سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :14

ليڪن هن جي دهليءَ رواني ٿيڻ کان وٺي وري واپس اچڻ تائين، سندس پرپٺ وارا واقعات ڪجهه قياسي آهن. مثلن دهليءَ جي رستي ۾ آدم خور کي ڀاڪر ۾ چيپاٽي مارڻ- ابڙي ڄام جي ملڪ ۾ شينهن جو ميڄالو مُڪ سان ڀڃڻ،- واٽ تي مست اُٺ کي هڪڙيئي لڪڻ سان ٻه اڌ ڪري وجهڻ،- دهليءَ ۾ ساڳئي لڪڻ سان مست هاٿيءَ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏڻ،- شاهي باغ مان شينهن جي جوڙي کي مُڪن سان ماري مات ڪرڻ،- ۽ دهليءَ تي حملو ڪندڙ ديو راڪاس کي خالي هٿين ماري ختم ڪرڻ وغيره،- اهي اهڙيون ته افسانوي قسم جون ڳالهيون آهن، جيڪي هن تاريخي واقعي کي به هڪڙي نيم تاريخي ڪهاڻي بنايو ڇڏين. ممڪن آهي ته اهڙا چٽ گل پوءِ جي پيشه ور ڳائڻن ڳنڍيا هجن! قصو ڪوتاهه، نيٺ نامدار نذر بيگ ۽ ماڌن راءِ وزير جي سفارش سان، هن لاءِ فوجي امداد منظور ٿئي ٿي ۽ سلطان علاؤالدين جو لشڪر اچي ويرا واهه تي خيمه زن ٿئي ٿو.

                علاؤالدين جون فوجي سرگرميون: سلطان علاؤالدين خلجي، پنهنجي حڪومت جو سڄوئي عرصو (1297- 1316ع) مختلف محاذن تي جنگين ۾ رڌل رهيو. ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي لڙاين ۾ سندس ٻئي وڏا سپهه سالار، الغ خان ۽ نصرت ملڪ موجود هئا. تنهن کان سواءِ تمر بيگ، نذر بيگ نامدار، ظفر خان، محمد خان پٺاڻ ۽ ماڌن راءِ به هن محاذ تي مشغول هئا. ڪاٺياواڙ جي سومناٿ مندر ۾، محمود غزنويءَ کان پوءِ وري الغ خان ’بت شڪن‘ بنيو. سندس ٻئي مشهور جنرل، ملڪ نصرت خان وري گجرات فتح ڪيو. ماڌن راءِ (ماڌو راءِ)، جيڪو اصل ۾ ڪرن واگهيلي جو وڏو وزير هو، تنهن (سنڌ جي ڄام جوڻي وانگر) غداري ڪري، وڃي پٺاڻن جو پاسو کنيو ۽ سلطان علاؤالدين جو فوجي مشير مقرر ٿيو. هنن جنگين ۾، ڪماري ڪنولا ديوي قيد ٿي خلجي ڇانوڻيءَ ۾ پهتي، جتي علاؤالدين سان سندس نڪاح ٿيو.

                هنديءَ ۾ جيئن ته، ’ڪنول‘ کي پدماوت چئبو آهي، تنهن ڪري ملڪ محمد جائسيءَ نالي هندستان جي هڪڙي عظيم شاعر، هن ئي ساگر ديپ جي سندريءَ کي پوءِ (1540ع) ۾ ’پدمڻيءَ‘ جو لقب ڏيئي، ’پدماوت‘ نالي سان پنهنجو مشهور منظوم افسانو اسرايو. تنهن ۾ تاريخي اسباب کان قطع نظر ۽ افساين جي تقاضائن جي مدنظر، ائين ڳالهه بيهاريل آهي، ڄڻ ته سلطان جي هن سڄيءَ مهم جو مقصد ئي محض پدمڻيءَ کي حاصل ڪرڻ هو.

                سومرن سان لڙائي ڪٿي لڳي: هي تاريخي حقيقتون هن لاءِ پيش ڪيون پيئون وڃن ته جيئن اندازو ٿي سگهي ته واڳهه ڪوٽ واري واقعي وقت علاؤالدين جو لشڪر ڪهڙيءَ پيڻيءَ تي موجود هو. ڇو ته عام طرح سان ائين سمجهيو ويندو آهي ته علاؤالدين دهليءَ کان لاهور واري واٽ وٺي، ملتان وٽان اچي سنڌ  وارد ٿيو ۽ هيءَ جنگ ماٿيلي ۾ لڳي هئي.

