انهيءَ قسم جا ٽڙيل پکڙيل پراڻا اهڃاڻ ٻيا به ڪيترائي
ملن ٿا، جيڪي تاريخ جو ڪو به سلسلو نٿا جوڙين، ۽
نه وري انهن مان قديم زماني جو ڪو خاطريءَ جهڙو
ادبي مواد ئي ملي سگهي ٿو. تنهنڪري، وري به موٽي
راءِ گهراڻي جي راڄ کان ئي هي سلسلو شروع ڪجي ٿو،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني کان ئي تاريخ جو ڪجهه
لاڳيتو احوال ملڻ لڳي ٿو، ۽ شاعريءَ جو ڏس پتو به
انهيءَ زماني ۾ ئي ملي ٿو.
سنڌ ۾ هيءُ ٻڌ ڌرم جي عروج وارو زمانو آهي. راءِ گهراڻي
جا چندرونسي راجائون به ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا، ۽
سندن مائٽي به راجپوتانا جي ٻوڌي راجائن سان هئي[1].
راءِ خاندارن جي بادشاهن جي حڪومت ڇهين صدي
عيسويءَ جي شروع ٿيندي ئي چالو ٿئي ٿي. جا اٽڪل
ڏيڍ صدي جاري رهي ٿي ۽ ستين صديءَ جي وچ ڌاري ختم
ٿئي ٿي. راءِ ديوجي، راءِ سهاسي راءُ ۽ ٻين جملي
پنجن راجائن جا نالا ملن ٿا، جي سڀ پاڻ کي ”راءُ“
ڪوٺائيندا هئا. سندن انهيءَ شاهي لقب جي ڪري ئي
سڄي خاندان تي ”راءِ گهراڻي“ جو نالو پيو آهي.
(راءِ معنيٰ راجا ۽ گهراڻو معنيٰ خاندان، يعني
بادشاهي خاندان) ستين صدي عيسويءَ (632ع) ۾ هيءَ
حڪومت برهمڻ- راڄ ۾ تبديل ٿي ويئي. برهمڻ راڄ به
اڌ- مُني صديءَ تائين مس هليو، تان جو اٺين صديءَ
جي شروع (712ع) ۾ عرب سنڌ ۾ داخل ٿيا. هن زماني
کان گهڻو اڳي جيڪو چراگاهي دؤر شروع ٿيو هو، سو
اڃا به هلندو پئي آيو. چوپايو مال چارڻ ۽ ڌارڻ
ماڻهن جو مُک ڌنڌو هو، ۽ تنهن ۾ به ڳائو مال مُک
ملڪيت سمجهيو ويندو هو. سنڌ جا مالوند ماڻهو ۽
ڀاڳيا، توڙي ڌراڙ پنهوار، جي اڪثريت ۾ هئا، سي سڀ
اڀير (ڳنوار) ڪوٺائبا هئا (پنهوار يا پرمار، مارو
يا موريا، سانگي يا سانڪلا، اهيريا اڀير ۽ گجر يا
ناگر، سڀئي ڌراڙ يا مالوند قبيلا آهن؛) انهن ڳنوار
اهيرن (اڀيرن) جي ٻوليءَ کي ”اڀيرن ڀاشا“ (اپڀرنش)
چيو ويندو هو[2]،
ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن فقط سرڪاري (علمي) ۽ مذهبي زبان
سنسڪرت کي ئي مهذب ۽ شائسته (ادبي) زبان سمجهيو
ويندو هو. ۽ ان جي ڀيٽ ۾ عوامي زبان کي ڌراڙن
(ڌنارن) ۽ ڳنوارن جي ٻولي (اپڀرنش) سڏيو ويندو هو.
”سنڌيءَ کي به اپڀرنش دفعي جي ٻولي شمار ڪري سگهجي
ٿو[3].“
اپڀرنش زبان ۽ ان جي شاعريءَ جي سنڌ جي تاريخ ۾
تلاش ڪرڻ به انهيءَ ڪري قديم سنڌي شاعريءَ جي ڳولا
آهي.
