سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :6

 

شاعريءَ جي صنف دوهي جو پسمنظر

 

شاعريءَ جي صنف دوهي جي باري ۾ هندو محققن جو چوڻ آهي ته شاعريءَ جي اها صنف ويدن جي گايتري ڇند مان اُڀري. هندي ڇند پرڪاش جي ليکڪ رگهونند شاستريءَ لکيو آهي ته:

گايتري ڇند مان اشٽ ڇند، اشٽ ڇند مان پراڪرت يا اُپ ڀرنش جو ماترڪ ڇند، ان مان آري ۽ آريءَ مان هندي دوهو ٺهيو.

ويدن جا ڇند ورنڪ يعني ڳڻپ وارا هئا جيئن گايتريءَ جي هڪ مصرع ۾ 24 اکر ۽ اشٽپ ڇند جي هڪ مصرع ۾ 32 اکر[1].

گايتري ڇند ويدن جو اهم ڇند مڃيو ويندو آهي. ان ڇند کي مهاتما ٻڌ به پسند ڪيو هو.، گايتريءَ کي ديوي به مڃيو ويندو آهي. گايتري ديويءَ جي باري ۾ هڪ ديو مالائي ڪهاڻي به مشهور آهي ته واسوا واسوءَ نالي ڪو برهمڻ هو جيڪو ڏاڍو سٺو ڳائيندو هو. هڪ دفعي واسوا واسوءَ گايتري ديويءَ کان سوم رس ٻوٽي لڪائي ڇڏي. ديوتائن کي جڏهن خبر پئي ته ديوتائن واڪ ديويءَ کي سوم رس ٻوٽي آڻڻ لاءِ موڪليو. واسوا واسو سهڻين عورتن جو شوقين هو. هن واڪ ديويءَ جي سونهن ڏسي سوم رس ٻوٽي ديوتائن کي موٽائي ڏني ۽ واڪ ديويءَ کي حاصل ڪيائين. واڪ ديويءَ اصل ۾ سرسوتي ديوي هئي.

هيءَ انهن محققن جي تحقيق آهي جيڪي ننڍي کنڊ جي علم، ادب، آرٽ ۽ موسيقي وغيره جي شروعات ويدن مان ڪندا آهن. ٻين محققن جو رايو آهي ته اپڀرنش جي شاعري دوها ڇند ۾ ملي ٿي. گاٿا جو مطلب پراڪرت ۽ دوهي جو مطلب اپڀرنش گڏيل رائج الوقت زبان ورتو ويندو هو.

دوها ڇند کي مضمون جي لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. شروعاتي دوهي جو موضوع ديومالائي ڪهاڻيون ۽ پراڻن قصن جا جزا هوندو هو. اهو دوهو گهڻو ڪري هڪ سٽو هوندو هو يعني جنهن  ۾ هڪ جملو سمايل هوندو هو. اهڙا دوها سڀ کان پهرين ڀٽن ۽ چارڻن ٺاهڻ شروع ڪيا. هيم چندر جي گرامر ۾ اهڙن دوهن جا مثال عام آهن ۽ انهن جي مصراعن جا جوڙا جدا جدا ماپ جا آهن.

ٻئي قسم جي دوهي جو موضوع مذهبي ۽ روحاني آهي. اهڙي قسم جي دوهي جو وڏو ذخيرو موجود آهي. دوها ڇند جو پراڻي ۾ پراڻو شاعر، جنهن جو نالو معلوم ٿي سگهيو آهي. سو جئند آهي جيڪو ڇهين عيسوي صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي.

منهنجي خيال ۾ دوهي جي شروعات اسان جي لوڪ شاعرن مان ٿي آهي. آڳاٽي زماني ۾ شاعري ۽ موسيقي ٻئي لازم ملزوم هيون. ان ڪري دوهي جي شروعات معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي موسيقي جي آڳاٽي صنفن يا وضعن تي نظر وجهڻي پوندي. سڀ کان پهرين اسين موسيقي جي قديم صنف ”تِروَٽ“ جو مثال ٿا وٺون. تروٽ لاءِ چيو ويندو آهي اها ان دور جي يادگار آهي. جڏهن موسيقيءَ ۾ اڃا لفظ شامل نه ٿيا هئا ۽ رڳو سريلا آواز ۽ بي معنيٰ ۽ مهمل اکر يا علتي آواز ڳايا ويندا هئا.