                مٿي اشارو ڪيو ويو آهي ته هيءُ لشڪر ماڌو راءِ (مانڌن وزير) جي سونهپ سان سنڌ ۾ پهتو. واضح هجي ته ماڌو راءِ هتي جو مقامي باشندو ۽ گجرات جي راجا ڪرن واگهيلي جو وڏو وزير هو. تنهن کان سواءِ چنيسر جو ناراض ٿي نڪرڻ وقت به پهريائين شڪار جي بهاني سان ’بڪار‘ جي ٻيلي ڏانهن وڃڻ جو خيال ظاهر ڪيو هو. اهو بُڪار وارو شڪار گاهه به موجوده ننگرپارڪر تعلقي ۾، مارويءَ جي ملير وارو ئي چراگاهه سمجهڻ کپي. خود ڀاڳوڀان جي بيان مطابق به اول ’ويرا واهه“ وٽ ئي جنگ چالو ٿي آهي. جغرافيائي اعتبار کان، ويرا واهه جو محل وقوع پڻ ڪڇ- گجرات جي سرحد لڳ، ننگرپارڪر تعلقي (ضلعي ٿرپاڪر) ۾ آهي.

                ممڪن آهي ته چنيسر جي دل ۾ فورن فوجي امداد وٺڻ وارو خيال پڻ سرحد جي لڳ لشڪر جي موجودگيءَ سبب ئي پيدا ٿيو هجي ۽ دودي راءِ جو به هڪدم هن جي پٺيان ماڻهو موڪلي، کيس پوئتي موٽائڻ ۾ شايد هن فوري فساد کي ئي روڪڻ جي هڪڙي ڪوشش هجي! عين ممڪن آهي ته چنيسر پنهنجو پهريون فرياد به هن ئي ڇانوڻيءَ ۾ داخل ڪرايو هجي! جڏهن ته ماڌو راءِ به هن موقعي تي چنيسر جي وڏي مدد ڪئي ۽ غنيم جي اڳيان زوردار لفظن ۾ هن جي سفارش ڪئي هئي. پر کڻي فرض ڪجي ته علاؤالدين هن ڪئمپ تي موجود ڪونه هو، ته به چنيسر کي دهليءَ ۾ فقط جنگ جي آخري منظوري وٺڻ لاءِ ئي وڃڻو پيو هوندو. ظاهر آهي ته دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ نزاع پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي، وڳهه ڪوٽ خلجي فوجن جي نظرن ۾ هو ۽ ماڌو راءِ هنن کي اڳتي وڌڻ لاءِ آماده ڪري رهيو هو. چنيسر جي فرياد ته ويتر هنن جو حوصلو وڌايو.

                جنگ جي صورتحال ۽ انجام: هاڻي شاهي ڪٽڪ اچي ويرا واهه وٽ ڪٺا ٿيا آهن. تن ۾ تمر بيگ، ملڪ نصرت، نامدار بيگ، الغ خان، ظفر خان، محمد خان ’هنيس‘ پٺاڻ، چنيسر ۽ مانڌڻ وزير وغيره، مڙيئي موجود آهن. انهن شاهي فوجن کي سامهون ٿيڻ لاءِ وري چنيسر جي پٽ ننگر راوَ جو نالو يڪراءِ تجويز ٿئي ٿو. تنهن سان گڏ سڄيءَ سنڌ جا بهادر بانڪا ۽ جنگي جهونجهار محمد خان ۽ سپڙ سومرو، ڇُٽو جاڙيجو، سوائي سميجو، ڳهڻو راڄڙ، هاسو سوڍو ۽ ٻيا ڪئين ٻهڳڻ، پنهنجي پنهنجي راڄن مان سورمن جا سٿا ساڻ ڪري، اچي هن جي جهنڊي هيٺ جمع ٿين ٿا، تن سان وري ڀاڳو ڀان به فوجي مشير ۽ سياسي سفير جي حيثيت ۾ گڏ هلي ٿو.

ڀاڳو فقير پهرين ته سمجهوتي جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نامدار بيگ هٿان ڄڻ ته صلح ٿيڻ وارو ئي هو، ته:

”ويهي وچ ڪچهريءَ ۾، ماڌن ڪيو ڳالهاءُ.“

ماڌو راءِ ٻاگهيءَ جي ٻانهن گهري، چي:

آءٌ علاؤالدين جو، ڪڏهن انهيرَ ئي ايندوس،

سوا لک مان سومري، آءٌ نکيڙي نيندوس.

        اگرچ ٻاگهي ته اڳ ۾ ئي اهڙي رضامندي ڏيئي به چڪي هئي ته:

ڀائٽيا تون ٻاگهيءَ جا، ڪا ڪهل مَ ڪر هيج،

جا ڌُر ڀانئين ڏکڙي، تنهن ڏي مون کي ڏيج،

مون ڏني جڳ ڇٽي، ته مڙس نه مارائيج،

ليڪن اهڙو شرط ننگر ڪٿي ٿو سهي سگهي!