مارڪڻڊيه، اپڀرنش جا ٽي نمونا ٻڌايا آهن:
وراچڊ- اپڀرنش، ناگر- اپڀرنش ۽ اپناگر- اپڀرنش، جن
مان وراچڊ اپڀرنش ته خاص سنڌ جي ئي ٻولي ٻڌائي
اٿس. يعقوبيءَ جو چوڻ آهي ته ”وراچڊ ٽنهي ۾ زياده
قديم آهي.“ هو ”وراچڊ“ کي ”ورج“ لفظ مان نڪتل مڃي
ٿو. ’ورج‘ معنيٰ ڳنوارن جو مسڪن[4].
سنڌيءَ ۾ ڳنوارن جو مسڪن معنيٰ وراڙي، وٿاڻ، واڙي،
واڙ، واڙو، ويڙهو يعني ڳوٺ، جنهن جي معنيٰ واهڻ يا
وسينءَ به آهي. ’وراڙي‘ جي معنيٰ ويجهي ڇِڪَ،
جوُءِ، تَرُ، ويڙهه وغيره. مٿيان سڀ لفظ اچار ۾
’ورج‘ وانگر ئي شروع ٿين ٿا، ۽ معنى پڻ ساڳي ’ورج‘
واري اٿن.’ورج‘ لفظ جي اشتقاق جي ’برج ڀاشا‘ جي
نالي مان به تائيد ٿئي ٿي[5].
(برج- ورج- پرڳڻي يا بندرابن جي معنيٰ ’ٻه واڙي‘
يا مال جي جوُءِ، وڏي هُڙي، ٻيلو يا جهنگل آهي.)
ڊاڪٽر وولنر جي راءِ آهي ته ’اڀير ڀاشا‘ يعني
اڀيرن جي ٻولي اهائي ’وراچڊ‘ (براچڊ) اپڀرنش آهي[6].
ڊنڊڻ ته هن کي ادبي ۽ ڪتابي زبان تسليم ڪري ٿو[7].
پنهنجي ڪتاب ”ڪاويه درش“ ۾ به ڄاڻايو اٿس ته سنڌ
جا اهير، هن ٻوليءَ (وراچڊ) ۾ گيت جوڙيندا هئا ۽
اهي ٻهِ- تُڪا هوندا هئا[8].
ناگر يا گوجر اپڀرنش جو آستان گجرات آهي. ناگر
گيتن جي ثابتي ڊاڪٽر ڀنڊارڪر جي ڪتاب ”ولنسس فلا
لاجيڪل ليڪچرس“
(Wilson’s philological lectures) مان ملي ٿي[9].
اپناگر- اپڀرنش، شام سندر جي راءِ ۾، ”هيءَ سنڌ جي
وراچڊ- اپڀرنش ۽ گجرات جي ناگر- اپڀرنش جي گاڏڙ
صورت آهي. جا ڏکڻ – پنجاب، اتر – گجرات ۽ الهندي-
راجسٿان جي وچ واري ٻولي آهي[10]“.
ٿر جي علائقي (جيلسمير – بيڪانير) ۾ هن کي ’پونگل
ڀاشا‘ به چيو ويندو هو. قديم زماني جا سانگي ۽
ڀاٽ، پنگل ۾ به گيت جوڙيندا هئا. جن مان ڪي
”پراڪرت پنگل“ ناگي ڪتاب ۾ به ملن ٿا،. هيءُ ڪتاب
راجسٿاني اپڀرنش ٻولين ۾ ڄڻ ڇند (عروض) جو ڪتاب
آهي[11].
پروفيسر جهمٽمل ڀاوناڻيءَ جو چوڻ آهي ته ”اهو ڪتاب
’پنگل‘ نالي، جيسلمير جي هڪ آڳاٽي عالم جو جوڙيل
آهي[12].“
دراصل ’پنگل‘ يا ’پوڳل‘، جيسلمير جو هڪ ڪهنو شهر
آهي، ۽ اڳي هن سڄيءَ رياست تي اهو نالو پيل هو.
مٿيون ڪتاب، انهيءَ شهر جي ڪنهن جهوني اديب جو
مرتب ڪيل آهي، جنهن مان هيمچندر به شايد اپڀرنش جا
مثال ورتا آهن.
