتيون،
باهه جي چوڌاري ويهي ڳائين ۽ تاڙيون ڦهڪائين، ته
صبح جو سندن هٿ ضرور سور ڪندا يا سُڄي پوندا هئا.
تنهنڪري سياڻن انهن جو بدل سوچيو ۽ ڪاريگرن کي
موسيقيءَ جي آله سازيءَ جي ڪارخانن قائم ڪرڻ جو
خيال آيو. اول انهيءَ مطلب لاءِ پنج هزار ق. م.
ڌاري، ٺڪريون آزمائي ڏٺائون. پر اهي اوچتو ڀڄيو
پون، ته بزم جو سارو ئي رنگ ’شوُن‘ ڪري اُڀ ڏي
اڏاميو وڃي ۽ گائڪ نائڪ وات ڦاڙي وائڙا ٿي ويهو
رهن! هاڻي ڪلاڪار وڏي ويچار ۾ پئجي ويا. آخرڪار
استادن هوش هلائي، ڪاٺ جي ٻن چپڙين مان ’کڙتال‘
(Castanets)
جهڙو انوکو ۽ عجيب ساز ايجاد ڪري ئي ڏيکاريو! هاڻي
ته ڳائڻ لاءِ مڪمل وڄت
(Jazz- Drums)
وجود ۾ اچي ويئي. (پوءِ ته ڏاڍو مزو ٿيو هوندو!)
سنڌو ماٿري جي ڪيترن ئي ڪهنن ڀِڙن مان به کڙتالون
هٿ آيون آهن[14].
کڙتال لفظ جي معنيٰ به هٿ جي تري
(Palm)
آهي. گهڻو پوءِ، ٻه هزار ق. م. ڌاري، جڏهن مسترين
ٽامون ۽ ڪنجهو
(Bronze) ڪمائڻ شروع ڪيو. تڏهن ڪي شوقين شاعر ۽
نٽراڄ پنهنجي لاءِ پتل جا گول کڙتال (جانجهه) ۽
ٿالهيون
(Cymbals) ايجاد ڪرڻ لڳا. تلفظ جي اعتبار کان
ٿالهي يا تالي لفظ به تالي يا تاڙيءَ مان نڪتل
معلوم ٿئي ٿو. آثار قديمه وارن کي به اهڙيون
ننڍڙيون ٿالهيون (جانجهون) مليون آهن. اهڙو انڪشاف
پروفيسر اسٽوئرٽ پگٽ به ڪيو آهي. هنن نون سازن وري
ڇيڄ هڻڻ لاءِ جادو جاڳايو. ڇو ته ناچ ۽ تال اول
کان ئي هڪ ٻئي جي جند ۽ جان آهن. سماع جي وجد ۾
جهولڻ جهومڻ، ۽ تار تي پيرن جي پَنبيِ هڻڻ سان ئي
هيءُ لطيف فن جاري ٿيو. انهيءَ ڪري ساهت، سنگيت،
ڇند ۽ گائن وديا ۾ اڄ به ’چرن‘ (Foot)
لفظ جي معنى تُڪ يا ٻول يا گفتگو ڳائيندا هئا،
انهيءَ کي اول ’چرن‘ چوندا هئا. (پيرن جي ٺُمڪ تي
’ٺمري تال‘ به ٺهيو آهي. انهيءَ تال ۾ جيڪي ڳايو
ويو، سو به ’ٺمري‘ سڏجڻ ۾ آيو.) جهمر ۽ رقص جو
رواج وادي مهراڻ ۾ موسيقيءَ جي بلڪل پهرينءَ پڪار
يا اولين صدا
(The first cry)
سان گڏ ئي شروع ٿيو.
موسيقيءَ وانگر نرت ۽ رقص پڻ شاعريءَ جو بنيادي محرڪ
آهي. انهيءَ جي پرورش ۽ پالنا ۾ پڻ پورو حصو ورتو
اٿس. رقص جي قدامت به ڪٿڻ کان ٻاهر آهي. دنيا جي
پراڻن پهاڙن ۽ انهن جي غارن ۾ هزارين سال اڳ وارن
جهنگلي انسانن جي ڪماڻ سان شڪار ڪرڻ ۽ ناچ جون
تصويرون جبلن ۽ غارن جي ڀتين تي نڪتل مليون آهن.