’ڏيان نه واهياڻي وڳهه جي، کڻي ڏيهه ڏئي بخشاءِ“

        سو علاؤالدين جي آڏو اچي چيائين:

ويهي وچ ڪچهريءَ ۾، ننگر نر ڳالهاءِ،

نه ڀاڻيجي هجئي ڀائٽِي، منهنجي منگر کي پرڻاءِ،

جيڪا دليءَ ۾ اٿئي دادلي، مون کي مرڪي موڙ ٻڌاءِ،

تون سالو دودو ڀيڻوو، اهڙو جوڙ جڳاءِ.

                هاڻي ته جنگ ناگزير هئي، ڀير تي ڏونڪو لڳي ويو ۽ جنگ جا خوني طبل وڄڻ لڳا. ننگر راؤ جي مقابلي تي علاؤالدين هر نئين روز پنهنجا نوان سپهه سالار آزمائيندو رهيو. پهرئين ڏينهن ته ڇوٽ ۾ کڻي پنهنجي شڪارين کي بڇ ڪيائين. پوءِ وري بانڪو برخوردار پنهنجا حبشي دستا وٺي ميدان ۾ لٿو. آخر هنبس پٺاڻ به مقابلي ۾ آيو. نيٺ جڏهن اهو به مارجي ويو، ته آخرڪار نامدار بيگ سڄوئي سپاهه ميڙي کڻي ميدان تي آندو. پندرهن ڏينهن جي هن خونخوار جنگ ۾ جوٽون ڏيندي، نيٺ ننگر گهوٽ پنهنجي للهنگ رفيقن سميت شهيد ٿي ويو.

                افغان هاڻي وڳهه ڪوٽ ڏي وڌيا. هتي وڳهه جي وير وريام، دودي راءِ دلير، پنهنجي دارالحڪومت جو دفاع بيحد بهادريءَ سان ڪيو. ٻنهين هٿن ۾ ٻه تلوارون کڻي دشمن جي ڪٽڪ اندر ڪاهي پيو ۽ ٻنهين ٻانهن سان وڙهندو ئي رهيو. آخرڪار پٺاڻن جي نرغي ۾ اچي، هو به حويليءَ جي دهليز اڳيان ئي امر بڻيو. انهيءَ وچ ۾ ڀاڳوڀان، حرمسراءِ جون بيگمون ساڻ ڪري وڃي ابڙي ڄام جي سام وڌيون. پٺاڻ حرمسراءِ کي سڃو ڏسي، ڄام ابڙي ڏي روانا ٿيا.

                ابڙي ڄام ’لڄپال‘ پنهنجيءَ پناهه هيٺ آيل سامون سپرد ڪرڻ جي بجاءِ، مُرڪي مقابلو ڪرڻ منظور ڪيو. ساهل سومرو (سائل سومرو) ابڙي کان اڳي ئي مقابلي تي آيو ۽ ستن ننگن جو نذرانو بڻجي ويو. سمن مان اول ڄام راهو ۽ پوءِ ممٽ ڄام (سمٽ سمون) سامهون ٿيا ۽ ٻئي ميدان ملهائي موچارا ٿي ويا. پٺاڻن مان سالار خان ۽ سمن مان سٻڙ ڄام، ٻنهين گڏجي، هڪ ئي وقت، هڪ ٻئي تي وار ڪيو ۽ گڏوگڏ، هڪٻئي تي ڪري قربان ٿيا.

”پورت ڪيائون پاڻ ۾.“

                آخرڪار ابڙو اڙٻنگ پنهنجي سر ميدان ۾ ڪڏي پيو ۽ هو پڻ ڪنڌ ڪپائي ننگ پال بڻيو. انهيءَ وچ ۾ ابڙي جي آخري پٽ ڏونگر ڄام، سامون ڪڍي وڃي رڻ پٽ ۾ رسايون. اتي هو باهه جي آڙاهه ۾ سمائجي امر ٿي ويون. آخر ۾ علاؤالدين جا باقي بچيل پٺاڻ، پوءِ ناڪاميءَ ۽ نامراديءَ جي حالت ۾، هٿ مهٽيندا هليا ويا. اهو ته تاريخي واقعات جو ٻاهريون خاڪو آهي.

                هاڻي رهيو سوال ته هن رزم نامي جي راويءَ پنهنجي شعر ۾ ڪيتري قدر حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ سندس بيان تاريخي حقيقتن سان ڪيتري قدر موافقت رکي ٿو. اول ته هتي اهو سوال ڪوبه سمجهدار ماڻهو ڪونه کڻندو. ڇو ته انهيءَ معيار تي ته خود فردوسيءَ جهڙو عالم پڻ پورو بيهي نه سگهندو. اگرچ مٿي ڄاڻايل حقيقتون ته هن جنگ نامي جي موافقت سان ئي لکيون ويون آهن. تاهم تاريخدان ۽ رجزگو، ٻه عليحده شخصيتون شمار ڪرڻ گهرجن. رزم نامي کي پنهنجيءَ جاءِ تي پنهنجي الڳ حيثيت ۽ پنهنجو خاص مقام حاصل آهي. جنهن کي انهيءَ حيثيت سان ئي ڏسڻ جڳائي. انهيءَ ڪري رزم خوانيءَ جي اصليت ۽ بنياد بابت هتي هيٺ وڌيڪ وضاحت ڪجي ٿي.