اپڀرنش ڪوتائون ستين صديءَ عيسويءَ کان ملن
ٿيون[13].
سنڌ جي تاريخ ۾ اهو راءِ گهراڻي جي حڪومت جو زمانو
آهي. اپڀرنش دؤر جي شاعريءَ جا موضوع ڌرم ۽ رزم
هئا. درٻار سان وابسته شاعري رجزيه رنگ ۾ رڱيل
هئي. دربار کي سياسي اقتدار سان گڏ، مذهبي اهيمت
پڻ حاصل هوندي هئي. مذهب زندگيءَ جي هر شعبي تي
پنهنجي ڇاپ هڻي رهيو هو[14].
اپڀرنش جا پراڻا ٻول (گاٿا) هيمچندر (1088ع-
1182ع) پنهنجي ڪتاب ”سڌ هيمچندر“ ۾ اڳئين زماني جي
تصنيفن مان گڏ ڪيا آهن[15].
اوائلي اپڀرنش جو نمونو هيءُ آهي:
ڀلا هُئهَ جهُ ماريه، ڀيڻ مُهارو ڪانڌ،
لَڄِي جيِن ته وِئڻِ سَئَهنَ، جِئِه ڀڳا گهرانڌ[16].
عرب حڪومت 712ع کان شروع ٿي آهي، جڏهن اڪثر
عوام صُلح پرست ٻڌ ڌرم جو پيرو هو، پر حڪومت برهمڻ
جي هئي. ”چچنامي“ موجب، سما قبيلي جي ماڻهن، محمد
ابن قاسم وٽ اچي ڳايو وڄايو هو. انهيءَ مان ان وقت
جي شاعريءَ جو پتو پوي ٿو. ڪي لسانيات جاماهر هن
دؤر کي به اپڀرنش واري دؤر ۾ شمار ڪن ٿا، ۽ ”ياد
رهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڌري شروعات پڻ اپڀرنش مان
ٿي آهي[17].“
عربن جي عهد حڪومت ۾ پهريون ئي دفعو هڪ اهڙي
شاعر جو تذڪرو ملي ٿو، جنهن کي تاريخي اهميت به
حاصل آهي. هيءَ هباري اميرن جي واري جي ڳالهه آهي.
عرب حاڪمن ۾ هباري قبيلو سنڌ جو پويون حڪمران
گهراڻو آهي، جنهن جي بانيءَ، عمر بن عبدالعزيز
هباريءَ (854ع) بانيا ۾ پنهنجي خودمختيار حڪومت جو
بنياد وڌو. سندس پٽ“ عبدالله (892ع)، بانيا کي
ڇڏي، اچي منصوره تي قبضو ڪيو. انهيءَ عبدالله
هباريءَ کي اروڙ جي راءِ 883ع ۾، اسلامي عقائد جي
سمجهاڻي گهري، ۽ منصوره جي مذڪوره شاعر کيس قصيدي
۾ منظوم ڪري اها سمجهاڻي ڏني. جيتوڻيڪ انهيءَ شاعر
جو نالو يا سندس ڪلام معلوم ناهي، ته به شعر جي
ميدان ۾ هو هڪ تاريخي شخصيت آهي ۽ سنڌ ۾ شاعريءَ
جي جاري هجڻ جو اهو به هڪ تاريخي ثبوت آهي.
عبدالله 915ع ۾ وفات ڪئي، ۽ پٽس ابو منذر (عمر)
منصوره جو والي ٿيو. هيءُ سنڌ جو آخرين عرب حاڪم
آهي. هن کان پوءِ به ممڪن آهي ته ڏهين صديءَ جي
ڪجهه حصي تائين، منصوره ۾ هبارين جو وجود باقي
رهيو هجي. پر تاريخن ۾ هن بعد ڪنهن به عرب امير جو
نالو ڪو نه ٿو ملي. ڏهين صديءَ جا سياح، منصوره جي
والين جي وضح قطع هندن جهڙي، يعني لباس ۾ گوڏ،
ڊگها وار ۽ ڪنن ۾ ڊگها والا وغيره ٻڌائين ٿا. هي
پرڪار سومرن جا ئي لڳن ٿا، ۽ هن بعد سگهوئي سومرن
جي وارو اچي ٿو.