تنهن کان سواءِ ”هڪڙو هو بادشاهه وغيره“ اهڙيون اڻ
لکيل يا زباني لوڪ ڪهاڻيون، جي دنيا جي اوائلي ادب
توڙي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ جو منڍ آهن. انهن
آکاڻين ۾ عاشق (سورمو) اڪثر پرين جي ملڪ ۾ پهچي
ٿو، يا ڪنهن بادشاهزاديءَ جي باغ ۾ وڃي ٿو نڪري.
تلاءَ جي ڪناري تي ڪماريءَ جون سٺ سهيليون مڙن
ٿيون، يا پرين جي ڪا ٽولي اوچتو لهي اچي ٿي. پريون
چانڊوڪيءَ ۾ ناچ ڪن ٿيون، يا راجڪماريون باغ ۾
گڏجي ڳائين ۽ نچن ٿيون. اتي آکاڻيءَ جو سورمو ساڻن
’سنگت‘ ڪندي، سدائين ڍولڪ وڄائيندو نظر ايندو آهي.
اسان جي اڪثر آکاڻين ۾ ان منظر جو هجڻ، سنڌ ۾ ناچ
جي قدامت جو چٽو دليل آهي. ڏيڍ هزار ق. م. کان
گهڻو اڳي، اهو فن هتي وڏي عروج کي پهتو. موئن جي
دڙي مان ديوداسيءَ يا ’نرتڪيءَ‘ (رقاصه) جو ڪَنجهي
مان ٺهيل پتلو ۽ هڙپا مان پٿر جو پتلو، جنهن ۾ ’نٽ
راڄ‘ يعني ناچ جو ديوتا رقص
(Dancing pose)
۾ مجسم ڪري ڏيکاريو ويو آهي. انهيءَ ڳالهه جو کليل
ثبوت آهن، ته مهراڻ جي وادي ۾ ناچ کي انهن قديم
ماڻهن جي مذهبي رسمن ۾ مک جڳهه هئي ۽ اُن کي پوڄا
جو خاص حصو سمجهيو ويندو هو[15]“.
ڪاٿي ميئر
(Kathi Meyer)
قديم مذهبي رقص لاءِ چيو آهي
ته ”ڪافي مدت تائين ڳائڻ جو دارومدار ئي ناچ تي
هو. جو ڪڏهن به ان کان الڳ نه رهيو، ڇاڪاڻ ته تمام
آڳاٽي زماني ۾ انسانن جي زندگيءَ تي ريتن رواجن جو
هڪ تمام ڊگهو ڄار ڇانيل هو، جيڪي گويا انهيءَ
زماني جون مذهبي رسمون هيون. بلڪه هي ڄڻ ته نج
پوڄائون هيون، جيڪي بلڪل سچيءَ دل سان مڃيون ۽
ملهايون وينديون هيون. انهن ۾ دعائون ۽ گيت رڳو
ناچ جي ساٿ ڏيڻ لاءِ هئا ۽ جن کي فقط ثانوي حيثيت
هوندي هئي. ناچ انهن سڀني تي حاوي هوندو هو، ڇاڪاڻ
ته ان کي ئي ڪرشمي ۽ ڪرامت جو راز سمجهيو ويندو
هو. انهيءَ ڪري ئي آڳاٽن گيتن ۾ هر هنڌ سنگيت جو
هنر هيٺئين درجي تي ئي رهيو. هري هري مذهب جي رغبت
جڏهن لفظي اظهار ڏانهن وڌندي ويئي، تڏهن دعائون ۽
منتر به ڌرمي ناچ جي برابر اڀري آيا. پر دنياوي
جشن ملهائڻ ۾، وندر جو ڳائڻ ۽ پوءِ به ناچ جو ئي
ٻانهو رهجي ويو[16]“.