                رزم خوانيءَ جي ابتدا: سنڌ ۾ غنائي شعر ته عربن جي آمد کان اڳي ئي هلندڙ هو، جو سماٽ قبيلن غازي محمد بن قاسم جي استقبال ۾ اچي ڳايو هو. پر جي هتي رڳو رزم جوئي بيان ڪجي ته سنڌ ۽ راجسٿان ۾ هنن جنگي داستانن جي شروعات اسلام جي اوائلي فتوحات واري زماني سان ٿي آهي. جنهن جا آڳاٽا اهڃاڻ اُموي دور خلافت جي خاتمي ۽ عباسي عهد خلافت جي آغاز (750ع) کان ملڻ شروع ٿين ٿا. خليفي مامون الرشيد جي دور خلافت (813- 838ع) ۾، سنڌ جي والي موسيٰ بن يحيٰ (بن خالد)، راجسٿان تي حملو ڪري چتور جي راجا کماڻ راءِ کي قتل ڪيو هو. ’ديش وجيه‘ نالي ريگستان جي هڪڙي چارڻ، پنهنجي رزم نامي ’کماڻ راسو‘ (870- 890ع) ۾ هي واقعو بيان ڪيو آهي. هن موضوع تي اهو پهريون ئي داستان دستياب ٿيو آهي. انهيءَ واقعي جي تصديق ڪرنل جيمس ٽاڊ پڻ پنهنجي ڪتاب ”راجسٿان جا قديم آثار“ (Annals & Antiquities of Rajsthan) ۾ ڪئي آهي.

                اهڙا رجزيه داستان جن کي ٿر ۽ راجپوتانا ۾ ’راسو‘ (رزم امو) سڏيو ويو آهي، سي ته سلطان محمود غزنوي ۽ محمد شهاب الدين غوريءَ جي فتوحات کان وٺي، ويندي سلطان علاؤالدين خلجيءَ جي ڪاهن تائين، به عام جام ملن ٿا. هنن ۾ تاريخي حقيقتن کان زياده، راجائن جي افسانوي شجاعت ۽ تعريفي مبالغو ڳايل آهي. انهن کي اگرچ هندي شاعريءَ جا اوائلي نمونا تصور ڪيو ويو آهي، مگر هي سڀ مارواڙي ۽ راجسٿاني ٻولين ۾ آهن. لساني تجزئي جي بناءَ تي ڪن عالمن انهيءَ کي ’گاڻا ڀاشا‘ (ڳاهن واري زبان)، ته ڪن وري ’سنڌيا ڀاشا‘ (مخلوط ٻولين) جو درجو ڏنو آهي. هندي شعر جو ته انهيءَ وقت اڃا ڪو وجود ئي ڪونه هو. واضح هجي ته هندي ادب جي تاريخن ۾ به هندي شعر جي ابتدا امير خسرو (المتوفي 1350ع) کان پوءِ، ڀڳتي تحريڪ جي بانيءَ رامانند (وفات 1470ع) ۽ ڪبير ڀڳت (وفات 1518ع) جي دوهن سان ئي شروع ٿي آهي. سنڌي ڏوهيڙو ته انهيءَ کان گهڻو اڳي اسان وٽ ڳائجي رهيو هو. ڏوهيڙي جي ڪن شاعرن جا نالا ته اسان کي عيسوي ڇهين- ستين صديءَ کان ئي ملن ٿا ۽ نائين ڏهين صديءَ کان ته وري سدن سوانح حيات سان گڏ ئي سندن سنڌي ڏوهيڙا پڻ موجود آهن. پر اها وري به عوامي ۽ نجي مذهبي شاعري آهي. سياسي پرچار وارو تبليغي شعر ته هن کان پوءِ جي مجاهدن ۽ مهاراجائن جي معرڪن جو ئي پڙاڏو آهي.

                انهيءَ زماني ۾ جيئن ته اطلاعات ۽ نشر و اشاعت لاءِ ريڊيو يا پريس جهڙا ڪي هاڻوڪا ذريعا ڪين هئا، تنهنڪري مسلمان فتحن جي اهڙين اچانڪ ۽ خوفناڪ يلغارن کان بچڻ ۽ انهن واسطي هر وقت تيار رهڻ لاءِ، راجسٿان جي سڀني راڄواڙن ۾ اتي جي راجائن اهڙن رجز گو ڀٽن ۽ چارڻن کي هن فوجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو هو. هنن جو ڪم جنگي مهاميرن جون ڪيرتيون ڳائڻ، (ڪانئرن تي ڪُوار چوڻ)، ۽ ميدان حرب جي منظر ڪشي ڪندي، ماڻهن ۾ حب الوطني ۽ جنگي جذبو پيدا ڪرڻ هوندو هو. (تنهن ۾ راجپوتن کي پڏائڻ ۽ غازين جي گلا وارو مذهبي عنصر پڻ موجود هو.) انهيءَ کي پنهنجي هستيءَ جي بقاءَ جو واحد وسيلو تصور ڪيو ويندو هو. راجسٿان، انهيءَ زماني جي ننڍي کنڊ ۾، سياسي سرگرمين جو وڏو مرڪز هوندو هو.