مٿي، تمهيد طور، سنڌ جي قديم ترين دؤر جي
شاعريءَ جا اهڃاڻ پيش ڪيا ويا آهن. پراڪرت توڙي
اپڀرنش واري زماني جي شاعريءَ جا ڪي نمونا ڪتابن
مان مهيا ڪري، ادبي تاريخ کي علمي طور ماضي بعيد
سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. پر انهيءَ جو نج
سنڌي شاعريءَ سان لاڳاپو نه آهي. خالص سنڌي شاعري،
سومرن جي عهد حڪومت سان واسطو رکي ٿي. سومرا حڪومت
جو آغاز ئي اصلي ديسي شاعريءَ جي شروعات آهي.
سومرا حڪومت جو سڄوئي عهد، قديم مقامي شاعريءَ جو
بنيادي ۽ اوائلي دؤر آهي. سندن حڪومت جي پڄاڻيءَ
سان گڏئي، پراڻي سنڌي شاعريءَ جي دؤر جي به پڄاڻي
ٿئي ٿي. مطلب ته جهوني سنڌي شاعريءَ جو دائرو،
سومرا راڄ جي اُسرڻ کان وٺي، سندن زوال جي حدن
تائين پکڙيل آهي. اهڙي حقيقت جي بناءَ تي، ’قديم
سنڌي شاعريءَ‘ جي تحقيق خاطر سومرن جي مڪمل
معلومات هئڻ به هڪ بنيادي شيءِ آهي.
سومرا ڪير هئا؟ سندن سماجي ۽ سياسي لاڙا ڪهڙيءَ
ڪيفيت جا هئا؟ سندن مذهبي ۽ معاشرتي رغبت جي ڪهڙي
شڪل هئي؟. ڪڏهن ۽ ڪيئن اُسريا ۽ ڪيئن اقتدار حاصل
ڪيائون؟ وري ڪيئن سندن زوال آيو ۽ ڪڏهين خاتمو ٿيو
وغيره. انهن ۽ ٻين اهڙن سوالن جا ڪي علمي ۽ تاريخي
انگ- اکر ئي صحيح جواب پيش ڪري سگهندا. سومرن جي
اصل نسل جي باري ۾ کوجنا ڪندي، تاريخدان تمام پري
نڪري ويا آهن. مولانا حڪيم نجم الغني صاحب، تاريخ
”وقائع راجسٿان“ ۾ هنن کي هزارين سالن جي کترين جي
”سوج ونسي“ گهراڻي سان وڃي ملايو آهي، پر وري کين
آئوڌ جي راجا رامچندر جي پٽ سپومتر جي شاهي نسل
مان، ’چندربنسي‘ کتري به ثابت ڪيو اٿس[18].
محترم مولائي شيدائي جي دعويٰ آهي ته سومرن متعلق
مولانا جي مٿين راءِ ايبٽ صاحب کان به وڌيڪ
محققانه آهي[19].
مولانا جي راءِ جي ٻين تاريخن مان به تائيد ٿئي
ٿي. علامه سيد سليمان ندويءَ به لکيو آهي ته
”سومرن کي اصل ’سوم- راءِ‘ چوندا هئا. هنديءَ ۾
’سوم‘ معنيٰ ’چنڊ‘. اهڙيءَ طرح ’سنگهار‘ کي ’سنگهه
– راءِ‘، ۽ ’ڀونگر‘ کي ’ڀنگار- راءِ‘ سمجهڻ گهرجي[20].“
سيد نجم الغنيءَ جو به اهوئي چوڻ آهي ته ’سومرا‘
لفظ اصل ۾ ’سوم راءِ‘ آهي، جيئن ’دود راءِ‘، ’دلو
راءِ‘، ’پاٿو راءِ‘ ۽ ’کنراءِ‘ وغيره[21].
ڪن وري سومرن کي مهاراجا چندر گپت موريا جي شاهي
خاندان مان شمار ڪيو آهي[22].