مٿي چپڙين ٺڪرين ٽڪرائڻ جو اشارو اچي چڪو آهي. دراصل،
ڪاٺيءَ ۽ ڪنجهي ڪمائڻ کان گهڻو اڳ، سنڌ واديءَ جا
رهواسي اٽڪل 5000 ق. م. ڌاري، مٽيءَ مان مَٽ ۽ دلو
(ڊمبرو) بنائي باهه ۾ پچائڻ سکيا هئا. گهڻو پوءِ
گهڙي جي منهن تي هٿ هڻڻ سان ڪنهن کي ”گهمَڪ“ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو سو کڻي اچي مندر جي مقدس تبرڪات ۾
شامل ڪيائينس ته ڪيرت ۽ ڀڄن ۾ ڀيڙو ٿئي. ديوان
جيرامداس دولترام جي کوجنا آهي ته ”انهيءَ کي گهٽ
۾ گهٽ به 3000 سال ق. م. ته ضرور ٿيا هوندا[17]“.
پراڻي زماني جا اهڙا گهڙا به مليا آهن، جن جي منهن
تي کل مڙهي انهن کي وڄايو ويو هو. انهيءَ هڪ –
منهين گهڙي تان ڪنهن کي وري ٻه – منهين گهڙي بڻائڻ
جو خيال آهي. انهيءَ لنبوتري گهڙي کي ٻنهي پاسن
کان مڙهي ’مِرڌنگ‘
(Mirdang)
تيار ڪيائون[18]“.
انهيءَ ڪري مرڌنگ لفظ جي معنيٰ ئي آهي ’مٽي جو
ٺهيل‘، جيڪو اڃا تائين مهاراشٽر ۾ ’گهومٽ‘ جي نالي
سان جيئرو آهي ۽ آڱرين سان وڄائڻ جي بجاءِ هٿ جي
ترين سان وڄائڻ جو ساز آهي.
هيڪر قديم سنڌين کي جو کل مڙهڻ جو ڏانءُ اچي ويو، سو وڻ
جي پوري ٿڙ کي ٻنهي پاسان چمڙو مڙهي ’پکاوج‘
ٺاهيائون. پکاوج پوءِ ”ڌُرپد“ ڳائڻ جي ڪم آيو،
جيڪو اڄ تائين ٻنهي پاسان هٿن جي ترين سان وڄائبو
آهي[19].
مرڌنگ ۽ پکاوج ۾ هيءُ فرق آهي، جو پهريون واڄو
مٽيءَ مان ٺهيو ۽ ٻيو پوري ڪاٺ مان، تنهن ڪري ’پڪو
واڄو‘ يا ‘پڪواج‘ سڏجڻ ۾ آيو. اِهو نالو ايراني
اثر کان پڪواج مان ڦري هاڻي پڪواز يعني طبلو ٿيو
آهي، جو پڪواج کي ٻه اڌ ڪري بنايو ويو آهي. هي
ايجادون آرين جي اچڻ کا اگهڻو اڳ ٿيون آهن. ”موئن
جي دڙي مان لڌل هڪڙيءَ مهر تي ’مرڌنگ‘ اُڪريل آهي
۽ ٻيءَ هڪڙي مهر تي پوڄاريءَ جي ڳچيءَ ۾ ’پڪواج‘
پيل ڏيکاري ويئي آهي. ٽينءَ مهر تي وري مڱڻهار وچ
تي ’دهل‘ وڄائي رهيو آهي، ۽ پوڄاري پاسن کان نچي
رهيا آهن. اهڙن آثارن مان پڌرو آهي ته دنيا جي ٻين
پراڻين تهذيبن وانگر سنڌ جي مندرن ۾ به ديوداسيون
رهنديون هيون[20].
۽ پوڄا جو بنياد ديوتا جي اڳيان ناچ ڪرڻ ۽ ڳائڻ
وڄائڻ تي هو[21].
هن مقالي جي منڍ ۾ عيسوي سن کان چند هزار سال اڳ
جا، سامي ۽ عبراني ڪاهَن
(Semetic Priests)
ديوتائن جي اڳيان مقفيٰ ۽ مسجع تُڪون ڳائيندي
معلوم ڪيا ويا آهن. يقينن موئن جي دڙي جا پروهت ۽
پوڄاري به ساڳيءَ طرح مٿئين ديوتا جي اڳيان ڇوٽيون
تُڪون ۽ ڪَليون، ٻول ۽ ڳِيا ضرور ڳائيندا هوندا![22]
|