                سلطان محمود غزنويءَ جڏهن ٿر ۽ ريگستان تي ڪاهون شروع ڪيون، ته اجمير جو راجا بيسل ديو سڀني کان اڳي، سنه 1001ع ۾ سندس منهن پئجي ويو. هن حملي ۾ بيسل راءِ شڪست کائي مارجي ويو. انهيءَ وقت راجسٿان جو هڪڙو مشهور ڀٽ ’نرپتي نلهه‘، جيڪو هن موقعي تي موجود هو، تنهن ’بيسل راسو‘ بيان ڪندي، سڄيءَ راجپوت قوم کي سجاڳ ڪيو. انهيءَ ڪري سلطان شهاب الدين غوريءَ جي زماني ۾ سڀ راجپوت راجائون متفقه طور تي، اجمير جي راجا پرٿوي راج (پرٿوي راءِ چوهاڻ) جي هٿ هيٺ متحد ٿي ويا. غازي محمد غوريءَ انهن مڙني اتحادي فوجن کي ترائين واريءَ مشهور جنگ (1192ع) ۾ شڪست ڏيئي، پرٿوي راءِ کي قيد ڪري مارائي ڇڏيو. چَنڊ پردئي چارڻ نالي سندس هڪ درباري ڀٽ ’پرٿوي راج راسو‘ جوڙي، پٿو راءِ کي امر بنائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ناله سنگهه ڀٽُ جو ٺاهيل ’وجيه راسو‘ (سنبت 1355 بڪرمي) ۽ رنٿمبور جي راجا همير ديو متعلق، جوڌ راج چارڻ وارو ’همير راسو‘ وغيره به، چارڻن ۽ ڀٽن سڄي راجسٿان ۾ ڳائڻ چالو ڪيا. هن ساڳئي همير ديو بابت ٻيو به هڪڙو همير راسو مشهور آهي. جيڪو چنڊ بردئي جي پوٽي سارنگ ڌر ڀاٽ، بڪرمي 1357ع ڌاري ڳائي مشهور ڪيو آهي. هن به رنٿمڀور جي ساڳئي راجا همير ديو جو، سنه 1301ع ۾ علاؤالدين خلجيءَ کان شڪست کائي، مارجي وڃڻ وارو ساڳيو ئي واقعو بيان ٿيل آهي. انهيءَ ساڳئي سلطان علاؤالدين سان ئي، دودل راءِ سومري جو به وڳهه ڪوٽ واري معرڪي ۾ مقابلو ٿيو هو. اهو واقعو واري ’پاڳ فقير‘ نالي، سومرن جي مشهور درباري ڀٽ ڀاڳو ڀان، ڳائي وڄائي مشهور عام ڪيو.

                ڀاڳو ڀان ڀٽ جيئن ته هن جنگ نامي جو بنيادي راوي ۽ سنڌي رجز گوئيءَ جو باني مباني آهي. تنهن صورت ۾ سندس وجود کي نظراندز ڪري ڇڏڻ هڪ وڏي بي انصافي ٿيندي. پر جي هن جي هستيءَ کان انڪار ڪندي به سندس رڳو روايت کي ئي تسليم ڪجي، ته اها ان کان به وڏي حماقت ٿيندي. انهيءَ سبب هتي سندس سوانح، شخصيت ۽ حسب نسب جي باري ۾ هر ممڪن تفصيلي بحث ڪجي ٿو.