ڪرنل جيمس ٽاڊ جو چوڻ آهي ته ’موريا‘ چندر گپت جا
پويان آهن، جن کي ’موري‘ يا ’مارو‘ به چوندا آهن،
۽ انهن تان ئي ’مارو‘ ديس تي (مارو- ويڙهه، مارو-
واڙا) ’مارواڙ‘ نالو پيو آهي. راجسٿان ۾ رهندڙ
سڀئي کتري ’مارو‘ سڏبا آهن[23].
کترين کي ’اپنشد‘ جڳ ۾ ’راجنيه‘، (راءِ- ڄڻيه)
يعني راجائي ڄَڻ، راجائن جا ڄڻيل (اولاد) چيو
ويندو هو. اهو لفظ پوءِ ڦري ’راءِ پوترا‘ يا ’راجه
پوت‘ (راجائن جا پٽ) ۽ ”راجپوت“ ٿيو آهي[24].
انهيءَ ڪري سومرن کي به ”راجپوت“ يعني شاهي خاندان
جا فرد چيو ويو آهي. پر راجپوتن جا به ڪئين گهراڻا
آهن: انهن مان سومرن جو ڪهڙو گهراڻو آهي، تنهن
باري ۾ ڪن جو چوڻ آهي ته ”سوڍا راجپوتن ۾ ’امرا
سوءمرا‘ جي نسل واريءَ شاخ کي سومرن جو خاندان چيو
وڃي ٿو[25].“
ڪن وري سومرن کي يادو راجا بلند جي پٽ ’ساما‘ جو
اولاد، ڀٽي راجپوت ڄاڻايو آهي[26].
پر، ”سنڌ گزيٽيئر“[27]،
ڪرنل ٽاڊ، ايبٽ صاحب، مرزا قليچ بيگ، ۽ ٻين ڪيترن
ئي سومرن کي پرمار راجپوت مڃيو آهي، ۽ گهڻو ڪري سڀ
تاريخون انهيءَ تي متفق آهن. راجپوتن جا ڇٽيهه
گهراڻا آهن، جن ما چار وڏا گهر- پرمار، پرهياڙ،
سولنگي ۽ چوهاڻ- بنيادي ۽ اصل آهن. وري انهن چونڊ
چئن گهرن ۾ به، اوچي ذات پرمارن جي آهي[28].
سورٺ سورميِ به پرما شهزادي هئي، جنهن لاءِ چيو
اٿن ته:
سورٺ ساگر ديپ جي، جات اوچي پرمار،
ٻيٽي راجا ڀوڄ ڪيِ، پالي رتن ڪنڀار،
پرئيوراءِ کنگهار، مڱ انيراءِ چوهاڻ جي.
پرمارن جا وري پنجٽيهه پاڙا آهن- اومرا سمرا،
مارو يا موريا، ڀٽي ۽ سوڍا وغيره. جن مان ”اومرا
سمرا“ پهريائين مسلمان ٿيا[29].
راجسٿان ۾ پرمار جون عرصي دراز تائين وسيع حڪومتون
رهيون. ”پرٿوي پرمارن جي آهي“- هيءَ سندن عروج
واري زمين جي گونج آهي. هنن ستلج کان وٺي دکن
تائين چوڏهن حڪومتون قائم ڪيون: اُجين، ڌارا، آيو،
چتور، مالوا، پٽن، لوڌرو، اومر ڪوٽ ۽ بکر سندن
مشهور تختگاهه هئا، منجهائن ’امره سمره‘ جي خاندان
اسلام قبول ڪيو، جي سومرا ڪوٺجن ٿا[30].
سرهينري ايلئٽ، تاريخ طاهريءَ جي حوالي سان، سومرن
کي اروڙ جي شاهي خاندان جا حڪمران راجپوت ثابت ڪيو
آهي. جي پوءِ مسلمان ٿيا آهن[31].
اروڙ جي ’راءِ خاندان‘ وارا به چندر ونسي هئا.