ٻيو مثال ”پرپنڌ“ جو آهي. هي تروٽ کان پوءِ جو آهي ۽ هن ۾ لفظ ڳايا ويندا هئا جن ۾ وزن يا بحر ڪونه هوندو هو ۽ لفظن کي هڪ خاص تار سان پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو هو. شروعات ۾ پر ٻنڌ ۾ رڳو هڪڙي جملي يا دوهي جي هڪڙي چرڻ کي ڳايو ويندو هو. جنهن کي ”اسٿايا“ چيو ويندو هو. آهستي آهستي هڪڙو ٻيو جملو يا چرڻ به شامل ٿيو جنهن کي ڌروا (Fixed) سڏيو ويو. اهڙيءَ ريت ٻن چرڻن وارو پر ٻنڌ چرڻ يا جملي کي ”اڀوڳ“ سڏيو آهي. جنهن جي معنيٰ انت يا آخر آهي. اهي ٻئي چرڻ يعني اسٿايه ۽ ڌروا واري وٽيءَ سان ڳائبا هئا. جنهن چرڻ يا مصرع تي گانو پورو ٿيندو هو تنهن کي ”اڀوڳ“ چيو ويندو هو. شروعات ۾ جڏهن اڃا ڌروا وجود ۾ نه آيو هو ۽ رڳو اسٿايه کي ڳايو ويندو هو. تڏهن اسٿايه کي به اڀوڳ چيو ويندو هو.

ٻن چوڻن کان پوءِ پرٻنڌ ۾ ٽئين چرڻ جو اضافو ٿيو ۽ پرٻنڌ کي ”تُر ڌاتو“ چيو ويو. ان ۾ اسٿايه، ڌروا ۽ اڀوڳ ٽيئي شامل هئا. گايتري ڇند ۾ ٽي چرڻ هوندا هئا. ان دور ۾ چرڻ ماترائن جي وزن تي نه پر اکرن جي ڳڻپ تي قائم ٿيندا هئا. گايتريءَ جي هڪ هڪ چرڻ ۾ اٺ اٺ اکر هوندا هئا. اهڙيءَ طرح گايتريءَ جي ٽنهي چرڻن ۾ ڪل چوويهه اکر هوندا هئا. آهستي آهستي پرٻنڌ ۾ چوٿين چرڻ جو اضافو به ٿيو، جنهن کي ”ميلاپڪ“ يعني ملائڻ وارو چرڻ سڏيو ويو ۽ جيڪو ڪڏهن ڌروا کان اڳ ۾ ڪڏهن ڌروا کان پوءِ ايندو هو ۽ ڌروا کي ڪڏهن اسٿايه سان ته ڪڏهن اڀوڳ سان ملائيندو هو ۽ اهڙيءَ ريت پرٻنڌ جا چار چرڻ ٿي پيا. هوڏانهن گايتري ڇند جنهن ۾ اٺن اٺن اکر وارا چرڻ هئا تنهن ۾ به چوٿين چرڻ جو واڌارو ٿيو، ۽ گايتري ڇند اشَب سڏجڻ لڳو.

پر ٻنڌ ۾ هڪڙو ٻيو چرڻ به پيدا ٿيو جنهن کي اُنترو چيو ويو. آهستي آهستي ميلاپڪ چوڻ غائب ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ انتري والاري. اهو چتر ڌاتو پر ٻنڌ دوهي جو ئي روپ آهي.

”پر ٻنڌ وانگر جيڪڏهن ڌروپد جو مثال وٺون ته شروع ۾ ڌروپد ۾ به ٻه چرڻ هئا ۽ ٻئي چرڻ کي به ڌروپد معنيٰ مستقل يا مقرر فقرو چيو ويندو هو جيڪو وري وري ڳائبو هو. آهستي آهستي ڌروپد ۾ به چرڻن جو واڌارو ٿيو ۽ ٻن مان ٽي ۽ ٽن مان چار چرڻ ٿيا. سڀ کان پهرين پهرين چرڻ کي، پوءِ ٻئي ۽ ٽئين کي ۽ آخري ۾ چوٿين چرڻ کي ڌروپد سڏيو ويو. آهستي آهستي ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ قافيو شامل ٿيو. اها دوهي جي ئي شڪل آهي.