                ڀاڳو ڀان جو ڪڙم قبيلو: ڀاڳو ڀان جي گهراڻي جو تعلق انڊو پاڪستان جي هڪڙي مشهور ۽ قديم ڀٽ قبيلي سان آهي، جنهن کي ڀان (ڀانڊ)، ڀٽ (ڀنڊ)، پاٽ ۽ ٻارٽ وغيره جي مختلف نالن سان به سڏيو ويو آهي. جهوني جڳ ۾ جڏهن اڃا لکڻ جو هنر هتي چالو نه ٿيو هو، تڏهن به هن قبيلي جي سگهڙن ۽ سڄاڻ راوين جو مان مرتبو ڪو برهمڻن کان گهٽ ڪونه هوندو هو. ڳائڻ وڄائڻ ته سندن خاص اباڻو ورثو هو. تنهن ڪري غنا، سنگيت ۽ موسيقيءَ ۾ به وڏا ماهر هوندا هئا. تنهن سان گڏ ئي، خانداني رواج مطابق وري ننڍپڻ کان ئي ادبي ۽ تاريخي ڳالهيون بر زبان ياد ڪرڻ به، هنن لاءِ ڄڻ ته هڪڙو لازمي نصاب هوندو هو. انهيءَ ۾ هنن جي حافظي کي هڪڙي قسم جي خاص مشق ٿي ويندي هئي. هند- سنڌ جي خاص قبيلن ۽ راجائي گهراڻن جي ڪيترين ئي پيڙهين تائين سندن شجرا هنن کي بر زبان ياد هوندا هئا. انهيءَ قسم جا ڪئين نسب ناما، جن کي هو پنهنجي مخصوص محاوري ۾ ’ڪبت‘ ڪوٺيندا هئا، اڄ به سندن پوين وٽ قدري محفوظ آهن. انهيءَ سان گڏ وري اڳئين زماني جي راجائن جا خاص ڪارناما، ۽ تاريخ جا وڏا واقعا به هنن کي ازبر هوندا هئا.

                تاريخ جي ايڏي وسيع معلومات، راڄنيتي آزمودي، شعر و ادب جي مهارت ۽ ٻين ذهني صلاحيتن جي بناءِ تي، شاهي دربارن ۾ به هنن جي وڏي عزت ۽ هلندي هئي. (خود اڪبر بادشاهه جي دربار ۾ به گنگ ڀٽ، منوهر داس، پيريل ۽ نرهري جهڙا سڄاڻ ڀٽ موجود هئا.) بادشاهن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڳنڍڻ ۽ سندن وچ ۾ سڱ بند قائم ڪرڻ جو ته هنن وٽ ڄڻ ڪو خاص محڪمو هوندو هو. انهيءَ ڪري سفارتي امور به ازخود ئي سندن اختيار ۾ اچي ويندا هئا. ريگستان ۽ ٿر جي راجپوت راجائن وٽ ته هي خاص اعتماد جوڳا ماڻهو مڃيا ويندا هئا. سندن وفاداري، نيڪ نيتي ۽ خير خواهيءَ جا ته خود سومرا سردار به کليءَ طرح سان معترف هوندا هئا. انهيءَ خانداني پس منظر ۾ ئي ڀاڳو ڀٽ جي به شخصيت ڏسڻ گهرجي.

                ڀاڳو ڀان جي شخصي حيثيت: ڀاڳو ڀٽ ته سومرن جو ست پيڙهيو منگتو ۽ گويا سندن گهر ڄائو فقير هو. انهيءَ بناءِ تي سندن خاص مشير ۽ سفير جو به هن مرتبو ماڻيو. پڳ جو فيصلو به هن ته چنيسر جي حق ۾ ئي ڏنو هو.

مون ڄٽ کي چاڙهي ڄام ڪيو، تون ڇا ڄاڻي راڄ منجهان،

ائين پڳ وڃايئي پانهنجي، جو پڇڻ هليو هئين ماءُ.

                بعضي ته وري هيءُ بزرگ، نمڪ حلاليءَ جي جذبي هيٺ، امور خانه داريءَ جي سنوارڻ لاءِ به ذميدار ٿيندو هو. انهيءَ جو هڪڙو مثال ته هن واقعي متعلق به ملي ٿو. جڏهن غنيم جو ڪٽڪ اچي سرحدن تي پهچي ٿو ۽ انهيءَ کي روڪڻ لاءِ مصلحتن چنيسر جي پٽ ننگر جو ئي نالو تجويز ٿئي ٿو. ليڪن هتي به هڪڙو گهريلو مسئلو آڏو اچي ٿو. ننگر راوَ جي والده، جيڪا پنهنجي پٽ کي پرڻائڻ جي تيارين ۾ محو آهي، تنهن سان ڳالهائي ڪير؟ اهو بار به ڀاڳو فقير پنهنجي ئي ذمي کنيو.

ڀاڳو ڀان اٿي هليو- ننگَر ڏيڍيءَ ڏي،

”امڙ! پٽ ڪڍي ڏي پانهنجو، ڪندو ابل سان پرچاءُ.“

                ’پنهنجي پيءُ سان ڪوئي سمجهوتو ڪري، کيس پرچائي وٺي ايندو،‘ جي نه ته به في الحال پٺاڻ جي پيشقدميءَ کي ته روڪي وجهندو!

                هن گهمسان واريءَ ڇتي جنگ هلندي به، حمله آور وٽ هيءُ سفير بڻجي ٿو وڃي. اتي چنيسر راءِ، برائي زور تي، ارڏا انگل ۽ اڍنگا ويڻ ٻولي ٿو.