جيئن مٿي آيو آهي. ممڪن آهي ته اهي به پرمارن مان
هجن. سومرن متعلق مٿي پيش ڪيل حقيقتن مان ايترو
معلوم ته ٿيو ته اصل هو سنڌ کان اڀرندي طرف
راجسٿان جا پرمار راجپوت آهن. جي پوءِ مسلمان ٿيا
۽ عربن کان پوءِ سنڌ جا حاڪم ٿيا آهن. پر اهي ڪيئن
مسلمان ٿيا ۽ ڪڏهن حڪومت هٿ ڪيائون؟ سا ڳالهه به
غور طلب آهي.
تاريخ ۾ عام طرح 1050ع کان سومرن جي حڪومت
ليکجي ٿي، جا ڳالهه صحيح نه آهي. هن سلسلي ۾ آڳاٽي
۾ آڳاٽو احوال شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ مرحوم
’قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ ڏنو آهي ته
”سومرا عيسوي اٺين صديءَ کان سنڌ جا والي بنيا[32]“.
وري ٻئي هنڌ ساڳي ڳالهه وڌيڪ چٽي ڪري لکي اٿس ته
”بني اميه خليفن جي وقت (712- 749ع) ۾ راجا
دلوراءِ سومرو اروڙ جو حاڪم هو. اروڙ کي ان ڪري
دلور به سڏيندا هئا[33].“
هن سلسلي ۾ مٿي پيش ڪيل ايلئٽ صاحب جي تحقيقات مان
به ساڳيو مطلب ٿو نڪري. مرزا قليچ بيگ جي اها دعوا
ٻيءَ طرح به تاريخ مان ثابت ٿئي ٿي. ”غازي محمد بن
قاسم ثقفيءَ کانپوءِ، ڏهه- پندرهن سال اروڙ ۾ اموي
امن سان رهيا، پر خليفي هشام (723ع) جي ڏينهن ۾
دارالخلافت دمشق ۽ ان جي ماتحت علائقن ۾ فساد ٿيا.
اروڙ ۾ ان وقت تميم بن زيد عتبي ناظم مقرر ٿي آيو،
۽ بدقسمتيءَ سان اروڙ ۾ به يمني ۽ حجازي عربن جي
باهمي نااتفاقيءَ ڪري خانه جنگي شروع ٿي ويئي.
تميم پنهنجي ڪمزور جماعت يمنيءَ جو طرفدار ٿيو، پر
حجازي (نزاري) غالب پئجي ويا ۽ ملڪ ۾ بدنظمي پکڙجي
ويئي. تميم عتبي ٻي ڪا واهه نه ڏسي، اروڙ خالي ڪري
عراق ڏانهن روانو ٿيو. پٺيان اروڙ ۽ سڄيءَ سنڌ ۾
بدامني پکڙجي ويئي. سنڌ جي باغين هر طرف غلبو ڪرڻ
شروع ڪيو. عرب پنهنجا مرڪز خالي ڪري سنڌ مان هجرت
ڪرڻ لڳا. اهي مرڪز بقول بلاذريءَ جي وري آباد نه
ٿي سگهيا. گهڻا نومسلم مرتد ٿي ويا ۽ باجگذار
خودمختيار ٿي ويا[34].“
هيءُ سن 729ع جو واقعو آهي، جنهن ۾ اروڙ
خودمختياري حاصل ڪئي. انهيءَ ڪري عمرو بن محمد
ثقفيءَ، عربن جي علحده رهائش لاءِ منصوره شهر جو
بنياد وڌو، جو پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ عربن جو
دارالحڪومت رهيو. هن وقت کان ئي ملتان ۽ منصوره
جون ٻه علحديون عرب رياستون قائم ٿيون، ۽ ٻنهي جي
وچ ۾ اروڙ جي ڏيهي رياست قائم ٿي. مٿينءَ بدنظميءَ
مان ناجائز فائدو وٺي، چندر ونسي راون، اروڙ تي
قبضو ڪري ورتو. انهيءَ وقت کان ئي سندن اڳواڻ دلو
راءِ پهريون (723- 729ع)، اروڙ جو خودمختيار راجا
ٿيو. دلوراءِ ٻئين يا ٽئين جا نالا به تاريخن ۾
ملن ٿا، جن ٽنهي جو تعلق ڏومڻ سوناري، مورڙي ملاح،
سيف الملوڪ ۽ ڇُٽي همراڻيءَ وارن قصن سان آهي.