منهنجو ذاتي رايوآهي ته ”دوهو“ لفظ ”ڌروا“ جي بگڙيل صورت آهي. ”پرٻنڌ“ ۽ ”ڌروپد“ مان ئي دوها اسريو ۽ ”ڌرو“ مان دوهو ۽ ”ڌروا“ مان ”دوهو لفظ ٺهيو.


 

بابا فريد جي شاعريءَ جي سنڌي ادب ۾ اهميت

 

بابا فريد بنيادي طرح سرائڪي زبان جو شاعر آهي پر سندس شاعري هيٺين ٽن ڳالهين جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿي.

(1) بابا فريد جي شاعري سنڌي شاعرءَ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن.

(2) بابا فريدَ سرائڪيءَ سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ به شاعري ڪئي آهي، جيڪا سنڌي ادب جي اوسر جي تاريخ جي مطالعي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي.

(3) بابا جي شاعري لسانيات جي ماهرن لاءِ لساني رابطن جي مطالعي لاءِ وڏو مواد مهيا ڪري ٿي.

بابا فريد جي شاعريءَ جي مطالعي مان لڳي ٿو ته سندس شاعريءَ جا سنڌي شاعريءَ تي اڻ مٽ نقش آهن ۽ منهنجو خيال آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڪانگل“، ”هنج“ جون علامتون بابا جي شاعريءَ مان ئي آيون آهن. قاضي قادن ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي به بابا جي شاعريءَ جا ڪي اڻ چٽا نقش نظر اچن ٿا. شاهه سائين ته بابا جي هڪڙي دوهي جو اکري ترجمو ڪيو ۽ ٻئي دوهي جي پهرئين مصرع کڻي ان تي پنهنجو بيت لکيو. مثال:

سرور پنکي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس،
اي تَنُ لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس.

 

شاهه لطيف:

جر ۾ پکي هيڪڙو، پاهيڙي پنجاهه،
رکي آس الله، لڏي لهرن وچ ۾.

 

بابا فريد:

ڪنڌي واهڙ نه ڊاه، تو ڀي ليکا ڏيوڻا،
جڌر رب رضاء، وهڻ تداو گو ڪري.

 

شاهه لطيف:

واهُڙَ ڀريون ۾ پاءِ، تو پڻ لکيو ڏيڻو،
سدا سانوڻ ڏينهڙا، هنئين نه هوندا،
وهاڻيءَ وينداءِ، اوپر اوتاهان لهي.

 

        اهڙيءَ ريت قاضي قادن جا جيڪي دوها مليا آهن، انهن مان هي ٻه دوها بابا فريد جا آهن:-

ڏينهن لٿا، سنجهيا پئي، اڳئون آئي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.

 

بابا فريد:

فريدا، ڏکان سيتي ڏينهن گيا، سولان سيتي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪير وات.

 

قاضي قادن:

هَٽ وها جيئن لوڻ، ڪستوري جهنگئن گهُري،
سچان دي صابوڻ، اندر اڇا نه ڪري.

 

بابا فريد:

فريدا، اڪ وِهاجين لوڻ، ٻيا ڪستور جُهنگ چوي،
ٻاهر لاءِ صابوڻ، اندر اجا نه ٿيوي.

 

سنڌي ادب جي اوسر جي تاريخ جي ڏس ۾ هن مهل تائين جيڪا کوجنا ٿي آهي ان مطابق اسان جي شعري روايت جي شروعات لوڪ داستانن جي ڳاهن سان ٿي ٿئي جن بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي ته اهي، ڳاهون سومرن جي دور جون آهن. اسان جي باقاعدي شاعري يعني عالمن ۽ عارفن جي شاعري جي شروعات چوڏهين صدي کان ٿئي ٿي. ان کان اڳ اسان جو شعري سرمايو ڇا هو، تنهن بابت ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.

پنجابي زبان جي ادب ۽ محقق پروفيسر آصف محمد خان، سکن جي مقدس ڪتاب گرو گرنٿ ۾ شامل بابا فريد جي دوهن کي ترتيب ڏيئي ”آکيا بابا فريد“ جي عنوان سان ڪتاب ڇپايو آهي. ان ڪتاب جي آخر ۾ هن بابا فريد جا اهڙا دوها ڏنا آهن جيڪي گرو گرنٿ کان ٻاهران فارسيءَ جي تذڪرن مان هٿ آيا آهن. جيئن ته اهي دوها فارسي صورتخطيءَ ۾ لکيل آهن انڪري انهن جو اُچار ايترو ته ڦري ويو آهي جو ڪجهه دوها ته سمجهه ۾ ئي نه ٿا اچن. پر انهن کي ڌيان سان پڙهجي ته خبر پوندي ته انهن مان ڪيترا دوها سنڌي آهن.