چي:

”سڱ اوهان کان سومرا، هي ٿا ٻاگهيءَ ٻانهن گهرن.“

        تنهن کي به سپاهين جي سامهون ئي ڦهڪائي ٿو ڏئي ته:

سڀيئي دودا ڀونگر سنڀران، مون ڪئين راڄ ڏٺا،

اڳ نه کريو ڪو سومرو، جيئن تون کرئين چنيسر راءِ،

تو ۾ لِڇ لُهارن جي، آهي سڀ عالم کي آگاهه،

آيئه عقل اڱارن جو، ۽ سڪ سنداڻن ساءِ.

                مطلب ته هن سڄي معرڪي ۾، ڀاڳو ڀان پنهنجو هيءُ منصبي ڪردار پوري ذميداريءَ سان ادا ڪندو رهيو. تان جو جنگ جي آخري هار ٿيڻ تي به، حرمسراءِ جون سؤ سوا سومريون ساڻ ڪري، رات پيٽ ۾ وڃي هن ابڙي ڄام ’ننگ پال‘ جي سنڀال هيٺ سام وڌيون. ڀاڳو ڀان فقير جي نمڪ حلاليءَ جو هيءُ مشهور تاريخي ڪارنامو آهي.

”نمڪ کاڌو سين پاتشاهه جو، جنهن مان جُڙي هڏ ٿيا.“

                هنن تاريخي حقيقتن مان خبر پوي ٿي ته ڀاڳو ڀان فقير اول کان آخر تائين ميدان جنگ تي موجود رهيو. تنهنڪري سندس روايت (بيان) جو بنياد به چشم ديد واقعات ۽ ذاتي مشاهدي تي مبني آهي.

                ڀاڳو ڀان فقير جا پويان به پاڻ کي ’ڀاڳ‘ فقير سڏائيندا پيا اچن. اهي پنهنجي موروثي ۽ خانداني وفاداريءَ مطابق، اڄ ڏينهن تائين به ڪڇ جي انهيءَ سڃي رڻ پٽ ۾، روپاهه ماڙي ۽ وڳهه ڪوٽ وارن ويران ڀِڙَن ۽ اُجاڙ کنڊرن وٽ، پنهنجي مٿير مانجهين جا مجاور بڻيا ويٺا آهن! ڄڻ ته اڃا تائين به اباڻو ننگ پيا نباهين!

                ڀاڳوڀان ۽ رجز گوئي: مٿي ڏنل رزم نامن جي فهرست ۽ تاريخي پس منظر مان شايد هڪڙو تاثر ته هيءُ به پيدا ٿئي ته ريگستان جي چارڻن ۽ ڀٽن جيڪو ’راسو‘ جي عنوان سان رجز خوانيءَ جو رواج وڌو هو، دودي جو داستان به گويا انهن جي ئي آڌار تي اسريو آهي. انهيءَ ڪري هن کي جيڪا ’دودل راسو‘ سڏي سگهجي ۽ ڀاڳو ڀٽ کي انهيءَ بنا تي وري ديش وجيه ۽ چنڊ بردئي چارڻ واري مڪتب رزم گوئيءَ جو نئون روپ ڌاريندڙ سڏي سگهجي ٿو. پر هروڀرو ڪو اهو ضروري نه آهي. هيءُ ته تصوير جو فقط هڪڙو رخ آهي.

                سنڌ جي پراڻي تاريخ پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته هتي جا قديم قبيلا به، عرب جي دور جاهليت وارن بدوي قبائل وانگر، هميشه هڪٻئي سان قوت آزمائي ڪندا پئي رهيا آهن. اسان جي عوامي آکاڻين مان به اهڙا ڪيئي اهڃاڻ ملن ٿا ۽ ڪن قديم ڳيچن ۽ ڳاهن ۾ به اهڙا آثار موجود آهن. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هتي جي ڳنڀير شاعرن اهڙن جهيڙن جهٽن جي يادگارن کي به مهل موقعي مطابق پئي ڳايو وڄايو آهي. عرب دور خلافت ۾ ته الجاحفو (684ع) به سنڌي شعر جي تعريف لکي ويو آهي. اسان وٽ عرب دور خلافت جي خاتمي ۽ سومرا دؤر حڪومت جي اوائل ۾، سُمنگ چارڻ (950- 1025ع) نالي سنڌ جو هڪڙو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس غنائي ڪلام ۽ سريلا سنڌي شعر اسان وٽ موجود آهن. اهڙين رزمي ’ڳائن‘ ڏيڻ ڪري به هن کي وڏي تاريخي اهميت حاصل آهي. هوٿيءَ ڄام جي حمايت ۾ هن جي نالي هڪڙي ڳاءِ منسوب آهي.

وڻين جهليو نه رهي، هوٿيءَ سنڌو گهاءُ،

تنهن سان وجهي مامرو، ڪونه پراڻيندو ڀاءُ.