هڪڙي دلوراءِ جي حڪومت جي سرحد اتر ۾ ديري غازي
خان کان، ڏکڻ ۾ نيرون ڪوٽ تائين هئي[35].
هن کان پوءِ سومرن جا ڪي نه ڪي نالا ۽ حالات ملندا
ئي رهن ٿا: ۽ جڏهن سندن سياسي طاقت يا سلطنت ۾ ڪو
اضافو ٿيندو رهيو آهي، جدا جدا تاريخن اهو ئي سال
سندن ابتدا جو ٺهرايو آهي. تحفته الڪرام هن کان هڪ
صدي پوءِ (846ع)، سندن حڪومت کي تسليم ڪيو آهي.
(جملي حڪومت جا 505 سال 1351ع تايئن ڳڻيا اٿس.)
مولانا سيد ابو ظفر ندويءَ جي تحقيق مطابق، عمر
هباريءَ جي ڏينهن ۾، 860ع ۾، حڪومت شروع ڪيائون ۽
1010ع ۾ منصوره تي قبضو ڪيائون.[36]
پر منصوره ۾ شايد اروڙ واري زلزلي (952- 962ع) جي
تباهيءَ بعد اچي قبضو ڪيائون. ڍولا مارو جي قصي
مان معلوم ٿئي ٿو ته 967ع ۾ ٿر ۾ ’اومرو‘ نالي
تمام ڪو زبردست سومرو راڄ ڪندو هو[37].
اهڙيءَ طرح 1020ع ۾ سنڌ جو مشهور معروف همير سومرو
بادشاهه، منصوره جو حاڪم هو، جنهن پونڳل جي راجا
کان اومر ڪوٽ کسيو، وير ويهاس گجر کي ماريو، ڄام
پونئري جي ڌيءَ پرڻيو ۽ جاسل کي ڀڄائي آيو. محمود
غزنويءَ جي سومناٿ تي حملو ڪري، واپس ورندي سنڌ
مان لنگهڻ واري ڏينهن (1024ع) ۾ جيڪو ’خفيف‘ سومرو
منصوره جو والي هو، سو هن ئي راءِ جو حرفتي نالو
هو- ڇاڪاڻ ته سومرن کي قرامطي شيعن کان سبق مليل
هو ته ڳجهه ڳوهه ۾ ئي هر طرف قبضو ڪجي، ۽ وڏين
سلطنتن اڳيان پاڻ ڏٺو نه ڪجي ۽ نڪي ڪنهن سان کليو
مقابلو ڪجي، متان رهندو هٿ آيل طاقت کسجي وڃي.
قرمط لفظ جي معنيٰ ئي آهي ’ڳجهي سٽاءَ‘، اڻلکو
ليڪو يا خفيف نشان. انهيءَ ڪري ڏهين صدي جي
پڇاڙيءَ سوڌو، جڏهن هبارين جو قبضو فقط منصوره جي
شهر تي وڃي رهيو، ته به اٽڪلي (قرامطي) سومرا،
مٿينءَ دليان پاڻ کي بغداد جي سُني خليفن جا حواري
چوائيندا آيا. هيءَ به قرامطين جي هڪڙي رمز هئي.
مٿئين همير (1020- 1050ع) جو رمز وارو نالو خفيف
هو. مٿيان انگ اکر انهيءَ ڳالهه جي چٽائيءَ لاءِ
پيش ڪيا ويا آهن ته سومرن جي حڪومت دراصل سن 723ع
کان شروع ٿي آهي، نه ڪه سال 1051ع کان، جيئن عام
طرح سمجهيو وڃي ٿو.