مثال:

فريدا، جو مون لگا نيهه، تا مين دکهه وهاجيا،
جهران هبهوئي ڊينه، ڪارن سچي ما پري.

 

صاف پڙهڻي:

فريدا، جان مون لڳو نينُهن، تان مون ڏک وهائيا،
جهُران سڀو ڏينهن، ڪارڻ سچي مان پرين!

 

مثال:

تون تون کر بندي جو موئي، موئي بهي تون تون کرن،
جنهين تون تون نه کيا، تنهين نه سنجاتو تن،
رب نه بهني پوريا، سندي فقيرن.

 

صاف پڙهڻي:

تون تون ڪندين جي مئا، مئي به تون تون ڪَنِ،
جنهين تون تون نه ڪيو، تنهين نه سڃاتو تنِ،
سائينءَ سندي نانءَ کي، دائم پرين تنِ،
رب نه ڀڃي پورهيو، سندو فقيرن.

 

مثال:

فريدا، درد نه وجم داروئين، جي لکهه طبيب لگن،
چنگي بهلي تهي بهان، جي مون پرين ملن.

 

صاف پڙهڻي:

فريدا، دَرِدَ نه وڃنم داروئين، جي لک طبيب لڳن،
چڱي ڀلي ٿي ويهان، جي مون پرين ملن.

 

مثال:

فريدا، دل اندر دياؤ، کنڊهي لگا کيه پهري،
ڻبي مار منجهاهين، منجهون هي مانک لهين.

 

صاف پڙهڻي:

فريدا، دل اندر درياهُه، ڪنڌي لڳو ڪئن ڦرين،
ٽٻي مار منجهاه، منجهان ئي ماڻڪ لهين.

 

مثال:

تَنُ رهيا مَنُ ڦٽيا، طاقت رهي نه ڪاءِ،
اُٺ پرين طبيب ٿيو، ڪاري دارو لاءِ.

 

صاف پڙهڻي:

تَنُ رهيو، من ڦٽيو، طاقت رهي نه ڪاءِ،
اٿ پرين، طبيب ٿيءُ، ڪاري دارون لاءِ.

 

مثال:

فريدا آسرا ڌني منجهاه، ڪوءِ نه لاهِه ڪڏهن تون،
وي ايون ڪاج هئاه، ورياڻي سچا ڌڻي.

 

صاف پڙهڻي:

آسرا ڌڻي منجهاه، ڪوءِ نه لاه ڪڏهن تون،
ٿيون ڪاج هئاه، ورياڻي سچو ڌڻي.

 

هي ته هئا گرنٿ کان ٻاهران هٿ آيل دوها. خود گرنٿ ۾ به بابا فريد جا ڪيترا سنڌي دوها شامل آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان گرنٿ ۾ شامل دوها چئن نمونن جا آهن. هڪڙا ٺيٺ پنجابي، ٻيا سرائڪي، ٽيان سنڌي، چوٿان سرائڪي گاڏڙ سنڌي.

        سرائڪي گاڏڙ سنڌي دوهن کي اسين سنڌي دوها تسليم ڪري سگهون ٿا ۽ انهن دوهن جي ٻوليءَ کي اُتر، لاڙ ۽ لس جي سنڌيءَ وانگر، سري جي سنڌي سڏي سگهون ٿا. ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته اهي سرائڪي گاڏڙ سنڌي دوها اصل ۾ نج سنڌيءَ ۾ لکيل هجن ۽ گرو نانڪ ۽ گرو ارجڻ تائين پهچندي پهچندي انهن ۾ سرائڪي اکر شامل ٿي ويا هجن. بهرحال اسان کي سرائڪي گاڏڙ دوهن کي به سري جي سنڌيءَ جا دوها سمجهي قبول ڪرڻ گهرجن.

 

 [1] پروفيسر محمد آصف خان، آکيا بابا فريد ني“.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org