                هن مان ثابت آهي ته ڀاڳو ڀان کان به ڪي صديون اڳي، سنڌي شاعريءَ ۾ ايڏي ته بلند پروازي، اعليٰ روح ۽ ولولو موجود هو. جو اُن ۾ بهادريءَ جو بيان به ايڏيءَ بلاغت سان ادا ٿي ويندو هو. تنهن ڪري ڀاڳوڀان کي فقط جوڌ راج ۽ جنگائڪ جو پوءِ لڳ سمجهڻ ۽ هن داستان کي رڳو راجسٿاني راسو جو نقل مڃڻ ڪو مناسب يا درست نه آهي. ظاهر آهي ته هيءُ ڪيڏارو سر زمين سنڌ جي پيداوار ۽ قديم سنڌي شعر جي فطري اوسر جو ئي نتيجو آهي. تنهن ڪري هيءُ داستان سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو ترجمان ۽ سنڌ جي سرفروشي ۽ ننگ ناموس جو نمائنده نيشان آهي.

                سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هيءُ داستان پهريون ئي دفعو سنه 1937ع ۾، اسان جي ادبي تاريخ جي بانيءَ، الحاج خانبهادر محمد صديق ميمڻ صاحب، جي سند سان رائج ٿيو آهي. خانبهادر مرحوم پنهنجي تاريخ جي ابتدا ته انهيءَ قصي جي ڳاهن سان ڪئي آهي، مگر انهيءَ زماني ۾ صاحب موصوف کي هنن جي شاعر جو نالو معلوم ٿي نه سگهيو آهي. صديق ميمڻ جو هيءُ منفرد علمي ڪارنامو هڪ اهڙي زماني جي ادبي ڪاوش آهي، جڏهن سنڌ ۾ هن قسم جي ڪنهن به تاريخ جو ڪو وجود ئي ڪونه هو ۽ نه ئي وري اهڙي ڪتاب جو ڪو تصور ئي ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به اچي سگهيو ٿي. مطلب ته مصنف موصوف کي هن انوکي قسم جي ڪتاب لکڻ لاءِ اهڙا ڪي به وسيلا ميسر نه هئا، جيڪي هاڻي ته هر ڪنهن لاءِ عام ٿي پيا آهن. تنهن هوندي به، انهيءَ وقت ۾ ئي سنڌي ادب جي ابتدا کي دودي چنيسر جي دؤر تائين دريافت ڪرڻ، سندن هڪ انتهائي عظيم ڪارنامو آهي. بهرحال انهيءَ وقت جي علمي نصاب تي سنڌي ادب جي تاريخ جو هيءُ پهريون ئي ڪتاب هو، جيڪو لازمي درسي ڪتاب جي طور تي آندو ويو.

                آزاديءَ کان پوءِ وارن گذريل پنجويهن سالن جي عرصي ۾ جيڪي جديد تحقيقاتون ٿيون آهن، تن ۾ ته ڪن غواصن پاتال ۾ پيهي، ڀاڳو ڀان کان به اڳ جي ڪيترن ئي قديم کان قديم تر شاعرن جو مستند احوال توڙي سندن ڪلام، عميق مان ڪڍي اچي منظرعام تي پهچايو آهي. پر انهن شهپارن کي سمجهڻ جي تڪليف ڪير ڪري؟ افسوس جي ڳالهه آهي جو عام رواجي قسم جا ڪي ادبي مؤرخ، جيڪي بدقسمتيءَ سان نام نهاد استاد پڻ آهن، سي ته اڃا تائين به صديق ميمڻ واري پراڻيءَ رٽيل تاريخ تي ئي تڪيو ڪري ويٺا آهن. تنهن ۾ به فقط اهو ئي سمجهي سگهيا آهن ته سنڌي شعر جو دودي چنيسر کان شروع ٿيو آهي، تنهنڪري دنيا جي ٻين ٻولين جي ابتدا به رزم سان ئي ٿي آهي! اهي ئي غير علمي ڳالهيون تاريخ ۾ به دهرائيندا پيا اچن، ته جيئن ايندڙ نسل کي گمراهه ڪرڻ لاءِ، اها ڌڪيبازي مٿن مڙهي سگهجي. سنڌي ادب ۾ هيءُ ’سڳورو‘ صبح آهي يا ماڳهين ڪا منحوس ’شام‘ آهي! مطلب ته ڀاڳو ڀان کي هن داستان جو بنيادي ڳائيندڙ تسليم ڪرڻ کان اهڙا استاد اڃا ڪئين ڪوهه پري، بلڪ منزلون پوئتي پيل آهن. ڪي ته وري هن جو وجود ئي ثابت نٿا سمجهن. ڀلا ٺاهيندڙ کان سواءِ به ايڏو ٺاهه ڪو ازخود ۽ پاڻمرادو ئي ٺهي پوندو؟ هيءُ ته عجيب عقيدو آهي! هن جو سبب فقط قديم تاريخ جي مطالعي کان پالهو رهڻ ۽ ابتدائي ادب جي بنيادي قدرن کان ڪورو هجڻ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org