سومرن جي اوائلي مذهبي ڪيفيت به هڪ دلچسپ
ڳجهارت آهي. سومرا مسلمان هئا يا هندو، جي مسلمان
هئا ته ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيا ۽ اسلام جي ڪهڙي گروهه ۽
فرقي جا پوئلڳ هئا؟ انهيءَ جو ڪجهه اندازو ته
مٿئين بيان مان معلوم ٿي وڃي ٿو ۽ باقي سوالن جا
سڀ جواب قرمط لفظ جي ’تقيه‘ هيٺ ڍڪيل آهي. اروڙ
واري حادثي مان پڌرو آهي ته اول قرامطي شيعن سان
ئي سندن واسطو پيو. ان بعد فاطمي خلافت جي عبدالله
اشتر (علوي) سنڌ ۾ عباسين جي خلافت کي ڪمزور ۽ بي
اثر بنائڻ جي منصوبي سان 758ع ۾ بصري کان آيو.
هيءُ گرفتاريءَ جي خوف کان يا سندس سازش ظاهر ٿيڻ
جي انديشي کان، درياهه (پراڻ) جي اڀرندي پار جنوبي
ريگستان (ڍٽ) جي راجا وٽ (768ع تائين) ڏهه سال سام
رهيو. اتي ڳجهه ڳوهه ۾ عباسين خلاف چار سوء
راجپوتن سندن هٿ تي بيعت ڪئي[38].
غالبن اهو راجا به سومرو ئي هو. تنهن کان سواءِ
عبدالله ميمون (900ع) جا ”ڳجها خط“ به عباسين خلاف
بغاوت اٿارڻ لڳا. اهڙي هنگامي ماحول ۾ سومرن جو
سياسي مذهب، قرامطي يا اسماعيلي هجڻ لازمي هو، ۽
سياسي مصلحت جي بناءَ تي هو اهڙو اظهار به ڪندا
رهيا. سومرن کي پڪو مسلمان بنائڻ واو بهاءُالدين
ذڪريا ملتاني هو. هن موقعي جي نسبت ۾، سومرن کي
رڻپٽ ۾ پاڻي پيارڻ واري، غوث جي مشهور ڪرامت آهي،
انهيءَ ڪري حڪمران قوم جي ڪيترن ئي خاندانن تي،
اسلام جي حقيقت ۽ سچائيءَ جو پختو يقين ويهي ويو.
پر خاص پڳدار گهراڻو، دودي- چنيسر واريءَ جنگ
(1300-1313ع) تائين به وڏن جي پر تي قائم رهيو.
اُچ جي فرمانروا سومري، گستاخي ڪري، مخدوم جهانيان
(1397ع) کي مسجد مان لوڌائي ڪڍيو. مخدوم فرمايو ته
”سومرو ديوانو آهي!“ بادشاهه سچ پچ چريو ٿي پيو،
جنهن جي والده مخدوم کان معافي ورتي ۽ سومرو هوش ۾
اچڻ کان پوءِ اسماعيليت کان تائب ٿيو[39].وري
1471ع ۾ گجرات جي حاڪم محمود شاهه بيگڙي سلطان، ڍٽ
۽ ٿر جي سومرن کي گهيري ۾ آڻي تنگ ڪيو، تڏهين سندن
قوم جي مُکي (پڳدار) عاجز ٿي اعتراف ڪيو ته ”اسين
آهيون ته مسلمان، پر جاهل هئڻ ڪري، مرڻي پرڻي هندن
سان رلي ملي ويا آهيون.“ سلطان بيگڙي کي مٿن قياس
آيو ۽ هڙان خرچ ڪري، سندن تعليم لاءِ علماءَ مقرر
ڪيائين[40].
اهڙيءَ طرح سومرن جا مختلف قبيلا جدا جدا وقتن تي
اسلام قبوليندا پئي آيا. جن مان پوءِ جنهاڻي شهر
جا سومرا علماءَ مشهور ٿيا آهن. پوءِ ته سنڌ جي
سومرن، اسلام جي اشاعت ۽ تبليغ ۾، سڄيءَ سنڌ جي
رهبري ڪئي آهي ۽ عوام کي زبردست روحاني فيض رسايو
اٿن. مخدوم نور الله، مخدوم اسماعيل، درويش صادق
فقير صوفي، شيخ رهاڻ ۽ ٻيا ڪيترائي اولياءَ ۽ خدا
رسيده بزرگ ۽ علماءَ ڪرام، سومرا خاندان مان ٿيا
آهن، جن جون ملتان کان ڪڇ تائين وڏيون درگاهون ۽
گاديون آهن.
|